ترڪي عوام وٽ فوج آڏو بيهڻ جي همٿ ڪيئن آئي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي

    [​IMG]
    15 جولاءِ جي شام جڏهن فوج تُرڪيءَ جو نظام سنڀالڻ لاءِ جمهوري حڪومت جي اقتدار تي قبضي جي ڪوشش ڪئي ته عوامي مزاحمت سبب کيس مُڪمل ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو. عالمي ميڊيا جيان هتي اسان جي ميڊيا وٽ به اهو هاٽ اشو بڻجي ويو ۽ تبصرا نه رڳو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا پر سوشل ميڊيا تي پڻ ڌڙا ڌڙ ٿيڻ لڳا ۽ هر ماڻهو ترڪي عوام جي مزاحمت ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ بهادري جي مظاهري کي پاڪستان جي سياست سان ڀيٽڻ لڳو. ڀلي کڻي پاڪستان ۽ ترڪي، ٻنهي ۾ چار چار دفعا مارشل لا لڳڻ ۽ هڪ هڪ چونڊيل وزير اعظم کي هڪ فوجيءَ پاران ڦاهي ڏيڻ جي هڪجهڙائي آهي پر اها نسبت ايتري مظبوط ناهي جو انهي تناظر ۾ ويهي رڳو تقابلي جائزو وٺجي. هونئن به ان ڀيٽ تي ايترو لکجي پڙهجي ۽ ٻُڌجي چُڪو آهي جو هاڻ اهي ساڳيون ڳالهيون ڪرڻ/لکڻ سواءِ پاڻي ولوڙڻ جي ڪُجهه ناهي. ڇو ته جتي اهڙيون هڪ جهڙايون آهن اُتي انيڪ فرق پڻ آهن جن مان وڏي وڏو فرق آهي مُلڪي يڪجهتي جو. نه ته مُحترمه بي نظير ڀُٽو پاران جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ايشيا جي پُر امن ترين ايم آر ڊي تحريڪ کي ٻين صوبن ۾ پڻ سنڌ جيتري موٽ ملي ها. ترڪي ۾ آيل انهي بُحران کان پوءِ اصل سوال ۽ ڪم جي ڳالهه اها آهي ته آخر تُرڪ عوام کي اها همت ڪٿان آئي جو هڪ سڏ تي عوام جو سمنڊ رستن تي نڪتو ۽ فوجين جي ٽئنڪن اڳيان ليٽي پوڻ کان به نه ڊنو.

    ويجهي ماضيءَ ۾ ڏسجي ته نوي جي ڏهائيءَ ۾ پڻ فوج اقتدار تي قبضا ڪيا پر ان وقت ايتري مزاحمت نه ٿي هُئي. ايئن به ناهي ته ان وقت ۽ هاڻي عوامي شعور ۾ ڪو وڏو فرق آهي. پر حقيقت اها آهي ته هن وقت هن مزاحمت جو بنيادي مُحرڪ ترڪي عوام جو رجب طيب اردگان سان محبت آهي. رجب طيب اردگان جيڪو هڪ مڊل ڪلاس گهراڻي ۾ ترڪي جي تفريحي ماڳ ترابزون لڳ جابلو شهر رزي ۾ پيدا ٿيو سو ننڍي هوندي کان مذهب طرف راغب رهيو ۽ استنبول ۾ عصري سان گڏ مذهبي تعليم پڻ مدرسن ۾ حاصل ڪندو رهيو. سندس سياست ۾ اچڻ کان پوءِ کيس پهريون وڏو عُهدو استنبول جي ميئر جو مليو جيڪو 1994ع کان وٺي 1998ع تائين رهيو. ان دوران هن ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ واضع تبديلي آندي. ساڳي وقت سندس کُلي عام مذهبي ڪٽرپڻي سبب کيس عهدي تان برطرف به ٿيڻو پيو ۽ 10 مهينا جيل پڻ آئي. پر اڳتي هلي جڏهن 1997ع ۾ فوج اقتدار تي قبضو ڪيو ته هن پنهنجي پارٽي ٺاهي ۽ صدر طور چونڊيل پنهنجي دوست عبدالله گُل سان گڏجي سياسي مهم هلائي. کيس جيل جي جيڪا سيکت آئي ان مان اهو سکيائين ته مذهبي ڪٽرپڻي سان ڪم نه هلندو. هن پاڻ کي قدامت پسندي جمهوري شخص ته ظاهر ڪيو پر اسلام بابت پارٽيءَ جو موقف وچٿرو رکيو ويو. سندس ميئر واري دور جي ساک جي ڪري اردگان جي جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي 2002، 2007 ۽ 2011 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اردگان وزير اعظم رهيو. سندس ئي پارٽيءَ جي جي قاعدي موجب کيس چوٿون دفعو وزير اعظم ٿيڻ کان پوئتي هٽڻو پيو ۽ پاڻ کي صدر چونڊرايائين. کيس اهو مينڊيٽ يقينن مُفت ۾ ناهي مليو پر ان جا مختلف ۽ وڏا ڪارڻ آهن. سڀ کان وڏو ڪارڻ ته اهو آهي ته هو جمهوريت جي حُسن جي نه رُڳو تعريف ڪري ٿو پر ان جي روح مطابق ان سان انصاف پڻ ڪري ٿو. هو نه پهرين ڏينهن چور دروازي کان آيو نه وري ٻيهر چونڊجڻ وقت ڪو اهڙو عمل ڪيائين جنهن سان لڳي ته کيس جيڪا سيٽ ملي ٿي سان هو مينڊيٽ نه پر زوري يا چوري سان وٺي ٿو اچي. انهيءَ جو وڏو مثال گُذريل عام چونڊون آهن جن ۾ هن جي پارٽيءَ کي ناڪامي ٿي ۽ ٻي ڪنهن به پارٽيءَ کي پڻ واضع اڪثريت نه هُئي. ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته ٻيون ننڍيون پارٽيون پاڻ ۾ اتحادي حڪومت ٺاهين ها يا وري ڪا هڪ پارٽي اردگان جي پارٽيءَ سان اتحاد ڪري ها. پر اتفاق سان ان وقت ٻيو نمبر ايندڙ پارٽي قومپرست باغي گروپ جي هُئي جنهن نه اردگان مخالف پارٽيءَ سان اتحاد ڪيو نه وري اردگان جي پارٽي سان ٺاهه ڪيو. اردگان ان وقت صدر هو. چاهي ها ته ڪُجهه به ڪري سگهيو پئي پرآئين موجب ٻيهر اليڪشن ڪرايائين ۽ سندس پارٽي کي واضع اڪثريت ملي ۽ قوم پرست پارٽي تي عوام جي جنهن ڪُجهه حصي ڀروسو ڪيو اهو انهن ان وقت ئي واپس ورتو. (انهي تي هن ئي مئگزين ۾ لکيو به هُئم ته سڀاڻي اسان وٽ به ڪا قوم پرست پارٽي ڪُجهه سيٽون کڻي آئي ۽ اها ئي روش رهي ته ساڳي ڪار ٿيندي). رجب طيب اردگان جي قول فعل جي تضاد کان دوري سندس جمهوريت ۾ يقين کي عوام اڳيان عملي طور ظاهر ڪيو ۽ عوام کيس نه رُڳو ووٽ ڏنو پر ساڻس عقيدت جي حد تائين محبت به رکي جيڪا ڏينهون ڏينهن شدت سان وڌيندي وئي.

    جتي رجب طيب اردگان جمهوريت جي حسن جي قدر ڪئي ساڳي وقت مُلڪي ترقي ۾ پڻ خوب ملهايو. هڪ طرف يونيورسٽيز، ڪارخانا ۽ روڊن رستن جا ڄار وڇايا ويا ته ٻي طرف معيشيت جي استحڪام تي پڻ ڪم ڪيو ويو. هن 2005ع ۾ پنهنجي سالن کان ڊي ويليو ٿيل ڪرنسيءَ کي استحڪام ڏيئي ان مان 6 زيرو ختم ڪري ڇڏيا جيڪو هڪ وڏو انقلاب هو. ان مهل اهو پئي سمجهيو ويو ته ڪرنسي وري ڊي ويليو ٿيندي ۽ اهو قدم رڳو انگن جي راند ثابت ٿيندو پر اڄ به اها ڪرنسي ٿوري فرق سان اُتي جو اتي بيٺي آهي. ڪرنسيءَ جي استحڪام سان مهانگائي تي مڪمل ضابطو آيو آهي روز مرهه جي شين جا اگهه هڪ ڏهاڪي کان ساڳيا بيٺا آهن. لٽريسي ريٽ کي 98 فيصد تي پُهچائڻ ۾ پڻ هن جي حڪومت جو ڪردار رهيو. غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي گراف ۾ پڻ ڪافي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. ڪُردن جي عليحدگي پسند ڌڙي کي اردگان کان اڳ رُڳو ڳالهين جي حد تائين حقن جي حاصلات ملندي هُئي پر هن ايندي ئي سندن ٽي وي چئنل کي آزادي ڏني. سندن ٻولي کي ملڪي ٻولي مڃيو ويو. توڙي جو انهي سان اها تحريڪ ختم ناهي ٿي نه وري ڪُرد تُرڪي قوم هوندي خوش آهن پر اردگان جي انهن قدمن جي سارهه ضرور ٿي آهي.

    جتي سندس جمهوريت لاءِ عملي قدم ۽ مُلڪي ترقيءَ ۾ واضع ڪردار سبب عوام جي اڪثريت مٿس جان ڏيڻ لاءِ تيار آهي اُتي هڪ وڏو تعداد جيڪو گهڻي ڀاڱي روشن خيال آهي، سندس خلاف پڻ آهي. انهي حلقي جو چوڻ آهي ته هڪ طرف رجب طيب اردگان يورپي يونين ۾ وڃڻ جون ڳالهيون به ڪري ٿو ته ٻي طرف وڌيڪ ٻار ڄڻڻ جون صلاحون، يونيورسٽيز ۾ حجاب تي پيل پابندي کڻڻ جهڙا قدم به کڻي ٿو. سندس مذهب طرف لاڙي کي روشن خيال طبقو مُلڪ لاءِ خطرو سمجهي ٿو. سندس سخت مزاج طبيعت تي پڻ تنقيد ڪئي وڃي ٿي ڇو ته اردگان جيڪو چئي ٿو ۽ صحيح سمجهي ٿو اُهو ڪري ٿو ۽ ان تي ڪنهن جي به نه ٿو ٻُڌي. اهو ئي طبقو هن تازي صورتِ حال تي پڻ تنقيد ڪري ٿو ته هن آمريڪا ۾ رهندڙ تُرڪ مذهبي رهنما فتح الله گيولن (جنهن کي فوجي بغاوت پُٺيان مُک ڪردار طور ڏٺو پيو وڃي) سان عوام سالن کان اختلاف پئي ڪيو پر اهو رجب طيب اردگان ئي هو جيڪو ڪمال اتا تُرڪ جي نظرئي تي هلندڙ روشن خيال سويلين توڙي فوجين کي چٿڻ لاءِ انهي گروپ جي گُذريل ڏهه سالن کان پُٺ ڀرائي ڪندو رهيو پر جڏهن اهي ئي سندس ڳچي ۾ پوڻ لڳا ته هنن مان هٿ ڪڍيا ۽ انهن فوج جي هڪ ڌڙي کي سندس حڪومت خلاف بغاوت لاءِ تيار ڪيو. ساڻس انهن ڳالهين تي شديد اختلاف رکندڙ اڄ به آهن پر اهي گهڻو ڪري ڌکڻ ۽ اولهه وارن علائقن جا رهواسي آهن جيڪي يورپي طرز جي زندگي طرف گهڻو راغب آهن ۽ سيڪيلور سوچ رکن ٿا. پر زميني حالتن موجب اردگان تي سندن انهن الزامن کي سچ به مڃجي ته به حقيقت اها آهي ته اردگان وٽ عوامي طاقت ته اڄ به موجود آهي جيڪا سندس هڪ سڏ تي ساڻس گڏ بيٺي آهي.

    هن وقت صدر رجب طيب اردگان کڻي پنهنجي حڪومت ۽ جمهوريت بچائڻ ۾ ڪامياب ته ٿي ويو آهي پر کيس هاڻي وڏا چئلينج پڻ آهن. هي لکڻ تائين 50 کان 60 هزار ماڻهن کي نوڪرين تان هٿ کڻڻو پيو آهي ۽ ان مان ڏهه فيصد ته جيلن ۾ پڻ واڙيا ويا آهن جن تي سڌي يا اڻ سڌي طرح انهي بغاوت ۾ ملوث هُجڻ جو شڪ آهي. انهن ۾ بي بي سي موجب، 1500 يونيورسٽيز جا ڊين پڻ آهن جن کي برطرف ڪيو ويو آهي ۽ ترڪي جي تعليمي نظام ۾ وڏو رخنو پئجي ويو آهي. ٻيو ته عوام پاران پرزور مطالبو آهي ته سالن کان تُرڪيءَ ۾ ڦاسي تي پيل پابندي واپس وٺي هن وقت بغاوت ڪندڙ فوجين کي ڦاسي چاڙهيو وڃي. فل الحال ته عوام کي خوش ڪرڻ لاءِ اردگان ان مطالبي جي احترام جو يقين ڏياريو آهي پر هو اهڙو قدم کڻڻ کان اڳ 100 ڀيرا سوچڻ تي مجبور ٿيندو ڇو ته اها سزا بحال ڪرڻ معنى يورپي يونين ۾ وڃڻ لاءِ ٺهيل ڪم ڊاهڻ برابر هوندو. ٻيو ته ترڪي جي پاڙيسري مُلڪن سان به ڪا دوستي يا ڀلا لاڳاپا ناهن. چار ئي پاسان سرحدن تي حفاظت لاءِ مستحڪم فوج ضروري آهي جيڪا هن وقت منتشر آهي. جلدي ۾ ملٽري ۾ آيل انهي بُحران تي ضابطو آڻي پنهنجي مُلڪ جي حفاظت به يقيني بنائڻي اٿس. اردگان جي ماضيءَ جي طرزِ حڪومت مان بظاهر ته لڳي ٿو اهو انهن بحرانن کي منهن ڏيئي ويندو پر اهو ايڏو آسان به نه هوندو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    زبردست معلومات آهي سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو