انسان انسان ڪندڙ شيطان جا دوست انسانيت کي بدبودار بڻآئيندڙ بت پرست ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    انسان انسان ڪندڙ شيطان جا دوست انسانيت کي بدبودار بڻائيندڙ بت پرست
    __________________________________________
    تصوير سنديلي جي نه پر هتي هڪ اهڙي غير مسلم ڌر جيڪا ڪڏهن ڪميونسٽ ته ڪڏهن دهريائپ ۾ چريائپ تي چوٽ آهي انهن ماڻهن جو مشغلو ئي ماڻهن جي سوچن ۾ سوراخ ڪرڻ آهي بس هنن کي ٻي ڳاله ته سمجه ۾ اچي ئي نه ٿي انسانيت انسانيت چئي چئي نڙي ويهجي وئي اٿن پر انهن ۾ انسان جي اندر گند گاه بدبودار مواد لڳل ئي وڻي ٿو جنهن کي هي دين اسلام ۽ انبيائن جو سلسلو جيڪو الله انسان تي احسان ڪري شيطان کي پنهنجي ڪيئي تي نا مراد ڪرڻ لاءِ سمجه جو سلسلو شروع ڪيو جنهن ۾ انسان جي عظمت سمجهائي وئي ...ان خلقڻ هار جي اڪيچار نعمتن جو شڪرانو سو به الله جي ڏسيل واٽ جنهن ۾ انسانييت اوج تي آ انساني قدر افق تي آ جنهن ۾ انسانيت منجهان وسوسن جو شيطان سان رلي ملي وڃڻ جو انسان ۾ ئي برو بي هونده گندو بدبودار وجود کي صاف سٿرو ڪري الله جي حڪمن جي تعميل ڪندي پاڪ صاف ڪرڻ جو حڪم سمجهايو ويوآ ...پر هنن وٽ انسانبيت انسانيت جو ڪوڙو ٺوڳي راڳ جيڪو شيطان ۽ نفس جي نينهن ۾ نهوڙيل نڀاڳ آ ...ان الله سان هوڏ ۾ شيطان سان گڏ آ اهو طريقو هن کي نفس ۽ شيطان جو ساٿاري ڪري ان الله کان پري ڪري ٿو جيڪو ٻنهي جهانن جو خلقڻهار آ ۽ شيطان جي ٰضد جيڪا الله سان هن ڪئي تنهن جو طرفدار ٿي هتي هن دنيا ۾ اهي ڪم ڪرڻ تي راغب آ جنهن کان الله پنهنجن نبين جي وسيلي سمجهائي من ه ڪندو رهيو ڏاڏي آدم کان وٺي پياري رسول الله تائين لا الٰه الله جو سبق ملندو رهيو پر هن ئي انسان جهڙا ڪافر جيڪي الله جي حڪمن جي پيروي نه ڪرڻ جا گس ڳولي ڳولي هن دنيا مان بنا لاڀ جي زوال ٿي ويا ڪن کي سزائون مليون ڪي وري اڳوتر ۾ جهنم جي باه جو بک ان ڪري ٿيندا ته هنن ان الله جي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو ۽ شيطان جا ساٿاري ٿيا شيطان جو گهر جهنم آهي هي سڀ قرآن ۾ واضع واضع آهي جيڪي گمرهاهي طرف هلي پيا آهن انهن جي سوچ کان به سگهارا انسان حيوان جي روپ ۾ فرعون هامان نمرود جهڙا هن دنيا منجهان ڪک به ثواب جو نه کڻي جهنم لاءِ بک بڻجي ويا ....
    انسان جوڙ جڪ جي لحاظ کان مٽي منجها بڻايو ويو پر ان کي الله ۽ شيطان جي وچ ۾ عقل ڏيئي سانڃاه ڏيئي آزاد ڇڏيو ويو ته هو جنت ڏانهن قدم ڀري ٿو يا جهنم جي طرف شيطان جي اڪسائڻ ۾ اچي ٿو ....هي صرف ئي صرف انسان جو پنهنجو توجه ۽ چونڊڻ آهي تي ڪهڙي رستي تي هلي ٿو ڏوهن مان ثواب چونڊي ٿو يا حرام مان حلال چونڊي ٿو يا ناحق مان حق حاصل ڪري ٿو يا پليت مان سليت سوچ پيدا ڪري ٿو يا انڌا عقيدا وسوسا هن کي وڪوڙي جهنم جو کاڄ بڻائن ٿا ...هتي شِطان جي الله سان ضد آ ۽ ان ضد ۾ انسان کي به بک پيو بڻائي ....جڏهن ته الله هڪ پاڪ سرشتو سمجهائي انسان کي بدبودار بيڪار طريقن کان آجو ڪري ٿو جي تو کي سمجه هجي ته انسان جا رويا هڪ جهڙا نه آهن حڪمن ۾ هڪ جهڙا نه آهن ڏوه ثواب ۾ هڪ جهڙا نه آهن ها بناوت ۾ هڪ جهڙا آهن پر ڪو شيطان جي پاسي ته ڪو الله جي پاسي فرق هي آ جيڪو ڪنهن کي بهتر ته ڪنهن کي بد تر بنائي بيٺو آهي منهنجا تصوير سنديلا .......۽ انهن جهڙي سوچ وارا سالکو

    لبستم دائودپوٽه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو