ڪاباغ ڊيم هڪ ڪوڙ هڪ ناحق هڪ غير اسلامي غير منتقي ....

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ڪالاباغ ڊيم هڪ ڪوڙ هڪ ناحق هڪ غير منتقي غير اسلامي
    ؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
    حيرت ۽ پشيماني ٿئي ٿي ته هڪ پاڪستان ۾ ٽي ٻيا صوبا رڙيون ڪري ڪري ٿا بيهن هڪ به نه ٿي ٻڌي وڃي
    چئون ٿا ڪالاباغ ڊيم سنڌو دريا تي قابل عمل نه آهي سنڌو تي هڪ دريا تربيلا آهي تنهن جي مينيجمينٽ سنڌ سرڪار جي حواليو ڪريو ........هي وري نئون بي سرو راڳ جنهن ۾ سر نه سواد ملڪ ٽورڻ جهڙي طرز هلي پيا آهن ....ڇا هي ملڪي محبت آ يا جلد کان جلد ملڪي وحدت ٽوڙي پروڻ ڪرڻي آ !!!!!!!!!
    چيو سي ٿل ڪينال سنڌو تي نا واجب آ پاڻي سنڌ جو آ پر زور زبردستي سان جوڙي اهو چوڻ ته هي فلڊ ڪينال آ پر ٻارنهن مهينا پيو وهي هو قادر منگسي جا دڙڪا به هنن کي هي ڪرڻ کان روڪجي نه سگهيا !!!!!!!!
    هن دريا تي پنهنجي مرضي سان ڪڇي ڪينال جي وهڻ لاءِ توندسا وٽ ڊائون اسٽريم ۾ هڪ شيهي جي ديوار ڪڍي دريا کي ڃاٻ يعني ٻنجو ڏيئي ڇڏيائون اسان جي سنڌي کي ڪل ئي نه پئي ۽ نه ڪوپ هڪ اڌ احتجاج پڻ ٿيو .....۽ هي غير اسلامي طريقو هنن جو سنڌو کي سڪائڻ ڪهڙي ملڪي سالميت ۾ سگه پيدا ڪندو ؟؟؟؟؟؟؟؟
    پاڻي تي ارسا ٺاهي جنهن جو نالو انڊس ريور اٿارٽي رکيو ويو دريا سنڌ جو حڪمراني پنجاب جي مالڪ پنجاب ٿيو ويٺو آ ۽ سنڌ جو نالي ماتر نمائندو جنهن کان ڪجه پڇا ڪرڻ جي نوبت به نه ٿي اچين ؟؟؟؟؟؟؟؟؟
    بابلا جي هي سنڌ دريا جي اٿارٽي آ ته پو هي مڪمل سنڌ حڪومت جي جوڙجڪ هجي ان ۾ ٻين صوبن جو ڪهڙو ڪردار ۽ ڇاجي لاءِ ؟؟؟؟؟؟
    وري هي هڪ ڪالاباغ نه پر ڀاشا،اکوڙي نيلم جهلم هي سڀ هڪ دريا تي ڊيم ٺاهڻ پيا وڃن .....بدمعاشو دنيا ۾ ڪو هڪ دريا ته اهڙو ڏيکاريو جنهن تي سوين ديم هڪ کان وڌيڪ ٺهيل هجن .......؟؟؟؟؟؟؟
    ها ڊيم ٺاهيو پنبجاب ۾ ئي ٺاهيو پنجاب جوپاڻي ڦڙ و به ضايع نه ڪريو..... ڪٿي جوڙيو اچو اسان توهان کي ٻڌايون ٿا
    هڪ ستلج تي ،هڪ راوي تي 12 ملين ايڪڙ پاڻي بچايو ۽ پنج نند وٽ شيهي جي ديوار ٺاهي هيٺ هڪ ڦڙو پاڻي جو به نه ڇڏيو اسان سڄي سنڌ راضي ....
    ۽ وري هڪ ڊيم ڪي پي ڪي ۾ ڪابل ندي تي جوڙيو جنهن جو به ڇوڙ سنڌو دريا ۾ نه گهرجي ان جي ڇوڙ واري پل کي مڪمل بند ڪريو هڪ بوند به سنڌ دريا ۾ نه اچي ....اسان توهان جي مدد ڪنداسين ۽ محبتن جا مينهن وسائينداسين .....
    وري هڪ ٻيو ڊيم ڊيرا غازي خان وٽ برساتي ڊيم جيئن بلوچستان ۾ ميراڻي ڊيم آهي تيئن جوڙيو ۽ ڪڇي ڪينال جو منهن اتان ڪڍو ۽ ۽ بلوچستان ۾ فوجي زمينون آباد ڪريو پر يار ڏاها ٿيو ملڪ سالميت سان نه کيڏو ۽ جيڪي ٿيڻ جهڙا ڪم آهن ڪريو ڪو به توهان تي تنقيد نه ڪندو پر ٻين صوبن ٻين رياستن جي ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏيو نه ته هي ذرا ذرا ٿي ويندو جيڪي توهان ڪرڻ وڃو پيا هي تاريخي ڳالهيون جيڪي توهان کي مستي حڪمراني ۽ ڪوڙي طاقت جي نشي ۾ نظر نه ايندي پر هي حقيقت آ ملڪ نه رهندو توهان جي اهڙي ٻاراڻيون ڪندي
    ڏاها ٿيو ارسا سنڌ جي حوالي ڪريو ٻين صوبن جا نمائنده هٽايو ۽ سنڌو تي هي چشما لنڪ ڪينال منڊا بيراج تونسان وٽ سي جي ڪينال بند ڪريو ڪنهن به لحاظ کان اهي جائز نه آهن جي پاڻي استعمال ڪندا ته پو ڍل سنڌ حڪومت وٽ جمع ڪرائڻو پوندو هي اسلامي گهرج آ جي ٿورا ڪجه مسلمان آهيو نه ته هي دنيا به ويندي توهان کان ته آخرت به ويندي ....

    فقط

    سنڌ جو عوام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سڄي سنگت کي اپيل آ ته هن تي گهڻو لکو ۽ هتي راءِ به ڏيئي سگهو ٿا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سائين......فيس بوڪ تي مون اردوءَ ۾ 28 ۽ انگريزيءَ ۾ 4 پوسٽنگس ڪيون آهن، ڪالاباغ ڊيم تي ـ اهو سلسلو اڃا به جاري آهي ـ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ماشاءَالله سائين شل الله توهان کي آباد ڪري سنڌ لاءِ هڪ قدم کڻڻ به اڄ ڪم وارو آ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سائین...اوهان جا لک قرب ـ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو