مدد خان جا گهوڙا ۽ انگريزن جي ريل!

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    انگريزن کان اڳ جيڪي فاتح سنڌ ۾ آيا انهن ۾ ۽ انگريزن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    ان بابت هڪ راء اها به آهي ته اڳين فاتحن سنڌ کي ڪا به ترقي ڪونه ڏياري رڳو سنڌ کي ڦري لٽي هليا ويا. جڏهن ته انگريزن سنڌ کي ترقي جو رستو ڏيکاريو . انگريزن سنڌ کي بندرگاه ڏنو. انگريزن سنڌ کي آبپاشي جو شاندار نظام ڏنو. انگريزن سنڌ کي ريلوي لائين ڏني . معيشت، سياست، تعليم،تهذيب، موهن جودڙو ڳولهي ڏيڻ، ٻولي جي الفابيٽ، هر قسم جو جديد سسٽم ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڏنو. مطلب ته انگريزن سنڌ کي اهو سڀ ڪجهه ڏنو جيڪو هزارن سالن ۾ ڪو به فاتح نه ڏئي سگهيو.
    آئون ذاتي طور اها سوچ رکان ٿو (۽ منهنجي خيال ۾ ته حقيقت پسنديءَ جي تقاضا به اها آهي) ته انگريزن سميت انهن فاتحن مان جنهن به سنڌ جي لاء ڪو چڱو ڪم ڪيو آهي ته ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي. پر انگريزن ۽ ٻين فاتحن کي سنڌ جي حوالي سان ٻيٽ ڏيڻ ۾ آئون ڪڏهن ڪڏهن هن انداز سان به سوچي ڏسندو آهيان ته مونکي حيرت وٺي ويندي آهي:
    1- انگريزن کان اڳ وارن فاتحن ۾ جيڪڏهن عربن کان ئي تجزيو شروع ڪريون ته عرب آيا، ڪجه عرصو سنڌ تي قابض رهيا جيڪو کڻي ويا اهو انهن کي ڦٻيو پر انهن جي باقيات سنڌ کي پنهنجو وطن تسليم ڪيو، سنڌي ٿي ويا. عربن جي باقيات، سيد ۽ قريشي هن وقت سنڌ ۾ قومي تحريڪ جا هيروز بڻجي چڪا آهن . ارغون ۽ ترخان ۽ پٺاڻ وغيره آيا سنڌ کي ڦري لٽي ويا اها ڦرلٽ انهن کي ڦڀي . انهن مان هڪڙا واپس هليا ويا ٻيا هتي رهي سنڌي ٿي ويا. سنڌ ۾ هن وقت ڪيتريون ئي ذاتيون انهن جي باقيات مان آهن. ڀٽائي صاحب جا وڏا به ڌارين جي حيثيت ۾ آيا پر ڀٽائي هن وقت سنڌ جو قومي شاعر بڻجي هڪ لازوال حيثيت اختيار ڪري ويو آهي.
    2- انگريزن کان اڳ آيل فاتحن جي دور ۾ سنڌ انهن جي سياسي مرڪزن ۽ دارالحڪومتن جي هڪ حد تائين تابع رهي ۽ خود سنڌي حڪمران به ڪنهن نه ڪنهن ٻاهرين حڪمرانن کي ڏن ڀري سنڌ کي انهن کان بچائيندا رهيا پوء کڻي ايئن به هجي ته اهو ڪم به انهن سنڌ کي بچائڻ لاء نه پر پنهنجي ذاتي مفاد لاء ڪيو هجي.
    3- انگريز جڏهن سنڌ تي قابض ٿيا ته انهن سنڌ کي مٿي ڄاڻايل ترقي جا سمورا رستا ڏيکاريا پر انگريزن سنڌ کي هندستان جو هڪ صوبو بلڪه هڪ صوبي جي ڪمشنري بڻائي بمبئي جي تابع بڻائي ڇڏيو. ۽ بعد ۾ بمبئي کان ڇڏائي دهلي جي تابع ڪري ڇڏيو.
    4- انگريزن جي ٺاهيل جديد بندرگاه کان پوء هندستان جي ٻين علائقن مان واپاري طبقن سان تعلق رکندڙ ٻاهريان ماڻهون سنڌ ۾ ججھي تعداد ۾ آيا ۽ ساڳئي ملڪ جي شهري هجڻ جي حيثيت ۾ اچي سنڌ جي شهرن خاص طرح دارالحڪومت ۾ آباد ٿيا جتان سنڌ جي شهرن جي ڊيموگرافي تبديل ٿيڻ شروع ٿي.
    5- انگريزن پاران بڻايل جديد بيراج سسٽم جي نتيجي ۾ پنجاب جا ماڻهو به ساڳئي ملڪ جي شهري هجڻ جي حيثيت ۾ اچي آباد ٿيا جنهن سان سنڌ جي ٻهراڙين جي ڊيموگرافي تبديل ٿيڻ شروع ٿي.
    6- انگريزن جي ريل سڄي هندستان مان ميڙي چونڊي مسلمان ڀائرن کي هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ آڻي پهچائيندي رهي ۽ سنڌ جي ڊيموگرافي سالن جي حساب سان نه پر هفتن ڏينهن ۽ ڪلاڪن جي حساب سان تبديل ٿيڻ شروع ٿي
    7- انگريزن کان سواء ڪو به فاتح سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل نه ڪري سگهيو. مدد خان جي گهوڙن سنڌين جي جسمن کي چيٿاڙي انهن کي”گهوڙا ڙي گهوڙا“ جهڙيون ڪيهون ۽ ڪوڪون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو پر سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪري نه سگهيا جڏهن ته ڪياماڙي بندر تي لنگر انداز ٿيندڙ جديد دور جا انگريزي جهاز ۽ ڪينٽ اسٽيشن تي ڪوڪ ڪري اچي اسٽاپ ڪندڙ انگريزن جي ريل دراصل سنڌين جي لاء صور اصرافيل بنجي آئي . هوڏانهن هزارن سالن جو سنڌوءَ جو آزاد وهڪرو ڪي مئل ٺور ڍڳا ته سنڌ ۾ گهلي ٿي آيو پر بيراجن سان بند ٻڌجڻ کان پوء روينيو ڊپارٽمنٽ جي ذريعي جيڪو سنڌ ۾ ” سيٽلرز“ جو سيلٽ ڄمڻ شروع ٿيوانهن سمورن انگريزي اقدامن جي نتيجي ۾ سنڌي ماڻهو سنڌ ۾ هاڻي ميزباني جي بندوبستن ۽ خرچن پکن کان آجا ٿي مهمان بڻجي مزا ماڻي رهيا آهن.
    منهنجي لاء سنڌ جي سڄي تاريخ جي پرچي ۾ مشڪل ترين سوال اهو آهي ته انگريزي قلم جي جنهن نوڪ سان هڪ طرف سنڌي ٻولي جي الفابيٽ ٺهي ۽ ان جي سرڪاري حيثيت ۽ سنڌ ۾ ٻين ترقياتي اسڪيمن جا نوٽيفڪيشن جاري ٿيا ته ٻئي طرف سنڌ جي جديد غلامي جو نوٽيفڪيشن به ان ئي قلم سان ڪيئن جاري ٿيو جنهن جو ذڪر هن ننڍڙي خبر ۾ آهي؟
    . جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي ان جو جواب اچي ٿو ته مهرباني ڪري مونکي به سمجھائيندا.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو