1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

سائنسدان زنده بيڪٽيريا ۾ ڪمپيوٽر ڊيٽا محفوظ ڪرڻ ۾ ڪامياب.

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ عبيد ٿهيم طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2016۔

  1. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,563
    ورتل پسنديدگيون:
    6,846
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    [​IMG]

    سائنسدان زنده بيڪٽيريا ۾ ڪمپيوٽر ڊيٽا محفوظ ڪرڻ ۾ ڪامياب.
    عُبيد ٿهيم

    1990ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ڪمپيوٽر جو استعمال عام ٿيڻ لڳو هو، اُن وقت ڊيسڪٽاپ مشينن ۾ هارڊ ڊرائيو جي گُنجائش وڌ کان وڌ 30 يا 40 گيگا بائٽ تائين هوندي هُئي. گھر ۾ استعمال ڪندڙن لاءِ 10 جِي_بي هارڊڊسڪ به تمام وڌيڪ هوندي هُئي، هاڻ سوين جي.بي واري هارڊڊرائيوز عام جام موجود آهن، پر اِهي به پُوريون نٿيون پون.
    سبب هِي آهي ته ڪمپيوٽر، ٽيبليٽ پي_سي ۽ سمارٽ فونز وغيره جو استعمال وڌڻ سان گڏوگڏ معلومات گڏ ڪرڻ جي ضرورت به وڌندي پئي وڃي، عام صارفن جي نسبت ۾ تجارتي ادارن خاص طور ڊيٽاسينٽرز کي وڌيڪ گُنجائش واري هارڊڊرائيور کپندي هوندي آهي، انٽرنيٽ تي ڊيٽا جي مقدار جنهن رفتار سان وڌي رهي آهي ، ان لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته معلومات گڏ ڪرڻ جا موجوده روايتي طريقا مستقبل ۾ ناڪافي ثابت ٿيندا. موجوده ٽيڪنالاجيز جي بنياد تي روايتي هارڊڊرائيورز جي گُنجائش ڪنهن حد تائين وڌائي سگھجي ٿِي. ان ڪري ڪمپيوٽر انجنيئرن ۽ سائنسدانن ڊيٽا جمع ڪرڻ جي نون طريقن تي تحقيق ڪري رهيا آهن.
    ان حوالي سان ڊي.اين.اي انهن جي خصوصي توجه جو مرڪز بڻجي ويو آهي. هي ماليڪيول هرجاندار جو بنيادي جزو ترڪيبي آهي جنهن ۾ اُن جي نشونما، آئنده لاحق ٿيندڙ مرضن سميت تمام گھڻي معلومات موجود هوندي آهي. سائنسدان سالن کان ان ڳالھ تي غور ڪري رهيا آهن ته ڪنهن به طريقي سان ڊي.اين.اي جي طرز تي معلومات کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي وڃي ته ڊجيٽل ڊيٽا اسٽوريج جي ميدان ۾ انقلاب برپا ٿي سگھي ٿو. ان سلسلي ۾ اهم پيش رفت ڪندي ماهرن ڊي.اين.اي جي طرز تي نه بلڪه جاندارن جي ڊي.ان.اي ۾ معلومات ذخيرو ڪرڻ جو طريقو ڳولهي لڌو آهي.
    ماهر جينيات سيٿ شپمين ۽ جيف نويلا جي سربراهيءَ ۾ هارورڊ يونيورسٽي جي سائنسدانن تي مشتمل ٽيم بيڪٽيريا جي ڊي.اين.اي ۾ ڪمپيوٽر ڪوڊ نقل ڪرڻ جو طريقو ڳولهي لڌو آهي. هن ٽيڪنيڪ جي ڪاميابي آزمائش دوران بيڪٽيريا جي ڊي.اين.اي ۾ ڪمپيوٽر ڪوڊ ڪاميابي سان داخل يا نقل ڪيو ويو. هن عمل سان بيڪٽيريا جي خلوي ڪم بلڪل متاثر نه ٿيا. اهم ڳالهه هي ته بيڪٽيريا گڏڪيل معلومات اڳئين نسل کي به منتقل ڪئي ائين ئي اهڙي طرح ڊيٽا جو بيڪ اپ حاصل ٿي ويو. سائنسدانن جي مطابق اهو بيڪٽيريا جي ڊي.اين.اي ۾ صرف 100 بائٽ جي مساوي ڊيٽا منتقل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر انهنکي قوي اميد آهي ته وڌيڪ تحقيق کان پوءِ جراثيم ۾ ڊيٽا جو وڌيڪ مقدار گڏ ڪري سگھبي.

    تحقيق دوران جينيات جي ماهرن ڊين.اين.اي جي انهن حصن سان ڇيڙڇاڙ ڪئي جنکي CRISPR/Cas system چوندا آهن ۽ گھڻوڪري بيڪٽيريا ۾ موجود هوندا آهن. هي سسٽم سادي انداز ۾ ڪم ڪندا آهن: جڏهن بيڪٽيريا تي ڪو به وائرس حملو ڪندو آهي ته هِي اُن وائرس جي ڊي.اين.اي جو ڪجھه حصو ان جي ”جسم“ کان الڳ ڪري پنهنجي جينوم جي هڪ مخصوص حصي ۾ داخل ڪري ڇڏيندا آهن. اُن حصي ۾ جنهن کي بيڪٽيريا جي ليبارٽري پڻ چئي سگھجي ٿو، وائرس جي ڊي.اين.اي جو تجزيو ٿيندو آهي، ۽ پوءِ آئنده اُن کان بچاءُ جي ترڪيب ڪئي وڃي ٿِي. هي عمل اهڙو آهي جيئن حملي آور دُشمن جي هٿيار بابت معلوم ڪري اُن جو توڙ تيار ڪيو وڃي. جيئن ته بيڪٽيريا وائرل ڊي.اين.اي کي پنهنجي جينياتي ڪوڊ ۾ نقل ڪندا آهن اُنڪري هِي ڪوڊ انهن جي نسلن ۾ به منتقل ٿيو وڃي.

    سائنسدانن تجربن دوران وائرل ڊي.اين.اي جِي شڪل ۾ ڪمپيوٽر ڪوڊ سان بيڪٽيريا تي حملو ڪيو، ردِ عمل طور تي بيڪٽيريا ڪوڊ جو متعلقه حصو الڳ ڪري پنهنجي جينوم ۾ داخل ڪري ڇڏيو. محققن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هڪ ئي وقت بيڪٽيريا جي ججھي تعداد تي ڪمپيوٽر ڪوڊ سان حملو ڪيو وڃي ته پوءِ سمورو ڊيٽا ٽُڪڙن جي صورت مختلف بيڪٽيريا ۾ شامل ٿي ويندو. ان کان علاوه مختلف قسم جي بيڪٽيريا ۾ ڊيٽا جمع ڪرڻ جِي صلاحيت به مختلف ٿيندي آهي. تجربن دوران سائنسدانن اِي_ڪولِي نالي بيڪٽيريا ۾ هڪ سئو بائٽ ڊيٽا گڏ ڪيو پر ڪجهه بيڪٽيريا جهڙوڪه سلفولوبس ۾ هزارين بائٽ ڊيٽا محفوظ ڪرڻ جِي گُنجائش موجود آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته سنٿيٽڪ انجنيئرنگ ذريعي ذخيره ڪاري جِي گُنجائش ۾ ڪيترائي سيڪڙو اضافي جو امڪان به آهي. بهرحال ڊيٽااسٽوريج جو هي طريقو ڪڏهن ۽ ڪيئن عام ٿيندو؟ ۽ ڇا هِي ڪامياب ثابت ٿيندو؟ ان بابت تحقيقي ٽيم اڃا تائين ڪجهه به ناهي ٻڌائي سگھي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو