عبد الغفار تبسم منهنجي محبت تي تون ميارون نه ڏي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    گيت

    عبد الغفار تبسم

    منهنجي محبت تي تون ميارون نه ڏي،
    وڃي لوڪ کان پڇُ ته هو ڇا ٿو چوي..

    ڏاڍا تنهنجا اندر ۾ ڏينهن اٿم،
    جهڙيون راتيون اٿم، تهڙا ڏينهن اٿم،
    مُٺيءَ محبت جا ، پاليا شينهن اٿم،
    جيڪي دل ۾ گجن، گجگوڙ ڪري.

    سڙي سانوڻ جا جيئن ڏينهن تپن،
    اُلا باهِ بٺيءَ مان، جيئن نڪرن،
    مٺا محبت جا ائين مچ ٿا ٻرن،
    هڪوار ته آءُ منهنجو هانءُ ٺري.

    ائين ڌاريو ڪري، تو ڀي ڌار ڪيو
    مون سان هاءِ ڪيڏو آزار ڪيو،
    طعنا لوڪ هڻي، تو ڀي خوار ڪيو،
    تنهن کان تبسم تنهنجو، ڇو نه مري..

    ڪتاب شفق وارا ڇانورا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو