ورهاڱي جي ور چڙهيل راڄي راوڙي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ورهاڱي جي ور چڙهيل راڄي راوڙي

    پروفائل رپورٽ ۽ تصويرون : نصرالله جروار

    سنڌ جي سرزمين تي اڻڳڻيون ڪهاڻيون پنهنجون پنهنجون وارتائون سڻائين ٿيون، جن ڪهاڻين جو حقيقتن سان گهرو تعلق تـ آهي ئي آهي پر ڪي ڪهاڻيون اصل ۾ ڳالهائيندڙ حقيقتون آهن، ۽ اسان وٽ اڄ هڪ اهڙي حقيقت جو وجود موجود آهي، جنهن وجود جي دردن جي شروعات برصغير جي ورهاڱي جي لڪير واري ڏينهن کان ٿي ۽ اڃان تائين اُن وجود جو پيڇو اُهي درد ڪندا رهن ٿا. سنڌ ۾ ورهاڱي وارو دور ايڏو دردناڪ ۽ ڀيانڪ نـ هو جو سنڌ جي ورهاڱي وارن ڏينهن متعلق ڪو غدار ناول جهڙو ڪتاب لکيو وڃي ها، غدار ناول جيڪو ڪرشن چندر جو اُهو ناول آهي جنهن ۾ پنجاب ۾ ورهاڱي واريون خوفناڪ قتل و غارت گري جهڙيون تصويرون چٽيل آهن، پر سنڌ ۾ برصغير واري ورهاڱي جي تصوير جو رخ مثبت انداز وارو رهيو جو سنڌ ۾ اهڙا ڀيانڪ ۽ انسانيت کي لڄائيدڙ واقعا نـ ٿيا،( صرف چند واقعن جي) جهڙا پنجاب ۾ ٿيا ، جنهن جو چٽو ثبوت اسان کي اڄ بـ اُها ڏيئي لڳ پراڻي نصيرواه جي چنڊڙي جي پتڻ تي موجود جهوني 100 سال کان بـ وڌيڪ عمر رکندڙ راڄي راوڙي جي صورت ۾ ملي ٿو جنهن کي سنڌ ۾ پناه ملي پر هن کي سنڌ پنهنجو ڪيو . راڄي راوڙي جيڪا اصل ۾ هندستان جي شهر راڌڻ پورواري علائقي جي لاڏائو قبيلي راوڙن سان تعلق رکندڙ آهي، جيڪو لاڏائو قبيلو هدستان جي ڪڇ ۽ راجستان واري حصي ۽ پاڪستان جي سنڌ خاص ڪري لاڙ ٿر ۽ وچولي ۾ ملي ٿو. جيڪو محنت مزدوري سان گڏ پني بـ ٿو. ورهاڱي کان اڳ ۾ هتان جا لاڏائو قبيلا راجستان ۽ ڪڇ تائين ويندا هئا ۽ راجستان ۽ ڪڇ جا لاڏائو قبيلا سنڌ ۾ ايندا هئا ان وقت نـ سرحد هئي ۽ نـ ڪنهن شناختي ڪارڊ ويزا يا پاسپورٽ جي ضرورت هئي. راڄي راوڙي جيڪا ورهاڱي کان چند ڏينهن اڳ ڪارونجهر جي هنج ۾ موجود ننگر پارڪر شهر ۾ سندس عزيزن وٽ گهمڻ آئي تـ اوچتو ورهاڱي جي وڍن واري لڪير نڪري ويئي راڄي راوڙي پنهنجي وطن کان بي وطن ٿي ويئي ۽ هن جو وجود بـ ورهاڱي جي لڪير ٻـ اڌ ڪري ويئي سندس مڙس ۽ چار پٽ راڌڻ پور واري علائقي ۾ رهجي ويا. هاڻ راڄي راوڙي ٿر جي ڀٽن ۾ ڀٽڪڻ لڳي هن جي لاءِ ٿر جي واري جون ڀٽون ۽ لاڙ جا پوٺا اجنبي نـ هئا ڇو تـ هنن لاڏائو قبيلن جو ٿر توڙي لاڙ ۾ لڏي اچڻ ۽ لڏي وڃڻ معمول بنيل هو راڄي جو چوڻ آهي تـ آئون جڏهن ننڍڙي هئس تڏهن بـ هن لاڙ ۽ ٿر ۾ لڏ پلاڻ ڪري ايندڙ سندس مائٽن سان گڏ ايندي هئس. هن جو مڙس ۽ سندس ٻار هندستان جي شهر راڌڻ پور ۾ رهجي ويا ۽ هيءَ سنڌ جي شهر ننگر پارڪر ۾ رهجي ويئي تڏهن ننگر پارڪر جي لاءِ اها چوڻي مشهور هئي پارڪر جا پهاڙ، جهنگ ۽ جهاڙ، رڳو آهي بک ۽ اگهاڙ، رڻ ۽ رائو، لنگهـ لاهو، مال بـ رکن ماهو، تـ بـ ڍائو ڪو ڍونڍيو لڀي! رڻن ۾ رڃ رڳي سڃ ئي سڃ،اچ وڃ جو اهنج، سڄوئي ڀڙڀانگ، نڪو ساٿي نڪو سانگ، جتي ڪانگ جي اک نڪريو پوي.( پراڻو پارڪر منگها رام اوجها) ۽ ها ان ننگر پارڪر جي ان شهر ۾ پنهنجي عزيزن سان ملڻ آئي تـ هن جي لاءِ سندس ئي پنهنجي وطن واپس ورڻ وارو رستو بند ٿي ويو هان وڃڻ لاءِ ويزا ۽ پاسپورٽ جي ضرورت پئجي ويئي هن راڄي راوڙي کي ڪهڙي خبر تـ ويزا ۽ پاسپورٽ ڇا ٿيندو آهي؟ هنن لاڏائو قبيلي جي گذريل ڪيترن ئي نسلن صدين تائين هن برصغير جي مختلف حصن جا الئي ڪيترا صفر ڪيا پر صدين تائين هنن جي بـ نسل جي ڪنهن بـ ماڻهو کي اهو چيئي نـ روڪيو ويو تـ هيڏانهن نـ وڃ هيءَ ٻيو ملڪ آهي، هن جي لاءِ ويزا ۽ پاسپورٽ ٺهرائي پوءِ وڃ، پر هاڻ تـ ويزا ۽ پاسپورٽ جي ضرورت ٿي ويئي . راڄي رواڙي جنهن جو اصل نالو راڄو آهي پر راڄي کيس هتان جا ماڻهو پيار مان راڄي چوندا آهن، هيءُ مائي دردن جي جي لهرن جا لوڏا کائيندي اڃان تائين هندستان جي راڌڻ پور واري علائقي ۾ رهجي ويل پنهنجي مڙس ويرسي مل کي ۽ چئن پٽن کي ياد ڪري روئي پوي ٿي، سندس مڙس ويرسي مل جو تـ نالو اڃا تائين ياد آهي سندس هندستان ۾ رهجي ويل پٽن جا نالا وسري ويا اٿس. جيتوڻيڪ راڄي راوڙي پنهنجي خاندان کان وڇڙڻ کانپوءِ هتي شادي بـ ڪيئي ۽ ان مان چار پٽ جڙيو ، ڏائِلو، رولو۽ طوطو آهن سندس وڏي پٽ جڙيو جي عمر هن وقت 60 سال آهي ۽ کيس 5 ڌيئرون ريشمان،ذهمان، شاڻي، پالوڙي ۽ هردي آهن. هن جهوني راڄي جو اڃان تائين شناختي ڪارڊ بـ نـ ٺهي سهگيو. راڄي عمر جي هن حصي ۾ اڃان تائين محنت ۽ مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪري ٿي جنهن ۾ ڀاڄيون ۽ ميوات گڏه تي يا گڏ گاڏي تي کڻي وڃي ڏيئي شهر ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ وڪرو ڪري ٿي هيءَ ڪنهن جي اڳيان هٿ نـ ٿي ٽنگي ۽ پنڻ کي عيب سمجهي ٿي. راڄي راوڙي اڃان تائين پنهنجي برادري جا فيصلا پاڻ ڪندي آهي. هن جو چوڻ آهي عزت ڏجي ۽ وٺجي پنهنجو حق حلال جو ڪمائي کائجي هن جو چوڻ آهي ورهاڱي کان اڳ ۾ راڌڻ پور واري علائقي ۾ آئون ست راڄي سنڀاليندي هئس مطلب ستن راڄن جا فيصلا ۽ نبيرا ڪندي هئس پر قسمت جو مون کي پنهنجي وطن کان پري ڪري ڇڏيو ۽ آنڊن مان ڄاول ٻچن کان وڇڙي ويس انهن لفظن تي راڄي جي اکين مان لڙڪ لڙي ٿا پون. راڄي راوڙي ٻڌائي ٿي تـ هندستان ۽ پاڪستان جي ٺهڻ بعد هو پارڪر مان نڪري ٿر مان پيرين پنڌ ڪندي ڪيترن ئي مهينن کان پوءِ ڏيپلو پهتي جتي ڪجه وقت کان پوءِ وري بـ پيرين پنڌ نئون ڪوٽ ۽ بعد ۾ جهڏو گدام موجود جهڏو شهر پهتي. راڄي ٻڌائي ٿي تـ جنهن وقت جهڏو گدام آئي هئس تڌهن صرف چند دڪان هئا ۽ ريلوي اسٽيشن هئي ٻيو ڪجه بـ نـ هو . جهڏو کان پوءِ هيءَ پراڻي نصيرواه جي ڪپ تي چنڊڙي جي پتڻ نالي ڳوٺ ۾ اچي ويهي رهي ۽ اُتي هن پنهنجي نئين زندگي جي شروعات ڪيئي. پر هن جي دل مان سندس اڳوڻي مڙس ۽ چئن پٽن جي وڇوڙي جو درد نـ ويو ۽ اهو درد هن جهور پوڙهي کي اڃا بـ روئاريندو رهي ٿو، راڄي اڃا بـ پر اُميد آهي تـ جيڪڏهن حڪومت مدد ڪري تـ سندس مڙس ۽ پٽن سان ملي سگهان ٿي . اسان جي هن سماج ۾ لاڏائو ۽ پينو قبيلن جي ماڻهن کي انهتائي نفرت جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي، پر اسان جي هن سماج ۾ ڪي اهڙا ڪردار بـ آهن جيڪي هنن پينو قبيلن جي ماڻهن جي احساسن کي سمجهن ٿا، اهڙو ئي هڪ ڪردار ۽ ڏيئي شهر جو رهواسي نوجوان شاعر ، ليکڪ ۽ پرائمري اُستاد عبدالمجيد جمالي هن جهور پوڙهي راڄي جي احساسن جو ترجمان بنجي ويو ۽ هن جي ڪوشش سان سندس وڏي ڀاءُ ماستر عبالڪريم جمالي ۽ هتان جي مقامي زميندار مرحوم نور محمد جمالي راڄي راوڙي ۽ سندس خاندان کي گهرن جي لاءِ زرعي زمين گفٽ ڪيئي آهي جنهن جو اڄ بـ راڄي راوڙي ۽ سندس خاندان ٿورو مڃي ٿو. راڄي راوڙي چوي ٿي تـ اڳي ملڪ ۾ محبت ۽ سچائي هوندي هئي هاڻ رڳو نفرت، ڪوڙ ۽ ٺڳي آهي.هوءَ ان ڏڪار جون بـ ڳالهيون ٻڌائي ٿي تـ ڏڪار ۾ هفتو هفتو بکون ڪاٽيندا هئا ۽ ڄار جا ڇوڏا لاهي ماڻهو کائيندا هئا ۽ هن بـ کاڌا، هوءَ ٻڌائي ٿي تـ ان صورتحال ۾ ماڻهن ۾ صبر هوندو هو. هاڻي ماڻهن مان صبر موڪلائي ويو آهي. هن ٻڌايو تـ سندس عمر تقريبن هڪ سئو ويهـ سال ٿيندي. هن وقت هن جي خاندان ۾ ننڍا وڏا 200 فرد آهن سندس ٻي مڙس جو نالو پڻ ويرسي مل هو جيڪو ڪيترائي سال اڳ فوت ٿي ويو آهي.

    رپورٽ ۽ تصويرون نصرالله جروار

    Cell no 03322196861
    Cell no 03473529922

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,746
    ورتل پسنديدگيون:
    5,803
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ٻُڍڙي جهڙا ٻيا به انيڪ ڪردار هوندا جن کي ورهاڱي جي درد وڍيو. يار ڇا ته ظلم آهي. هڪ عورت سان اهڙو ظلم ٿئي جنهن کي پنهنجي ٻارن جا نالا به وسري وڃن.
    الائي ڇا مليو انهن کي جن لڪيرون ڪڍيون ۽ مُلڪ ٺاهيا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    لکيو منجھ نراڙ قلم ڪياڙيءَ نہ وهي..... پوڙهيءَ جو درد اهي ئي سمجهي سگهن ٿا ،جن جا جگر جدا ٿيا هجن .انسانيت جو اهڙو ڪو قانون ڇو ناهي بڻجي سگهيو جو وڇڙيلن جي واهر هجي .اسان جون دعائون هن ٻڍڙيءَ سان آهن . الله پاڪ پاڻ ئي ڪنهن وسيلي هن جي آس پڄائيندو....
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو