سڀ ويڇا وساري سنڌ جي نئين سر جوڙ جُڪ ڪريو تبديلي جي نعري سان

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جي واقعي جهموريت پسند قوم سنڌي (سنڌ ۽ سنڌيت) سان مُحبت رکي ٿو ۽ اڳتي وڌي ملي جُلي ڪم ڪري سنڌ بچائڻي آهي ته اسان سڀني کي هاڻ (اڻ سهپ ، علاقائي قبضن ۽ مُنافقيت) جي سازش به ڇڏڻي پوندي ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به (غيرجهموري قوتن ۽ سنڌ دشمنن) جي ساٿ ڏيڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو!
    هڪ ڳالهه ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ بچاءَ جو ! نه تو بچاءَ جو نه مون بچاءَ جو.
    [​IMG]
    سنڌ.. سنڌ... سنڌ ... اهو نعرو هر هڪ سنڌيءَ جي وات تي ٻُڌبو آهي پوءِ اُهو دوست هُجي يا دشمن يا ڪنهن به (قومي، سياسي، سماجي، مذهبي) پارٽي جو ترجمان، پر جڏنهن هن جي لڇڻن جي اڀياس ڪرڻ ويهندا آهيون ته خبر پوندي آهي ته هُو اهي سڀ نعرا ته محض پنهنجي مقصد ۽ پنهنجي سياسي مخالفن کي ڪيرائي پاڻ اڳيان اچڻ لاءِ ڪندو آهي نه ڪه هُن کي سنڌ جو لاچار آهي ۽ پوءِ انهن سنڌيت جي سحر ۾ وڪڙجندڙ (اٻوجه، لاچار، بيوس، غربت ۾ لٿڙيل، علمي ۽ صحتي سهولتن کان محروم غربت ماريو سنڌي) پنهنجي اهڙن ڀوتارن جي سنڌ ڀريل نعريل ۾ اعتبار ڪندڙ غريب سنڌي ، هر هرسنڌ بهتريءَ جا خواب ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اهي ۽ اُميد ڪندو آهي ته اهي علاقائي، نادرشاهي، ڀوتار وڏيرا ،کيس انهن مصيبت مان آجو ڪرائيندا جيڪي هر وقت، هر روپ ۾ غريب سنڌي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ مختلف جوڙ توڙ ڪرڻ ۾ مگن هوندا آهن پوءِ ڀلي انهن جي هٿان غير سنڌين ۾ سنڌ جو سودو ٿي وڃي يا انهن جي مدد ۽ سهولت سان سنڌ دشمن غير سنڌي، سنڌ جي شاهوڪاري وسيلن تي قابض بڻجي وڃن يا ڀلي جن جو نعرو ئي سنڌ کي ٻه ٽڪڙ (شهري ۽ ڳوٺائي) ڪرڻ جا هُجن اُنهن سان اُٿ ويهڪ ڪرڻي آهي ۽ اهو آهي لنڊن پلان (ڊي) جيڪو ڊڪٽيٽر مشرف، پنهنجي ساٿين جي مدد سان جوڙيو ۽ ان جي تڪميل لاءِ اهي سمورا ساٿي اڄ سنڌي توڙي اڙدو ميڊيا تي گهڻو ڪُجه ڳالهائي رهيا آهن ۽ سنڌي ماڻهن جي سُتل غيرت ۾ اُٿل پُٿل به ٿي رهي آهي.
    شايد ڪو ورلي ڳوٺاڻو سنڌي شخص هوندو جيڪو پنهنجي علاقي جي اهڙن ڀوتارن ۾ يا ڳوٺن ۾ ڀڙوت ڪري فحاشت جو بندوبست ڪندڙن کي نه سُڃاڻندو هوندو، ُ جن جا لڇڻ عيان هوندا آهن جن پوءِ اهڙن ئي ڀوتارن ۽ ڪامورن لاءِ فحاشت جو (شهرن جي فليٽن يا بنگلن ۾) يا (ڳوٺن جي اوطاقن ۾) بندوبست ڪرمان ماڻيو هوندو. ته جيڪي سنڌي ماڻهن ۾ موالي ڪلچر ڦهلائڻ، لوفر پائي، ڌاريلگيريءَ جي فروغت لاءِ خدمت گُذار هوندا آهن يا جن جا بگڙيل اولاد (شرابي ۽ نشائي ڇوڪرا) پنهنجي ٻنين ، ٻارن، اوطاقن، ڊرائنگ رومن ۾ غريب نوڪرن، بورچين، ڊرائيورن ۽ عام اٻوجهن جي عزتن ۾ هٿ نه وجهندا هُجن ٺانندي سمجهندي به خاموش تماشائي بڻيل هوندا آهن ۽ ان خوف کان نه احتجاج ، متان ڀوتارهٿ جرگا جوڙي، ڏنڊ رکي يا ڪارو ڪاري ڪري غيرت جي نالي تي انهن جي نياڻين (سامن) کي مارائي نه ڇڏيندا هوندا يا پنهنجي ٻنين تي ونگار (مُفت پورهيو) وٺڻ لاءِ خاص طور (ڀيلن، باگڙين، ڪولهين، سوچين ۽ ٻين اقليتي سنڌين کي زنجيرن سان ٻڌي پنهنجي خانگي جيلن ۾ نه رکندا هوندا. ۽ اهي سڀ عيان عمل ڪي اسان جي لکيارين، اٽو ڏئي (ڪاپي ڪلچر) تحت پڙهيل لکيل يا سفارش تي نوڪريون ماڻيندار ڪامورن يا ملازمن کان به ڳُجها ناهن هوندا ۽ ڀوتارن جي انهن مڙني چالن کي سڀ چاڻندي ۽ سمجهندي به هو پاڻ لاءِ انهن جي محفلن ۾ وڃڻ ، چمچاگيري ڪرڻ ۾ به ناهين شرمائيندا، ايستائين جو اهڙن ڀوتار سرڪارن سان فخر ۽ شان سان (سيلفيون) ڪڍي يا ڪڍرائي سوشل ميديا تي فليش ڪندا به ڏٺا وڃن ٿا، ته اُهي ڪيترا مشهور، پاورفُل يا اثر رسوخ رکندڙ طبقا آهن. توهان به سُڃاڻو ٿا ته اسان به.
    اچو اهو سڀ ڪُجه ۽ جهالت سمجهندي، ڄاڻندي ۽ ان جهالت جي حصيدارهوندي به، وري گڏ ٿي ، هڪ آواز بڻجي سنڌ بچايون، ۽ هرهڪ جو ماضي وساري (سنڌ بچائڻ جي گڏجي سڏجي هڪ شروعات ڪريون) جو ٻيو ڪو ذريعو ڪونهين ۽ سنڌ آخري پساه پئي کڻي. ائين جيئن اڳ به هر ڀيري يعني (7000 ق. م) کان جڏنهن سنڌ تي 27 عجمي قابضن ۽ حملي آورن حملو ڪيو ۽ پوءِ لوڪل سنڌي اُٿي بيٺا ۽ هڪ ٿي ويا ۽ (مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون) جو نعرو هڻندا شهيد به ٿيندا ويا ۽ بل آخرقابض عجمي پنهنجي تهذيب ۽ روايتن سان سنڌ تي قابض بنجھي تواريخ جو حصو بڻجي ويا.
    هن وقت شروعات ان ڪري به لازمي آهي جڏنهن ته سنڌ جي نئين عملي طور تي ڪم ڪندڙ اعليٰ تعليم يافته وزيراعليٰ سنڌ (سيد مُراد علي شاه) جي صورت ۾ سنڌ جي اڪثيرتي غريب ماڻهن جي سياسي ۽ جهموري تنظيم (پاڪستان پيپلز پارٽي) به مرڪز ۾ پنهنجي نوجوان قيادت (بلاول ڀُٽو) کي (تبديليءَ جو نعرو) هڻي ميدان ۾ پئي اچي. ته اسان کي به پنهنجو حصو وجهڻو پوندو ۽ ساٿ ڏئي سنڌ بچائڻي پوندي، سمورو ماضي وساري ، نئين سر ترتيب ڏئي سنڌ بچاءَ لاءِ ميدان ته لهڻو پوندو ته جيئن سنڌ مان (ڪلچر، ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر) جو مُڪمل خاتمون آڻي سگهجي ته سنڌ ۾ به (ميرٽ ۽ ٽيلنٽيڊ سنڌين) جو فيڪٽريون جُڙن.
    ظاهر آهي ته اڄ جيڪا سنڌ جي ڪيفيت ۽ حالت آهي ان ۾ صرف پيپلز پارٽيءَ کي قصوروار نٿو ٺهرائي سگهجي ۽ نه ئي رُڳو اُها حالتن جي ذميوار آهي. جي ذميوار آهي ته اسان سڀ خود آهيون جيڪي احرا راشي ڪامورا ۽ ڀوتار ووٽ ڏئي ميدان تي لاهيون ٿا، جيڪي پوءِ اسان کي به دوکو ڏئي ، پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پارٽيون تبديل ڪري ڀوتاري راڄ قائم ڪن ٿا ۽ ان ڀوتاري راڄ ۾ غريبن کي اگنور ڪري هڪ ٻئي کي فيسيليٽ ڪرڻ لڳن ٿا ايستائن جو پنهنجو پورو نسل (پُٽ، ڌيئرون، ڀائُر، مٽ مائٽ، هاري ناري، پورهيت، بورچي، مُريد، ڌاريل، چور، پاٿاريدار، دربان ليکڪ، اديب، شاعر، سماجي ورڪر، ڏاها) سنڌ جي صوبائي توڙي مرڪزي ادارن ۾ ڀرتي ڪرائي (ميرٽ ۽ ٽيلنٽيڊ سنڌيءَ) جو گڏجي استحصال ڪن ٿا.
    جيئن ته جهموريت ۽ غريبن کي اڳيان آڻڻ ۽ سياسي شعور ڏيڻ ۾،ِ صرف پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۽ ورڪرن جون قربانيون آهن اُهي به تواريخ جو حصو آهن ۽ نه ڪه غير جهموري سوچ ۽ قوت رکندڙ حاڪمن جون ته پوءِ ڇو نه ان تبديلي جي نالي کي لبيڪ چئي ، هڪدم گڏجي اڳيان اچي سنڌ جي خدمت ڪجي ۽ هڪ ٻئي جو ٽنگون ڇڪڻ کان پاسو ڪجي ڇو جو هن وقت صرف ۽ صرف سنڌ ۽ سنڌ جا شاهوڪار وسيلا ئي داءَ تي لڳل آهن جنهنکي صرف گڏجي ئي بچائي سگهجي ٿو ۽ ڪاميابي ممڪن ئي تڏنهن ٿيندي جڏنهن سنڌ ۾ طاقت رکندڙ ۽ غريبن طرف راغب مولڪ جي واحد جهموري پارٽي (پاڪستان پيپلز پارٽيءَ) جي صوبائي توڙي مرڪزي (نئين قيادت) جو ساٿ ڏبو، طاقت به رکي ٿي ۽ رُڪاوٽ به بڻجي سگهي ٿي ، جيڪا فلحال اڪيلي ئي مڙس ٿي مُنهن ڏيڻ لاءِ مڙني سنڌ دشمن منصوبن جهڙوڪ (ڪالا باغ ڊئم، بجلي، پاڻي، ناڻي) لاءِ اڳئي ميدان تي لٿل آهي ۽ مُنهن پئي ڏي ۽ سنڌيت جا مڙئي دعويدار، دعويدار ڪندي، سنڌ جي ڏُک جا واويلا ڪندي به سنڌ دشمنن ۽ غير جهموريتن جو حصو آهي جيڪا سنڌي ماڻهن لاءِ ڪا به اچرج جي ڳالهه ڪونهين جو اُهي اهو سمورو ماضي سُڃاڻن ٿا. اُهي 12 مئي جي سازش هُجي يا سنڌ جا گهڻا ضلع ٺاهي غير سنڌين حوالي ڪراچي، حيدرآباد ، سکر، ميرپورخاص يا ٻيا شهر حوالي ڪرڻ جي سازش هُجي ، سنڌ جا انگ اگهاڙغيرب ۽ موفلس سنڌي، تعليم ۽ صحت کان محروم سنڌي، مهنگائي ۽ غُربت ۾ پيساريل سنڌي، نوڪرين کان محروم سنڌي، بجلي کان محروم سنڌي، سڀ سمجهن ٿا ڀلي اُنهن وٽ سمجهڻ لاِ ناڻون ناهي ، ڀوتارن جي سازش ۾ رُڪاوٽ بڻجڻ لاءِ طاقت ناهي پر هو سياسي شعور ضرور رکن ٿا ۽ سنڌ دوست دشمن سمجهڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
    هڪ ڳالهه ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو، نه تُنهنجو ۽ نه مُنهنجو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو