کجيون: ٻنين جون شهزاديون کارڪن جي ايڪسپورٽ وڌا ئڻ لاءِ ڪجهه تجويزون

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    کجيون: ٻنين جون شهزاديون

    کارڪن جي ايڪسپورٽ وڌا ئڻ لاءِ ڪجهه تجويزون
    سداحيات جلباڻي


    سنڌ وطن جون سوکڙيون: سنڌ وطن جي هر تر۾ پيارن کي ڏيڻ لاءِ طرح طرح جا تحفا موجود آهن. اهڙين سوکڙين ۾ سنڌڙي شهر جا سنڌڙي انب، لاڙڪا ڻي جا زيتون، حيدرآباد جا گلاب، ميهڙ جو مائو، ٺاروشاه جي ميندي، مارئي جي ملڪ جا پيرون ۽ پسيون ( ڪرڙ جي پسين جي لذيذ ڀاڄي ٺهندي آهي، جيڪا شگر جي مريضن لا۽ فائديمند سمجھي ويندي آهي)، شڪارپور جوآچار، لب مهراڻ ۽ المنظر جا پلا ۽ خيرپور جون کارڪون شامل آهن، جيڪي الڪين ملڪين مشهور آهن.

    سنڌ جي سر زمين تي هزارن سالن کان کارڪون: ڄاڻ رکڻ وا را ڄا ڻن ٿا ته سنڌ جي سر زمين تي کارڪون هزارن سالن کان موجود رهيون آهن. اوڻويهين صدي جي هڪ فرينچ- سوئس سائنسدان جو چوڻ آهي ته کجين جو اصلوڪو وطن سنڌو ماٿري کان اتر آفريڪا تائين وارو علائقوآهي. موهن جي دڙي جي پنج هزار سال پراڻن گدامن ۾ کارڪن جون ککڙيون مليون آهن، جيڪي هن ڳالھ جوپڪو ثبوت آهن ته سنڌ کجين جو اصلوڪو آبائي وطن آهي.

    دنيا جي چاليھ ملڪن ۾ کارڪون: هن وقت دنيا جي لڳ ڀڳ چاليھ ملڪن ۾ کارڪون ۾ پيدا ٿين ٿيون. گڏيل قومن جي اداري ايف ا اي او جي انگن اکرن موجب ويھ سو ٻارنهن ۾ سڄي د نيا ۾ اٽڪل پوڻا اٺ ملين ٽن کارڪن جي پيداوار ٿي. ترتيبوار مصر، ايران، سعودي عرب، الجزائر،عراق، پاڪستان، .اڳوڻو(گڏيل) سوڊان، اومان، گڏيل عرب امارتون۽ تيونس کارڪون پيدا ڪندڙ ڏھ وڏا ملڪ آهن.

    ڇھ لک ٽن سالانه پيدا وار: اسان وٽ سالانه ڇھ لک ٽن پيدا ٿيندڙ کارڪن مان اڌ جيتريون کارڪون سنڌ ۾ پيدا ٿين ٿيون، جن ۾ خيرپور جو حصواٽڪل نوي سيڪڙو آهي. کارڪن جون سوين جنسون ٿين. پر ذائقي، ڪاروبار ۽ واپار جي لحاط کان سنڌ ۾ اصيل، ڪربلائڻ، فصلي، اصل ڪڙھ ۽ نقل ڪڙھ، بلوچستان ۾ مضاواتي۽ بيگم جنگي ۽ ديرا اسماعيل خان ۾ ڍڪي وڏي اهميت رکن ٿيون. خيرپورجي اصيل جو ڏنگ ۽ اس ۾ سڪل کارڪ بهترين ليکي وڃي ٿي. اصيل کي کارڪن جي مها راڻي سڏيو ويندو آهي. اصل ڪڙھ جو ڏوڪولذيذ ٿئي ٿو. اهڙي طرح نقل ڪڙھ جون لوڻيون کارڪون سـٺيون ٺهن ٿيون. پنجگور جي مضاواتي کارڪ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ديرا اسماعيل خان واري ڍڪي جو ڏوڪو وڏو ٿئي ٿو. ان مان عمدو ڇوهارو تيارٿيندو آهي.

    عالمي سطح تي کارڪن جو واپار: عالمي سطح تي ويھ سوٻارنهن جي مقابلي ۾ ويھ سو چوڏهن دوران کارڪن جي واپار ۾ اٽڪل ساڍا سورنهن سيڪڙو اضافو ٿيو. ان سال لڳ ڀڳ اٺ سو اٺ هزار ٽن هن خشڪ ميوي جوبين الاقوامي واپار ڪيو ويو. کارڪن جي عا لمي واپار ۾ اسان جي ملڪ کي تمام گھٽ اگھ ملي ٿو. گھٽ اگھ ملڻ جو وڏو سبب هندوستان ڏانهن ڇو هارن جي ايڪسپورٽ آهي. سال بسال ائين ٿيڻ سان اسان جي قومي دولت ضايع ٿيندي رهي ٿي. تيونس کارڪن جي پيداوار جي لحا ظ کان ڏهين نمبر تي اچي ٿو، پر هي ملڪ سڀني کا ن وڌيڪ اگھ حاصل ڪري ٿو. جيڪڏهن اسان کي تيو نس جيترو اگھ ملي پوي ته اسا ن جي سالياني ايڪسپورٽ ٽي ارب ڊالر تائين پهچي سگھي ٿي..

    پنهنجي پيدا وار هوندي کارڪن جي امپورٽ؟: حيرت جي گالھ آهي ته اسان جو ملڪ لکين ٽن کارڪون پيدا ڪرڻ جي با وجود ججھي تعداد ۾ هي ميوو امپورٽ پڻ ڪري ٿو. جيڪو اڪثر ڪري صحت لاءِ نقسانڪارهجي ٿو.هن ملڪ ۾ ويه سو ٻا رنهن دوران ايران، عراق، سعودي عرب ۽ متحدا عرب امارتن مان پنجٽيھ لک ڊالرن جون کارڪون امپورٽ ڪيون ويون. ان جو مکيه ڪارڻ اهو آهي ته پاڻ وٽ نه ئي کجي جي پوک تي گھربل تحقيقاتي ڪم ٿيو آهي۽ نه ئي وري کارڪن جي پيداوارجي سڌاري تي ڪو خاص ڌيان ڏنو ويوآهي.

    ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ ڪجھ تجويزون: سنڌ مان کارڪن جي ايڪسپورٽ جي واڌاري لاٰءِ هيٺ ڪجھ تجويزون پيش ڪجن ٿيون:

    عا لمي معيار جي تحقيقي ادارو:اسان وٽ کارڪون پوکيون ته هزارن سالن پيون وڃن پر هتي فصل اڃان تائئن صديون پراڻي طريقي سان حاصل ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته کجين جي ٿورڙي تاريخ رکندڙ ملڪ کجين جي سار سنڀار۽ کارڪن کي محفوظ بڻائڻ جي ميدان ۾ گھڻو اڳتي نڪري ويا آهن.اتي ڪيڏو به مينهن وسي يا واءُ لڳي کارڪ کي نقصان نه ٿيندو.اسان وٽ ٻه ٽي ڪڻيون وسيون ته فصل خراب تي ويندو. ضروري آهي ته ايف اي او۽ دبئي واري گلوبل ڊيٽ پام نيٽ ورڪ جي ٽيڪنيڪي ۽ مالي تعاون سان خيرپور ۾ هڪ عالمي معيار وارو کجي جو تحقيقي ادارو قائم ڪيو وڃي. جيڪو قدرتي آفتن کان بچاءُ ڪرڻ جي طريقن سان گڏ کارڪن کي محفوظ رکڻ لاءِ آباد گارن جي رهنمائي ڪري ۽ کارڪن مان ملھ وڌيل شيون ٺاهڻ تي ڌيان ڏئي.

    خيرپور ۾ ڊرائي پورٽ: خيرپورکجي مارڪيٽ ۽ ان جي ويجھوسنڌو ندي جي کاٻي ڪپ تي قائم آغا قادرداد خان کارڪ مارڪيٽ ۾ هر سال هزارين ٽن کارڪون ايڪسپورٽ لا۽ تيار ٿين ٿيون. جيڪي واگھا ۽ ڪراچي بندرگاھ تان ڏيساور موڪيون وڃن ٿيون. خيرپور ۾ ڊرائي پورٽ جي سهولت نه هئڻ ڪري ايڪسپورٽرن کي تمام گھڻيون ڏ کيا يون پيش ا چن ٿيون۽ ايڪسپورٽ وڌائڻ ۾ رنڊڪ پوي ٿي. جينئن پنجاب ۾ لاهور، راولپنڊي، سيالڪوٽ، ملتان۽ فيصل آباد ۾ ڊرائي پورٽ اڳ ۾ قا ئم آهن ۽ سرگوڌا ۾ پڻ اڃا ن هڪ ٻيو ڊرائي پورٽ ٺا ھڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن، اهڙي طرح خيرپور ۾ خيرپور اسپيشل اڪانا مڪ زون (ڪي.ايس. اي. زيڊ.) جي ڀرسان ، ٽنڊو مستي خان ريلوي اسٽيشن لڳ هڪ جديد ڊرائي پورٽ قائم ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ مان کارڪن جي ايڪسپورٽ کي هٿي ڏئي سگھجي.

    کارڪن ما ن ٺهندڙ ملھ وڌايل شِون: ٻين ملڪن ۾ کارڪن مان قسمين قسمين ملھ وڌايل شِون، مثلن کارڪن جي پيسٽ، سرڪو،الڪحل بغيرپيئڻ پيارڻ وارو مشروب ۽ کارڪن جوشربت وغيرھ ٺا هيون وڃن ٿيون. هتي به کارڪن مان نيون نيون شيون تيار ڪرائڻ لاءِ اپا ءَ ورتا وڃن. انهي عمل سان ملڪ ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

    کارڪن مان ڪافي: کارڪن ۾ ڪا به شئي ڦٽي ڪرڻ جهڙِ نا هي. ککڙيون، جيڪي اسين کارڪ جي ڳر کائڻ کان پوءِ اڇلائي ڇڏ يندا آهيون، تمام گھڻيون ڪارائتيون آهن. ککڙين مان بهترين قسم جي ڪافي ٺهي ٿي، جيڪا عرب دنيا ۽ فرانس جهڙن ملڪن به ۾ وڏي شوق سان پيتي وڃي ٿي. سنڌ ۾ کارڪ جو ڪم ڪرڻ وارن ماڻهن کي ضروري سهولتون ڏنيون وڃن ته هو گھربل مشينري ٻاهران گھرائي ڪافي تيارڪن ۽ ککڙين جهڙيِ بظا هر بيڪا ر شئي مان ڪار آمد شيون ٺاهي منافعو حاصل ڪن.

    کجي جي آبادگارن جي پرڏيھ ۾ تربيت: ٻا هرين دنيا ۾ کجي ۽ کارڪ جي ميدان ۾ وڏي ترقي ٿي آهي، جنهن کان سنڌ جا آبادگار اڻواقف آهن. ان لاءِ لازمي آهي ته آبادگارن جا الڳ الڳ گروپ چونڊي مختلف ملڪن ۾ تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليا وڃن.

    کجي جي باغن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي تربيت: آ مريڪا ۾ کجي جي باغن ۾ ڪم ڪرڻ جي طريقن ۾ نواڻ آئي آهي. سنڌ ۾ اهڙي نواڻ آڻڻ لاءِ کجي جي باغن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي پڻ انهي ڪم ڪرڻ جا جديد طريقا سکڻ لاءِ آ مريڪا جي رياست ڪيليفورنيا ڏانهن روانو ڪيو وڃي ته هو هتي واپس اچي ٻين کي انهي ڪم جي سکيا ڏين.

    خيرپور ايگزيبيشن ۽ ڪنوينشن سينٽر: نمائشون ڏيهي ۽ پرديهي واپار کي هٿي ڏيارڻ ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون.ڪراچي کان ٻاهر سڄي سنڌ ۾ ڪو به ايڪسپو سينٽر نه آهي. جڏهن ته پنجاب ۾ ٽي ايڪسپو سينٽرٺهيل آ هن. کارڪن، ٻين زرعي جنسن، زرعي مشينري ۽ هٿ جي هنرن وغيره جون نمائشون لڳائڻ لا۽ خيرپور۾ هڪ بين الاقوامي معيار جي ايگزيبيشن ۽ ڪنوينشن سينٽرجي سخت ضرورت آهي، وفاقي حڪومت طرفان خيرپور اسپيشل اڪانا مڪ زون (ڪي.ايس. اي. زيڊ.) لڳ ترت ايگزيبيشن۽ ڪنوينشن سينٽر تيار ڪري، باقا ئدا ساليا نه نمائشن جواهتمام ڪرڻ گھرجي ته جيئن سنڌ جا آبادگار نمائشن دوران ايڪسپورٽ آرڊر حاصل ڪري کارڪون ڏيساور موڪلي سگھن ۽ ملڪ کي ضروري ڪار وهنوار لاءِ پر ڏيهي نا ڻو ملي وڃي.

    ٻيون تجويزون

    ٿروارن لا۽ کارڪون: ٿر ۾ اڪثرمائرون اڻپوري خوراڪ کائڻ ڪري ڪمزور رهن ٿيون. سندن ٻارڙا به نٻل ٿين ٿا.تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته ٿڃ پياريندڙ مائرن لاءِ کارڪون نهايت ٻل ڏيندڙ آهن. ٿڃ پيارڻ دوران کارڪون کائيندڙ مائرن جا ٻار وڏا ٿي ٻلوان ٿين ٿا. انهي ڪري سرڪارکجي جي باغاين وٽان خريد ڪري، کارڪون ٿر وارن کي هڪ ٽن في گھراڻو جي حساب سان مفت ۾ فراهم ڪري. جيڪي هو ڪورن مٽن ۾ محفوظ ڪري سڄو سال استعمال ڪندا رهن.

    عرب دنيا ۾ کجي جي چاڙهن لاءِ نوڪريون: عرب دنيا بشمول سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن۽ اومان وغيره ۾ کجين جي باغن ۾ ۽ کارڪون پيڪ ڪرڻ ورين فيڪٽرين ۾ تجربيڪار مزدورن جي قلت رهي ٿي. عرب نيوز جي خبرن موجب تازو سعودي عرب جي مديني واري علائقي ۾ باغن ۾ ڪم ڪرڻ وارن مزدورن جي ايڏي قلت ٿي پئي هئي جو کا رڪن جي واڍي جو ڪم ڪافي دير سان شروع ڪرڻو پيو هو. خيرپور ۾ ماهر چاڙها وڏي انگ ۾ موجود اهن. سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن اومان جي حڪومتن سان سرڪاري سطح رابطو ڪري کجي جي چاڙهن ۽ باغن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي انهن ملڪن موڪليو وڃي. ائين ڪرڻ سان هڪ طرف محنتي نوجوانن لاءِروزگار جا نوان موقعا حاصل ٿيندا ته ٻئي طرف ملڪ کي انهن مزدورن پاران موڪليل پرڏيهي ناڻو ملي سگھندو.

    Email: guar.gold@gmail.com
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    هر دفعي توهان وٽ توهان جي علائقي جي اها مشهور سوغات کائڻ وٽان ملندي آهي خاص ڪري ڏنگ وڏا مزيدار هوندا آهن هن دفي اڃا انتظار ۾ آهيون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    آبادگار دوستن لاءِ تمام سهڻو موضوع لکيو ويو آهي ، واقعي سچ پڇو ته کجيون ٻنين جون شهزاديون آهن ، اسان واري پاسي وري ڪجھ جاهل ماڻهن جو چوڻ آهي ته کجِي جي ڀرسان به لنگهندا ڪريو ، کجِي ۾ جن هوندا آهن وغيره ، سچ پڇيو ته کجيءَ جو مبارڪ وڻ آهي ۽ جنهن ٻني ۾ کجي جا وڻ به هجن ته به ٻي آبادڪاري به ٿي سگهي ٿي مگر افسوس جو اسانوٽ وڻن لڳائڻ جو رجحان به تمام گهٽ آهي ، رستن روڊن جي ڪنارن سان ۽ پنهنجي گهر ۾ يا گهر جي ڀرسان انفرادي طور تي ئي اگر هر ماڻهون هڪ وڻ به لڳائي ته جيڪر پوري ملڪ ۾ 20 ڪروڙ وڌيڪ وڻ لڳائي سگهجن ، اڳي اسانوٽ واهن جي ڪنارن سان به گهڻي تعداد ۾ وڻ هوندا هيا ۽ گهاٽا ٻيلا به جام هيا مگر افسوس جو ٻيلي کاتي جي بي ڌياني ۽ ماڻهن جي بک ۽ بدحالي سبب اهي ٻيلا ۽ وڻ اڄ نه هئڻ جي برابر آهن ، اهوئي سبب آهي جو گذريل ويهن سالن ۾ هر سال گرمي ۾ واڌ ٿِي رهي آهي ، سڄي سنگت کي گذارش آهي ته سوشل ميڊيا سميت ڪچهرين ۾ ماڻهن کي وڻ لڳائڻ جو شعور ڏياريو وڃي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڏنگ مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن مگر جڏهن توهان تائين پهچن ، واضع رهي ته انبن جيان ڏنگ به ٿورڙي وقت ۾ ختم ٿي ويندا آهن !
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حاضر سائين

    بس اوهان اچڻ جي ڪيو .... ڪراچي ۾ هوندي، عيد جون موڪلون هوندي اوهان ڪونه آيا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو