هڪ تجزيو ....احمد سومرو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    هڪ تجزيو
    ________
    ڪجه پنهنجي دوست احمد سومري بابت ...
    ؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
    سائين احمد ان جي خيال موجب هو دهريو آهي هن جو مذهب اسلام يا مسلماني سان ڪجه نه وڃي جنهن کي قرآن سمجه ۾ نه ٿو اچي ۽ سنڌ جي تاريخ تي ٽهلون توڪون پيو ڪري پنهنجي ئي سومرو خاندان جيڪو هڪ حڪمران رهيو تقريبن 300 سو سال ۽ ان ۾ عمر مارئي جو مشهور قصو جيڪو حقيقت تي مبني آهي ۽ شاه ان کي پنهنجي شاعري جي ڪردارن ۾ مان ڏنو اهي ۽ دودو سومرو جنهن جي قبر جو هي انڪاري آهي هوڏانهن فروعن جي ممي ملي سگهجي ٿي ۽ ڪارون جي زال جي سون سان ڀريل ڳهن سان ميت ملي سگهي ٿو ايڏي وڏي وقت گذرڻ جي باوجود باقي همراه کي دودي سومري جي قبر جي قبر ڪشائي ڪرڻ ٿو گهري اهڙي نادان ماڻهو کي ڇا چئجي جيڪي تاريخ ۾ مليل ماضي جو انڪاري ۽ وري اڳتي قدم هاڻي هو سمن جي دور جو به انڪاري ۽ ان کي اها ته خبر آهي ته مصر ۾ احرام مصر جن جا هي وزني پٿر ڪهڙي نموني انهن مٿا رکي رکي هي مينار جوڙيا ...پر ان کي به دنيا مڏي ٿي مڏرائي ٿي ۽ هي همراه پاڻي ۾ نوري جي قبر جو انڪاري ....اڙي بابلا هي وچ ۾ ڪجه دڙو هجڻ ڪنهن ڍنڍ ۾ ڪا نئين ڳاله نه آهي ۽ هو بادشاه هيو هن جي سچي سڪ هن کي مڇيرن تي مهربان ڪيو ڪينجهر تي ڪهل ڪرائي جنهن ۾ هن هي نوري نازن واري جي قبر جوڙي ...سو ان ۾ به همراه شق ۾ اهي تاريخ اٿلڻ پٿلڻ گهري ٿو ...ها ٻڌاءِ جنهن ڪردارن کي شاه عبداللطيف انهن جي سچي هجڻ سان ساراهيو ۽ پنهنجا سر ارپيا ڇا سي ڪوڙا هوندا ...نه نه تو ته ڀل ڪرين سگهين ٿو مان ته ڀل ڪري سگهان ٿو پر هو منهنجو مان وارو شان وارو شاه عبداللطيف سهڻي سرڪار نه ...جنهن وٽ سچن ڪردارن جي روپ ۾ حقيقي روپ جيءَ جنسارن جي جوت جي ڳاله ڪئي آ جنهن ۾ برائي نه پر انهنيءَ عشق جي قدرن کي ساراهيو آ مجازي موه کي حقيقي عنوان ڏانهن رغبت ڏني آ ....۽ هاڻي وتي ٿو اجايو دلت جي .....ڪندو ....ڇا چئجي اهڙي ماڻهو کي ...سومرو ٿي سومرن جي تذليل ڪري ؟؟؟؟؟؟؟؟ هي ڪهڙي سمجه ۾ ناسمجهي ڀريل آ هن بي جان بت ۾ ...

    هڪ تجزيو
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 جولائي 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو