سنڌ: هڪ سلطنت کان اُداس واديءَ تائين : يوسف شاهين جو انٽرويو

'انٽرويو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ: هڪ سلطنت کان اُداس واديءَ تائين
    سنڌ جي تاريخ ۽ لسانيات جي عالم محترم يوسف شاهين جو انٽرويو
    حصو پهريون

    سنڌ جي تاريخ ۽ لسانيات جي عالمي سطح جي عالم محترم يوسف شاهين ”عوامي آواز ٽي وي“ جي پرگرام پئنل انٽرويو ۾ سنڌ جي تاريخ جي مختلف پاسن تي تفصيلي طور خيالن جو اظهار ڪيو ، جن کي هڪ مضمون جي شڪل ۾ سنڌ جي تاريخي دستاويز طور اوهان آڏو پهچائجي ٿو. تفصيلي انٽرويو awamiawaz.com تي ڏسي سگهجي ٿو.

    دنيا ۾ هن وقت تائين جيڪي به وڏا انقلاب آيا آهن، انهن جي ابتدا سنڌ کان تي. دنيا جو پهريون عظيم ترين انقلاب ”زراعت“ هو. جنهنجا بنياد تاريخي لحاظ کان سنڌ ۾ رکيا ويا، جتي ڪڻڪ، جَوَ، ٻاجهر ۽ ٻيا اناج پوکيا ويا. جيئن ته اهو اناج خراب ٿيڻ کانسواءِ هڪ هنڌ ذخيرو ڪرڻ ممڪن ٿي پيو. ان ڪري انسان جي خانه بدوش زندگيءَ ۾ تبديلي اچڻ لڳي. هو پيٽ گذر لاءِ جهر جهنگ ڌڪا کائڻ کان بچي ويو. نتيجي طور اڳتي هلي دنيا ۾ پهريان ڳوٺ ۽ شهر ٻڌجڻ لڳا. انسان ذات کي ٿانيڪو ٿي هڪ هنڌ رهڻ واري زندگيءَ جي ابتدا کي دنيا جو ٻيو وڏو انقلاب چئجي ٿو، جنهنجي ابتدا به سنڌ کان ٿي.

    دنيا جو ٽيون وڏو انقلاب تڏهن آيو، جڏهن انسان ذات وات مان نڪرندڙ آوازن کي پهرين لهجي ۽ پوءِ ٻوليءَ جو درجو ڏنو. هن وقت ۾ دنيا نَوَ (9) هزار ٻوليون آهن، جڏهن ته لهجن جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي. گذريل پنج هزار سالن دوران ڪئين ٻوليون ۽ لهجا ختم ٿي چڪا آهن. پر سنڌ دنيا جو واحد خطو اهي، جتي لڳ ڀڳ ڏھ هزار سال اڳ سنڌي ٻولي ۽ انجي صورتخطي ٺاهي ويئي. ان وقت کان اڄ تائين سنڌي ٻولي دائم ۽ قائم آهي. فقط سنڌيءَ ٻوليءَ جي صوتخطي تبديل ٿيندي رهي آهي. شايد ست ڀيرا تبديل ٿي آهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪا پهريون صورتخطي ٺاهي ويئي. اها اڄ ڏينهن تائين دنيا جا ٻولين جا ماهر پڙهي نه سگهيا آهن. حيرانگي اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي اها پهرين صورتخطي آرٽ ۽ جاميٽري جي فن جو اعليٰ ترين مثال آهي. ان صورتخطيءَ جي ڊزائن اڄوڪي سائنسي ۽ ڪمپيوٽر دؤر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هتي اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جون قديم همعصر ۽ وڏيون ٻوليون ٻه هزار سالن کان وڌيڪ عرصي تائين جيئرو رهڻ کانپوءِ ختم ٿي ويون. جهڙوڪ سميري، اڪادي، ارامائيڪ ۽ ٻيون ٻوليون.

    دنيا ۾ چوٿون وڏو انقلاب تڏهن آيو، جڏهن موهن جي دڙي جي ماڻهن ” هٿيارن کان پاڪ“ معاشرو قائم ڪيو. هنن چيو ته جيئن جيئن هٿيار ٺاهيا ويندا تيئن تيئن انسان قتل ٿيندا رهندا. گذريل پنج هزار سالن ۾ پنج هزارن کان وڌيڪ جنگيون ٿي چڪيون آهن، جنهن ۾ لڳاتار ڪروڙين ماڻهو قتل ٿيندا رهن ٿا. هٿيارن جي ڊوڙ ۾ انسان تير ڪمان کان ايٽم بم، هائڊروجن بم ۽ ٻيا خطرناڪ هٿيار تيار ڪيا آهن. جيستائين هن دنيا کي سنڌ جي نظريي تحت هٿيارن کان پاڪ نه ڪيو ويندو. تيستائين انسان قتل ٿيندا رهندا.

    دنيا جون پنجون وڏو انقلاب تڏهن آيو، جڏهن سنڌ ۾ ”صنعت“ جا بنياد رکيا ويا. سنڌين ڪپهه مان ڌاڳو ۽ ڌاڳي مان ڪپڙو ٺاهڻ جون ڪاٺ واريون مشينون ”ارٽ ۽ آڏاڻا“ ايجاد ڪيا. اڄوڪيون ٽيڪسٽائيل جون مشينون، انهن مشينن جو نقل آهن. سنڌ ۾ دنيا جي پهرين صنعت قائم ٿيڻ سبب سنڌ يا سنڌوءَ کي انڊس چيو ويو. ان نالي جي نسبت سان لفظ ”انڊسٽري“ وجود ۾ آيو.

    سنڌ دنيا جو اهو خطو آهي، جتي دنيا کي سڀ کان اول اهو ٻڌايو ويو ته خداوند تعاليٰ واحد لاشريڪ آهي، انجو ڪو ثاني ناهي. جڏهن ته ان وقت سنڌ کانسواءِ سموري دنيا ۾ ٽه مورتي يا لاتعداد خدائن جو تصور موجود هو.

    سنڌ جا ماڻهو خدا واحد لاشريڪ کي ”ورڻ يا ورنا“ جي نالي سان ياد ڪندا هئا. ورنا بابت انسائيڪلو پيڊيا برٽينيڪا ۾ تفصيل سان احوال پڙهي سگهجي ٿو. سنڌين، دنيا ۾ پهريون ڀيرو ”تصوف“ جو بنياد رکيو. هنن انسان جو خدا سان سنئون سڌو تعلق هئڻ جي ڳالهه ڪئي. اهڙي طرح سنڌي، دنيا جي پهرين کليل ذهن ۽ ترقي يافته Progressive قوم آهي. جنهن دنيا ۾ پهريان ”ماپ تور“ جا اوزار ايجاد ڪيا اهي اڄوڪي جديد دؤر اوزارن جيان تر جيتري به غلطي ڪرڻ کان پاڪ هئا. انهن اوزارن جو سڄي دنيا ۾ وڪرو ٿيندو هو.

    دنيا جو ڇهون وڏو انقلاب تڏهن آيو جڏهن سنڌين ”ڦيٿو“ ايجاد ڪيو ۽ پهرين بيل گاڏي ٺاهي، اها مواصلات يا ڪميونيڪيشن نظام جي ابتدا هئي. جنهن سان هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ وڃڻ ۽ مال پهچائڻ ممڪن ٿي پيو.

    موهن جي دڙي جي ماڻهن دنيا ۾ پهريون بندگارهون تعمير ڪيون ۽ پاڻيءَ جا وڏا طاقتور جهاز جوڙيا.ان ڪم لاءِ اعليٰ ترين فني ۽ سائنسي صلاحيتن جي ضرورت هئي،جيڪا سنڌين وٽ موجود هئي. هتي هيءَ ڳالهه سمجهڻ لائق آهي ته موجوده موهن جي دڙي جي فقط ڏھ سيڪڙو کوٽائي ٿي آهي. جڏهن ته ان جي هيٺ سنڌ جي ڏھ هزار سالن جي تاريخ دٻيل آهي. موهن جي دڙي جي تهذيب، پنجاب، بلوچستان، هندستان ۾ گجرات ۽ دهليءَ جي حدن تائين ٻئي طرف وچ ايشيا ۾ ترڪمنستان تائين ساڍا ٻارنهن لک چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل هئي. بلوچستان جي ”مهر ڳڙھ“ ۾ سنڌو تهذيب جي آثارن جي تصديق ٿيل تاريخ 6700 قبل مسيح ڄاڻائي وڃي ٿي، اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته موهن جي دڙي جا بنياد اٺ نَوَ هزار قبل مسيح ۾ وڌا ويا هوندا. مطلب ته سنڌو تهذيب ۽ سنڌي ٻولي گهٽ ۾ گهٽ ڏھ هزار سال پراڻي آهي. مسئلو اهو آهي ته اسان موهن جي دري جي اهميت نٿا سمجهون. مون اڳ به چيو هو ته موهن جي دڙي ۾ رکيل سرون نه فقط سون برابر آهن، پر ڪوھ نور هيري جيان قيمتي آهن.

    هتي اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته سنڌي، دنيا جي پهرين قوم آهي جنهن پهريان رنگ ايجاد ڪيا ۽ ان مان ست رنگا ڪپڙا تيار ڪيا؛ جيڪي جهازن جا جهاز ڀرجي سڄي معلوم دنيا ۾ وڪري لاءِ ايڪسپورٽ ڪيا ويندا هئا. اڄ به پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ 64 سيڪڙو ايڪسپورٽ ٽيڪسٽائيل جي آهي. اسين ٽيڪسٽائيل ۽ ايڪسپورٽ جا باني آهيون.

    سنڌي دنيا جي پهرين قوم آهي، جنهن سون، چاندي، هيرن جواهرن مان حيران ڪندڙ زيور تيار ڪيا. انهن زيورن جي ڪري دنيا ۾ اهو مشهور ٿي ويو ته سنڌ ۾ سون جون کاڻيون آهن، جڏهن ته سنڌ وارا ڪچو سون ماگان(دبئي يا عمان) ۽ ڊلمن (موجوده قطر ۽ ڪويت) کان گهرائيندا هئا. جڏهن ايران جو شهنشاھ دارا اول 518 قبل مسيح ۽ سنڌ تي ڪاهي آيو ته هن ”ڏن“ طور سنڌ کان سون جي واري طلب ڪئي.

    هن سنڌ ۾ ”ارامائيڪ ٻولي“ نافذ ڪئي جيڪا ايراني ايمپائر جي سرڪاري ٻولي هئي. سنڌي فوج جي بهاري ڏسندي ان کي ايراني فوج جو حصو ٺاهيو. ان وقت سنڌ دنيا جو پهريون ملڪ هو جتي ”ڪمند“ جي پوک ٿيندي هئي. ان مان ڳڙ ٺاهيو ويندو هو. شهنشاھ وارا وڃڻ وقت سنڌ مان ڪمند جو ٻج ۽ ڪيترائي سنڌي هاري ايران کڻي ويو جن ايران ۾ پهريون ڀيرو ڪمند جي پوک جي شروعات ڪئي. وارا کان لڳ ڀڳ ٻه سئو پوءِ 330 قبل مسيح ۾ سڪندر اعظم ايران ايمپائر تي قبضو ڪري ورتو. جنهن جي قبضي هيٺ گهٽ ۾ گهٽ ايشيا جا 22 ملڪ هئا. سڪندر اعظم ايران کان ملڪ فتح ڪندو پنجاب پهتو جتي ڏکڻ پنجاب جي مالي قبيلي تيرن جا وسڪارا ڪري سڪندر اعظم کي سخت زخمي ڪري وڌو. هو لڳاتار ٽي مهينا بستر تي پيو رهيو. ان ئي حالت ۾ سڪندر وڌيڪ فتوحات تان هٿ کنيو. ٻي حالت ۾ هو سڄو هندستان به فتح ڪري سگهيو ٿي. بهرحال، ڏکڻ پنجاب کان سڪندر اعظم سنڌ ۾ داخل ٿيو ته جيئن هو موجود ڪراچيءَ کان ٻيڙين ذريعي ايران وڃي سگهي. ان سفر دوران سڪندراعظم سان سنڌ جي ماڻهن ڪيترن ئي هنڌن تي ويڙھ کاڌي. خاص طور جڏهن هو سيوهڻ پهتو ته اتي سنڌي فوجن سان هن جو وڏو ٽڪراءُ ٿيو. هڪ تمام وڏي خونريز جنگ لڳي. جنهن ۾ 86000 سنڌي فوجي هن ڌرتي مٿان گهور ٿي ويا، سڪندر اعظم سان اهڙو سخت مقابلو ته ايران جي ڏهه لک فوجن به نه ڪيو. سنڌ مان لنگهڻ وقت سڪندر اعظم کي ڪپهه ڏيکاري ويئي. هن حيران ٿي چيو هيءُ ته ڀاڄين جي اُن آهي. هو پاڻ سان ڪپهه جو ٻج ۽ ڪيترائي سنڌي هاري کڻي ويو، جن مصر ۾ پهريون ڀيرو ڪپهه جي پوک جي شروعات ڪئي. واضح رهي ته سنڌ دنيا جو پهريون ملڪ آهي، جتي سڀ کان اول ڪپهه جي پوک ڪئي ويئي. هتي ڪپهه مان ڪپڙو ٺاهيو ويو، جنهن سان Textile Industry جو بنياد پيو.

    سنڌي کي اهو شرف حاصل آهي ته هنن پنج هزار سال اڳ پڪي سر ٺاهي ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ”شهري منصوبه بنديءَ “جو بنياد وڌو. اهڙي منصوبه بندي پنج هزار سالن کانپوءِ هن وقت يورپ ۽ آمريڪا ۾ عمل هيٺ آهي.

    سنڌين کي اهو به شرف حاصل آهي ته هنن پنج هزار سال اڳ سموري سنڌ کي ”تعليم يافته سنڌ“ ۾ تبديل ڪيو. سموري سنڌ ۾ اسڪول قائم ڪيا ويا، جتي خصوصي طور ”فني هنر“ به سيکاريا ويندا هئا. اهو ئي سبب هو جو سنڌي پاڻيءَ جا وڏا جهاز ۽ بندرگاهون قائم ڪري سگهيا؛ جنهن لاءِ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنيڪل علم جي ڄاڻ جو هئڻ ضروري هو.

    هي اهو دؤر هو جڏهن سنڌ کانسواءِ سمير(موجوده عراق) ۽ مصر ۾ به عظيم تهذيبن جنم ورتو هو. مصري تهذيب فرعونيت ۾ ڦاسي پيئي، انهن جيڪي به ايجادون ڪيون، اهي مصري عوام بدران فقط فرعونن جا قبرستان ٺاهڻ تائين محدود رهجي ويو. مصر ۾ عيسائيت ۽ اسلام اچڻ تائين لڳاتار ٽي هزار سال هيءَ قوم فرعونن جي غلام بڻي رهي جيڪي پاڻ کي خدائن جو اولاد ۽ زميني خدا سڏائيندا هئا.

    ايڏي ڊگهي عرصي تائين فرعونن جو غلام رهڻ سبب، مصرين ۾ اها عادت پئجي ويئي جو هتي جيڪي به فاتح آيا، انهن کي به خدا جو درجو ڏنائون. ايران جي شنهشاھ سائرس اول جي پٽ ڪمبائيس ۽ سڪندر اعظم کي خدا سمجهي، انهن جي به عبادت ڪرڻ لڳا. ٻئي طرف سمير ۾ آفاقي مذهبن ۽ رب العالمين جي نظريي جو بنياد رکيو ويو. طوفان نوح، معراج تي وڃڻ ۽ ”ڪُن“ چئي هيءَ دنيا خلقڻ جا ابتدائي حوالا سمير جي مذهبن مان ملن ٿا. هنن سميري ٻوليءَ لاءِ ڪيوني فارم اسڪرپٽ تيار ڪيو، جيڪو اڳتي هلي پنجاھ کان وڌيڪ قومن اختيار ڪيو.

    هتي اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته ڪيترائي تاريخدان اهو خيال ظاهر ڪن ٿا ته سميري تهذيب جا بنياد ڪنهن ڏورانهين علائقي کان آيل ماڻهن رکيا. انهن ماڻهن جا ڪارا وار، وڏا مٿا ۽ چمڪندڙ وڏيون اکيون هيون. تاريخدانن جو خيال آهي ته اهي سنڌي هئا، جيڪي سنڌو ماٿر کان هتي آيا. جڳ مشهور تاريخدان ايڇ آر هال لکي ٿوته

    ”سنڌو ماٿر جا ماڻهو هجرت ڪري سمير(عراق) ۾ اچي آباد ٿيا. هنن هتي مورتين واري صورتخطي ۽ ڦيٿو متعارف ڪرايو ( ان مورتين واري صورتخطيءَ جي بنياد تي ڪيوني فارم صورتخطي ٺاهي ويئي) هنن کي پاڻيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي مهارت حاصل هئي. انهن سمير ۾واھ کوٽيا ۽ کاٽيءَ جو رواج وڌو.“

    سمير جي هڪ رياست ”ڪش“ جي هڪ بادشاھ سارگن لڳ ڀڳ چار هزار ٽي سئو پنجهٺ سال اڳ دنيا جي تاريخ ۾ پهرين عظيم ايمپائر قائم ڪئي. هن ذري گهٽ سموري مڊل ايسٽ تي قبضو ڪري ورتو. شهنشاھ سارگن پنهنجي ايمپائر لاءِ هڪ نئون گاديءَ وارو شهر ”اگادي“ اڏڻ لاءِ سنڌ مان هزارين انجنيئر، ڪاريگر ۽ مزدور سڏايا انهن موهن جي دڙي کانپوءِ دنيا جو ٻيو شهر ”اگادي“ شهري منصوبه بنديءَ تحت اڏيو. سنڌين سمير ۾ ڪيترائي واھ کوٽيا، اسڪول اڏي ڏنا ۽ شهنشاھ لاءِ مُهرون ٺاهيون. شهنشاھ سارگن سنڌ بابت ٺڪر جي گلدستن تي سنڌ جي تعريف ۾ گهڻو ڪجهه لکرايو. اهي گلدستا هن وقت لنڊن جي ميوزم ۾ رکيل آهن. اهڙيءَ ريت شهنشاھ سارگن سنڌ جي تاريخ جو پهريون تاريخدان آهي. اگادي شهر اڏڻ وقت، سنڌين اُر شهر ۾ ”خدا جي وحدانيت“ جو مرڪز قائم ڪيو ۽ هتي جي ماڻهن کي ڄاڻ ڏنائون ته خدا واحد لاشريڪ آهي. جڏهن ته سمير ۾، ان وقت شمس خدا، اين، اينلل ۽ اينڪي خدائن جي عبادت ڪئي ويندي هئي. ان واقعي کان پنج سئو سال پوءِ اُر شهر ۾ حضرت ابراهيم پيدا ٿيو جنهن تصديق ڪئي ته خدا واحد لاشريڪ آهي.

    سنڌ جي عظمت ۽ تاريخي واقعن بابت ڪي ٻوڙا ۽ گونگا حوالا ملن ٿا. اندازو آهي ته 3400 قبل مسيح کان 1300 قبل مسيح تائين سنڌ هڪ طاقتور سلطنت رهي آهي. جڏهن سنڌ جي شان ۽ مان، ترقي ۽ خوشحاليءَ جون ڳالهيون دنيا ۾ ٿيڻ لڳيون تڏهن کان روس، وچ ايشيا، ايران، افعانستان کان مهاجرن جا وڏا جٿا سنڌ ۾ آباد ٿيڻ لاءِ هتي ايندا ويا. اهي هجرتون 300 سال 18 صدي قبل مسيح کان 1500 قبل مسيح تائين جاري رهيون. نيٺ، اهي مهاجر اڪثريت ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌ تي قابض ٿي ويا. هنن خدا جي وحدانيت جو نظريو ختم ڪري هتي ٽيٽيهه نوان خدا متعارف ڪرايا، جنهن جو اندر خدا ظاهر ڪيو ويو.

    آرين هتي سنسڪرت ٻولي تيار ڪئي، جنهن کي خدائن جي ٻولي قرار ڏنو ويو. اها ٻولي سکڻ ۽ سمجهڻ جي عام ماڻهن کي اجازت نه هئي. فقط برهمڻ، حڪمران، فوجي ۽ واپاري طبقو ان ٻوليءَ کي ڳالهائڻ جا حقدار ٿيا، ان کانپوءِ آرين ٻڌايو ته هنن مٿان آسمان کان ”رگ ويد“ ڪتاب سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لٿو آهي. جيڪو آرين جو مقدس ترين ڪتاب بڻجي ويو. جيئن ته ان وقت تائين سنسڪرت بوليءَ جي صورتخطي نه ٺهي سگهي هئي، ان ڪري رگ ويد کي زباني حفظ ڪرايو ويو. ان رگ ويد ۾ اندر خدا بابت لکيل آهي ته :”هن هتي جا ڪيترائي ڪوٽ ۽ قلعا ڀڳا“.

    رگ ويد ۾ سنڌو دريا جو باربار ذڪرملي ٿو. سنڌونديءَ کي اگني ديوي جو روپ ڏئي انجي پوجا ڪرڻ لاءِ چيو ويو. رگ ويد ۾ سنڌوءَ جي شان ۾ ڪيترائي اشلوڪ لکيل آهن جڏهن ته گنگا جو رگ ويد ۾ ڪو به ذڪر ناهي ڇاڪاڻ ته آريا اڃا سنڌ تائين محدود هئا، هنن گنگا جمنا جا علائقا اڃا فتح نه ڪيا هئا. رگ ويد ۾ سنڌ بابت هن ريت لکيل آهي ” سنڌ گهوڙن سان مالا مال آهي، سنڌ رٿن سان مالا مال آهي، خوبصورت زيورن سان مالا مال آهي، سنڌ اناج، پشم، شيشم جي وڻن سان ڀريل سدا سبز آهي. شڀ نديءَ جي ڪناري تي ماکي پيدا ڪندڙ گل جرڪن ٿا.“

    آريا سنڌ تي پنج سئو سال حڪومت ڪندا رهيا. ايڏي ڊگهي عرصي ۾ هو سنڌي ٿي سگهيا يا نه، اهو تحقيق طلب مسئلو آهي. سنڌ جي آرين بابت ڪيترائي تاريخدان انومان ظاهر ڪن ٿا ته هنن شام، ترڪي ۽ عراق جا علائقا ملائي 1350 قبل مسيح ۾ هڪ عظيم سلطنت ميٽاڻي ايمپائر جو بنياد وڌو. جيڪا 1240 قبل مسيح تائين مڊل ايست جي انتهائي طاقتور سلطنت بڻجي ويئي. ان سلطنت جا حاڪم ڪو به معاهدو ڪرڻ وقت ”ورونا خدا“ جو قسم کڻندا هئا. اهڙا ڪيترائي دستاويز هٿ آيا آهن جيئن ته ورونا جي فقط سنڌ ۾ عبادت ٿيندي هئي، ان ڪري تاريخدان ان خيال تي پهتا آهن ته ميٽاڻي ايمپائر سنڌ جي آرين قائم ڪئي.

    ان واقعي کان اڍائي سئو سال پوءِ، آريا 1000 قبل مسيح ۾ هندستان تي ڪاهي ويا. نيٺ هو سموري برصغير تي قابض ٿي ويا. پوءِ هنن سموري مقبوضه علائقي کي 16 بادشاهتن ۾ ورهايو. جن کي Sola Janapadas چئجي ٿو. انهن سورنهن ئي بادشاهتن جا حاڪم پاڻ کي خدا سڏائڻ لڳا. هنن هتي ”ذات پات“ جو انتهائي خطرناڪ نظام قائم ڪيو، جنهن تحت برصغير هندستان جي سموري شڪست کاڌل عوام کي چئن ذاتين ۾ وراهيو ويو. سڀ کان مٿاهون درجو برهمڻن حاصل ڪيو. ٻئي نمبر تي حڪومت ڪندڙ ۽ فوجي آيا، جن کي کشتري چيو ويو. ٽئي نمبر تي سرنديءَ وارا ماڻهو جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي سگهه رکندا هئا، انهن کي ”ويش“ سڏيائون. باقي سموري عوام کي ”شودر“ انتهائي نيچ قرار ڏنو ويو. انهن ئي ڏينهن ۾ آريا، ڪورو ۽ پانڊو، جيڪي پاڻ ۾ سئوٽ هئا اهي اقتدار تان پاڻ ۾ وڙهي پيا، نتيجي طور هندستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي خونريز جنگ لڳي، جنهن کي ”مهاڀارت“ چئجي ٿو. ان جنگ ۾ هندستان جي سڀني بادشاهن ۽ آريا مت جي خدائن به حصو ورتو. انهن ۾ ڪرشن ڀڳوان به شامل هو. اها جنگ لڳاتار 18 ڏينهن هلندي رهي. جنهن ۾ هستاپور جي بادشاھ ڌريشٽر جا سئو مان 99 پٽ مارجي ويا. ڪورو هارائي ويا. ان جنگ ۾ سنڌ جو بادشاھ جئي ورٿ به قتل ٿي ويو. هن جي زال ڌريشٽر جي ڌيءَ هئي جنهن جا 99 ڀائر مهاڀارت جنگ ۾ قتل ٿي ويا. ان جنگ کانپوءِ سنڌ تي پانڊون جو قبضو ٿي ويو، جيڪو گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهيو. سنڌ تي ”راءِ خاندان“ جي حڪومت قائم ٿي، جنهن جو پهريون بادشاھ راءِ دهسلا ٿيو. هي خاندان پاڻ کي ”اروڙ ونشي“ سڏائڻ لڳو. جنهن سنڌ کي هڪ وڏي ايمپائر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. افسوس اهو آهي ته اروڙ ونشي يا روڙ خاندان بابت مفصل ڄاڻ نٿي ملي. هن خاندان تي نئين سر تحقيق ٿيڻ گهرجي، امڪان اهو آهي ته اروڙ ونشي يا راءِ خاندان جي سنڌ تي لڳاتار هڪ هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين حڪومت جاري رهي.

    ڇهين صديءَ قبل مسيح ۾ گوتم ٻڌ سنڌ آيو، تڏهن راءِ خاندان جي هڪ بادشاھ ”رد راين“ ٻڌ مت قبول ڪيو. اهڙي ريت گمان آهي ته سنڌ دنيا جو پهريون يا ٻيو ملڪ آهي، جتي جو عوام ٻڌمت جو پيروڪار ٿيو. بادشاھ رادرين، مگڌ جي بادشاھ بمبسارا جو همعصر هو، جنهن به گوتم ٻڌ سان ملاقات کانپوءِ ٻڌ مت قبول ڪيو هو. ان وقت لاءِ تاريخدان لکن ٿا ته ”اروڙ“ برصغير جو مگڌ جي پاٽلي پتر شهر کان به طاقتور گاديءَ جو هنڌ هو. بهرحال، اسانکي راءِ خاندان بابت واضح تفصيل تڏهن ملن ٿا، جڏهن سنڌ تي عرب سرزمين کان حملا شروع ٿين ٿا. ان وقت لاءِ واضح لکيل آهي ته سنڌ هڪ عظيم ايمپائر هئي، جنهن جون سرحدون اوڀر ۾ ڪشمير ۽ قنوج، اولهه ۾ مڪران ۽ ڏکڻ ۾ گجرات تائين پکڙيل هيون. انهن سرحدن جي ايراضي 15 لک چوراسي هزار ڪلوميٽر هئي. موجوده پاڪستان کان ٻيڻ تي. پاڪستان جي ايراضي پوڻا اٺ لک ڪلوميٽر آهي. افسوس اهو آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ تسلسل سان اهم تاريخي واقعا نٿا ملن.

    راءِ خاندان بابت تاريخ ۾ اهو لکيو وڃي ٿو ته هنن 489ع ۾ سنڌ تي حڪومت جي شروعات ڪئي. انهن جو به اروڙ ئي تخت گاھ هو ۽ هو ٻڌمت جا پوئلڳ هئا راءِ خاندان سنڌ تي ٻه سئو سال حڪومت ڪئي، راءِ خاندان عربن جا 15 حملا ناڪام ڪيا. هنن جا ڪيترائي عرب ڪمانڊر ۽ فوجي هتي قتل ٿيا ۽ وڏي تعداد ۾ گرفتار ڪري قيدن ۾ وڌا ويا. سنڌ جي فوجي قوت کي تڏهن نقصان پهتو جڏهن راءِ خاندان جي آخري بادشاھ راءِ سهيس کي سندس هڪ ملازم ”چچ“ قتل ڪري سنڌ تي قبضو ڪري ورتو، جيڪومذهبي لحاظ کان هندو هو، جڏهن ته سنڌ جو عوام اڪثريت جي لحاظ کان ٻڌمت جو پوئلڳ هو. ان صورتحال سنڌ جي فوجي قوت ۾ ڏار وجهي ڇڏيا.

    712ع ۾ جڏهن عربن سنڌ تي ارڙهون حملو ڪيو ته سنڌ جو راجا ڏاهر قتل ٿي ويو. ان حملي جي اڳواڻي 17 سالن جو نوجوان محمد بن قاسم ڪري رهيو هو، جنهن عراق جي گورنر حجاج بن يوسف جي حڪم تي، انهن سڀني سنڌين کي مارائي ڇڏيو، جن عرب فوجن سان ويڙھ کاڌي. سنڌ طرفان پنجاھ هزار کان وڌيڪ فوجي ميدان تي لٿا. انهن مان باقي زنده بچيل فوجن مان ڇهه يا سورنهن هزار سنڌي فوجن کي ڦاهي ڏني ويئي. ان ريت سنڌ جي فوجي قوت ختم ٿي ويئي.

    عرب سنڌ ۾ اسلام ۽ عربي ٻولي کڻي آيا. عربيءَ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي ٺاهيو ويو. عرب لڳاتار ٽي سئو سال 1024ع تائين سنڌ تي قابض رهيا. ان عرصي دوران هو سنڌ جو الهه تلهه ٻهاري ويا. سنڌ ۾ ڦيرو تڏهن آيو جڏهن 1024ع ۾ محمود غزنويءَ سنڌ تي قبضو ڪري، هتي جي عربي گورنر عزيز الهباري کي قتل ڪري ڇڏيو. ان صورتحال کي درست ڪرڻ لاءِ سومرا خاندان جا چڱا مڙس وچ ۾ پيا. محمود غزنوي سنڌ تان هٿ کڻي ويو. نتيجي طور عربن پنهنجا گورنر موڪلڻ بدران سومرن کي ”ڏن“ جي عيوض گورنر مقرر ڪيو. جيڪي لڳاتار ٻه سئو سالن تائين عربن کي ڏن پهچائيندا رهيا. سنڌ جي عربن کان 1358ع ۾ تڏهن جان ڇٽي، جڏهن منگولن، هلاڪو خان جي اڳواڻيءَ ۾ بغداد کي باهيون ڏئي عباسي سلطنت جو خاتمو آڻي ڇڏيو. ان ريت سومرا ڪنهن حد تائين سنڌ ۾ خود مختيار ٿي ويا.

    جڏهن سومرا خاندان جي هڪ حاڪم ”حفيف“ جو انتقال ٿيو ته هن جا ٻه پٽ چينسر ۽ دودو سنڌ جو تخت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهي پيا. سومرا خاندان جي برزگن حفيف جي ننڍي پٽ دودي کي تخت لائق سمجهيو ۽ ان کي ئي سنڌ جو بادشاھ ٺاهيو. جنهن تان هن جو وڏو ڀاءُ چنيسر دانهن ڏيڻ ۽ مدد ڪرڻ لاءِ دهليءَ جي ارڏي بادشاھ علاوءُ الدين خلجيءَ وٽ پهچي ويو. نيٺ دودي ۽ چنيسر جي وچ ۾ خونگريز جنگ لڳي. چنيسر جي مدد لاءِ علاوءُالدين خلجيءَ جون فوجون به پهچي ويون. ان جنگ ۾ دودو قتل ٿي ويو ۽ چينسر تخت حاصل ڪيو. پر سنڌ تي اصل قبضو علاوءُ الدين خلجيءَ جو ٿي ويو. جنهن هتي پنهنجا گورنر مقرر ڪيا. پر تمام تڪڙو علاوءُالدين خلجيءَ کي سنسد فوجي ڪمانڊر ملڪ ڪافور زهر ڏئي ماري ڇڏيو. هن علاوءُ الدين جا پٽ ۽ ٻيا وارث به قتل ڪيا ۽ دهليءَ جي تخت تي قابض ٿي ويو. ملڪ ڪافور کان تخت ڦرڻ لاءِ علاوءُ الدين خلجيءَ جو هڪ ٻيو ڪمانڊر غياث الدين تغلق فوجون ساڻ ڪري دهليءَ پهچي ويو. هن 1320ع ۾ ملڪ ڪافور کي قتل ڪري هندستان جو تخت حاصل ڪيو. اهڙي نفسانفسيءَ کي ڏسندي سنڌ جو آخري سومرو بادشاھ همير جان بچائڻ لاءِ گجرات پهچي ويو. اهڙي حالت ڏسندي سما قبيلي جي ”فيروز الدين انڙ“ هڪ هزار اٺ سئو گهوڙيسوارن سان سيوهڻ جي تغلق گورنر ملڪ رتن کي قتل ڪري، هن شهر تي قبضو ڪيو. تاريخ سنڌ، تاريخ عالم، لسانيات جي عالم، سنڌي ڪلاسيڪل ٻوليءَ جي شاعر جنهنجا 6 انگريزي ۾ لکيل ڪتاب آمريڪا ۾شايع ٿي چڪا آهن.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين جي ٿورن سان
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    بهترين معلومات
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ: هڪ سلطنت کان اُداس واديءَ تائين
    سنڌ جي تاريخ ۽ لسانيات جي عالم محترم يوسف شاهين جو انٽرويو
    حصو ٻيو

    سنڌ جي تاريخ ۽ لسانيات جي عالمي سطح جي عالم محترم يوسف شاهين ”عوامي آواز ٽي وي“ جي پرگرام پئنل انٽرويو ۾ سنڌ جي تاريخ جي مختلف پاسن تي تفصيلي طور خيالن جو اظهار ڪيو ، جن کي هڪ مضمون جي شڪل ۾ سنڌ جي تاريخي دستاويز طور اوهان آڏو پهچائجي ٿو. تفصيلي انٽرويو awamiawaz.com تي ڏسي سگهجي ٿو.

    سيوهڻ تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ ڄام فيروز انڙ 1335ع ۾ لوئر سنڌ جي گاديءَ واري شهر ٺٽي تي به قابض ٿي ويو. سومرا خاندان جو آخري بادشاھ همير ٺٽي کان عمر ڪوٽ ۽ اتان کان گجرات ڏانهن ڀڄي ويو جتي 1339ع ڌاري قتل ڪيو ويو . ان ريت سنڌ مان سومرن جي حاڪميت ختم ٿي ويئي. انهيءَ سال ڄام فيروز اپر سنڌ کي تغلقن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ بکر تي ڪاهه ڪئي جتي هو تغلق فوجن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. ڄام فيروز کانپوءِ هن جو ڀاءُ ڄام جوڻو ٺٽي ۾ تخت تي ويٺو. هن پنهنجي ڀاءُ جو بدلو وٺڻ ۽ اپر سنڌ کي تغلقن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ وڏي پئماني تي فوجي تياري ڪئي. نيٺ هو بکر کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. تغلق جان بچائي اپر سنڌ مان نڪري ويا. اهڙيءَ ريت ڄام جوڻو سموري سنڌ جو حاڪم بڻجي ويو. اها سنڌ ۾ سما دور جي ابتدا هئي. ڄام جوڻي کانپوءِ ڄام ٻانڀيڻي جي ڏينهن ۾ تغلق قبيلي جا ڪجهه ماڻهو سنڌ ۾ پناھ لاءِ آيا، جيڪي هندستان جي بادشاھ محمد تغلق کي گهربل هئا جنهن پنهنجي سفير موڪلي ڄام ٻانڀيڻي کان تغلق قبيلي جي ٻانهن گهري. جواب ۾ ڄام ٻانڀيڻي چيو ته اسان انهن ماڻهن کي پناھ ڏيئي چڪا آهيون، ان ڪري انهن کي اوهانجي حوالي نٿو ڪري سگهجي. ان ڳالهه تي محمد تغلق سخت ڪاوڙجي پيو. هو ڏيڍ لک فوج ۽ پنج سئو جنگي هاٿي کڻي سنڌ تي ڪاهي آيو. جيتوڻيڪ سنڌ وٽ ايڏي فوجي قوت نه هئي جو هو محمد تغلق جي طاقتور فوج سان مقابلو ڪري سگهن. انجي باوجود ڄام ٻانڀيڻو تغلق فوجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو. محمد تغلق ٺٽي جي ويجهو سونڊا وٽ پڙاءُ وڌو. هتي رات وچ ۽ هڪ وڏو فوجي شهر آباد ٿي ويو. اوچتو تغلق فوجن ۽ ماتم پئجي ويو. خبر پئي ته محمد تغلق جنگ ڪرڻ کان اڳ 20 مارچ 1351ع تي گذاري ويو. پوءِ ته تغلق فوجن ۾ اچي ڀاڄ پئي. محمد تغلق جو سئوٽ فيروز تغلق ڏاڍي مشڪل سان محمد تغلق جو لاش کڻائي سيوهڻ پهتو، جتي قلندر شهباز جي مزار جي ويجهو ”امانت طور“ محمد تغلق کي دفن ڪيو ويو. اتي ئي سيوهڻ ۽ فيروز تغلق بادشاهه ٿيو ۽ هن پهرين درٻار سيوهڻ ۾ ڪوٺائي، هن قلندر شهباز جو مقبرو تعمير ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. ان بعد فيروز تغلق فوجون ساڻ ڪري واپس دهليءَ موٽي ويو. هو لڳاتار چوڏنهن سال سنڌ تي حملو ڪرڻ جون تياريون ڪندو رهيو. نيٺ1365ع ۾ فيروز تغلق پوڻا ٻه لک جي ۽ 480 جنگي هاٿي کڻي سنڌ ڏانهن وڌڻ لڳو. جڏهن ڄام ٻانڀيڻي کي فيروز تغلق جي حملي بابت ڄاڻ ملي ته هن به سندس مقابلو ڪرڻ لاءِ سموري سنڌ کي سڏ ڏنو. لڳ ڀڳ چاليهه هزار سنڌي جوڌا ميدان تي لهي پيا. هيءَ سنڌ جي تاريخ جي اهم ترين جنگ هئي جڏهن جنگ جو نغارو وڳو ته سنڌي سورهيه تغلقن مٿان وڄ جيان ڪڙڪي پيا. ڏسندي ئي ڏسندي تغلقن جا 90 هزار فوجي قتل ٿي ويا. باقي ڀڄڻ لاءِ واٽون ووڙڻ لڳا. بادشاھ فيروز جنگ هارائي فقط ويهه هزار فوجن سان رڻ پٽ ڏانهن ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جتي بک ۽ اڃ سبب هن جا سوين فوجي هر روز مرندا ويا. انهن جا لاش رڻ پٽ ۾ کڻڻ وارو ڪو به نه هو. نيٺ فيروز تغلق دهليءَ پهتو ۽ هن قسم کنيو ته هو ٻيهر سنڌ تي ڪڏهن حملو نه ڪندو.

    ڄام ٻانڀيڻي کان ڄام نظام الدين عرف نندو تائين (1351ع کان 1508ع) سما خاندان ڏيڍ سئو سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. ڄام نظام الدين اڪيلي سر لڳ ڀڳ اڌ صدي (48 سال) سنڌ جو حاڪم رهيو. اهو سنڌ جي تاريخ جو سونهري دؤر هو. جڏهن سنڌ ۾ وڏي عرصي تائين امن رهيو ۽ ماڻهن ۾ خوشحالي آئي. هن ٺٽي کي نئين سر اڏائي ايشيا جي اهم ترين شهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ڄام فيروز پنهنجو سڪو به جاري ڪيو.

    ڄام نظام الدين سنڌ ۾ عدل ۽ انصاف جو اعليٰ نظام قائم ڪرڻ لاءِ قاضي قاضن کي سنڌ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو، جيڪو وڏو عالم، اديب ۽ شاعر هئڻ سان گڏ، قانون جو ڄاڻو، عربي فارسي ٻوليءَ تي مهارت رکندڙ هو. سنڌ جون سرحدون محفوظ رکڻ لاءِ ڄام نظام الدين هڪ دلير شخص دريا خان کي سنڌ جي فوجن جو سالار مقرر ڪيو. ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ ئي ارغونن سنڌ تي هلان ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي.

    هنن ابتدائي طور سنڌ جي هڪ سرحدي شهر ”سبيءَ“ تي اوچتو قبضو ڪري ورتو. جواب طور ڄام نظام الدين پنهنجي سالار دريا خان کي موڪليو. نيٺ ارغونن ۽ دريا خان جي وچ ۾ 1490ع ۾ خونريز جنگ لڳي جنهن ۾ ارغونن جو اڳواڻن ابو محمد مرزا ارغون، پنهنجي بي حساب فوجين سميت قتل ٿي ويو. ابو محمد ارغون شاھ بيگ ارغون جو ڀاءُ هو، جنهن بعد ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو. ان وقت ڄام نظام الدين جي سنڌ جون سرحدون ڪڇ کان سبي ۽ لاهري بندر کان اُچ تائين پکڙيل هيون. ڄام نظام الدين وڏي شان ۽ شوڪت سان حڪومت ڪرڻ کانپوءِ 1508ع ۾ گذاري ويو. سندس مقبرو مڪليءَ تي زبون حالت ۾ موجود آهي جيڪو سنڌين جي بيوسيءَ ۽ ٻي چسيءَ تي لڙڪ لاڙي ٿو.

    ڄام نظام الدين جي وفات کانپوءِ سندس پٽ ڄام فيروز تخت تي ويٺو، جيڪو اڃا ٻار هو. ان ڪري حڪومت هلائڻ جا اختيار فوجي سالار دريا خان کي ڏنا ويا.

    لڳ ڀڳ چئن سالن کانپوءِ 1512ع ۾، ڄام فيروز جي چاچي ڄام صلاح الدين گجرات کان فوجون ڪاهي ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. ڄام فيروز پنهنجي چاچي سان وڙهڻ بدران تخت خالي ڪري هليو ويو. فوجي سالار دريا خان کي اهو فيصلو پسند نه آيو ۽ هو به ڪاوڙجي پنهنجي ڳوٺ ”ڳاها“ هليو ويو. مگر صلاح الدين جي اقتدار ۾ اچڻ شرط سنڌ ۾ ڦرلٽ ۽ بدامني ڦهلجي ويئي. ان صورتحال کي ڏسندي، ڄام فيروز اقتدار واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو. دريا خان به ڄام فيروز جو ساٿ ڏنو. اهـڙي طرح، جڏهن ڄام فيروز وڏو لشڪر ڪاهي ٺٽي طرف وڌڻ لڳو ته صلاح الدين تخت ڇڏي گجرات ڏانهن ڀڄي ويو. هو فقط اٺ مهينا اقتدار ماڻي سگهيو. ڄام فيروز 12 آڪٽوبر 1512ع تي ٻيهر تخت تي ويٺو. لڳ ڀڳ اٺ سال سنڌ تي حڪومت ڪرڻ کانپوءِ ڊسمبر 1520ع ۾ شاھ بيگ ارغون سنڌ تي ڪاهي آيو، جنهنجو ڀاءُ محمد ارغون سبيءَ تي قبضي دوران دريا خان هٿان مارجي ويو هو.

    ارغونن جي حملي کي روڪڻ لاءِ دريا خان وڏي تياريءَ بعد ”ساموئي“ جي ميدان تي لٿو، نيٺ 22 ڊسمبر 1520ع تي وڏي خونريز جنگ لڳي جنهن ۾ سخت قتلام بعد سنڌ جي حفاظت ڪندي دريا خان پڻ شهيد ٿي ويو. ارغون سنڌ تي قابض ٿي ويا. هنن ٺٽي شهر کي باهيون ڏنيون، ڏهن ڏينهن تائين هتي بي حساب عام شهري قتل ڪيا ويا. ۽ عام ماڻهن جي عزت ۽ دولت لٽي ويئي. ان لاءِ شاھ بيگ ارغون سنڌ جي چيف جسٽس قاضي قاضن کي ڪوٺايو، جيڪو فارسي ۽ عربي ٻوليءَ تي مهارت رکندو هو. ڳالهين هلندي قاضي قاضن شاھ بيگ ارغون کي سمجهايو ته سموري سنڌ تي قبضو ڪرڻ خطرناڪ آهي. سما خاندان گذريل پوڻا ٻه سئو سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. رعايا به انهن مان خوش آهي. هنن جي سڏ تي لکين سنڌي ٻاهر نڪري ايندا. پوءِ وڏي خونريزي ٿيندي. ان ڪري ڪو مناسب رستو اختيار ڪيو وڃي. شاھ بيگ پنهنجي ساٿين سان صلاح مشورو ڪرڻ کانپوءِ اڌ سنڌ ڄام فيروز کي موٽائي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، اهڙي فيصلي جي تصديق ارغونن جي حق ۾ لکيل سمورا تاريخي ڪتاب به ڪن ٿا. اهڙي طرح لوئر سنڌ ڄام فيروز کي ڏني ويئي. اپر سنڌ تي ارغون قابض ٿيا. اهو دنيا جي تاريخ جو پهريون انوکو مثال هو، جڏهن ”مفاهمت“ کان ڪم وٺندي فتح ڪيل اڌ ملڪ واپس ڪيو ويو هجي. جڏهن اهري فيصلي جي خبر ڄام صلاح الدين کي گجرات ۾ پئي ته ارغونن بدران ڀاڻيجي کان ٻيهر اقتدار ڦرڻ لاءِ لڳ لڳ ڏهه هزار فوجي ساڻ ڪري سنڌ ڏانهن وڌڻ لڳو. هن سان سندس پٽ هيبت خان به اٽالي به شامل هو. جڏهن ڄام فيروز کي اهڙو اطلاع مليو ته هو به پنجاھ هزار فوجون کڻي بدين جي ويجهو پهچي ويو. هن سان گڏ ارغونن جون فوجون به مدد لاءِ آيل هيون. نيٺ خوفناڪ جنگ لڳي جنهن ۾ ڄام صلاح الدين پٽ سميت مارجي ويو. ان جنگ ۾ ٻنهي ڌرين جا هزارين ويڙهاڪ به قتل ٿيا. ڄام فيروز جنگ کٽڻ بعد واپس ٺٽي موٽي آيو.

    جيئن ته ان جنگ ۾ گجرات جي فوجن جو وڏو حصو مارجي ويو، ان صورتحال جو فائدو وٺڻ خاطر شاھ بيگ ارغون گجرات تي قبضو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هو زبردست تياري ڪرڻ کانپوءِ وڏا ڪٽڪ ڪاهي گجرات ڏانهن وڃڻ لاءِ جڏهن نصر پور جي ويجهو پهتو ته اوچتو هن 26 جون 1522ع تي انتقال ٿي ويو. سندس لاش کڻڻ لاءِ هن جو پٽ شاھ حسن ارغون نصرپور پهتو، جتي هن لاءِ تخت نشينيءَ جون رسمون به ادا ڪيون ويون. ان بعد ۾ شاھ حسن پنهنجي پيءُ جو لاش کڻائي بکر پهتو، جتي ان کي دفن ڪيو ويو. وري ٽن سالن کانپوءِ شاھ بيگ جو لاش مڪلي موڪليو ويو.

    ان سموري عرصي دوران سنڌ جي ورهاست کي ڏينهن اول کان جنهن شخص مڃڻ کان انڪار ڪيو اهو هو سنڌ جو ڪامل بزرگ ۽ عالم مخدوم بلاول، جنهن جا سنڌ ۾ لکين معتقد ۽ عقتدتمند هئا. نيٺ مخدوم بلاول حڪم جاري ڪيو ته سنڌ کي ارغونن کان آزاد ڪرائڻو آهي. سڀ ميدان تي لهي اچن. ان سڏ جي جواب ۾ هزارين جوڌا هٿيارن سان ٽلٽيءَ ۾ پهچي ويا، جتي مخدوم صاحب ان وقت ترسيل هو. دولهه دريا خان جا ٻه بهادر پٽ محمود خان ۽ موٽڻ خان به ٽلٽيءَ پڄي ويا. ان کان علاوه سنڌ جون گهڻي ڀاڱي سمورين قومون سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ٽلٽيءَ جو رخ ڪرڻ لڳيون. اهي سڀئي ٽلٽيءَ واري قلعي کي مورچو ٺاهي وڏي جنگ لاءِ تيار ٿي ويٺيون. ان وقت تائين شاھ حسن ارغون جي پيءُ شاھ بيگ کي وفات ڪندي) ڪجهه مهينا گذريا هئا. جڏهن شاھ حسن کي مخدوم بلاول جي فوجي تياريءَ بابت ڄاڻ ملي ته هن اپر سنڌ جي چيف جسٽس قاضي قاضن کي سڏايو ۽ کيس مخدوم بلاول کي سمجهائڻ لاءِ ٽلٽيءَ موڪليو. مگر مخدوم صاحب قاضي قاضن کي کُتو جواب ڏنو ته سنڌ جي ورهاست ڪنهن به حالت ۾ قبول ناهي. سموري سنڌ اسانجي آهي ۽ اها مڪمل طور آزاد گهرجي.جيڪر اسان سڀ سنڌ مٿان گهور ٿي وياسين ته اها اسانجي خوشنصيبي ٿيندي.، نتيجي طور شاھ حسن ارغون وڏا لشڪر، منجنيقون، تير، تلوارون ۽ بندوقون کڻي ٽلٽيءَ پهچي ويو. نيٺ جنگ جو نغارو وڳو. تلوارون وڄ جيان وسڻ لڳيون. ڌڙن مٿان ڌڙ سٿبا ويا. بندوقن مان نڪرندڙ انڌيون گوليون تيزيءَ سان ڌرتي ڌڻين کي ڪرائينديون ويون. ارغونن منجنيڪ سان وڏا ڀتر وسائي ٽلٽي قلعي جا دروازا ۽ ڀتيون ڊاهي وڌيون. پوءِ ته هر طرف هر گهر، هر گهٽيءَ ۾ دوبدو جنگ ٿيڻ لڳي. اها جنگ لڳاتار ٽي ڏينهن جاري رهي. سنڌي جوڌن جا لاش ڌرتي ماءُ جي سيني سان ائين چهٽي ويا ڄڻ هو پنهنجي مٽيءَ جي ذري ذري جي حفاظت ڪندا هجن. دولهه دريا خان جا ٻئي پٽ سنڌ مٿان گهور ٿي ويا. سنڌ جي جوڌن مان اهڙو ڪو شخص نه بچيو جو ارغونن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري سگهي. جيتوڻيڪ ارغون جنگ کٽي ويا، مگر هنن کي مخدوم بلاول کي گرفتار ڪرڻ جي همت نه ٿي. هنن مخدوم صاحب مٿان هڪ ڳرو ڏنڊ وڌو جيڪو هن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ ڪوڙا بهتان گهڙي هڪ ”جڙتو عدالت“ قائم ڪيائون، جنهن مخدوم صاحب کي جيئري گهاڻي ۾ پيڙهڻ جي سزا ڏني.

    اها دنيا جي تاريخ جي انتهائي اذيتناڪ سزا هئي، جنهن تي 2 جنوري 1522ع تي عمل ڪيو ويو. ارغونن مخدوم صاحب جو هڏائون گوشت هڪ مٽ ۾ وجهي باغبان ڳوٺ ۾ دفن ڪيو جتي مخدوم صاحب رهندو هو. ارغونن هڪ سازش تحت اهو هُلايو ته مخدوم صاحب مرڻ وقت وصيعت ڪري ويو ته سندس قبر مٿان مقبرو نه اڏايو وڃي. دراصل، ارغونن نٿي چاهيو ته سنڌ جا ماڻهو مخدوم صاحب جي مزار تي حاضريون ڀرڻ اچن. هو پنهنجي سازش ۾ ڪامياب ويا. سنڌي ماڻهن لڳاتار ساڍا پنج سئو سالن تائين مخدوم صاحب کي وساري ڇڏيو. آئون 1983ع ڌاري مخدوم صاحب جي حاضري ڀرڻ لاءِ باغبان ڳوٺ ۾ ويو هوس جتي هو دفن آهي. هڪ وڏي مسجد جي ٻاهرين ڀت سان لڳ هڪ ننڍڙو ٿلهو ٺهيل هو، جنهن لاءِ اتي رهندڙ پيرزادن ٻڌايو ته اها مخدوم صاحب جي مزار آهي. مونکي ڏاڍي حيرانگي ٿي. سنڌ جي آزاديءَ جي هن عظيم علمبردار ۽ سنڌ جي ورهاست خلاف اعلان جنگ جي سرواڻ هن مرد مجاهد کي سنڌين ڇو وساريو؟ ڇو سنڌي ماڻهو لفظ آزاديءَ کان ڇرڪن ٿا؟ مون محسوس ڪيو ته سنڌي مخدوم صاحب کي وسارڻ سان گڏ پنهنجي پاڻ کي به وساري ويٺا آهن.

    ٽلٽيءَ جي واقعي کان ٽي سال بعد 1525ع ۾ شاھ حسن ارغون ڄام فيروز کان باقي اڌ سنڌ ڦرڻ جو فيصلو ڪيو. نتيجي طور چاچڪن ۽ راهمن جو پسگردائيءَ ۾ سنڌونديءَ جي ڪناري تي وڏي جنگ لڳي. ڄام فيروز پنجاھ هزار جي لشڪر ميدان تي لاٿو، اها جنگ صبح کان شام تائين جاري رهي. جڏهن سنڌي فوجن جو وڏو حصو قتل ٿي ويو ۽ شڪست يقيني اچڻ لڳي تڏهن سنڌي فوجن روايت مطابق گهوڙن تان لهي هڪ ٻئي کي پٽڪن جي پلاندن سان ٻڌو ۽ نعرا هنيائون ”فتح يا موت“ ڪنهن به حالت ۾ هٿيار ڦٽا نه ڪرڻا آهن. لڳ ڀڳ ويهه هزار سنڌي فوجون سنڌ مٿان قربان ٿي ويون. اهڙي صورتحال کي ڏسندي ڄام فيروز گجرات هليو ويو. جتي ٻن سالن کانپوءِ 1527ع همايون بادشاھ هٿان مارجي ويو. جڏهن ان گجرات ڪاهه ڪئي هئي. ان ريت سنڌ مان سما خاندان جو خاتمو ٿي ويو. (هلندڙ)

    عوامي آواز سنڊي ميگزين جي ٿورن سان
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حصو ٽيون

    نوٽ : مون پهرين قسط ۾ دنيا جي انهن سڀني وڏن انقلابن جو ذڪر ڪيو، جن جي ابتدا سنڌ کان ٿي، جن جا بنياد سنڌ ۾ رکيا ويا.

    ” زراعت “ دنيا جو پهريون عظيم ترين انقلاب هو، جنهن جي ابتدا سنڌ کان ٿي، جڏهن انسان ذات جهنگن، برپٽن ۾، رولو زندگيءَ گذارڻ بدران پهريون ڀيرو هڪ هنڌ ٿانيڪو ٿي رهڻ جي قابل ٿي.

    سنڌ ۾ پهريان گهر، پهريان ڳوٺ ۽ شهر ٻڌا ويا ان وقت منهنجي ابن ڏاڏن اڄ کان پنج هزار سال اڳ ” هٿيارن کان پاڪ معاشرو “ قائم ڪيو ۽ چيائون ته جيئن جيئن هٿيار ٺاهيا ويندا تيئن تيئن انسان قتل ٿيندو رهندو، گذريل پنج هزار سالن دوران. پنج هزارن کان وڌيڪ جنگيون ٿي چڪيو آهي، جن ۾ ڪروڙين انسان قتل ٿي چڪا آهن، فقط گذريل ويهين صديءَ دوران ٻن عالمي جنگين ۾ ٻارنهن ڪروڙن کان وڌيڪ ماڻهو قتل ڪيا ويا، خاص طور يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ گهريلو عورتن سان زوري زناهه ڪيو ويو جنهن سبب لکين ناجائز ٻار پيدا ٿيا ۽ لکين عورتن عزت بچائڻ خاطر خودڪشي ڪئي، هن دنيا مان عام انسانن جو قتل فقط تڏهن بند ٿي سگهندو جڏهن هيءَ دنيا پنج هزار سال اڳ سنڌ جي ڏنل نظريي تي عمل ڪندي هٿيارن کان پاڪ معاشرا قائم ڪندي.

    هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته منهنجي ابن ڏاڏن پنج هزار سال اڳ دنيا کي اهو ڄاڻ ڏنو ته خدا وند تعاليٰ واحد لاشريڪ آهي، جنهن جو ڪو ثاني ناهي، جيڪو انسان ذات کان ڪنهن به قسم جي ” عبادت “ جو طالب ناهي، ان ڪري اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته موهن جو دڙو اڏيندڙن هتي ڪا به عبادتگاهه نه ٺاهي ۽ نه ئي مذهب کي هڪ اداري طور تسليم ڪيو، هنن فقط هڪ نقطعي تي ٻڌل ” تصوف “ جي ڳالهه ڪئي ۽ چيائون ته انسان جو سندن خالق حقيقيءَ سان سنئون سڌو رشتو آهي، جڏهن ته ان وقت سنڌ جي همعصر تهذيبن ” سمير (عراق) ۽ ”مصر “ ڪيترائي خدا متعارف ڪرايا ويا، هو اهو سمجهي نه سگهيا ته خدا واحد لاشريڪ آهي، نتيجي طور نوان نوان خدا، ديويون ديوتائون متعارف ڪرائڻ سبب دنيا ۾ ڪيئن نوان نوان مذهب به پيدا ٿي پيا، اهڙي طرح انسان مختلف مذهبن ۾ تقسيم در تقسيم ٿيندو ويو، انسان جي اها تقسيم تاريخي طور ڏاڍي ڏکوئيندڙ ثابت ٿي، انسان کان عملي طور سمجهه، فڪر ۽ فهم ڦرجي ويو، سنڌ ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن جي وقفي کانپوءِ آريا مهاجرن 1500 قبل مسيح ۾ هتي مذهب آندو ۽ هڪ ئي وقت 33 نوان خدا متعارف ڪرايائون جنهن جو اڳواڻ اندر هو. بهرحال، دنيا ۾ لاتعداد خدائن جي ڪري انسان ڪافر، مشرڪ ۽ منڪر سڏجڻ لڳو، ان صورتحال ” مذهبي جنگين “ کي جنم ڏنو جنهن ۾ ڪروڙين انسان قتل ڪيا ويا، اهي قتل تيستائين جاري رهندا جيستائين انسان سنڌ جي ڏنل نظريي تحت اهو اقرار ڪري ته خداوند تعاليٰ واحد لاشريڪ آهي، جنهن جو ڪو ثاني ناهي. يوسف

    شاھ حسن ارغون جي ڏينهن ۾همايون بادشاھ شير شاھ سوريءَ کان شڪست کائڻ کانپوءِ مختلف هنڌن کان ڀٽڪندو. امر ڪوٽ پهتو، جتي راڻي ”پرساد“ هن کي پناھ ڏني ۽ پاڻ وٽ لڳاتار ٻه سال شاهي مهمان طور ترسايو. همايون سان گڏ هڪ خوبصورت 17 سالن جي نوجوان سنڌي ڇوڪري حميدا بانو آيل هئي، جنهن سان فقط ست مهينا اڳ همايون جو نڪاح ٿيو هو. حميدا بانو دادو ضلعي جي پاٽ شهر جي رهاڪو هئي. هن جو پيءُ شيخ علي اڪبر جامي وڏو شيعا عالم هو. امر ڪوٽ ۾ رهندي ٻن مهينن کانپوءِ 14 آڪٽوبر 1542ع تي حميدا بانو کي پٽ ڄائو جيڪو اڳتي هلي اڪبر اعظم جي نالي سان هندستان جو طاقتور شهنشاھ ٿيو. جيئن ته شير شاھ سوري همايون بادشاھ جي پويان پيل هو، ان ڪري هن جو امر ڪوٽ ۾ وڌيڪ عرصو رهڻ مناسب نه هو. جڏهن هو امر ڪوٽ کان جوڻ جي ڳوٺ وٽ پهتو ته هن سان شاھ حسن ارغون جي فوجن مهاڏو اٽڪايو. نيٺ شاھ حسن ارغون همايون بادشاھ سان ويڙھ ڪرڻ بدران هن جي خدمت ۾ سئو هزار مشقال نقد، ٽي سئو گهوڙا ۽ ٽي سئو اٺ موڪلي ڏنا. هتان همايون قنڌار ۽ ايران ڏانهن وڃڻ جا سانباھ ڪيا. شاھ حسن ارغون 1525 کان 1554ع تائين سموري سنڌ تي ظلم جبر ۽ ڦرلٽ سان لڳاتار 30 سال حڪومت ڪندو رهيو. 1554ع ۾ شاھ حسن ارغون کي سندس نوڪرن“ ترخانن“ ٺٽي کان ويهه ڪوھ پري علي پوٽن جي ڳوٺ ۾ ماري اهو هلايو ته سندس انتقال ٿي ويو آهي. هن کي ابتدائي طور مڪليءَ ۾ دفن ڪيو ويو. جتان ٻن سالن بعد سندس لاش ڪڍي مڪي شريف موڪليو ويو.

    شاھ حسن ارغون جي مرڻ کانپوءِ هن جا ساٿاري، ترخان، سنڌ جي اقتدار تي قابض ٿي ويا. ان ريت سنڌ مان ارغونن جي حڪومت ختم ٿي ويئي. ترخان دراصل ارغونن جا ملازم هئا هيءَ ڳالهه سمجهن لائق آهي ته شاھ بيگ ارغون ۽ سندس پٽ قنڌار جا ڀاڄوڪڙ هئا جيڪي مغل بادشاھ بابر جي خوف کان قنڌار ڇڏي سنڌ تي اچي قابض ٿيا. مرڻ کانپوءِ هنن لاءِ قنڌار ۾ قبر جيتري به جاءِ نه هئي. هي ترخانن کي پاڻ سان وٺي آيا. جنهن مان عيسيٰ خان ترخان لوئر سنڌ ۽ سلطان محمود ترخان اپر سنڌ جو حاڪم ٿيو. اڃا سال کن مس گذريو ته عيسيٰ خان اپر سنڌ تي به قبضو ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون. ان مقصد لاءِ هن پورچوگيزن کان به مدد طلب ڪئي. ان خذمت جي عيوض عيسيٰ خان پورچوگيزن کي وڏي رقم ڏيڻ جي به آڇ ڪئي. ان وقت پورچوگيز برصغير هندستان ۽ گوا، ڊيو ۽ ڊمن تي قابض هئا. اهي وڏي پئماني تي هٿيارن جا واپاري ۽ ۽ ڀاڙي تي فوجون به سپلاءِ ڪندا هئا. پوچوگيزن گوا، ڊيو ۽ دمن جي علائقن ۾ مسلمانن ۽ هندن کي زوري ”عيسائي“ ڪيو. جن ماڻهن عيسائي ٿيڻ کان انڪار ڪيو، انهن کي پاڻيءَ ۾ غوطا ڏئي ماري ڇڏيائون. بهرحال، عيسيٰ خان ترخان جو پيغام ملڻ شرط پورچوگيز 1556ع ۾ هٿيارن ۽ فوجن جا وڏا جٿا ساڻ ڪري ٺٽي جي ويجهو لاهري بندر تي پهچي ويا. ان وقت تائين عيسيٰ خان جو سلطان محمود سان ٺاھ ٿي چڪو هو. ان ڪري عيسيٰ خان کي هاڻ پوچوگيزن جي مدد جي ڪابه ضرورت نه هئي. جڏهن پورچوگيزن کي اهڙي ڄاڻ ڏني ويئي ته هنن ٺٽي شهر تي هلان ڪري ڏني. سڄي شهر ۾ قتلام ۽ ڦرلٽ شروع ٿي ويئي. هنن گهٽ ۾ گهٽ ٺٽي شهر جا اٺ هزار ماڻهو ماري وڌا. جن ماڻهن مسجدن ۾ پناھ ورتي انهن کي به نه ڇڏيو ويو. اندازو آهي ته پورچوگيزن ٺٽي شهر مان ويهه لک پائونڊ جيتري رقم، سون، چاندي ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪيو. ان وقت سمورا ترخان لڪڻ ۾ پور هئا. جڏهن پورچوگيز موٽي ويا ته عيسيٰ خان ترخان عوام جي تلافي ڪرڻ بدران سنڌ جي مشهور لاهري بندر کي وڏا پٿر ۽ مٽي وجهرائي ڍڪائي ڇڏيو ته جيئن وري ڪو به جهاز اتي لنگر انداز نه ٿي سگهي. ان بندرگاھ بند ٿيڻ سبب سنڌ جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.

    عيسيٰ ترخان لڳ ڀڳ 18 سال حڪومت ڪرڻ کانپوءِ 1572ع ۾ گذاري ويو. کيس مڪليءَ ۾ دفن ڪيو ويو. هن لاءِ ڪنهن شنهشاھ جيان شاهي مقبرو سنڌ جي دولت سان اڏيو ويو. عيسيٰ خان کانپوءِ هن جو پٽ مرزا باقي خان ترخان لوئر سنڌ جو حاڪم ٿيو. مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيل ارغون مڇرجي پيا. هنن مرزا باقي کان سنڌ جي خزاني مان حصو گهريو. هنن مرزا باقي کي طعنا ڏنا ته اوهين اسان ارغونن جا نوڪر هئا، هاڻ سنڌ جي مال تي قبضو ڪري ويهي رهيا آهيو، انهن ارغونن جا ٺٽي ۾ ٽي وڏا محله هئا، جهڙوڪ مغل واڙو محلو، مرزائي محلو ۽ اگر محلو. جڏهن ارغونن مرزا باقي ترخان کي گهڻو تنگ ڪيو ته هن ٺٽي ۽ سنڌ جي ٻين سڀني شهر ۾ ارغونن جي ”قتل عام“ جو حڪم ڏنو. هن اعلان ڪيو ته جيڪو به شخص جيترا به ارغون ماري انهن جون سسيون آڻيندو انکي في سسي پنج سئو اشرفيون انعام ڏنيون وينديون. اهڙي طرح هزارين ارغون چونڊي چونڊي ماريا ويا، ڪجهه ارغون جان بچائي اپر سنڌ ۽ گجرات ڏانهن ڀڄي ويا. مرزا باقي ترخان انهن سڀني ماڻهن کي به مارائي ڇڏيو. جن تي هن کي ذري برابر به شڪ هو ته اهي سندس مخالف آهن. هن پنهنجي ماءُ ماهه بيگم کي به قيد ڪري هن جو ان پاڻي بند ڪيو. نتيجي طور هوءَ بکن ۾ پاھ ٿي مري ويئي. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن مغل هڪ ڀيرو ٻيهر هندستان تي قابض ٿي چڪا هئا.

    ان وقت اڪبر اعظم هندستان جو شهنشاھ هو. مرزا باقي ترخان شهنشاھ اڪبر جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جوان ڌيءَ مغل حرم ۾ داخل ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني. مگر شهنشاھ اڪبر اهو تحفو قبول نه ڪيو، جنهن سبب مرزا باقي ترخان جي ڌيءَ واپس ٺٽي موٽي آئي. مرزا باقي جو وڏو پٽ شارھ رخ خان نصرپور سرڪار جو حاڪم هو. ان جو اوچتو انتقال ٿي ويو. ان صدمي سبب مرزا باقي ترخان هوش کان نڪري ويو. هن پنهنجي حرم جي ٻانهين جي شلوارن ۾ ٻليون وجهرايو ۽ انهن جا سينا وڍائي ڇڏيا. هن ڪيترن ئي ماڻهن کي هاٿيءَ جي پيرن هيٺان ڏياريو. آخري ڏينهن ۾ مرزا باقي ترخان بنهه چريو ٿي پيو. هو رڙيون ڪري چوندو هو ته مغل پيا اچن، ارغون پيا اچن، نيٺ هن پنهنجي تلوار جوڳن دريءَ ۾ ڦاسائي پاڻ کي تلوار مٿان اڇلايو. هن جا آنڊا گجيون ٻاهر نڪري آيا. جڏهن ته هنجي پٽ ۽ تخت جي وارث مرزا جاني بيگ ترخان جو چوڻ هو ته سندس پيءُ آپگهات نه ڪيو پر پر کيس ڪنهن قتل ڪيو ويو آهي. ان شڪ جي بنياد تي جاني بيگ ڪيترائي ماڻهو بيدرديءَ سان قتل ڪيا. ڪن کي ٽوئن ۾ جيئري ويڙهي باھ ڏنائين، ڪن کي آريءَ سان چيرائي ٻه اڌ ڪيائين. انهن ماڻهن جا لاش ڪتن اڳيان اڇلايا ويا. جاني بيگ جي ڏينهن ۾ اپر سنڌ تي اڪبر بادشاھ جو قبضو ٿي ويو. هاڻ لوئر سنڌ ۾ هن جو وارو هو.

    اڪبر بادشاھ جون فوجون سندس وزير عبدالرحيم خان خانان جي اڳواڻيءَ هيٺ ٺٽي ڏانهن وڌڻ لڳيون. جاني بيگ ترخان لڪيءَ جي ويجهو مغل فوج کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. وڏي خونريزيءَ کانپوءِ مرزا جاني بيگ ڀڄي نصرپور پهتو. خان خانان به نصرپور پهچي ويو. جتي سنڌو درياءَ جي ڪناري تي وڏي جنگ کانپوءِ مرزا جاني بيگ انڙ پور پهچي ويو. جتي هن جي مغل فوجن سان لڳاتار هڪ مهينو جنگ هلندي رهي. انڙ پور جي چؤپاسي سمورا ڳوٺ لاشن سان ڀرجي ويا. ان دوران مرزا جاني بيگ ضلعي دادو جي شهر پاٽ وٽ نئون محاذ کوليو جتي ٻنهي ڌرين جا هزارين ويڙهاڪ قتل ٿي ويا. هتي ڳوٺ جا ڳوٺ برباد ٿي ويا. هر طرف بک ۽ بدحالي ڪاهي پئي. چوپاسي پکڙيل لاش کڻن وارو ڪو نه هو. ان نفسا نفسيءَ جي حالت ۾ جنگ جي ختم ٿيڻ جو به ڪو امڪان نظر نٿي آيو. خان خانان، مرزا جاني بيگ کي ڪنهن عزت ڀرئي طريقي سان هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو.

    اهڙيءَ ريت جاني بيگ ترخان ۽ خان خانان جي وچ ۾ ٺاھ ٿيو. جاني بيگ 17 آگسٽ 1591ع تي سنڌ مغلن جي حوالي ڪئي. مغل مرزا جاني بيگ کي دهليءَ کڻي ويا. جتي هن ”مغل سلطنت“ جو وفادار نوڪر ٿيڻ جو قسم کنيو. جاني بيگ تي پباندي هنئي ويئي ته هو ڪڏهن به سنڌ موٽي نه ويندو. ان ريت سنڌ تان ترخانن جي حڪومت ختم ٿي ۽ مغلن جو دور شروع ٿي ويو. جاني بيگ لڳاتار اٺ سال مغلن لاءِ مختلف جنگين ۾ وڙهندو رهيو. 1600ع ۾ برهانپور جي ويجهو گهڻو شراب پيئڻ سبب جاني بيگ جو انتقال ٿي ويو. هن جو لاش کڻائي مڪليءَ ۾ دفن ڪيو ويو ۽ هن مٿان وڏو مقبرو به اڏايو ويو.

    مرزا جاني بيگ ترخان آڻ مڃڻ کانپوءِ سنڌ ۽ سنڌ جو خزانو مغلن جي حوالي ڪيو. اها وڏي خونريز جنگ هئي. جنهن ۾ مغل جاني بيگ ترخان کي شڪست نه ڏيئي سگهيا. انڙ پور جي ويجهن مغلن ۽ جاني بيگ ترخان وچ ۾ اها ٽين وڏي جنگ هئي جيڪا لڳاتار هڪ مهينو هلندي رهي. انڙ پور جا چارئي پاسا لاش سان سٿجي ويا. ڪيترائي ڳوٺ ويران ٿي ويا. مغلن جي گهيري سبب جاني بيگ ترخان جي رسد به بند ٿي ويئي. ان جي باوجود هو وڙهندو رهيو. تاريخ مظهر شاهجهاني جو مولف يوسف ميرڪ لکي ٿو ته: ”جاني بيگ ترخان وٽ پندرهن هزار ارغون ۽ ترخان گهوڙيندار هئا، ان کان علاوه هن وٽ ويهه هزار سنڌين جي به فوج هئي. مغلن طرفان فوج جي اڳواڻي عبدالرحيم خان خانان ڪري رهيو هو جيڪو اڪبر بادشاھ جو وزير ۽ فوجي ڪمانڊر هو.“ ان واقعي بابت ”جنگ نامه“ (مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صفحي 92 تي) هن ريت لکي ٿو، ” اڪبر بادشاھ خان خانان کي ٺٽي تي ڪاهن جو حڪم ڏنو. مرزا جاني بيگ ترخان به لشڪر وٺي انڙپور وٽ خان خانان جي سامهون ٿيو، جاني بيگ ترخان اعلان ڪيو ته جيڪو به سورهيه دشمن(مغلن) جو سر آڻيندو ان کي انعام ڏنو ويندو. ان اعلان بعد ٻنهي طرفان جا هزارين سپاهي مارجي ويا. خان خانان پهرين توبن سان حملو ڪيو پوءِ هاٿين جي قطار سنڌ جي لشڪر مٿان چاڙهي ڏني. ان جي پويان گهوڙي سوارن ۽ پيادن حملا ڪيا. مغلن وٽ نه فقط هٿيار ۽ بارود بي انداز هو پر هنن جو لشڪر ڳاڻيٽي کان ٻاهر هو. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جو سمورو سپاھ مارجي ويو.“

    ايڏي وڏي نقصان ٿيڻ جي باوجود جنگ ختم ٿيڻ جو ڪو امڪان نه هو خان خانا محسوس ڪيو ته جاني بيگ باقي بچيل سمورا ماڻهو مارائي ڇڏيندو، پاڻ به مرندو پر هٿيار ڦٽا نه ڪندو. ان ڪري وڌيڪ نقصان کي روڪڻ لاءِ خان خانان جاني بيگ کي ”مفاهمت“ ڪرڻ جي آڇ ڪئي ۽ کيس پنهنجي هڪ ايلچيءَ جي معرفت هن ريت پيغام موڪليائين : ” اسين مغل پاڻ ۾ ڀائر آهيون، هڪ ئي خاندان سان تعلق رکون ٿا، اسان سڀ صاحب قرآن امير تيمور لنگ جا غلام آهيون.جيڪڏهن آسماني تقدير سبب هڪ ٻي کان ڌار ٿي ويا آهيون ته ان سان ڪو فرق نٿو پوي. هن جنگ ۾ توهان جيڪا بي مثال بهادري ڏيکاري آهي ان کي زمانا ياد رکندا. هن وقت تائين وڏو جاني ۽مالي نقصان ٿي چڪو آهي. هر طرف تباهي بربادي آهي. وڌيڪ خلقت جو خون وهائن بدران اچو ته پاڻ ۾ ٺاھ ڪيون، ڪا ”مفاهمت“ جي راھ اختيار ڪيون. آئون توهانجي وقار ۽ اعتماد جو ضامن آهيان. (تحفته الڪرام صفحو 186) توهان پنهنجي اولاد ۽ گهر ڀاتين جي سلامتيءَ لاءِ ڪجهه سوچيو. ٻي حالت ۾ قتل، ڦرلٽ، قيد، بي پردگي ۽ بي عزتي ٿيندي (تاريخ معصومي صفحو 211)

    تحفته الڪرام وڌيڪ لکي ٿو ته : ”جڏهن خان خانان جو ايلچي جاني بيگ ترخان سان ملڻ آيو ته ان وقت سنڌ جون فوجون گهڻي ڀاڱي قتل ٿي چڪيون هيون. جاني بيگ ترخان قتل ٿي ويل فوجن جي ڏک ۾ ماتمي لباس اوڍي سُر تريءَ تي رکي ويٺو هو. هن پهرين ته ڪو به ٺاھ ڪرڻ کان انڪار ڪيو. نيٺ گهڻو سمجهائڻ کانپوءِ هن پنهنجي ايلچيءَ محمد علي ڪابليءَ کي خان خانان ڏانهن موڪليو. فيصلو اهو ٿيو ته هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ سنڌ مغلن جي حوالي ڪرڻ کانپوءِ جاني بيگ ترخان کي بادشاھ اڪبر جي شاهي درٻار ۾ پنج هزاري فوجي عهدو ڏنو ويندو. ان کان علاوه جاني بيگ جي اولاد کي سنڌ ۾ جاگيرون ۽ ٻيا عهدا ڏنا ويندا. جاني بيگ اهي شرط قبول ڪيا ۽ سنڌ ۽ سنڌ جو خزانو مغلن جي حوالي ڪيائين. جاني بيگ ترخان جي ڌيءَ جي شادي سن شهر ۾ خان خانا جي پٽ مرزا ايرج سان ڪرائي وئي. اهڙيءَ ريت سنڌ مان ترخانن جي حڪومت ختم ٿي ويئي. جاني بيگ ترخان کي خان خانان واعدي مطابق دهليءَ وٺي ويو جتي هن اڪبر بادشاھ کي روبرو ”مغل سلطنت“ جو وفادار نوڪر ٿي رهڻ جو عهد ڪيو. ان جي بدلي ۾ بقول تحفته الڪرام ته“ اڪبر بادشاھ مرزا جاني بيگ ترخان جي اولاد لاءِ لاهري بندر (ٺٽو) سيوهڻ پرڳڻي ۽ شرب خاني کان علاوه ٺٽي سان لاڳاپيل ڪجهه علائقا ڏنا. جاني بيگ ترخان تي اها پابندي هنئي ته هو ڪڏهن به سنڌ موٽي نه ويندو. جاني بيگ ترخان لڳاتار اٺ سال مغلن جي فوجن سان گڏ مختلف علائقا فتح ڪرڻ لاءِ جنگيون ڪندو رهيو. هي 1600ع ۾ احمد نگر قلعي تي قبضي ڪرڻ دوران مارجي ويو. جنت السنڌ جو مورخ رحيم دادا خان شيدائي لکي ٿو ته جاني بيگ جو برهانپور جي ويجهو گهڻو شراب پيئڻ سبب انتقال ٿي ويو. ترخان نامو ڄاڻائي ٿوته جاني بيگ سرسام جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ سبب هي جاهن ڇڏي ويو. بهرحال، هنجو پري کان لاش کڻائي سنڌ آندو ويو جتي هن کي مڪليءَ ۾ وڏي مقبري هيٺ دفن ڪيو ويو. لب تاريخ سنڌ لکي ٿو ته ”جاني بيگ ترخان جي مرڻ کانپوءِ هن جي 16 سالن جي پٽ مرزا غازي بيگ کي ٺٽي جو والي مقرر ڪيو ويو. جيئن ته هاڻ سموري سنڌ ”مغلن“ جي ور چڙهي ويئي. ترخان ۽ مغل پاڻ ۾ ٺهي ويا. ان ڪري اهو ڄاڻن ضروري آهي ته سنڌ جا اهي نواب حاڪم ڪير هئا. انهن کي 1591ع کان 1739ع تائين لڳاتار 148 سال حڪومت ڪرڻي هئي. انهن جي ذهني ڪيفيت ۽ سنڌ سان ورتاءُ ڪهڙو هو. هنن سنڌ جو ڪهڙو حشر ڪيو. اهو سمجهڻ ضروري آهي.(هلندڙ)

    عوامي آواز سنڊي ميگزين جي ٿورن سان
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حصو چوٿون

    ڀ کان اول اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته مغل اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جو هر ڀڏو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هئا، هنن وٽ پيءُ کان پٽ کي ۽ پٽ کان پيءُ کي زندگي جو خطرو هو. اقتدار ۾ ويٺل سمورا گهر جا ڀارتي هڪ ٻئي کان ان حد تائين خوفزده رهندا هئا ڄڻ ته ڪنهن ڪاسائيءَ جي ڪتاب هيٺان ويٺل هجن. هڪ ٻئي کي بيرحميءَ سان ماريندي دير نه ڪندا هئا. گهڻو ڪري سڀني مغل بادشاهن پنهنجا پٽ پوٽا، ڀائر، سئوٽ، ماسات، چاچا، ماما ۽ ٻيا مٽ مائٽ قتل ڪيا. معافي ڏيڻ يا درگذر ڪرڻ هنن ڪڏهن به نه سکيو.

    شير شاھ سوريءَ کان شڪست کائڻ ۽ ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ کانپوءِ همايون بادشاھ پنهنجي ٻن ڀائرن هندال مرزا ۽ عسڪري مرزا کي مارائي ڇڏيو. همايون پنهنجي ٽئين ڀاءُ ڪامران جون اکيون تتل لوهي سيخن سان ڪڍائي ڇڏيون. ان کان پوءِ ڪامران کي حج تي موڪليو ويو. جتي هن جو 1557ع ۾ انتقال ٿي ويو. ڪامران جون پنج زالون هيون. انهن جو نرينو اولاد به گهڻي ڀاڱي قتل ڪيو ويو ته جيئن هو تخت جا دعويدار نه ٿي سگهن. ڪامران جي هڪڙي ڌيءَ هئي انجو نڪاح شهزادي اڪبر (اڪبر بادشاھ) سان ڪرايو ويو. ان کان علاه هندال جي ڌيءَ رقيه سلطان بيگم کي به اڪبر جي نڪاح ۾ ڏنو ويو. اڳتي هلي اڪبر بادشاھ جي پٽ جهانگير پنهنجي پيءُ خلاف بغاوت ڪئي وڏي خونريز جنگ دوران اڪبر بادشاھ قتل ٿي سگهيو ٿي. نيٺ جهانگير جي فوجن هارايو ۽ جهانگير گرفتار ٿيڻ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو. پر اڪبر بادشاھ ڪاوڙ ۾ جهانگير بدران سندس 17 سالن جي پٽ کي مغل سطلنت جو وارث قرار ڏنو.

    جڏهن اڪبر بادشاھ جو 27 آڪٽوبر 1605 تي انتقال ٿيو ته جهانگير زبردستي اقتدار تي قبضو ڪري پنهنجي 17 سالن جي نوجوان پٽ خسرو جون اکيون ڪڍائي کيس قيد خاني ۾ وجهائي ڇڏيو. هن جي 200 ساٿين کي پڻ ڦاهي ڏني ويئي.

    جهانگير کانپوءِ جڏهن سندس پٽ شاه جهان 19 جنوري 1628ع تي تخت تي ويٺو ته هن فقط ٽن ڏينهن کانپوءِ اهي سڀ شهزادا قتل ڪرائي ڇڏيا، جيڪي تخت لاءِ اميدوار يا خطرو ٿي سگهيا ٿي. هن سڀ کان اول پنهنجي ڀاءُ شهر يار کي قتل ڪرايو. ان کانپوءِ پنهنجا ٻه ڀاڻيجا دوار ۽ گرشا سپکي مارايو. هن پنهنجا ٻه سئوٽ طهمارس ۽ هوشنگ کي قتل ڪيو، اهي شهزادي دانيال جا پٽ هئا. هن پنهنجي ماٽيجي ماءُ نورجهان کي قيد ۾ بند ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت شاهجهان جي تخت لاءِ باقي ڪو خطرو باقي رهيو.

    انهن ئي ڏينهن ۾ دکن، گجرات ۽ ٻين علائقن ۾ سخت ڏڪار پيو، جنهن ۾ ويهه لک ماڻهو بکن ۾ پاھ ٿي مري ويا. ڪيترن ئي پنهنجا ٻار ماري کاڌا، شاھ جهان کي عمر جي آخري حصي ۾ سندس پٽ اورنگزيب گرفتار ڪري لڳاتار اٺ سال آگري قلعي ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو. شاھ جهان قيد دوران 22 جنوري 1666ع تي گذاري ويو. هن جي جنازي نماز ۾ سندس پٽ اورنگزيب شريڪ نه ٿيو. جڏهن شاھ جهان جو لاش کنيو ٿي ويو ته اورنگزيب حڪم ڏنو ته اهو قلعي جي پوئين دروازي کان خاموشيءَ سان کنيو وڃي. اورنگزيب تخت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجا ٽنهي ڀائرن دارا شڪوه، شاھ شجاع ۽ مراد بخش کي مارائي ڇڏيو. دراصل شاھ جهان کانپوءِ دارا شڪوه تخت جو وارث هو. انکي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڪڙول وجهي کيس دهليءَ جي گهٽين ۾ گهمايو ويو. دارا تي اورنگزيب الزام لڳايوته هو ڪافر آهي، جنهن مغل سلطنت جي وڏي وزير سعد الله کي قتل ڪيو آهي. دارا کي 30 آگسٽ 1659ع تي ڦاهي ڏني ويئي. 1707ع ۾ اورنگزيب جي مرڻ کانپوءِ هن جو وڏو پٽ محمد اعظم شاھ 14 مارچ 1707 تي تخت تي ويٺو. جڏهن ته اورنگزيب جي ٻي پٽ معظم شاھ اهو فيصلو قبول نه ڪيو ۽ محمد اعظم شاھ تي حملو ڪري نه فقط محمد اعظم شاھ کي قتل ڪري ڇڏيائين بلڪه هن جا ٽي پٽ سلطان بيدار بخت، جوان بخت بهادر ۽ سڪندر شاھ بهادر کي به ماري ڇڏيائين. اهڙي ريت معظم شاھ عرف بهادر شاھ تخت تي ويٺو. ان ريت محمد اعظم شاھ فقط 3 مهينا 8 جون 1707 تائين اقتدار ماڻي سگهيو. جڏهن ته بهادر شاھ هندستان جو شهنشاھ ٿيو ته اورنگزيب جو ٽيون پٽ محمد ڪام بخش ميدان تي لهي آيو. هو به 14 جنوري 1707ع تي پنهنجي پٽ سميت قتل ٿي ويو. بهادر شاھ لڳ ڀڳ پنج سال حڪومت ڪري سگهيو. 27 فيبروري 1712ع تي بهادر شاھ جي انتقال کانپوءِ سندس پٽ جهاندار شاھ تخت تي ويٺو. هن کي اقتدار سنڀاليندي اڃا هڪ سال مس گذريو ته بهادر شاھ جي پوٽي فرخ مير ڪاھ ڪندي کيس 12 فيبروري 1713ع تي ماري وڌو. جهاندار شاھ جي پٽ عزيز الدين کي به ڦاهي ڏني وئي. فرخ مير لڳ ڀڳ ڇهه سال 1713ع کان 1719ع تائين حڪومت ڪئي. هن جي ڏينهن ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي سنڌ جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو ۽ کيس خدا يار خان جو لقب ڏٺو ويو.

    فرخ سير جي دور ۾ هن جا ٻه وزير ”سيد ڀائر“ ڏاڍا طاقتور ٿي اڀريا هنن پنهنجون فوجون ٺاهيون. 1719ع ۾ سيد ڀائرن فرخ سير کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو. اتي هن جو ٻئي اکيون گرم لوهي سيخن سان ڪڍائي ڇڏيائون. پوءِ هن جو اَنُ پاڻي بند ڪري کيس زمين تي گهليو ويو. نيٺ هو ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو. ان کانپوءِ سيد ڀائرن فرخ سير جي ڀائٽي رفيع الدرجات کي هندستان جو شهنشاھ ٺاهيو. فقط ٽي مهينا چار ڏينهن گذرڻ کانپوءِ رفيع الدرجات کي تخت تان لاهي 8 جون 1719ع تي شاھ جهان دوئم کي تخت جو وارث ٺاهيو ويو، ان وقت شاھ جهان دوئم جي عمر 23 سال هئي. هن کي لڳ ڀڳ ٽن مهينن کانپوءِ 19 سيپٽمبر 1719ع تي قتل ڪري محمد شاھ کي تخت تي ويهاريو ويو. محمد شاھ کي تخت تي ويهاريو ويو. محمد شاھ”سيد ڀائرن“ کي ختم ڪرڻ کانپوءِ لڳاتار 48 سال هندستان جو شهنشاھ رهيو. هن جي ڏينهن ۾ نادر شاھ هندستان تي حملو ڪري مغلن جو سمورو خزانو، مال دولت، هيرا جواهر، ڪوھ نور هيرو، تخت طائوس هڪ هزار هاٿين، گهوڙن ۽ اُٺن کي کڻائي ويو. هن محمد شاھ کان سنڌ ۽ اتريان علائقا پنهنجي نالي لکرائي ورتا، محمد شاھ جو 28 اپريل 1748ع ۾ انتقال ٿيو. نتيجي طور سندس پٽ احمد شاھ بهادر هندستان جو شهنشاھ ٿيو. ڇهن سالن بعد هن کي سندس وزير فيروز جنگ گرفتار ڪيو ۽ سندس اکيون گرم سيخن سان ڪڍائي ڇڏيون. احمد شاھ جي ماءُ جون به اکيون ڪڍيون ويون، هي ٻئي ماءُ پٽ جيل ۾ گذاري ويا. احمد شاھ کانپوءِ عالمگير دوئم کي 3 جون 1754ع تي هندستان جو شهنشاھ ٺاهيو ويو. هي جهاندار شاھ جو پٽ هو. هن جي ڏينهن ۾ مرهٽا انتهائي طاقتور ٿي ويا. هن کي 29 نومبر 1759ع تي سندس وزير امداد الملڪ قتل ڪرائي تخت شاھ جهان سوئم جي حوالي ڪيو، جيڪو محمد ڪام بخش جو پوٽو هو. هن کي به فقط ڏهن مهينن کانپوءِ تخت تان لاهي شاھ عالم دوئم کي هندستان جو شهنشاھ مقرر ڪيو ويو. هن جي حڪومت جون سرحدون دهليءَ جي پسگرادائيءَ تائين مس هيون. مغلن جا گهڻي ڀاڱي علائقا مرهٽن، سکن ۽ ڀرتپور جي جتن جي ور چڙهي ويا.

    10 آگسٽ 1788ع تي ڪجهه ڌاڙيل غلام قادر روهيلو پشتون جي اڳواڻيءَ ۾ شهنشاھ شاھ عالم جي محل ۾ گهڙي آيا. هنن 25 ڪروڙ رپيا شهنشاھ کان طلب ڪيا. شهنشاھ کي سخت مارڪٽ ڪئي ۽ پوءِ هن جون ٻئي اکيون گرم سلاخن سان ڪڍي ڇڏيائون. جڏهن مهل جي محافظن شهنشاھ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هنن پنجن محافظن جو سسيون لاهي ڇڏيون.

    14 سيپٽمبر 1803 تي جڏهن انگريز دهليءَ ۾ داخل ٿيا ان وقت اکين کان نابين شاھ عالم تخت تي ويٺو هو. اهو آهي مغلن جو داستان جن 148 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. دولت ۽ اقتدار جي هوس ۾ هي انڌا ٿي ويا، ماريا ويا پر شڪست کاڌل قومن سان ڏاڍا ناحق ڪيائون. هنن کي جنگيون ڪرڻ لاءِ هر وقت دولت گهربي هئي. جيڪا مفتوح علائقن کي ڀري ڏيڻي هئي. سنڌ کي سال ڦري لٽي تباھ ڪري ڇڏيائون. اهي حالتون مغلن جي هڪ پنهنجي ئي ماڻهوءَ يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم ”نمڪين“ فارسيءَ ۾ تحرير ڪيون، جنهن کي ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جو نالو ڏنائين. اهو ڪتاب وڏي جاکوڙ کانپوءِ منهنجي دوست جناب پير حسام الدين راشديءَ کي هٿ چڙهيو. جنهن جي فقط هڪ ڪاپي هئي. ان کي نياز همايوني تمام سليس سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. يوسف ميرڪ جو والد مير ابوالقاسم اڪبر بادشاھ جي اميرن ۾ شامل هو. هن کي اڪبر بادشاھ ”نمڪين“ جو خطاب ڏنو. هن جي وڏي پٽ مير ابوالبقا کي اڪبر بادشاھ ٺٽي جو نواب مقرر ڪيو. مطلب ته يوسف ميرڪ جو والد ۽ وڏو ڀاءُ سنڌ ۾ وڏن عهدن تي فائز هئا. انهن پهرين بکر ۽ پوءِ ٺٽي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. يوسف ميرڪ گهڻي ڀاڱي سيوهڻ ۾ رهيو. هن جيڪي ڪجهه اکين سان ڏٺو اهو بي ڊپو ٿي قلمبند ڪيائين. هن مغلن کي به نه بخشيو. انهن جي ظلم ۽ جبر کي وائکو ڪيائين. هن سنڌين بابت به گهڻو ڪجهه لکيو لکي ٿو ته ”سنڌي ڏاڍا سرڪش ۽ جنگجو آهن، سنڌ جون گهڻي ڀاڱي قومون مغلن سان لڳاتار وڙهنديون رهيون. اهڙا تفصيل ايندڙ قسط ۾ ڏيندس.

    هن وقت آئون ”موهن جو دڙو“ بابت هڪ اهم ترين خبر سنڌين تائين پهچائڻ چاهيان ٿو. اها خبر دهليءَ کان آيل آهي جيڪا مون ڏانهن سڌير جوکئي موڪلي آهي، جيڪا newspakistan.com تي پڙهي سگهجي ٿي. ان خبر تحت ڀارت ۾ تازو موهن جي دڙي بابت سائنسي بنيادن تي تحقيق ٿي آهي نتيجي طور اهو ٻڌايو ويو ته موهن جو دڙو گهٽ ۾ گهٽ اٺ هزار سال پراڻو آهي. ان خبر جي متن جو ڪجه حصو هن ريت آهي.

    موهن جو دڙو 8000 سال قديم آهي. ڀارت ۾ ٿيل نيئن تحقيق نئين دهلي: اتر هندستان جي ڀيراڻا علائقي مان کوٽائيءَ دوران واديءَ سنڌ سان تعلق رکندڙ ٿانو، جانورن جا ڏند ۽ هڏيون هٿ آيون آهن انهن جي ريڊيو آڪسيجن تاريخ نگاريءَ کانپوءِ معلوم ٿيو آهي ته سنڌ جي تهذيب سُمير(عراق) ۽ مصر جي تهذيبن کان قديم ترين آهي. اهڙي تحقيق ۾ آرڪيالاجيڪل سروري آف انڊيا، انسٽيٽيوٽ آف آرڪيالاجي، دکن ڪاليج پونا ۽ آءِ آءِ ٽي گڙگهپور جا ماهر شريڪ ٿيا.

    آخر ۾ آئون شيد احتجاج ڪندي اهو ٻڌائيندس ته گذيل عيد جي ڊگهين موڪلن دوران سوين ماڻهن سنڌ جي عظيم ورثي موهن جي دڙي جي بي دريءَ سان بي حرمتي ۽ لتاڙ ڪئي. انهن کي اتي روڪڻ وارو ڪونه هو. اهو عمل ائين آهي جيئن اسان پاڻ پنهنجي ئي تهذبي ورثي جي ڪنڌ مٿان لت رکندا هجو. جيڪڏهن ان عظيم ورثي جا ڪي وارث ناهن ته لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن جا اسڪائوٽ خاص خاص ڏينهن تي موهن جي دڙي جي حفاظت ڪري سگهن ٿا.(هلندڙ)

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 24 جولاء 2016ع جي ٿورن سان


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو