آزاد ڪشمير جي اليڪشن جا نتيجا ۽ پ پ پ لاءِ ٻيو امتحان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sawan Khaskheli طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2016۔

  1. Sawan Khaskheli

    Sawan Khaskheli
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    آزاد ڪشمير جي اليڪشن جا نتيجا ۽ پ پ پ لاءِ ٻيو امتحان

    سانوڻ خاصخيلي، بدين

    اھو درست آھي تـ پ پ پ پنھنجي ناقص ۽ عوامي ناپسند پاليسين جي ڪري آھستـ آھستـ عوامي مقبوليت کان نامحروم ٿي رھي آھي. ماضي ۾ زوردار نعرن جي گونج ”چارون صوبون ڪي زنجير، بي نظير، بي نظير“ ۾ شھيد ذولفقار علي ڀٽو ۽ پوءِ شھيد بي بي جي اعلي تدبر ۽ رھنمائي ۾ وڌي ويجھي جوان ٿي پوءِ پوري ملڪ تي حڪمراني جا معراج ماڻيندڙ پارٽي پ پ پ ھاڻي عوام ابتڙ پاليسن، يس سر ڪندڙ ۽ مفادپرست ماڻھن، تعميري تنقيد جي نـ تاعيد ڪندڙ نمائيندن جي بدولت پارٽي ھاڻ صرف سنڌ صوبي ۾ بـ اُلجھيل ساھ جو سڳو سوري رھي آھي. جيتوڻيڪ پارٽي چيئرمين، محترم بلاول ڀٽو زرداري صاحب جي اڻٿڪ محنتن ۽ ڪاوشن جمود طاري ٿيل ماحول ۾، ڪنھن بيٺل پاڻي ۾ اُڇليل پٿر وارو ڪم سر انجام ضرور ڏنو آھي ۽ عوام جي سوچ ۾ ڪا لھر ضرور پيدا ڪئي آھي پر پارٽي ۾ پُراڻي سسٽم تحت پيدا ٿيل جمود کسڪڻ ۾ اڃان کوڙ سارو وقت گھربل آھي. ھاڻ پ پ پ پنھنجي اندر نئين سر جوڙجڪ واري مرحلي ۾ بـ ڪافي مُشڪل ۽ مُنجھيل نظر اچي ٿي ۽ انھي مد ۾ ڪنھن حتمي نتيجي اخذ ڪرڻ ۾ بـ اڃان تائين ناڪام نظر اچي رھي آھي. پارٽي ۾ موجود سينئرس جي حالت بـ ھاڻ قابل رحم آھي. سندن سرپرستي ھوندي بـ پارٽي جي اھڙي حڪمت عملي تي افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. پارٽي ۾ بھتر حڪمت عملي ۽ صحتمند تبديلي لاءِ بلاول ڀٽو زرداري صاحب جيڪاشمع روشن ڪئي آھي، ان جي جوت ڪيستائين جلندي ان سوال جو جواب بـ لمحِ فڪريـ آھي. گذريل سال نومبر مھيني ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن جي نتيجي ۾ پارٽي جي حيثيت جيڪا خامي ۽ کپي اچي سنڌ صوبي تائين مشڪل سان محدود ٿي ان جي وجھ پارٽي جي اندورني اختلاف ۽ بيڊ گورننس ھُئي. پارٽي جي استعقامت جو تسلسل، ان جي بھتر ڪاڪردگي، ورڪرن جي جوش ۽ ولولي، اڻٿڪ محنتن، بھتر حڪمت عملي، گُڊ گورننس، تعميري تنقيدي عمل، عام احتساب ۽ شفاف مانيٽرنگ سسٽم سان ئي جاري رکي سگھجي ٿو پر افسوس آھي تـ وڏي عرصي کان پارٽي جي پاور گُڊ گورننس بجاءِ بيڪار حڪومتي عمل جو جيڪو پاڻمرادو مثال قائم ڪيو آھي ان جو مثال بـ ڄڻ بي مثال ٿي ويو ھُجي. باقي سچا پارٽي ورڪر ھاڻ ڄڻ بي بي شھيد جي جامِ شھادت کانپوءِ دل شڪستـ ٿي ”بيڪ ٽُو پويلين“ ٿي رھيا آھن. ھنن جي دردن جي ڪٿا ھاڻ ڄڻ ناڪام حسرتن جي بي نام مقبرن ۾ ھميشـ لاءِ مدفون ٿي چُڪيون ھُجن. باقي اسان جو چونڊيل نمائيدن کي تـ پنھنجي ذاتي مامرن، اولاد ۽ احبابن جي نوڪرين ۽ ٺيڪن يا وزارتن جي ڊوڙڊڪ کان ئي فُرصت ڪٿي آھي جو ٻين معاملن تي نظر وجھي سگھن ڪا بھتر حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ ڪو غور فڪر ڪري پارٽي جي فلاح وبھبود لاءِ سوچين. ھاڻ پارٽي عوامي پارٽي بجاءِ صرف سرمائيڪارن، وزيرن، مُشيرن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز تائين محدود رھجي وئي آھي ان کان بـ اعلي تـ جنھن پارٽي ۾ ڪڏھن عوامي سمونڊ جي لھر لڀندي ھُئي، ان ۾ ھاڻي گھڻي ڀاڱي حڪومتي بيوروڪريٽس يعني ڊي سيز ۽ ايس پيز جو وڏو عمل دخل نظر اچي ٿو. ڪٿي ۽ ڪڏھن ڪڏھن وزير، مشير ۽ چونڊيل نمائينده بـ سندن اڳيان جي حضوري ڪندي نظر اچن ٿا. عوام سان انصاف وارو خواب ۽ خطي جي فلاح وارو عمل اسان جي نمائيندن جي ننگري ۾ ئي ناھي لنگھيو. عوام ۾ جيڪا مايوس ۽ بيحسي واري لھر ڇانيل آھي ان جو انت بـ آسمان جي چوٽي ڇوھندي نظر اچي ٿو. اسان جا حڪمران ھاڻ ھر موقعي کي آخري موقعو سمجھي ” ڪجھ ڌيان ڌريو، پنھنجا کيسا ڀريو“ واري مھاوري تي عمل پھرا آھن. اھڙي صورتحال ۾ ھاڻ پارٽي جي استعقامت ۽ مضبوظي وارو مامرو مُشڪلاتن جي مُنھن ۾ آھي. انھي سلسلي ۾ِ پارٽي چئيرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري طرفان ورتل ڪاوشون نيڪ شگون ضرور آھن. پارٽي جي ان سارن مامرن کي اگر تازو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ چونڊن سان سلھاڙجي تـ معاملو ويتر مُشڪل نظر ٿو اچي. پارٽي جي مڪامي اڳواڻن پاران ڏنل پلان تحت بلاول ڀٽو زرداري صاحب پاران اگر عوامي اليڪشن اگاھي واري مھم وارا جلسا نـ ڪجن ھا تـ شايد پارٽي کي ڪجھ نتيجن بدران رڳو زيرو نتيجا پلئـ پون ھا. ھاڻ سوال آھي تـ آخر پارٽي جي مڪامي ليڊرشپ ڪھڙو رول ادا ڪري رھي آھي ۽ حڪومتي پاورن جي حاصلات کانپوءِ پنھنجي دورِ حڪمراني ۾ عوامي مسئلن کان ڪنٽار ۽ لاپتا ڇو ٿا ھُجن؟ گذريل بلدياتي اليڪشن کان وٺي ھاڻوڪي آزاد ڄمون ڪشمير وارين چونڊن جي نتيجن تي اگر غور فڪر ڪجي تـ ان ۾ غفلت وارو گناه اُتي جي موجوده مڪامي ليڊرشپ جي کاتي ۾ ڳڻبو. ھو ھڪ وڏو عرصو عوام جي نظرن کان اوجھل رھندا آھن پر جي عيدن تي ايندا بـ آھن تـ پوليس جي وڏن اٽالن جي گھيري ۾گھمندا آھن متان ڪو سندن فنڊن بابت سوال جواب نـ ڪري. عام ورڪرن ۽ عوام سان حال اورڻ تـ پري پر يارن ۽ دوستن کان بـ دور رھي قريبي رشتيدارن تائين محدود رھي پوءِ وري وڏين گاڏين جي وڏن پڙلائن ۾ پوئجي وري غائب ٿي ويندا آھن جنھن جي لاءِ ڪجھ علائقن مان عوام طرفان پنھنجي نمائيندن لاءِ ” سندن گمشدگي جي اعلان“ بـ ڇپبا رھبا آھن. ھاڻ جتي عوام ۽ ورڪرن سان ايڏا ويڌن ٿيندا ھُجن اليڪشن دوران اگر ڪجھ ڪلاڪن لاءِ پارٽي مرڪزي رھنما وڃي عوام جي دل بھلائيندا تـ ڇا ٿي پوندو. عوام جون دليون انھن کي حقيقي آٿت ڏيڻ، اوکي ويل سندن آسرو ٿيڻ، روزگار لاءِ نت نوان موقعا فراھم ڪرڻ، غريب، مجبور ۽ بيوس جو ڌڻي ٿيڻ، گُڊ گورننس طرزع حڪومت جو بنياد رکڻ، پنھنجي ڪيل ڪمن جي پاڻ جوابده ٿيڻ، تعميري تنقيد کي ڀليڪار ڪرڻ، پنھنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ، سان ئي کٽي سگھجن ٿيون. ائين ئي ڪرڻ سان مڪامي پارٽي جي رھنمائن کي پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن کي عازي نيازي ڪري شاھي خرچ ڪري اليڪشن مھم ھلائڻ بدران مڪامي نمائيندن جا نياز ۽ نياپا ئي وڏا ڪم ڪري وجھندا آھن. ضرورت ان ڳالھ جي آھي تـ پُراڻي سوچ وارا فرسوده سسٽم ترڪ ڪري جديد وقت جي تقاضائين پٽاندر قدم کڻي قوم جي وسيع تر مفاد ۾ سوچڻ سان ئي ٻيھر ” اڄ تـ ٿي وئي ڀٽو ڀٽو“ وارا نعرن جي گونج ٻيھر قائم ۽ دائم رکي سگھجي ٿي ٻي صورت ۾ پارٽي جو سفر ڪروڙن مان لکين، لکن مان ھزارين، ھزارن مان سوين ۽ سون مان وري ٻُڙي وارو تسلسل کان بچڻ مُشڪل نظر ٿي پوندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو