عمودي کيتي ۽ پوک

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ عبدالعليم ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2016۔

  1. عبدالعليم ميمڻ

    عبدالعليم ميمڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2016
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    اڄڪلهہ هڪ طرف تہ شهر جي آسپاس واريون زرعي ٻنين تي رهائشي منصوبا بنديون ٿي رهيون آهن ۽ وڏي تيزيءَ سان عمارتن مٿان عمارتون اڏجي رهيون آهن ۽ وري ٻئي طرف هارپو ڪندڙ هاري ۽ ناري مختلف سببن جي ڪري لڏ پلاڻ ڪري شهرن ۾ آباد ٿي رهيا آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان جي هڪ سوچ، هڪ فڪر جنم وٺي ٿو تہ جيڪڏهن اهڙي طرح زرعي ٻنيون رهائشي عمارتن ۾ تبديل ٿينديون رهيون ۽ هاري ۽ ناري هارپو ڇڏي ڪري شهرن جو رخ ڪيو تہ مستقبل قريب ۾ خوراڪ جو وڏو بحران ٿي سگهي ٿو.


    دنيا کي مناسب خوراڪ کارائڻ جي چيلينج ايڪهين صديءَ ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪئي آهي. مستقبل ۾ اسان کي محدود زرعي زمين ۽ وسيلن سان گهڻي کان گهڻي خوراڪ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي وڌندڙ آباديءَ جي لاءِ زمين، روشني ۽ رسد کي بھتر بنائڻ جي ضرورت آهي. ۽ اسان کي خوراڪ جي پيداوار جي لاءِ ٻڙي زيان ۽ گهٽ توانائي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. گهربل خوراڪ جي فراهمي جي لاءِ اهڙن طريقن جي ضرورت آهي جيڪي پائيدار بہ هجن ۽ ماحول لاءِ گهٽ نقصانڪار بہ هجن۽ پائيدار خوراڪ جي لاءِ نون طريقن سان گڏ نين سوچن جي فوري ضرورت آهي.


    اهڙي مسئلن کي منھن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي هاڻي ٻهراڙي جي کيتي پوک سان گڏ شهري زراعت تي زور ڏيڻ جي ضرورت آهي. شهري زراعت ۾ عمودي ڪاشتڪاري اسان کي خوراڪ فراهم ڪرڻ جو پائيدار ذريعو مھيا ڪري سگهي ٿي. عمودي ڪاشتڪاري شهري زراعت جي هڪ جزآهي جنھن ۾ وڏين منزلن تي مشتمل عمارتن جي اندر يا عمودي طور مائل سطحن تي موجود گرين هائوسز ۾ ڀاڄيون، ميوا ۽ ٻين فصل جي کيتي ۽ پوک جو عمل ڪيو ويندو آهي. عمودي ڪاشتڪاري جي مناسب نموني سان منصوبہ بندي ۽ ڊزائين ڪئي ويندي آهي جيڪا وسيلن جي بغير ڪنھن مقابلي جي عمارتن جي اندر يا عمارتن سان گڏ هڪ خود موجود پائيدار انداز سان شهري زراعت ۾ صاف فٽ بيھي ٿي. اهي شهري پلاٽ زمين جي سطح يا ڇت تي پڻ ٿي سگهن ٿا ۽ سج جي توانائي جو فائدو وٺڻ جي لاءِ گرين هائوسز استعمال ڪجن ٿا يا گهرن جي اندر مصنوعي روشنيءَ جي مدد پڻ وٺي سگهجي ٿي.


    عمودي ڪاشتڪاري ۾ الڳ زمين جي ضرورت نہ آهي جڳهہ ۽ توانائي پڻ بچائي سگهجي ٿي. ان ۾ زرعي زمين جي تياري ۽ وڏن خرچن جي بجاءِ شهر جي عمارتن جي عمودي جڳهہ جو فائدو ورتو ويندو آهي. جن ۾ جديد گرين هائوسز جي ٽيڪنالاجي هائڊروپونڪس ۽ ايروپونڪس پڻ استعمال ڪجن ٿيون جن ۾ ماحولياتي ڪنٽرولن جهڙوڪ گرمي پد، نمي ۽ روشنيءَ تي ضابطو آڻي سڄو سال ڀاڄيون، ميوا ۽ ٻيا فصل پيدا ڪري سگھجن ٿا.


    عمودي ڪاشتڪاري جا خيالات دنيا جي وڏن شهرن جهڙوڪ نيويارڪ، شڪاگو، ٽوڪيو ۽ سينگاپور ۾ جڙ پڪڙي رهيا آهن. سينگاپور ۾ تہ وڏي سطح تي مقامي شهري ڪاشتڪاري ڪئي پئي وڃي. اسڪاءِ گرين نالي ڪمپني وڏين ٽن منزلن تي مشتمل گرين هائوس دنيا جو پھريون تجارتي عمودي فارم طور تعمير ڪيو آهي جنھن جي ذريعي تازيون سبزيون فراهم ڪيون پيون وڃن.

    عمودي ڪاشتڪاري جي سڀ کان وڏي رڪاوٽ توانائي جي کپت آهي. ڇاڪاڻ تہ هڪ بند، انڊور گرين هائوس هائڊروپونڪس ۽ ايروپونڪس ۾ مصنوعي روشني، گرمي پد ۽ ٿڌ ٻوٽن جي واڌ ويجھہ جي نظام کي قوت ڏيڻ جي لاءِ تمام گھڻي مقدار ۾ توانائي گهربل آهي. ۽ اهو يقيني بنائڻ جي لاءِ تہ فارم نہ صرف پائيدار آهي بلڪہ اقتصادي طور قابل عمل بہ آهي. ان جي لاءِ مصنوعات جي في يونٽ درڪار توانائي جي مقدار ھڪ اهم عنصر آهي. حال ۾ ئي تحقيقدانن جا گھڻي ۾ گهڻا مطالعا گرين هائوس سان گڏ ونڊ ٽربائن ۽ سولر پينل جوڙڻ تي مرڪوز آهن تہ جيئن هڪ قابل تجديد خود پيدا ٿيڻ واري بجلي مھيا ٿي سگھي.


    عمودي ڪاشتڪاري کي ممڪن بنائڻ جي لاءِ روشني واري ٽيڪنالاجي اهم هوندي آهي ان ۾ جديد ايل اي ڊي روشنين واري ٽيڪنالاجي مکيہ هوندي جيڪا عمودي ضم ڪيل فارمن جو ٺاهڻ ممڪن بڻائيندي. ڇاڪاڻ تہ مصنوعي روشني جي هن قسم ۾ هڪ انتھائي اعليٰ قسم جو ڦوٽو اليڪٽرڪ ڪنورين ايفيشنسي آهي. جيڪا انسيڊيسينٽ بتي جو اٺون حصو ۽ فلورسينٽ بتي جو هڪ ڀاڱي ٻہ حصي جيترو پاور استعمال ڪري ٿي. ۽ ان ۾ لو سپلاءِ ڇهہ ڀاڱي چوويھہ وولٽيج استعمال ٿئي ٿي. جيڪا ٽرانسميشن نقصانن کي گهٽائي ان کي ڪم ڪرڻ جي لاءِ آسان بنائي ٿي. اهي ايل اي ڊي روشنيون جسامت ۾ تمام ننڍڙيون، وڏي ڄمار رکندڙ، گهٽ پاور خرچ ڪندڙ ۽ گهٽ گرمي پد پيدا ڪندڙ آهن ۽ ان سان گڏ مختلف شدت واري روشني پڻ پيدا ڪري سگهن ٿيون. جيئن تہ اهي گهٽ گرمي پيدا ڪن ٿيون ۽ انھن جي روشني ٻوٽن جي قريب منتقل ڪري سگهجي ٿي ۽ اهي ايفيشنسي کي نہ صرف توانائي جي استعمال جي لحاظ کان وڌائين ٿيون پر جڳهہ جي وڌيڪ موئثر استعمال جي لاءِ اهي ٻوٽن جي تھن کي وڌيڪ گنجان جڳهہ تي واڌ ويجهہ ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿيون.


    ايل اي ڊي روشنيون صرف هڪ نيرو ويولينگٿ جي روشني اخراج ڪرڻ جي لاءِ ترتيب ڪري سگھجن ٿيون. اهي هڪ ڪامل روشني پيدا ڪرڻ جي لاءِ گڏ ڪري سگهجن ٿيون جيڪي هڪ مثالي اسپيڪٽرم تي ٻوٽن جي واڌ ويجهہ جي لاءِ روشني مهيا ڪن ٿيون.


    تحقيقدانن اهو ثابت ڪيو آهي تہ فصل جي پيداوار، معيار بلڪہ ڪيڙن ۽ بيمارين جي مزاحمت تي روشني جي هڪ مخصوص ويولينگٿ جا منفرد ۽ نمايان اثر آهن. انھن ملٽي فنڪشنل ٽيڪنالاجي واري گرين هائوسز جيڪي ايل اي ڊي گرو لائيٽس جي چوڌاري ٺاهيون وڃن ٿيون انھن ۾ خوراڪ جيڪا اسين کائون ٿا ان جو معيار ۽ ان جو مقدار جيڪو اسين پوکي سگهون ٿا ساڳي زمين ۽ وسائل سان بھتر بنائڻ جيِ قابليت آهي. اهڙي طرح ايڪهين صديءَ جي تمام گھڻا مسئلا جن کي اسين منھن ڏيون ٿا اهي ٽيڪنالاجي جي ذريعي حل ڪرڻ جي قريب ٿي رهيا آهن.
    عبدالعليم ميمڻ ۽ غلام مرتضيٰ جي گڏيل ڪاوش
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب سهڻو ليک
     
    ڄام اويس علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو