فقير ناٿو لنڊ : رڻ ۾ روهيڙي جهڙو ماڻهو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    فقير ناٿو لنڊ : رڻ ۾ روهيڙي جهڙو ماڻهو

    تحرير نصرالله جروار


    سچ چوان تـ راڄ ٿو رسي، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ،
    چئو ناٿا ڪيڏانهن وڃان، ٻنهي پـــاسي ســــور،
    جي چوان ٿو ڪاري کي، تون ڪارو تـ ڪارو ٿو ڪاوڙجي،
    جي چوان ٿو ڳوري کي ڪارو، تـ جڳ سڄو ٿو ڪاوڙجي،
    ناٿو تـ آهي ڦاٿو، چئو ڪيڏانهن وڃان،
    سنڌ، سرو،ٿر، لاڙ ڍورو نارو ٿو ڪاوڙجي

    هنن سٽن جو تخليڪار تقريبن 90 سالن جي ڄمار وارو شخص چاچو ناٿو لنڊ اڄ بـ پنهنجي هن عمر ۾ بـ سندس ڳوٺ شيخاڻي گهاڙي ۾ رڻ ۾ ايندڙن لاءِ روهيڙي جي وڻ جيان ٿڌي ڇانو بنيل آهي، سندس ڪکائين اوطاق سدائين جي لاءِ مهمانن جي لاءِ ڀرجهلو رهندي اچي پوءِ ڀلين ڏڪار هجي يا سڪار پر هن فقير شخص جي فقيراڻي تڏي تي پهچندڙ مهمان جي آجيان پاڻ ۽ سندس پٽ دل کولي ڪن ٿا ڏڪار تـ ڄڻ هنن جو سالن کان سور ڏيندڙ ساٿي بنجي ويو آهي ۽ سڪار تـ هنن لاءِ هاڻ هڪ اهڙو خواب بنيل آهي جيڪو سالن پڄاڻان ننڊ ۾ بـ نظر نـ ٿو اچي، هن ولاسي ۽ مانڌر جي ماڻهن جا سور ٻڌڻا هجن تـ هن فقير ناٿي لنڊ کان ٻڌجن،هن علائقي جي وڇڙي ويل پکين جي وڇوڙي جو درد ٻڌجي تـ فقير ناٿي لنڊ کان ٻڌجي، هن علائقي جي بيابان ٿيڻ جا درد ٻڌجن تـ ناٿي لنڊ کان ٻڌجن هن علائقي جي سڪار وارن ڏينهن جا دلربا قصا ٻڌجن تـ فقير ناٿي لنڊ کان ٻڌجن هن علائقي ۾ ايل بي اوڊي جي تباهڪارين جون ڳالهيون ٻڌجن تـ هن فقير شخص کان پڇجن فقير ناٿو لنڊ هن ولاسي جي سڪار وارن سدا ملوڪ ڏينهن جو اکين ڏٺو گواه آهي تـ هن ولاسي جي اجڙي وڃڻ جو بـ گواه آهي تـ هي ولاسو ڪئين اجڙيوهتي لوڻ وارو رڻ ڪئين ٿيو هتي سمنڊ کي رستو ڪنهن ڏسيو جو اڄ سمنڊ ايل بي اوڊي جي روپ ۾ هاڻ تـ ڪڍڻ بـ ڪراس ڪري چڪو آهي، ان جو هڪ ڊگهو داستان هن فقير جي دل ۾ سمايل آهي. فقير ناٿو لنڊ مهمان جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ سان گڏ سندس اوطاق جي ڄار جي وڻ هيٺ هڪ ٿانون پاڻيءَ سان ڀريل پکين لاءِ بـ رکندو آهي نـ رڳو خالي پکين لاءِ پاڻي رکندو آهي پر پکين جي چوڳي لاءِ ان جا داڻا بـ رکندو آهي. فقير ناٿي لنڊ جو ڳوٺ شادمان لنڊ شيخاڻي گهاڙي ۾ آهي جنهن جي ٽن طرفن اولهـ ، ڏکڻ ۽ اُڀر کان رڻ جو گهيرو آهي ۽ اُتر کان ايل بي اوڊي جهڙو خطرناڪ سم نالو آهي جيڪو روزانو زمين کي پائيندو ۽ پنهنجي ويڪر وڌائيندو اچي اهڙن ڏکين حالتن ۾ ناٿو لنڊ ۽ سندس خاندان ۽ ٻيا هن علائقي جا ماڻهو وس پڄندي پنهنجا اباڻا پڊ ڇڏڻ لاءِ تيار نـ آهن منهنجي ذهين جي ڪنهن ڪنڊ مان شاه صاحب جو هيءَ سٽون تري آيون

    سڃو تـ بـ ساڻيهـ ، تـ بـ ولهيائين ويترو،
    گهوريان سو پرڏيهـ، توڻي ڦلن ڇانئيو،

    (شاه)

    هن علائقي جو جيترو ماضي خوشحال هو تهڙو هن علائقي جي ماڻهن جو حال برو ۽ بد نصيب آهي ۽ باقي هن علائقي جو مسقبل تـ ايترو اونداهو نظر اچي پيو جنهن جو اظهار ڪرڻ ممڪن ئي نـ آهي پوءِ بـ فقير ناٿي لنڊ جهڙن ماڻهن جي اکين ۾ هڪ اهڙي روشن مسقبل جون اميدون اڃان باقي آهن تـ خوشحالي وري موٽي ايندي هوءُ هن علائقي جي ماضي جي خوشحالي جا قصا ٻڌائيندي چوي ٿو تـ هيءُ ولاسو، مانڌر ۽ ڪڪرالو اڳ سر سبز ۽ شاداب علائقا هئا هتي ماڻهن وٽ مال جا ڌڻ هوندا هئا رڳو مالوند ماڻهن جا هيءَ علائقا ديس هوندا هئا پر بئراج واري علائقي جا ريٻاري بـ اُٺن جا وڳ سانوڻي جي وسڪاري ۾ ڪاهي ايندا هئا ۽ ڪتي جو موٽي پنهنجي ماڳ ويندا هئا سي ئي جوڀن ڏينهن ولاسي جا ياد ڪندي فقير ناٿي لنڊ جي نڙي ۾ آواز گهٽجڻ لڳي ٿو ۽ هن جي دل سڏڪي ٿي پر اکين مان لڙڪ نـ ٿا وهن شايد هيءَ ايترو رنو آهي جو هاڻ هن اکين جا لڙڪ وهڻ پڻ هن ولاسي جي خوشحالي جيان بـ ماضي جو قصو بنجي ويا آهن. فقير غلام حسين لنڊ جي گهر ۾ 7 جون 1926 ۾ جنم وٺندڙ فقير ناٿو لنڊ پرائمري تعليم سيراڻي مان حاصل ڪئي پنهنجي ان دور جون يادگيرون ٻڌائيندي چوي ٿو تـ مون کي اُهي ڏينهن ياد آهن جڏهن منهنجا واڻيا اُستاد جهامن داس ۽ گنگا رام هتان روئيندا پنهنجو وطن ڇڏي ويا هن ٻڌايو هڪ ڏينهن اسان کي سائين گنگارام لوهاڻي چيو تـ منهنجي گهر جو سمورو سامان آڻي ٻاهر رکو تـ نيلام ڪريون اسان شاگردن سائين جي چوڻ تي سندس گهر جو سمورو سامان جنهن ۾ هندورا، کٽون،هنڌ وڇاڻا ۽ ٻيو گهر جو سامن آڻي ٻاهر رکيو ۽ سائين پٿلي ماري سامان وٽ ويهي رهيو اسان کي ان وقت اها سمجهـ نـ پئي آئي تـ سائين گنگارام گهر جو سامان ڇوپيو نيلام ڪري؟ سيراڻي جا آس پاس جا ماڻهو سائين گنگارام کان اڌ رقم کان بـ گهٽ رقم ۾ سندس سامان وٺندا رهيا سائين گنگارم نماڻن نگاهن سان رڳو ڏسندو رهيو ۽ جنهن جيتري رقم ٿي چئي سائين گنگارام جي وات مان آواز ڪو نـ ٿي نڪتو رڳو هٿ جي اشاري سان پئي چائين کڻي وڃ آئون بـ سائين گنگا رام جي نماڻين نگاهن ۾ نهاريندو ئي رهجي ويس پر هن کان پڇي نـ سگهيس تـ سائين اهو سامان ڇو ٿو نيلام ڪرين؟ ٻيو هو بولو سونارو جنهنجو سيراڻي ۾ سونارڪو دڪان هو جنهن سان منهنجي مائٽن جي تمام گهڻي دوستي هوندي هئي ان وٽ منهنجي خرچي منهنجا مائٽ ڇڏي ويندا هئا جنهن کان آئون وٺندو هئس اهو بـ مون کي ياد ٿو اچي ۽ منهنجا وڇڙيل ڪلاسي واڻيا ڇوڪرا مرچو ۽ منگهو بـ ياد ٿا اچن، فقير ناٿو لنڊ اهو بـ ٻڌائي ٿو تـ آئون واڻين وانگر ڪنن ۾ ڪيوٽيون پائيندو هئس ان ڪري اڌ واڻيو ٿيو پيو هلندو هئس هن کي واڻين جي لڏ پلاڻ واري ياد روئاريو ٿي وجهي فقير ناٿو لنڊ انهن مسلمان استادن کي پڻ ياد ڪري ٿو جن وٽ پڙهيو هو انهن ۾ محمد عرس منڌرو، حاجي عبدالله منڌرو لکاڏنو واڍو اهي سڀ سيراڻي جا استاد هئا، فقير لکاڏنو اڄ بـ انهن استادن لاءِ نماز پڙهڻ کان پوءِ دعا گهرندو آهي پر انهن سان گڏ واڻين استادن جهامنداس ۽ گنگا رام جي لاءِ پڻ دعا گهرندو آهي اها آهي سيڪيولر سنڌ جي تصوير جيڪا فقير ناٿي لنڊ جي روپ ۾ رڻ ۾ اڄ بـ هڪ روشن صبح جي علامت بنيل آهي، فقير ناٿو لنڊ کي پوليس ۾ سپاهي طور آرڊر مليو تـ سندس استاد محمد عرس منڌرو پاران منع ڪرڻ تي اهو آرڊر نـ ورتائين ۽ پنهنجي استاد جي چوڻ تي پرائمري ماستر بنجي علم جا وکر هتان جي معصوم شاگردن ۾ ورهائڻ لڳو. فقير ناٿي لنڊ جا چار پٽ آهن جن ۾ غلام شبير، غلام حسين، عبدالمالڪ ۽ محمد علي آهن.فقير ناٿو لنڊ هتان جو مشهور شاعر، سگهڙ ۽ شاه جي بيتن جو ياد حافظ پڻ آهي ۽ ان کان علاوه هتي ايل بي اوڊي جي ڪري ٿيندڙ ماحولياتي تباهي سبب ختم ٿيدڙ وڻن، ٻوٽن، زرعي جنسن سميت پکين ۽ مڇين جي نسلن جا انگ اکر پڻ هن وٽ آهن. فقير ناٿي لنڊ جي هڪ اها بـ سڃاڻپ آهي جو هن هتان نڪتل هن علائقي جي بربادي جو سبب بنيل ايل بي اوڊي سم نالي جي دليلن جي بنياد تي مخالفت ڪري اهو ثابت ڪيو تـ هي نڪرندڙ سم نالو غلط رٿا بندي سان نڪرڻ سبب هن علائقي ۾ تمام وڏي تباهي جو سبب بنبو سنڌي ۾ پهاڪو آهي تـ اُٺ تڏهن پئي رنا جڏهن ٻورا پئي سبيا سو هي فقير ناٿو لنڊ ۽ هن جو مائٽ بهادر لنڊ جيڪو تازو وفات ڪري ويو آهي انهن تڏهن کان هن غلط رٿا بندي خلاف دانهون ڪو ڪون ڪيون پر سرڪار ۽ ان وقت جي ڪامورن هڪ بـ نـ ٻڌندي پنهنجي هوڏ تي قئم رهندي ههڙو خطرناڪ هتان جي مقامي ۽ جاکوڙي صحافي الهبچايو جي لفظن ۾ راڪاس سم نالو ڪڍيو جيڪو هاڻ هن علائقي سميت پوري ضلعي بدين جي تباهي جو سبب بنجي رهيو آهي پر بدين جي زمين کي تيزي سان پائي رهيو آهي پاڪستان سرڪار ۽ هتان جي اڻ واقف ڪامورن جي ڪارستاني جو اهو نتيجو نڪتو جو هاڻي هن ولاسي، مانڌر جي تباهي کان پوءِ اها تباهي ضلعي بدين جي ٻين علائقن ڏانهن تيزي سان وڌڻ لڳي آهي. فقير ناٿو لنڊ ٻڌائي ٿو تـ هڪ هن علائقي ۾ هڪ تباهي ايل بي اوڊي آندي آهي ٻي تباهي ڊيلٽا ۾ مٺو درياءُ جو پاڻي نـ اچڻ سبب ٿي آهي ۽ ٽيو وري وڏا مهڙ وارا زميندار اسان جو پاڻي پيو وڃن جنهن ڪري هتي هر طرف کان تباهي ۽ بربادي آهي هن ٻڌايو تـ اسان وٽ پاڻي قاضيا واه جي نورواه ريگيوليٽر مان نڪرندڙ گنج بر شاخ مان ايندو آهي جنهن جي پوچڙ اسان وٽ آهي پر اسان وٽ پاڻي نـ اچڻ سبب هزارين اڪڙ زرعي زمين غير آباد ٿي رڻ ۾ تبديل ٿي ويئي آهي جنهن ڪري هتان جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن. فقير ناٿو لنڊ هن وقت هن ڏکڻ سنڌ جي هن ولاسي جو هڪ اهڙو ڪردار آهي جيڪو هن ولاسي، مانڌر ۽ ڪڪرالي سميت ضلعي بدين ۽ ضلعي ٺٽي جي ساحلي علائقي جي هڪ اهڙي رڙ بنيل آهي جيڪا روحن ۾ ريهون پيدا ڪري ٿي، پر اسان جي هن ملڪ جي حڪمرانن توڙي ڪامورن جي اندر شايد انسانيت جو روح نـ پر اهڙي حيوان جو روح ڊوڙون پائي رهيو آهي جيڪو رشوت ۽ ڪرپشن جي حوس ۾ ساه کڻي ٿو انهن کي ڪهڙو قدر اهڙن ڪردارن جي دانهن ڪوڪ جو، پر فقير ناٿي لنڊ جهڙن ڪردارن جي دانهن ڪوڪ کي ڪيش ڪرائنيدڙ اين جي اوز وارا جيڪي ظاهر ۾ تـ هتان جي ماڻهن جي لاءِ وڏا همدرد هجن ٿا پر انهن جي اندر ۾ جيڪا ڪرپشن هوندي آهي ان جو بـ ڪاٿو ڪري ئي نـ ٿو سگهجي پر ان هوندي بـ فقير ناٿي لنڊ جهڙا ڪردار پنهنجي سچائي ۽ ايمانداري سان پنهنجي مقصد خاطر هڪ جاکوڙيندا رهندا جن جي جاکوڙ هڪ نئون سج اُڀاري ويندي جيڪو سج ههڙن غلط رٿابندي سان نڪتل راڪاس جهڙن سم نالن جي خاتمي جو سبب بنبا........

    Nasrullahjarwar123@gmail.com

    Cell no…03322196861
    03473529922
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو