1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

پاڏن جو پير احمد راڄو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,381
    ورتل پسنديدگيون:
    26,823
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پاڏن جو پير احمد راڄو
    جتي چئن صدين پڄاڻان اڄ به هر مهيني احمد راڄي جي نالي ڪيل پاڏا ڪٺا وڃن ٿا..
    رپورٽ ۽ تصويرون: نصرالله جروار


    سنڌ جنهن کي اوليائن، درويشن، ولين، پيرن، فقيرن ۽ صوفي بزرگن جي ڌرتي چيو وڃي ٿو. سنڌ جي هر واهڻ ۽ وستي ۾ ڪنهن نـ ڪنهن ولي يا صوفي بزرگ جو مقبرو يا مزار موجود آهي ۽ هر مقبري ۽ مزار ۾ رنگين پڙن هيٺان مدفون درويش ۽ بزرگ جي اسان کي ٻڌڻ لاءِ جدا جدا ڪهاڻي ملندي پر ان ڪهاڻين ۾ هڪ رنگ ضرور ملندو اهو رنگ صوفيت ۽ انسانيت جو آهي جنهن ۾ محبت، پيار ۽ سچائي جي رنگين مزاج واري لباس ۾ سنڌ اڄ بـ رنڱيل آهي اها ٻي ڳالهـ آهي تـ انتها پسند قوتون سنڌ جي تن تان اهو لباس لاهي کيس نفرت ۽ خون ۾ رنڱيل بدبودار لباس پهرائڻ لاءِ تيزي سان پنهنجا پر پکيڙي رهيون آهن. سنڌ ۾ درگاهون جيڪي بي سهارا ماڻهن جي سڪون جو سبب هجن ٿيون ها ان جا ڪجهـ منفي اثر ضرور آهن پر انهن درگاهن مان نفرت آميز جذبا نـ ٿا اڀاريا وڃن جيڪي وڃي ڪا خون جي هولي کيڏن. سنڌ جي هر درگاه کي سنڌي سماج بغير ڪنهن مذهبي مت ڀيڌ جي احترام جي نگاه سان ڏسي ٿو.
    اسان جو سفر هڪ اهڙي درگاه ڏانهن آهي جيڪا درگاه پاڏن جي پير احمد راڄو جي نالي سان سڏي وڃي ٿي درگاه احمد راڄو ضلعي بدين جي تعلقي گولاڙچي ۾ گولاڙچي کان 32 ڪلو ميٽر پري ڏکڻ طرف رڻ جي ڪنڌي تي آهي. هن درگاه جي منفرد سڃاڻپ اها آهي تـ هن درگاه ۾ مدفون احمد راڄي کي پاڏن وارو پير چيو وڃي ٿو، خالي نـ چيو وڃي ٿو پر احمد راڄي جي نالي سان هن جا عقيدت مند ۽ ٻيا عام ماڻهو هن جي نالي سان پاڏا ڪري درگاه تي ڇڏي ايندا آهن ۽ ڪي عقيدت مند وري هن درگاه جي نالي سان پاڏو ڪري هر نئين چنڊ جي پهرين آچر تي سندس درگاه سان منسوب ڪيل پاڏا ڪاهي درگاه تي ايندا آهن. احمد راڄي جي نالي سان ڪيل پاڏي جي ڪن کي ڪٽ ڏيئي مخصوص نشان ڪيو وڃي ٿو اها ان پاڏي جي سڃاڻپ هوندي آهي تـ هيءَ پاڏو درگاه احمد راڄي جو پاڏو آهي ان پاڏي کي ڪو بـ ڳوٺاڻو يا زميندار جهل پل نـ ڪندو آهي ڀلين ڪهڙي بـ فصل ۾ ڇو نـ چري ۽ ڪو بـ چور احمد راڄي جي نالي سان ڪيل پاڏن کي چوري نـ ٿو ڪاهي. ڪهڙي نـ منفرد ڪهاڻي آهي هن درگاه جي آئون سوچيان ٿو منهنجي سوچن جو تسلسل ان وقت ٽٽي ٿو پوي جڏهن هڪ نوجوان حنيف درس اسان سان اچي ملي ٿوجيڪو اسان جوهتان جو ميزبان آهي . حنيف درس پاڪ رينجرس ۾ سپاهي آهي جيڪو هن وقت موڪل تي ڳوٺ آيل آهي هيءَ نوجوان اسان کي درگاه جي ڪيترن ئي ڳالهين کان آگاه ڪري ٿو هن درگاه جون ڪئي منفرد ڳالهيون ٻڌائي ٿو. هن ٻڌايو هيءَ بزرگ اصل ڪڇ جو هو سندس والد ۽ ڀاءُ جون مزارون اڄ بـ ڪڇ ۾ موجود آهن هن ٻڌايو ِ تـ اهي بـ ڪاني ڪرامت وارا بزرگ هئا. هن بزرگ لاءِ اها ڳالهـ مشهور آهي تـ هيءَ پاڻ رازڪو ڪم ڪري پنهنجو گذر ڪندو هو، هن بزرگ کي ڪاني ڪرامت وارو بزرگ چيو وڃي ٿو. هيءَ بزرگ 10 صدي هجري جو ٻڌايو وڃي ٿو هن بزرگ جي لاءِ اها ڳالهـ مشهور آهي تـ هيءَ بزرگ ڪنهن سفر تي وڃي رهيو هو هن جو گذر واسو ماڻهن وٽان ٿيو لاڙ ۾ واسو ماڻهو انهن کي چيو ويندو آهي جيڪي وس تي مال ڪاهي وڃن هن بزرگ انهن واسو ماڻهن کان کير گهريو تـ هنن کير ڏيڻ کان انڪار ڪيوتـ هن بزرگ چيو تـ لسي پياريو تـ هنن لسي بـ هن بزرگ کي نـ ڏني جنهن تي هيءَ بزرگ ناراض ٿي هليو ويو شام ٿي تـ جهنگ ۾ ويل مال جيڪو مينهيون هيون واپس وٿاڻ تي نـ آيون ائين ئي 12 مهينا گذري ويا 12 مهينن کان پوءِ وري هن بزرگ جو ساڳئي هنڌان گذر ٿيو تـ هنن واسو ماڻهن کيس سڃاڻي ورتو تـ جنهن شخص کي اسان ناراض ڪيو هواهو ساڳيو ئي ماڻهو آهي جنهن جي شايد بدعا سان اسان جون مينهيون سال کان غائب آهن هنن بزرگ کان بخشرائي معافي ورتي جنهن بزرگ چيو تـ وٿاڻ صاف ڪريو ۽ ميهن جا ڪلا هڻو شام جو سڀ ميهيون وٿاڻ تي اينديون ۽ شام جو 12 مهينا اڳ ۾ غائب ٿيل ميهنيون موٽي وٿاڻ تي آيون ان کان پوءِ انهن واسو ماڻهن بزرگ کي پاڏا ڏيڻ شروع ڪيا بزرگ اهي پاڏا ڪهي خيرات ڪري ڇڏيندو هو ان کان پوءِ هن بزرگ کي پاڏن وارو پير چيو وڃي ٿو.
    اهو پاڏن جي گوشت وارو ننگر هن بزرگ جي درگاه تي چئن صدين گذرڻ کان پوءَ جئين جو تئين جاري آهي هن بزرگ جا عقيدت مند هر نئين چنڊ جي پهري آچر تي احمد راڄي جي نالي ڪيل پاڏا ڪاهي درگاه جي پڙ ۾ اچي ڪهندا آهن ۽ هر نئين چنڊ جي پهرين آچر تي 5 کان 7 سان پاڏا درگاه جي پڙ ۾ ڪٺا ويندا آهن ۽ پاڏن جي سير وارو رت ماڻهو پلاسٽڪ جي بوتلن ۽ ٻين ٿانون ۾ کڻي درگاه تي ايندڙ مريضن جي جسم کي هڻندا آهن هن جو عقيدو آهي تـ احمد راڄي جي پاڏي جي سير وارو رت هڻڻ سان مريض کي شفا ملندي آهي انهن پاڏن جي گوشت کي ديڳن ۾ وجهي اٻاڙيو ويندو آهي ۽ ان اٻاڙيل گوشت ۾ چانور، پاڻي، لوڻ ۽ ڪارا مرچ وجهي ڀت تيار ڪيو ويندو آهي پاڏن جي گوشت ۾ هڪ سئو کان بـ مٿي ڀت جون ديڳون تيار ڪيون وينديون آهن جيڪي اُتي درگاه تي موجود عقيدت مندن ۽ ٻين زيارت ڪندڙن کي کارايو ويندو آهي هر نئين چنڊ جي پهرين آچر تي ضلعي بدين جي ساحلي پٽي جي ڪيترن ڳوٺن جا غريب ماڻهو احمد راڄي جي پاڏن جي گوشت ۾ رڌل خيرات وارو ڀت کائڻ لاءِ اچن ٿا ان کان علاوه بدين، گولاڙچي، جاتي، ڪڙيو گهنور، سيراڻي، ڀڳڙا ميمڻ ۽ ٻين شهرن کان پڻ هن درگاه جا زائرين ۽ عقيدت مند جيڪي سون جي تعداد ۾ هجن ٿا پڻ انهن کي هيءَ ڀت کارايو وڃي ٿو پاڏن جي گوشت ۾ رڌل سادو ڀت انتهائي لذيذ هجي ٿو هتي ڪٺل پاڏن جو گوشت توڙي ڀت درگاه جي پڙ کان ٻاهر کڻي وڃڻ تي پابندي آهي. هن بزرگ جي عقيدت مندن موجب گوشت يا ڀت درگاه جي پڙ کان ٻاهر کڻي ويندڙ کي نقصان ٿيندو آهي. درگاه جي ٻاهران چوپائي مال جا چڙا ۽ کرڪيون ٽنگيل آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو ڀاڳين جي مال ۾ جڏهن بيماري پوندي آهي تـ ڀاڳيا اتان چڙا يا کرڪي کڻي مال ۾ ٻڌندا آهن ۽ نئون چڙو يا کرڪي اتي ٽنگي ويندا آهن هنن جو عقيدو آهي تـ درگاه جو ٽنگيل چڙو يا کرڪي ٻڌڻ سان مال مان بيماري ختم ٿي ويندي آهي.
    هن بزرگ جي عقيدت مندن موجب احمد راڄو جي زيارت ڪرڻ کان پهرين درگاه جي پاسي ۾ هڪ ننڍڙي درگاه جيڪا ڏاڏي آس ٻائي جي نالي سان آهي پهرين ان درگاه جي زيارت ڪرڻ لازمي هوندي آهي پوءِ هن بزرگ جي زيارت ڪبي آهي ڏاڏي آس ٻائي لاءِ چيو وڃي ٿو تـ هي ذات جي ڪنڀر عورت هئي جنهن کي هن بزرگ دين جي ڀيڻ ڪري سڏيو هو. ڏاڏي آس ٻائي هن بزرگ جي خدمت ڪندڙ هئي، هن درگاه جا عقيدت مند توڙي ٻيا زائرين پهرين ڏاڏي آس ٻائي جي زيارت ڪن ٿا ان بعد هن بزرگ جي زيارت ڪن ٿا ان بعد هن بزرگ جي مزار کان ڪجهـ وکن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف ڪچي مزار آهي ان جي زيارت ڪن ٿا جنهن تي سون جي تعداد ۾ ٺڪر ۽ پلاسٽڪ جا پاڻي ڀرڻ وارا ڪرا ۽ لوٽا پيل آهن جيڪي عقيدت مند ۽ ٻيا زائرين کڻي ان مزار تي رکن ٿا هن کي ڪرن وارو پير چيو وڃي ٿو هن بزرگ لاءِ چيو وڃي ٿو تـ احمد راڄي جو همعصر آهي ۽ هيءَ بزرگ هن جاءِ تي رڻ جي مسافرن جي لاءِ صاف پاڻي جا ڪرا ڀري رکندو هو تـ جئين ڪو رڻ جو اڃايل مسافر پاڻي پيءُ اڃ اجهائي سگهي. پر هن وقت جديد دور ۾ ضلعي بدين جي هن ساحلي پٽي جا ماڻهو پاڻي جي بوند لاءِ تڙپن پيا، هن علائقي ۾ پاڻي جي نـ هجڻ جي شڪايت ڪندي هن درگاه جي عقيدت مند هڪ پيرسن عورت سڪينا جيڪا هن ئي ڳوٺ احمد راڄي جي رهاڪو آهي ٻڌايو تـ سمنڊ ويجهو هجڻ سبب جر جو پاڻي کارو آهي جنهن ڪري هن علائقي ۾ مٺو ۽ صاف پاڻي نـ هجڻ سبب ماڻهو ۽ مال سورن ۾ آهي هن زندگي جي ٻين بنيادي سهولتن جي اڻ هوند سان گڏ مٺي پاڻي جي کوٽ جي تمام گهڻي شڪايت ڪئي، هن پيرسن ٻڌايو تـ هن علائقي ۾ غربت تمام گهڻي آهي ۽ روزگار جا وسيلا نـ هئڻ برابر آهن ان ڪري ماڻهو مال تي گذران ڪن ٿا پر هتي تـ ماڻهن جي لاءِ بـ مٺو پاڻي نـ آهي ان ڪري هنن ماڻهن جي لاءِ چوپايو مال پالڻ پڻ وڏو مسئلو بنجي ويو آهي هتان جي ماڻهن کي هر شڪايت سان گڏ هتان جي چونڊيل نمائندن جي ڪن لاٽار جي بـ وڏي شڪايت آهي ان سلسلي ۾ هن درگاه تي آيل سيراڻي جي صحافي شاهنواز چاوڙو ٻڌايو هن ڳوٺ جو نالو احمد راڄو آهي ۽ ديهـ ، تپي يوسي جو پڻ نالو احمد راڄو آهي هن ٻڌايو تـ هتي درگاه تي عقيدت مندن توڙي زيارتين جي لاءِ سرڪار پاران ڪي بـ سهولتون نـ آهن هن ٻڌايو تـ هن درگاه کان پوءِ ڏکڻ اوڀر طرف رڻ ۽ پوءِ سمنڊ آهي اسان جا چونڊيل نمائندا ووٽن واري وقت تـ ڏينهن رات هن رڻ واري علائقي ۾ موجود هوندا آهن پر اليڪشن جي ٽائم گذري وڃڻ کان پوءِ هن علائقي جي ماڻهن جو ڪو بـ ڌڻي سائين نـ هوندو آهي، هن چيو تـ ضلعي بدين جي ساحلي پٽي جا ماڻهوغربت جي لڪير کان بـ هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن هن علائقي ۾ زندگي جي ڪا بـ بنيادي سهولت نـ آهي شاهنواز چاوڙي هن رڻ واري علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جي سورن جا ڪيترائي داستان ٻڌايا.
    دنيا جا ساحلي علائقا امير ترين هوندا آهن ۽ اتي زندگي جي هر بنيادي سهولت موجود هوندي آهي پر اسان جي هن ضلعي بدين سميت سڄي سنڌ جو ساحلي پٽي وارو علائقي جي ماڻهن جو مقدر الئـ ڇو ڦٽل آهي جو هيءَ علائقو رڻ ۾ تبديل آهي هن علائقي جي ماڻهن جون قدرتي آفتون جن ۾ طوفان، زلزلا، ٻوڏون، سوڪهڙي وارو ڏڪار، تيز گرم لُڪون ۽ جهولا ۽ ٻيون هٿرادو انساني هٿن جو پيدا ڪيل آفتون هنن جي مقدر ۾ شامل هجن ٿيون ۽ هنن بي سهارا مصيبت ماريل ماڻهن جي دل جو ڪو سڪون جو سبب هجن ٿيون تـ اهي درويشن ۽ بزرگن جون درگاهون ئي هجن ٿيون، جتي هر مصيبت ماريل ماڻهو ان درويش ۽ بزرگ جي خيالي دربار ۾ پهچي پنهنجن اهنجن جو سور سڻائي دعا پنن ٿا.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو