سڀيئي خاموش ڇو آهن؟

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    سڀيئي خاموش ڇو آهن؟

    شفيق الرحمان شاڪر

    سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪٿان شروع ڪجي.سنڌ جي انهن سورن ۽ صدمن جي ڳالهه ڪجي جيڪي هن کي پنهن جن ڏنا آهن يا اهي درد ۽ گھاء جيڪي غيرن بخشيا آهن.اڄ کان مني صدي اڳ هڪ تاريخي واقعي جي نتيجي ۾ جيڪي ڪٽڪ هتي داخل ٿيا يا داخل ڪياويا،انهن سڄي عمر سنڌ جو نمڪ کائڻ باوجود سنڌ سان جيڪو رويو رکيو اهو ڪنهن به طرح شڪرگذاري ۽ خيرخواهيء وارو رويو چئي نٿو سگھجي.ڳالهه اڄ جي ناهي پر ان ڪٽڪ ۾ شامل هڪ متعصب گروه سنڌ ۾ قدم رکندي ئي سنڌ ۽ سنڌين کي پنهن جو غلام بنائڻ جي پاليسي،سياست ۽ لاحئه عمل تي سوچڻ شروع ڪري ڏنو،نفرتن جو ٻج ڇٽيو ويو ۽ ان جي خوب آبياري ڪئي ويئي.تعصب جي باه ڀڙڪائي ويئي. ڪوٽا سسٽم کان سنڌي ٻوليء کي سرڪاري زبان بنائڻ جي مخالفت تائين،اهو ئي اندر ۾ ويٺل نفرتن ۽ تعصب جو نانگ هو جنهن هنن کي سنڌي بنجڻ نه ڏنو.اڄ ڳالهه ڪن ٿا احساس محرومين جي پر ڪو کانئن پڇي ته سنڌ جي ٻهراڙين جي شهرن جي ڀيٽ ۾ جيڪا ڪسمپرسي ۽ رحم جوڳي حالت رهي آهي،ڪڏهن هنن جو ڌيان اوڏانهن به ويو آهي؟ شهرن ۾ جيڪي تعليم،صحت،صفائي ۽ روزگار جون سهوليتون موجود آهن،ڇا اهي سنڌ جي ٻهراڙيء ۾ رهندڙ بي سهارا ۽ لاچار ماڻهن کي به ميسر آهن؟وڏن حڪومتي عهدن،سرڪاري نوڪرين ۽ عاليشان ڪاروبارن تي قبضو هئڻ باوجود آخر سندن احساس محرومين جو ڇا مطلب آهي؟ حالت اها آهي جو سنڌ جي دل ڪراچيء ۾ سنڌين لاء تعليم ۽ روزگار جا دروازا عملي طور تي بند آهن پر محرومين جو احساس هنن همراهن کي کائي رهيو آهي.سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڄ به عورتون ٻٽن ميلن جو پنڌ ڪري پنهن جي مٿي تي پاڻي ڀري اچن ٿيون پر هنن کي انهن جا اهي درد سمجھه ۾ نٿا اچن.مني صدي گذري وڃڻ باوجود به جيڪر اهي اڄ تائين سنڌ جو حصو بنجڻ بدران اڃا تائين مهاجر آهن ته پوء ڀلي مهاجر رهن پر کين اها ڳالهه ضرور ياد رکڻ گھرجي ته دنيا ۾ ڪٿي به مهاجر پنهن جي لاء الڳ ڌرتيء يا ملڪ يا صوبي جي گھر ڪري نٿا سگھن.جيڪر دنيا ۾ ڪڏهن به ڪٿي ايئن ٿيو هجي ته انهن کي اهڙو مثال ضرور پيش ڪرڻ گھرجي.بدقسمتيء سان اڄ متحده جيڪا پنهن جو پاڻ کي هڪ وفاقي سياسي جماعت سڏائڻ جي دعويدار آهي،پنهن جو پاڻ کي ان لساني ۽ نسلي سياست جي خول مان ٻاهر نه ڪڍي سگھي آهي ۽ اهڙين پاليسين طرف گامزن آهي جن جو نتيجو تمام خطرناڪ نڪتو آهي ۽ اڳتي اڃا به وڌيڪ خطرناڪ نڪرڻ وارو آهي.گذريل ڪجھه عرصي کان اسيمبلي توڙي اسيمبليء کان ٻاهر ڏنل سندن بيان ان شڪ کي وڌيڪ مضبوط بنائن جو ذريعو بڻجي رهيا آهن ته اها ڪنهن بين الاقوامي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد رڳو سنڌ جا حصا پتيون ڪرڻ نه پر پاڪستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ آهي.ان ڪري هاڻي ايم ڪيو ايم جيڪر ٻيا سڀ معاملا لڪائي سنڌ جي ورهاست واري سوال تي سندرو ٻڌي بيٺل نظر اچي ٿي ته ان تي ڪنهن کي ڪجھه به حيرت نٿي ٿئي پر حيرت بلڪه ڏندين آڱريون اچڻ جا ٻه نڪتا آهن. هڪڙو اهو ته پاڪستاني رياستي ادارا جيڪي پاڻ اها ڳالهه ڪندا رهيا آهن ته هيء جماعت ٻاهرين ايجنڊا تي عمل ڪندي پاڪستان کي ٽوڙڻ يا نقصان پهچائڻ چاهي ٿي ۽ انهن جي چوڻ مطابق انهن وٽ انهن شين جا ٺوس ثبوت به موجود آهن ته پوء اها انهن ماڻهن خلاف جيڪي رياست خلاف کلم کلا سازش ۾ ملوث آهن،ڪابه ڪاروائي ڇو نٿا ڪن؟ اهي جيڪي بار بار سنڌ جي ورهاست وارو راڳ الاپي سنڌ ۾ رت جي هولي کيڏڻ جي منصوبابنديء تحت روزانو زبانن مان زهر اوڳاڇي رهيا آهن.انهن مان ڪير آهي جنهن تي ڪيس داخل ناهن،پر رياستي ادرن جي خاموشي معاملي کي وڌيڪ معمي ۾ بدلائڻ جو سبب بڻجي رهي آهي.ٻيو حيرت جو نڪتو اهو ته سنڌ جي سياسي قيادت ۽ دانشور لڏو ان مسئلي تي ڇو خاموش آهي؟ پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا سنڌ جي ماڻهن جي اڪيلي نمائنده جماعت هئڻ جون دعوائون ڪندي نٿي ٿڪي،ان سرڪاري طور تي يا پارٽي سطح تي ان سنگين معاملي تي ڪهڙو واضح پاليسي بيان هن وقت تائين جاري ڪيو آهي؟زرداري صاحب کان ويندي بلاول ۽ قائم علي شاه تائين آخرسڀني کي ڪهڙو نانگ سونگھي ويو آهي؟ڇا انهن کي خبر ناهي ته سنڌ جا ماڻهو ان مسئلي تي ڪيترا حساس آهن پوء سنڌي ماڻهن جي انهن جذبن ۽ احساسن جي پي پي پي ڪهڙي ترجماني ڪري رهي آهي؟ دبئي ۽ لنڊن جا نالا اچڻ تي اهي هڪٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجھڻ لاء تيار ٿي وڃن ٿا پر گذريل ٻن هفتن کان نئين صوبي جي قيام جو راڳ ڳايو پيو وڃي.سنڌي ميمبرن ۾ ايتري همت ناهي جو هڪڙي قراداد ئي سنڌ اسيمبليء مان منظور ڪرائي وٺن ته آئنده جيڪو به سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندو اهو غدار ليکيو ويندو.پيپلز پارٽي ته خاموش آهي ئي سواء چند ميمبرن جي جن پنهن جي ضمير مطابق پنهن جو موقف پيش ڪيو آهي پر حيرت انهن سنڌ جي سياسي اڳواڻن تي به آهي جيڪي هر وقت هر خرابيء جي لاء پي پي جي حڪومت تي ئي ڇوھ ڇنڊيندا رهن ٿا،سنڌ جي حقن جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪن ٿا،سنڌ جمهوري اتحاد ۽ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن نالن سان جلسا جلوس سجائيندا رهن ٿا پر هن اهم معاملي تي انهن به چپ جو روزو رکي ڇڏيو آهي.جيڪر سنڌ جي لاء بڻيل زندگي ۽ موت جي سوالن تي به انهن جي گونگي زبان ۾ ڪو جواب ئي ناهي ته پوء اهي سنڌي قوم جا نمائندا ڪيئن ٿيا؟اها ڪهڙي سياست آهي جيڪا سنڌ جي قيمت تي ٿي رهي آهي ۽ اها ڪهڙي مصلحت ۽ مفاهمت آهي جيڪا کين ڄڀ کولڻ نٿي ڏئي. انهن ليڊرن کي به ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ جو عوام هاڻي گھڻو سجاڳ ٿي چڪو آهي ۽ سندن سمورا پرڪار وڏي غور،حيرت ۽ غصي وچان جانچي ۽ پرکي رهيو آهي.جيڪر انهن پنهن جي حصي جو ڪردار ڀرپور ۽ موثر نموني ادا نه ڪيو ته پوء

    “ تيري داستان بهي نه هوگي داستانون مين”
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    ادا هي ڪنهن ٻي جي اشارن تي نه هنن جي هي اشارن تي ٿا نچن هي هنن کي ڪجه نه ڪندا جيڪي ايم ڪيو ايم جا ماڻهون ريجرز ٻڌا يا ماريا اهي هئا جن کي ايم ڪيو ايم جي پاليسن کان اختلاف هو باقي جيڪي گڏ آهن تن جو وار به ونگو نه ٿيندو جي ڪراچي آپريشن غير سياسي هجي ها ته انيس قائيمخاني آزاد نه هجي ها جنهن ڀتي نه ڏيئڻ جي ڪري 400 مزدور ساڙيا ها بلديه فيڪٽري ۾ ايجنسن جي رپوٽ ۾ هن جو سڌوسئون نالو آهي پو آزاد ڇو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو