هي ڪهاڻي حقيقت تي مبني هڪ سچو قصو آ ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    هي ڪهاڻي حقيقت تي مبني قصو آ جيڪو چند ڏينهن پهرين پيش آيو آ هاڻي هڪ غريب ٻيو وري اين جي اوز جي نالي تي به پيا ڦرجن ...الله الله ڇا چئجي ڪنهن کي چئجي
    ____________________________________________________

    علي گل اوو علي گل
    گهر جي پاسي کان تڪڙا تڪڙا آواز ٿيا ......اڃا آجهاپ ئي نه آيو ته وري چوڻ لڳو الاءِ ڪهڙِ و نڀاڳو آيو آ
    ٻاهر جيئن ئي نڪتو ته دوست دلبر سامهون هيو ....ادا خير ته آ گرمي ۾ نڪري پيا آهيو
    دلبر چوڻ لڳو جي ادا گرمي ته آهي پر هي همراه آيو آ گهر ٿو ٺهرائي ڏي
    ڪنهن سوشل اين جيئو ۾ ڪم ڪندو آ
    علي گل جي خوشي جي انتها نه رهي همراه سندن حال احوال پڇي روزي جي پڇا ڪئي ۽ ماني کارائڻ لاءِ چوڻ لڳو ...
    نه ادا نه بس گهر جي ماپ ڏيو ته ڪم شروع ڪجي
    جي سائين هي گهر منهنجو ڪکاون ڪانن جو آهي هن ميدان تي ٺاهيو ته بهتر ٿيندو علي گل هنن کي هڪ ئي ساهي ۾ چئي ويو هيو
    جي ادا وٺ هي ڦيٿ ۽ ماپ ڪراءِ
    جي سائين ڪمرو هڪ يا ٻه ٺهرائڻ ٿا گهرو همراه هنن جي منشا پڇي هئي
    سائين جهڙو قرب ڪريو ٻڇا اس تي تڙڪن ۾ هوندا آهن هي وڻ نم جو به ڀتو ٿي ويو آهي ڇانو ئي نه رهي اٿس ....
    اڇا هلو سرن جي بٺي تي ته سرون وٺون ڪم کي جلد شروع ڪرڻو آ
    سائين وڏي مهرباني علي گل ٿورائتي انداز ۾ چئي ويو هيو
    ٿورو ئي پنڌ تي همراه ۽ هي موٽر سائڪلس تي چڙهي بٺي تي پڳا
    ادا سرون گهرجن
    همراه سرن کي چتائيندي چيو هو
    اتي بيٺل مزدور وراڻيو سائين مان مزدور آهيان مالڪ ٿوري دير ۾ اچي ٿو ايتري ۾ خاوند بخش اچي ويو جي سائين حڪم ڪريو
    ادا سرون گهرجن 20 هزار علي گل جي گهر پڄائڻيون اٿو
    علي گل کي خاوند بخش به سڃاڻي پيو سو ٽريڪٽر جي ڊرائيور کي حڪم ڏنائين ته جلد ڪر ٽرالي ڀر ۽ پڄائي اچ علي گل جي گهر همرا چيو ته ڪرايو هڪ پهرين ٽرالي جو علي گل ڏيندو ۽ توهان جي سرن جا پيسا صبهاڻي توهان کي ملندا
    سڀ راضي ٿيا
    ادا هاڻي شهر هلو ته باقي سامان سيمينٽ ريتي بجري لڪڙا گارڊر وغيره وٺجي
    علي گل خوشي ۾ نه پئي ماپيو ۽ پٽ کي چيائين ته وڃ سائين سان وٺي اچو مان سرون لهرايا ن
    همراه علي گل جي پٽ کي شهر ۾ وٺي اچڻ کان پو چيو پٽ هتي تون بيه ته مان موٽر سائڪل تي چڙهي ميڊم کان پيسا وٺي اچان ته سامان وٺون هڪ فل ٽريڪٽر ٽرالي ڪريون ٿا ...هن جو پٽ به هيو اٻاڻڪو سو يڪدم چاٻي ڏنائينس ۽ پاڻ شهر جي گهٽي جي پاسي فروٽ واري سان هم ڪلام ٿيڻ شروع ڪيو
    اڌ ڪلال ڪلا ڏيڍ ڪلاڪ گذريو همراه نه آيو نه اچڻو ئي ڪو هيو هن جي پٽ کان هزار روپيه ۽ چاٻي وٺي گم جو ٿيو ته وري نه واپس آيو پويان علي گل فون ڪري پٽ کان پڇيو ته بابا ڪيتري دير ۾ ٿا اچو ...هن جي پٽ جون وايون ئي بتال ٿي ويون بابا هو ته ميڊم کان پيسن جو چئي وري نه وريو آ مان هتي بيهي بيهي ٿڪجي پيو آهيان ....اسان به اچون ٿا ...همراه ڳولي ڳولي بيٺا جيڏاهن جو هيو اوڏانهن ويو علي گل هٿ مهٽيندو گهر سهڙيو ۽ سرن وارن کي سڄي حقيقت حال ڪيائين خاوند بخش به افسوس ڪندي سرون واپس کڻائي ويو ۽ ڪرائو نه ورتائين ...
    پنهنجا ڪکائون گهر ڀلو ماڙين جي آسري سڀ ڪجه گنوائي ويٺا سين هي گفتو چپن ۾ چوندو رهيو ۽ وڻ جي ڇانو ۾ جهٽ پل ويهي رهيو ..........
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو