۽ هاڻ آهستي آهستي ڪراچي مان سنڌي چئنل بند ٿيڻ لڳا آهن؟ متحده جي سازش؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    WAKE-UP ! COUNT DOWN OF SINDH SEEMS STARTED BY MQM (MUTAHIDA)? DON'T TAKE IT EASY ;CONTRARY SINDHI WOULD BEE LOSERS IN SINDH AS WELL.
    سنڌي قوم کي سنڌ ۾ اڪليت ڪرڻ جي سازش کان پوءِ مُتحده هاڻ هڪ ٻي رٿا بندي ڪري سنڌي قوم جو نالو نشان مٽائڻ لاءِ ڪراچي شهر مان ۽ خاص طور اُنهن علائقن مان جتي سنڌي ماڻهن جي اڪثريت رهي ٿي سازشون سٽي ۽ آهستي آهستي (سنڌي ٽي وي چئنلن) کي نيڪالي ڏئي رهي آهي ۽ حيرت ته انهيءَ جڳهه تي اڳ موجود پنجابي، اڙدو، پشتو، سرائڪي، پشتو چئنلن هوندي نوان چئنل کولي رهي آهي جيڪا سنڌ جي مالڪ ۽ سنڌي قوم سان سڌي سئين ويسا گهاتي آهي ۽ ڪراچيءَ جا مڙئي ڪئبل آپريٽر ، انهن جون تنظيمون جن ۾ 99 سيڪڙو متحده جا ماڻهون آهن سندن ان سازشي رٿا بنديءَ ۾ شامل آهي جڏنهن ته ڪراچي شهر ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهون به کين هر مهني 300 رپيا بطور فيس (سنڌي چئنل ڏسڻ لاءِ) متواتر ادا پئي ڪري .
    تازو گولستان جوهر جي علائقي ، رابعا سٽيءَ جي ارد گرد ۽ پهلوان ڳوٺ وارن علائقن ۾ جتي سنڌي نوڪر پيشا ماڻهن جي تمام گهڻي اڪثريت رهي ٿي ۽ گولشن اقبال جي علائقن مان سنڌي چئنلن جو خاتمون آندو پيو وڃي .
    ڪُجه مهنا اڳ هنن علائقن مان (مهراڻ ٽي وي چئنل ۽ ڪشش ٽي وي چئنل) بند ڪيو ويو ۽ هاڻ (ڌرتي ٽيليويزن چئنل ۽ آواز ٽيليويزن چئنل) بند ڪيو ويو آهي ؟ ياد رهي ته گُلستان جوهر هڪ اهڙي سنڌي وسندي آهي جنهن ۾ 99 سيڪڙو سنڌي اداڪار، اداڪارائون، گلوڪار، ڊائريڪتر ۽ ٻيا فنڪار رهن ٿا جيڪي پنهنجا پيش ڪيل پروگرام مڙني ئي سنڌي چئنلن تان ڏسي دل پشور ڪندا حوئا جن کي هاڻ ٽوٽل بليڪ آئوٽ ڪيو ويو اهي؟
    سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي مڙني سنڌي سماجي تنظيمن، چئنلن جي مالڪن، قوم پرستن، سياسي اڳواڻن کي اپيل ٿي ڪجي ته اُٿن ۽ سنڌي قوم کي پنهنجي ئي صوبي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ سنڌي چئنل ڏسڻ کان محروم ڪرڻ تي پنهنجي وت آهر احتجاج ڪن.
    اسان پيمرا، سنڌ حڪومت، مڙني ٽي وي چئنل جي مالڪن، ڪئبل آپريٽرس کي به اپيل ٿا ڪريون ته جيئن ٻيمن قومن وانگر سنڌي ماڻهون به پنهنجي پسند جو سنڌي چئنل مهني واري مقرر ٿيل 300 رپيا في ڏئي ڏسڻ جو حق رکي ٿو تن کي سنڌ جي پنهنجي گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ ۾ انهن سهولتن کان ڇو پيو مهروم ڪيو وڃي. ۽ ڪئبل آپريٽرن جي ان متحده سياسي وابستگيءَ تي به ايڪشن کنيو وڃي.
    اي سنڌ جا پاڻ ۾ انا، ايڪو، ذاتي پسند نا پسند تي وڻ وڻ ٿيل سنڌي سٻاجهئو اهو ئي قومي اشو آهي جنهن تي توهان کي متحد ٿي هلڻو آهي ۽ پنهنجو اتحاد ڏيکاري سنڌ دشمنن جي سازشن کي روڪڻو آهي نه ڪه انهن جي سازشن ۾ ڀائيوار بڻجي پنهنجي ئي سنڌي ڀاءُ لاءِ رُڳو کڏ کوٽڻي آهي. اهو اشو ۽ وقت آهي توهانجي دلين جي ڪيفيت ۽ سنڌيت سان حُب ۽ پيار پرکڻ جو.
    ته گُلستان جوهر ۽ رابعا سٽيءَ ۽ پهلوان ڳوٺ جي ارد گرد اڪثريت ۾ رهندڙ ۽ سمورن سنڌي فنڪارن جي مرڪزي علائقي ۾ سمورا سنڌي چئنل کولائڻ تي پنهنجو اثر رسوخ ڏيکاريو ته خبر پوي ته گهڻي ويهين سئو آهي ۽ توهان کي سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪيتري مُحبت آهي يا رُڳو موالي ڪلچر اپنائي (نعري بازي ۽ نچڻ ٽُپڻ) ڄاڻو ٿا . ۽ دم ماري دم، مٽ جاءِ غم جي فلسفي ۾ مڪمل جڪڙجي چُڪا آهيو
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ڏسڻ وارا ڪيبل چينلن کي مجبور ڪن...
     
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ادا پ پ پ جي پالتو وفادارن کي ئي بظاهر اختيار آهن جيڪي پڻ سنڌي آهن ليڪن انهن کي فرست ڪونهي فلحال جو اهي اهڙي ڪنهن اشو تي ڌيان ڌرين باقي سنڌي قوم گڏيل طور ڪڏهن به اهڙي ڪنهن اشو تي ڪا مزاحمت ڪرڻ لاء تيار ڪونهي ڇو جو انهن هونء ئي چينل مٽائڻ ڇڏي ڏنا آهن انهن کي به فرصت ڪونهي جو انگلش انڊين چينلن جا موالي ٿي چڪا آهن .
    باقي اوهان جي ڳاله ۾ وزن آهي ته اهيا سازش آهي ،
    سنڌي قوم سان ڪيل غداريون هاڻي ڪيش ڪيون ٿيون وڃن .هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو سنڌي ماڻهو هر شئي لاء حتاڪه پنهنجي جيئڻ لاء خيرات گهرندي نظر ايندو،
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌي قوم بس اتي ئي ناڪام ٿي وڃي هنڌ ڪري ٿي ۽ سنڌ جا مسئلا حل نه پيا ٿي سگهن. وساري ويهون ٿا ته مسئلا ڪهڙا به هُجن انهن کي حل ئي (اقتداري يا طاقتور ڌُريون) ڪنديون آهن نه ڪي اٻو جهه يا غير اقتدار قوتون پوءِ ڀلي اهي مسئلا هِن وقت جي اقتداري قوتن جا ڪرايل نه هُجن پر سابق اقتداري قوتن ۽ ڊڪٽيٽرن جي ساٿارين هٿان ٿيل هُجن جنهن جي اسان پيري مُريدي ۽ غلاميءَ ڪري غلام ابن غلام بڻجي نمائندگي به ڪرڻ لڳندا آهيون ۽ پوءِ دانهون ڪوڪون ته سنڌين سان ظلم ٿي ويو جڏنهن ته اسان انهن طالمن جا پاڻ ئي ٻانه ٻيلي هوندا آهيون پر اُنهن ڏي نظر ڪرڻ بجاءِ سندن مخالفن تي نظر وجهندا آهيون ۽ پنهنجي نظرياتن جي مخالفن تي هر ڏوه ڇنڊڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، اهوئي سبب آهي جو (قومي ۽ ڪامن اشو) حل نه پيا ٿي سگهن جو اسان هڪ ٻئي جي نظرياتي جنگين ۾ جهنڪجي (قومي ۽ ڪامن اشوز) حل ڪرائڻ بجاءِ هڪ ٻئي کي ڪنهنجا پالتو ڪرائي نه پيا سگهون ۽ اهو چئي درحقيقت پاڻ ڏي ئي اشارا ڪري رهيا آهيون.۽ شايد پاڻ ئي چاهيون ٿا ته ڀلي اهي قومي مسئلا حل نه ٿين . الله جل شانهُ سنڌي قوم کي عقل جا نُنهن ڏي ۽ سمجهڻ ڏي آمين.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 آگسٽ 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو