مِينهن وري ڪيئن پُسائيندو۔۔؟

'ڪاڪي آچار جي اوطاق' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏19 جون 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هڪ ڀيري ڪاڪو‌آچار شهر ويو ڪنهن ڪم سانگي۔۔
    موٽ تي کيس رات پئجي وئي، مٿان وري آفت اها جو مينهن به اچي ڪڙڪيو۔۔
    هاڻي ڪاڪو ڇا ڪري۔۔؟
    ڪاڪي شهر مان ڪجهه سامان ورتو هو، جنهن ۾ هڪ ديڳڙي به هئي۔۔۔
    بس ڪاڪو ته هو "جينيئس مائينڊ"، هڪ اهڙو آئيڊيا ذهن ۾ آيس۔۔( ڪنهن کي ٻڌائجو نه)
    پر اُن تي عمل ڪرڻ کان پهرين هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين، ڪو به نظر نه‌ آيس۔۔پوءِ ۔۔۔
    پنهنجا سمورا ڪپڙا ديڳڙي ۾ وجهي، ديڳڙي کي مٿي تي اونڌو ڪري وٺي ڊوڙ پاتائين۔۔۔
    پوءِ ڳوٺ جي ويجهو پهچي هڪ گهاٽي وڻ جي اچي ساهه پٽيائين۔۔۔ پوءِ سُٺي نموني تيار ٿي مينهن جي رُڪڻ جو انتظار ڪيائين۔۔
    ڪاڪو ڳوٺ پهتو ته سڀ حيران۔۔۔
    ڪنهن چيو هل ڙي ڪاڪا، تون ته صفا ڪو غيبات آهين۔۔۔؟ مينهن توکي پُسايو ئي ڪونه۔۔
    ڪاڪي جواب ڏيندي دير ئي نه ڪئي۔۔۔ " اڙي پنهنجي ڪاڪي کي ايئن سمجهيو اٿوَ ڇا، مينهن مون کي ڪيئن پُسائيندو، مينهن جو ڦُڙو هُت ته آئون هتِ، ايئن سڀني ڦڙن کي بچندو اچي پهتو آهيان"
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مِينهن وري ڪيئن پُسائيندو۔۔؟

    ها ها ها ها ه ا

    واه جو آئيڊيا آهي ڪاڪي جو

    سدائين گڏ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مِينهن وري ڪيئن پُسائيندو۔۔؟

    هيل لڳي ٿو ڪاڪي آچار سان سندس موڀي پٽ پپنو گڏ ڪونه هو نه ته اڃان بهتر صلاح ڏئيس ها ۔۔۔ باقي ڳالهه هڪ مون وٽ به آهي ته ۔۔۔ ننڍڙي لئه رئيس ڪئنال جي ڀر ۾ وهندڙ واهه ۾ وهنجڻ ويس، چڍي پاتل هئي باقي قميص ۽ چپل لاهي ٻني تي رکي هيم، گهڻو وقت تڙڳي تڙڳي جڏهن ٻاهر نڪتس ته وڻ ئي وڄي ويا چپل ۽ قميص غائب، سو هاڻ اها اڻ تڻ ته امڙ کي ڇا ٻڌائيندس ته قميص ۽ جتي ڪيڏانهن ويا؟
    خئير هڪ خيال آيو، چڍي لاهي کڻي رئيس ڪئنال ۾ اڇلايم ۽ الف ٿي اچي گهر پهتس، گهر ٻاهران روئڻ شروع ڪيم ته امڙ ڀڄندي آئي، چيائين اڙي ابا ڇا ٿيو؟ مونکي الف ڏسي وڌيڪ پريشان ٿي وئي ۔۔۔ مون روئيندي کيس چيو ته امان بدمعاش ڇوڪرا آيا، مونکي مار به ڪڍيائون ۽ ڪپڙا لاهي کڻي ويا ۔۔۔
    امڙ کي ڏاڍي ڪهل آئي سو پيار به ڪيائين ۽ خرچي به ڏنائين ۔۔۔
    دوستو ڇا خيال آهي؟ آهي نه پپني واري ڪار ۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: مِينهن وري ڪيئن پُسائيندو۔۔؟

    ^:)^^:)^^:)^
    ادا وڏا! توهان انهي ڪارنامي تي ٻئي هٿ هوا ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مِينهن وري ڪيئن پُسائيندو۔۔؟

    واهه واهه !نثار ابڙا، الف نگو ! نگو وين ڀڳو، امڙ سياڻي پيارو جنهن پاڻي، تو وين بچي ، جيجل ڏني توکي خرچي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔! ! !
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: مِينهن وري ڪيئن پُسائيندو۔۔؟

    هاهاهاها واه ادا واه..............
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مِينهن وري ڪيئن پُسائيندو۔۔؟

    هائو ڙي يار ناز! ”وه ڪاغذ ڪي ڪشتي وه بارش ڪا پاڻي“ ننڍپن به عجيب هوندو آهي، ڪهڙا ڪهڙا واقعا ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون حرڪتون ٿي وينديون آهن جو وڏي لاءِ ماڻهون اصل عجب ۾ پئجي ويندو آهي ۔۔۔ ۽ هونءَ به زندگي آهي ڇا ؟۔۔۔ اڄ ننڍو صبح وڏو، سڀاڻي پوڙهو ۔۔۔ ڳالهه ختم ۔۔۔ پر جي غور ڪجي ته ان عرصي ۾ هزارين فسانا، هزارين ڪهاڻيون ۽ هزارين لمحا جن کي ياد ڪري ماڻهون پيو ٺار ٺار ٿئي ۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: مِينهن وري ڪيئن پُسائيندو۔۔؟

    واه سائين واه
     
  9. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    بس سائين نثار هن ننڍڙي سفر ۾ هزارين اڻکٽ ۽ اڻٽٽ يادگيريون ملنديون آهن ائين بڍپن ته هونئن ئي بادشاه آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    واهه جي ڳالهه ياد ڏياري ڇڏيوَ..
    مون وارو وڏو ڀاءُ ۽ وڏو ماسات ننڍي هوندي ڳوٺ جي ڀرسان واري شاخ ۾ وهنجي رهيا هئا.. عيد جا ڏينهن هئا.. ڀاءُ تڏهن شوق ۾ نئين گهڙي ورتي هئي ۽ اها قيمتي به هئي. پوءِ ٿيو ايئن جو ادو جڏهن وهنجي ٻاهر نڪتو ته ڏسي سندس ڪپڙا ۽ جتي ته موجود آهن پر گهڙي آهي ئي ڪونه.. ٻنهي ڳولا ڪئي ڀرسان هڪ مائٽ ٻڪريون چاري رهيو هو، ان کان پڇا ڪئي ته ان هڪ ٻئي سڃاڻوءَ جي نشاني ڏني ته اهو شخص ٿوڙي دير پهرين اتان لنگهيو هو ۽ ان جا اهي ڪم به هوندا آهن ان ڪري هي ڪم پڪ انهيءَ ڪيو آهي..
    پر ان صلاح ڏني ته ڊائريڪٽ اوهان ويندو ته هو ڪونه مڃيندو.. اوهان مان هڪڙو وڃي گهران ڪا پوتي کڻي اچي ۽ ٻيو سرُن جا ٻه اڌڙ کڻي ان ۾ رکي وٽس وڃو ۽ کيس چئو ته ابا اسان قرآن ميڙ ڪري آيا آهيون..
    آئڊيا ڪامياب ويو ڇو ته اسان جي ٻهراڙين ۾ انسان قرآن پڙهندا ته ڪونه آهن باقي قرآن ميڙ کڻي اچڻ انهن لاءِ وڏو مطلب آهي..
    مون وارو ادو جيئن جو سرن جا اڌڙ پوتيءَ ۾ ويڙهي سندس در تي ويو ته همراهه پري کان هڪل ڪئي اندر نه کڻي اچجان. اتي ئي بيهه. مان تنهنجي گهڙي کنئي آهي.. کڻي ٿو اچان..
    پوءِ مون واري ڀاءُ کي گهڙي ملي ته اتي ئي سرن جا اڌڙ اڇلائي وٺي ٿو ڀڄي... اڄ به کانئس جڏهن اها ڳالهه پڇندا آهيون ته ڏاڍو مزي سان ٻڌائيندو آهي..
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو