جڏنهن مون (فيس بوڪ سوشل ميڊيا) تي مڙني (مريضن جي مرض جي) اڀياس شروع ڪئي

'صحت سرير جي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هڪ ڳالهه پيو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
    جڏنهن مون (فيس بوڪ سوشل ميڊيا) تي مڙني (نفسياتي مريضن جي مرض جي) اڀياس شروع ڪئي. هڪ (خشڪ ترين مضمون) جنهن کي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ اپنائڻ لاءِ توهان جي جسم جو پگهر نڪري ويندو ۽ پوءِ آر يا پار. اچو ته پڙهي، سمجهي، اپنائي پنهنجي پاڻ جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪريون.
    حصو پهريون
    [​IMG]
    دوستئو ! يقينن آئون اڄ هڪ اهڙي اهم مضمون تي پنهنجا هٿ صاف ڪري رهيو آهيان جنهن تي مونکي (سوشل ميڊيا جي ڪامينٽس ۽ نوٽس) ڪالمن جي سنڌي لکندڙن مجبور ڪيو آهي ۽ جنهن جي اڀياس ڪرڻ ۽ پڙهڻ کان پوءِ ئي آئون ته بلڪل ڊڄي ۽ خوفزده ٿي ويوآهيان ۽ مونکي اهو ڊائلاگ ياد ٿو اچي (اب تيرا ڪيا هو گا ڪاليا؟) ڇو جو جڏنهن مون (فيس بوڪ سوشل ميڊيا) تي جڏنهن مڙني (مريضن جي مرض جي) اڀياس شروع ڪئي ته انتهائي ڀيانڪ نتيجا نڪتا ڇا ٿو ڏسان ته اڙي ! اڄ ته مُنهنجي (پياري امڙ) سنڌ جا (سئو سيڪڙو جا سئو سيڪڙو) فرد (مون پاڻ سميعت) هڪ اهڙي موضي مرض (مونجهاري ۾) وڪوڙيل ڏٺم جو بي اختيار واتان نڪري ويو (اب تيرا ڪيا هوگا ڪاليا؟)
    ڇا ٿو ڏسان ته وري جي ورجايان ته بشمول مُنهنجي، ڇا امير هُجي ڇا غريب، ڇا پڙهيل لکيل هُجي ڇا اڻ پرهيل، ڇا مزدور هُجي ڇا ڪو قابل انجنيئر، ڊاڪتر، پروفيسر، وڪيل يا ڪنهن به سياسي سماجي ، سياسي، مذهبي، قومي ، درسي، علمي شعبي جو ماهر اهو ته سڳ سوڌو هن (پيچيده بيماريءَ) ۾ نُنهن کان چوٽيءَ تائن وڪڙجي چُڪو آهي، تنهن هوندي به ساه ڪيئن پيو کڻي اها حيرت اٿم ۽ الله جل شانهُ جو شڪر بجا پيو آنيان ته سنڌي ماڻهن جي ايتري ويسا گهاتين باوجود هو کين سڌي راه واپس ورڻ جي چانس پيو ڏئي، حالانڪ جي اها چانس ڪنهن سنڌي وڏيري يا راشي ڪاموري جي هٿ ۾ هُجي ها ته ڪو جرڳو گهورائي (ڪارو ڪاري) ڪري ڪڏنهن ڪو مارائي ڇڏيس ها.
    جي ها ! توهان سهي سمجهيو آهي آئون (نفسيات) يعني (روح جي علم) جي شعبي ڳالهه پيو ڪريان جنهن جي (ناسوري بيماريءَ) ۾ هن وقت هر هڪ سنڌي فرد وڪوڙيل آهي، ڪيترو ! اهو ته (رموٽ ڪنترول ۽ جديد سائنس) جي هن ٽول کي استعمال ۾ آڻيندي ۽ فيس بوڪ تي موجود ميمبر فرد جي اڀياس ڪرڻ ۽ سندس ان بيماريءَ تشخيص ڪرڻ سان خبر پئي آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 آگسٽ 2016
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هڪ ڳالهه پيو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
    حصو ٻيو
    [​IMG]
    جي ها ! هاڻ مون توهان کي پنهنجي (نفسياتي رموٽ ڪنٽرول ٽولس) سان پنهنجي (ٽرانس) ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ توهان هاڻ مُنهنجا معمول بڻجي چُڪا آهيو. توهان کي دوڏا ڦوٽاري اڳيان پويان نهارڻ، اشارا ڪرڻ ۽ جسم ورائڻ جي بلڪل اجازت آهي جو آئون خيالي (مسمريزم، هيپناٽيزم، ٽيلي پيٿي، ميڊيٽيشن) جهڙن (شارپ تولس) سان توهان جي دماغ جا ڪٽ ۾ پيل اسڪرو کولي چُڪو آهيان. هاڻ ڪو خطرو ڪونهين.
    نه ! نه ! اهو بلڪل ڪوڙ ۽ الزام آهي مون توهان کي بيهوش ڪرڻ لاِ ءِ(ايٿنسيا) ڪانه ڏني آهي ، ۽ ڏيان به ڇو؟ آئون توهانکي هوش ۾ رکي، توهان جي بلڪل روبرو، توهان جي دماغ جا ڪٽ لڳل اسڪرو ڍلا ڪري ، ڍڪڻ کولي، توهان کي ڏيکارڻ چاهيان پيو۽ جيئن توهان کي مُهنجي اڀياس ۾ شق نه پوي ۽ پنهنجي اصلاح جو موقعو ملي. بلڪل ادااسانجي هن آپريشن بئنچ تي (ٽيسٽ بئنچ ) تي ڪو (موالي ڪلچر جو وڏيرو يا راشي ڪلچرجو ڪو ڪامورو) يا ڪنهن (نادرشاهي وڏيري جو ڀاٿاريدار يا درٻاري ليکڪ، اديب، شاعر يا سماجي ڏاهو ورڪر) ناهي ويٺو جيڪو سنڌ جي (ڪاپي ڪلچر، يا سفارشي ڪلچر) نظام کي استعمال ڪندي تحقيق پيو ڪري.
    ها ته ڳالهه پئي ڪيم هڪ موضي نفسياتي مرض جي جنهن ۾ اسان سڀ وڪڙجي چُڪا آهيون. نفسيات يعني سائڪالاجي يعني روح جو علم (اهو انگريز ٿا چون) آئون ان کي نفسيات جي نالي سان لڳائي (نفس جو علم) چوندس جو رُح ته ويچارو پاڪ صاف آهي آئون ان کي هن مسئلي ۾ ڇو گهلي خوار ڪيان.
    دوستئو بس هڪ آخري ڳالهه (سائڪالاجي) ۽ (سائڪياٽري) ٻج جُدا مضمون آهن، آئون هتي ماحول ۽ جسمن تي اثر وجهندڙ علم (سائڪالاجي) طرف قدم وڌائيندُس جو آئون سائنس اسٽوڊنٽ ضرور آهيان پر (ڪل ۽ پُرزن جو) يعني (انجنيئرنگ شعبي) جو نه ڪي (انساني پُرزن جو)يعني (ميڊيڪل شعبن) جو. ان ڪري ڪيفيتن ۽ محسوسيات تي ئي اڀياس ڪندس جيڪا بيشڪ جسم ۾ بگاڙ پئدا ڪري اسانکي سائڪياٽري شعبي ۾ موڙي ٿي ته ڇا لازمي ناهي ته سائڪياٽري شعبي ڏانهن جسم کي موڪلڻ کان پهرئين (سائڪلاجي استعمال ڪري) رستا روڪ نه ڪجي، جيترو روڪي سگهون. ڇا خيال آهي.
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هڪ ڳالهه پيو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
    حصو ٽيون
    [​IMG]
    اڙي هي ڇا پيو ڏسان؟ ڇا توهان به اهو پيا ڏسو جيڪو آئون پيو ڏسان؟ الله رحم ڪري پوري سنڌي قوم جي دماغ ۾ ته هر دُنيا جي هر بيماري گهر ڪري وئي آهي ، ڏسو ! ڏسو تيرن جا رُخ ڪٿي ڪٿي نشاندهي پيا ڪن؟ دوستو مُنجهي پيو آهيان ته (ڪهڙي بيماري) کڻي ڪهڙيءَ تي اڀياس ڪريان ! ۽ آپريشن ٽيبل (ٽيسٽ بئنچ) تي پکيڙي ڏسان؟
    هتي ته سنڌي ماڻهن جي دماغ ۾ سمورا (ڪاريءَ وارا ڪک) لڳا پيا آهن. جنهن مان سُلفي، ڀنگ، چرس، ڪچي ٺري يا ولائتي شراب جي بدبوءِ پئي اچي . هُجي نه هُجي يقينن انهن جا ذميوار اهي مڙئي (درٻاري اديب، ليکڪ، شاعر ۽ فنڪار) ئي آهن جن جي تربيت به (نادرشاهي، موالي وڏيرن ۽ راشي ڪامورن) جي کوليل (اوتارا اسڪولن) مان پروان چڙهي آهي ۽ جيڪي پوءَ اعليٰ تعليم يافته سڏرائڻ لاءِ يعني (هائر ايجيوڪيشن) حاصل ڃي پنهنجا (اوتارا ريسرچ سينٽر ۽ لئبارٽيون) ٺاهي ويٺا آهن ، جنهنجي وڌيڪ پکيڙ هو (سنڌي ميڊيا جي چئنلن) ۾ ويٺل موالي گروپن وسيلي پکيڙي رهيا آهن يقينن جنهن ۾ هنن فارس کان تربيت ملندڙ (آڙدو ميڊيا) به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هوندو تڏنهن ته هو پنهنجي جنم ڀوني سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ماحول ڇڏي اوڏانهن وڃڻ ۽ نکرڻ ۾ فخر محسوس پيا ڪن. خير موالين تي ڪهڙي معيار، اهو ته سندن مسئلو آهي.
    ها ته اسان ڳالهه ۽ ڀيٽ پئي ڪئي (سائيڪلاجي ۽ سائڪياٽريءَ) جي. نه ڪي (سنڌي يا اڙدو ٽيليوزن چئنلن) تي قابض موالي گروپن جي. اهي الاهي خوامخواه ڇوهرمعاملي ۾ گهڙي پوندا آهن ؟۽ اسان کي به لکڻ، چوڻ ۽ ڳالهائڻ تي مجبور ڪندا آهن؟
    شعبو (سائڪلاجي) ۽ شعبو (سائڪياٽري )اڪثر اسان کي به ڪنفيوز ڪري وجهندو آهي، ان ڪري جو هڪ ته نالو مشابه رکندڙ آهي ۽ ٻيو ته ٻنهين جي مطالعي جو تعلق به انساني (دماغ، جذبن، احساسن ۽ خيالن) سان لاڳاپيل آهي. حاصل مطلب ته (سائڪياٽرسٽ) کي پنهنجي مريض جي (علاج لاءِ دوائن ۽ سرجريءَ) جي ضرورت پوندي آهي جڏنهن ته (سائڪلاجسٽ) کي پنهنجي (ڪلائنٽ) کي ڊيل ڪرڻ لاءِ لفظن جي ادائگي۽ ماحولي رڪاوٽن ۽ ٿراپين جي.
    ان تي گهڻو ڪونه ٿا لکون يا بحث ڪريون (سائڪياٽريءَ) جا مسئلا ڊاڪترن تي ٿا ڇڏيون جو اسان کي پنهنجي توجه صرف ۽ صرف (سائڪلاجيءَ) تي رکڻي آهي جنهن ۾ هر سنڌي وڪوڙجي چُڪو آهي ۽ انهن جي (ٿراپي )ڪري کيس اُتان ڪڍڻو ۽ معاشري جو حصو به بڻائڻو آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏31 جولائي 2016
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هڪ ڳالهه پيو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
    حصو چوٿون
    جيئن ته اسان توهان کي ٻُڌائي چُڪا آهيون ته نون پڙهندڙن لاءِ (سائيڪالاجي) يعني (نفسيات) يعني (نفس ۽ خواهشن جو منتق يا علم) يعني بقول انگريز (روح جو منتق) يا علم (سائيڪو) معنٰي (رُوح) ۽ (لاجي) يعني (لاجڪ) يا (منتق) جهڙو شعبو درحقيقت ڪن به ٻن يا گهڻن انساسن جي (دماغ، جذبن، احساسن ۽ خيالن) جي هڪ ٻئي سان ڏي وٺ آهي. پوءِ چاهي اُها اهڙن علمن جي ڪحڙي به طريقي سان عمل پذير ٿيندي هُجي ، جهڙوڪ ميڊيٽيشن يا مُراڪبو، جيئن بُزرگ پنهنجي خانگاهن ۾ يا ڪي فرد قبرستانن ۾ ويهي پنهنجي سوچ جو مرڪز هڪ جڳهه تي قائم ڪرڻ لاءِ مشقون ڪندا هُئا يا مارشل آرت جا سکياري جيڪي ميڊيٽيشن ڪندا هُئا، يا پري کان ماڻهن جي روح سان ڳالهيون ڪندڙ (ٽيلي پيٿي وارا) يا ڪنهنکي گهوري پنهنجي دماغ جي مدد سان طاقتور لهرن وسيلي ٻئي جي دماغ ۾ گهسي ان کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو علم (مسمريزم) يا ڪنهن تي ساحريت طاري ڪرڻ لاءِ (هئپناٽائيز) ڪري پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ يا جديد سائني ۽ نفسياتي طريقن جي استعمال سان سان ڪنهنجي روحن کي ڪنٽرول ڪري (ٽرانس) ۾ وٺڻ.
    [​IMG]
    دوستئو! هي سموريون شيون محض ڪتابن تائين محدو ڪونه آهن پر اهي روزمره جي زندگيءَ ۾ توهان ۽ اسان هڪ تسلسل سان استعمال ڪندا پيا اچون ، اها ٻي ڳالهه آهي ته نه انهيءَ علم کي سمجهون ٿا ۽ نه ئي انهيءَ علم جي بابن جي ڪا خبر رکون ٿا. جيئن هڪ استاد ڪنهن ڪلاس ۾ پري کان شاگردن جون مشغليون ڏسي پرکي وٺندو آهي ته شرارت ڪٿان پئي ٿئي يا ڪو پوليس وارو هڪ گروپ ماڻهن يا گاڏين مان پنهنجي سوچ تحت ڪن ماڻهن کي جُرم جي شق ۾ ٻاهر ڪڍي جانچ ڪندو آهي يا ڪو بس ۾ ويهندڙ ڳنڍي ڇوڙ پنهنجو موئڪل ڳوليندو آهي جنهنجو هو آسانيءَ سان کيسو ڪٽي سگهي، يا ڪو پينو فقير رستي تي ويندڙ انبوه مان ڪي خاص ماڻهون ڳولي گهڻي ڪمائي ڪري وٺندا آهن. يا ڪو جوڳي فقير، يا ڪو چيٽنگ ڪندڙ يا ڪو پير فقير مُريديءَ لاءِ يا ڪو هٿ ڏسندڙ نجومي يا ڪو عقيق، مرجان يا ٻيون مُنڊيون وڪڻدڙ ۽ ابجد جي حساب سان نالا ۽ قسمتون کوٽي ڪڍندڙ وغيره وغيره، الغرض جڏنهن ته بظاهر اهي نفسيات جي ڪنهن به باب يا علم جي نالن مان علمي طور بلڪل ناواقف هوندا آهن پر (نفس يا روح )جي علمن جي مدد ۽ استعمال سان ئي ٻئي جي احساسن، خيالن، جذباتن سان سندن دماغ ڪنٽرول ڪري کيڏڻ شروع ڪندا آهن.
    بلڪل توهان سوال بجاءِ آهي ته آئون غائب شخصيتن (پير ، فقير، نجومي، پينو، ڳنڍي ڇوڙ وغيره ) جا مسائل ڏيڻ بجاءِ اسان يعني حاظر جا مثال ڇو نٿو ڏيان؟ هلو توهان کان ئي شروع ٿو ڪريان. توهان جڏنهن پنهنجي واٽ وٺي ويندا رهندا آهيو ته توهان کي محسو ٿيندو آهي ته توهان کي ڪو پويان سڏي پيو ۽ ڪڏنهن ڪڏنهن جڏنهن توهان بي اختيار پويان ڏسڻ شروع ڪندا آهيو ته اهو شخص سامهون هوندو آهي يا جڏنه توهان ڪنهن هوٽل يا ريسٽورينٽ وغيره تي دوستن سان ويٺل هوندا آهيو ته لڳندو يا محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته پريان ڪو توهان کي گهوري پيو ڏسي ۽ مُڙي ڏسندا آهيو ته اڙي واه واقعي ڪو آهي ڇا توهان ڪڏنهن ائين محسوس ڪونهين ڪيو؟ اهائي ته ٻئي جي دماغ جي طاقت (لهر) يعني (مينٽل پاور) آهي جيڪو خاموشيءَ سان توهان جي دماغ سان ڳالهائي ٿو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 آگسٽ 2016

هن صفحي کي مشهور ڪريو