سنڌي لِکو بنا ايم.بي سِنڌي انسٽال ڪرڻ جي

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2016۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    السلام عليڪم سنڌسلامت جا ساٿيو!
    اميد ته ٺيڪ ٺاڪ هُوندا، دوستو توهان فيسبوڪ سميت ٻين سوشل ويبسائٽن تي اڪثر پنهنجو وقت صرف ڪندا هُوندا ته توهان جي سامهون سِنڌي ۾ لکيل پوسٽس اينديون هُونديو، توهان جي دل چاهيندي هُوندي ته توهان به سنڌي ۾ اسٽيٽس لکو يا ڪامينٽ ڪريو پر توهان وٽ ڪيبورڊ انسٽال نه هئڻ ڪري دل جا ارمان دِل ۾ رهجي ويندا هُوندا.
    سنڌسلامت ڊاٽ ڪام فورم جي ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ ته سنڌي ڪيبورڊ پلگ اِن لڳل آهي پر فيسبوڪ سميت ٻين سوشل ويبسائٽن ۾ اُهو پلگ لڳل نه هئڻ ڪري توهان جا دوست سنڌي ۾ اسٽيٽس لِکي توهان کان گوءِ کڻي ويندا هُوندا. :p
    ته پريشان نه ٿيو! هاڻ توهان به فيسبوڪ سميت برائوزر ۾ ڪنهن به جڳھ تي سِنڌي، اردو سميت ٻيون کوڙ ساريون ٻوليون لِکي سگهو ٿا صرف هڪ ايڪسٽينشن انسٽال ڪرڻ سان.
    هِن ايڪسٽينشن کي پهرين انسٽال ڪرڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو.
    هاڻ اِن جي سيٽنگ ڪرڻي آهي توهان کي صرف 1 منٽ جي اندر اندر.. :)
    ڪرڻو هيئن آهي ته گوگل ڪروم جي ٽيب ۾ هِي يو.آر.ايل پيسٽ ڪريو.
    ڪوڊ:
    chrome-extension://mclkkofklkfljcocdinagocijmpgbhab/options.html
    پو جيڪا ٻولي توهان کي لِکڻي آهي اُنکي سليڪٽ ڪريو ۽ تِير جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪري شامل ڪريو..
    هاڻ ايڪسٽينشن مان ڪهڙي به ٻولي کي سليڪٽ ڪريو ۽ اُن ٻولي ۾ ڪجهه به لِکو.. !
    بس صرف ايترو ئي! آهي نه سؤلو ؟؟

    [​IMG]

    ڪيبورڊ سليڪٽ ڪرڻ لاءِ ڪروم ۾ هِن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو ۽ سليڪ ڪريو.
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 جولائي 2016
    اي جي شيخ، MUHAMMAD ASIF BROHI، (deleted member) ۽ 2 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اها لنڪ ڪم ڪونه پئي ڪري
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مون وٽ ته ڪم ڪري پئي.. :)
     
  4. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بهترين... اڪثر آفيسن ۾ ڪمپيوٽر تيڪو سافٽويئر انسٽال نه ڪري سگهبو آهي. اتي اهو ايڪسٽينشن وڏو ڪم يندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا مهرباني ڪم آسان ٿي ويو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو