ڌرتي ڌڪاڻن جي ليکڪ علي بابا جي موڪلاڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڌرتي ڌڪاڻن جي ليکڪ علي بابا جي موڪلاڻي


    محمد سليمان وساڻ

    هو فقير منش ۽ درويش طبيعت ليکڪ هو. هن وٽ وڏائي يا ڪو ٺٺ ٺانگر ڪڏهن به نه ڏٺو، هو مصنوعيت سان نفرت ڪندڙ ماڻهو هو. مان سچل ڳوٺ جي گهٽين ۾ کيس ڪيترائي دفعا گهمندي ڏٺو، جتي هو مونکي سنڌ جو ڀٽڪندڙ روح لڳوندو هو. هو عام پروگرامن ۾ به ماٺ ڪيو اچي ويهندو هو. سندس ڪهاڻين ۽ ڊرامن ۾ ڪمال ڪاريگري سان اهڙا ته ڪردار ۽ مڪالما ملندا هيا جيڪي سچا ۽ کرا، سادا ۽ اجائي پٽاڙ کان آجا هوندا هئا. هن جي لکڻين ۾ سنڌي ماڻهو ۽ سنڌ نظر ايندي هئي. ” دنگي منجهه درياء“ جو ليکڪ علي بابا اڄ اسان ۾ موجود ناهي، اڄ ڪراچيءَ ۾ علي بابا ان راهه رباني جو راهي ٿيو جتان ڪو واپس ناهي ورندو. پر علي بابا جون ڪهاڻيون ۽ ناول سندس ياد ڏياريندا رهندا. هي درويش صفت ماڻهو جنهن سان مليو اهو کيس سدائين ياد ڪندو. علي بابا جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ جي مهاڳ ۾ نثار حسيني لکي ٿو”علي بابا، سنڌي ساهت جو اهو اڻٿڪ، اربيلو ۽ مست الست ليکڪ آهي، جيڪو جُڳن کان ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين، ڪيٽي کان ڪشمور تائين، موهن کان سون مياڻيءَ تائين ۽ کيرٿر کان کاري تائين سنڌ جي اتهاس کي کيڙيندو رهيو آهي.“

    علي محمد ولد محمد رمضان بلوچ 1940ع ڌاري ڪوٽڙي ضلع دادوءَ ۾ پيدا ٿيو، علي محمد اڳتي هلي ”علي بابا“ جي نالي سان مشهور ٿيو. علي بابا جو تعلق”رند“ قبيلي سان آهي، علي بابا جا وڏا، اوڻيهين صدي ڌاري بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ ويٺا. علي بابا جو پيءُ محمد رمضان ريلوي ۾ شنٽنگ پائلٽ هو. هن پرائمري تعليم نانگو لائين ميونسپل اسڪول ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ميونسپل هاءِ اسڪول ڪوٽڙي ۾ داخل ٿيو. هو جڏهن مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي رهيو هو ته امتحان هال ۾ هڪ ڇوڪر کي ڀونڊو ڏيڻ تي هڪ استاد کيس امتحان هال مان ڪڍي ڇڏيو، بس اهو ڏينهن وري علي بابا اسڪول جو منهن نه ڏٺو. هن ڪجهه عرصو ريلوي ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيو، پوءِ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر ٿي ڪم ڪيو. 1965ع کانپوءِ نوڪري ڇڏي صرف لکڻ لڳو جيڪو سندس گذر سفر جو ذريعو به هيو. سندس شروعاتي ڪهاڻيون شمشيرالحيدري سنواري سڌاري ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڇپيون. هو شمشير الحيدري جي وفات وقت سندس تڏي تي وڏي واڪ اهو چوندو رهيو ته علي بابا کي علي بابا شمشير بڻايو. علي بابا، ٻارن لاءِ هڪ ناول ”سنڌباد جو سفر“ لکيو جيڪو 1993ع ۾ ڇپيو.

    علي بابا ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ 100 کان مٿي ڊراما لکيا. سندس ٽي وي ڊرامي ”دنگيءَ منجهه درياءُ“ کي ميونخ جرمنيءَ جي عالمي ميلي ۾ 79 ملڪن جي ڊرامن مان ٽيون نمبر بهترين ڊرامو قرار ڏيئي ”ايوارڊ“ سان نوازيو ويو، هي ڊرامو سنڌو درياءَ جي مهاڻن جي ڪهاڻيءَ تي مشتمل هوسندس مشهور ڊرامن ۾ ٻاليشاهي، موکي متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات (اهو موهن دڙي جي ناچڻي ۽ زندگي بابت هو) وغيره شامل آهن.

    سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1983ع ۾ ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ جي نالي سان ڇپيو، ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب ”آيل ڙي اولاڻا“ 1984ع ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڪتاب ”علي بابا جون ڪهاڻيون“ (ڀاڱو پهريون-1994ع) ۾ ڇپيو، هن ۾ علي بابا جون ڪُل 59 ڪهاڻيون شامل آهن. سندس لکيل ناول ”موهن جودڙو“ 1985ع ۾ شايع ٿيو. اهو ناول پهريان ماهوار ”روح رهاڻ“ ۽ پوءِ ”نئين زندگي“ ۾ قسطوار ڇپيو هو. ساڳي ناول جو ذڪر ڪندي غلام حسين رنگريز لکي ٿو:

    ”علي بابا سندس ناول ”موهن جو دڙو“ (پهريون حصو) ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي بلندين کي ڇهي رهيو آهي. ٻوليءَ کان وٺي منظر نگاريءَ تائين ڪٿي به سندس گرفت ڪمزور پوندي محسوس نٿي ٿئي. ڪاش! علي بابا ”موهن جو دڙو“ جو ٻيو حصو به مڪمل ڪري سگهي. جيڪڏهن اهو ناول مڪمل ٿي وڃي ته هرمن هيس جي ”سڌارٿا“ کان به وڌيڪ مقبوليت ماڻهي سگهي ٿو.“

    پر افسوس جو معاشي، مالي ۽ سماجي حالتن جي ابتري سبب هو ناول مڪمل ڪري نه سگهيو. ٻيو حصو لکي نه سگهيو. علي بابا اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر سندس ڪهاڻيون زندهه آهن، سندس ڪردار زندهه آهن، هو پاڻ ئي چوندو هو ته ڪهاڻيڪار ته مري ويندا آهن پر ڪهاڻي ڪڏهن به نه مرندي. ڪهاڻين جي ڪردارن کي زندگي ڏيندڙ علي بابا اسان کان موڪلائي ويو. سندس زندگيءَ جو آخري حصو گمناميءَ وارو رهيو، جنهن ۾ نه ته اديبن ۽ نه وري ادبي تنظيمن سندس ڪا سار لڌي.

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آيل ڙي اولاڻا.......!!

    اعجاز منگي

    اهو اديب به ارهي آسمان جو اداس ستارو بڻجي ويو!
    جنهن جي ڪهاڻي“چار ڏسائون، چارئي ڪاريون”
    اونداهين سنڌي ادب ۾ وڄ وانگر چمڪندي رهندي!!
    اهو اديب جنهن جي هاٺي هڪ قلم جهڙي هئي!
    اهو اديب جيڪو هماليا وانگر هٺيلو ۽ سنڌوءَ وانگر سرڪش هو!
    اهو اديب جيڪو جوش ۾ اچي چوندو هو ته “پاڪستان مون کان پنج سال ننڍو آهي. مان هن جي منهن تي زوردار چماٽ هڻڻ جو حق رکان ٿو!!”
    اهو اديب جنهن جو هڪ ڪردار ٻيڙيءَ ۾يورپ جي سياح ناريءَ سان نينهن ونڍيندي جڏهن بيخود ٿي چوي ٿو ته “تون وحشي آهين” تڏهن اها گوري گجر پنهنجي جينز کي مٿي ڇڪيندي هن کي نفرت مان نهاري چوي ٿي “جنهن ملڪ ٽيهه لک بنگالي قتل ڪيا هجن ۽ جنهن انيڪ بنگالي نارين جي، سندن ننڍڙن ٻارن سامهون. لڄ لٽي هجي. تنهن ملڪ جو ماڻهو مون کي وحشي ڪوٺي......!!! مان اهڙي شخص کي پنهنجو جسم ڇهڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهان”
    اهو اديب جنهن سڀ کان اول ۽ سڀ کان آخر سنڌ جي مظلوم شڊيول ڪاسٽ تي “ڪارونجهر جي ڪور” نالي نه ٽيلي ڪاسٽ ٿيل ڊرامو لکيو هو. جنهن ۾ هڪ ڪردار پنهنجي پريميڪا جي پرڻي رات “سارڌڙو” جهرڻي کي جهڪي چوي ٿو:
    “اي سارڌڙو جا جهرڻا!!
    گوندلي پرڻي ڳئي
    گونڌلي پرائي ٿي ڳئي”
    اهو اديب جنهن ننڍڙي لاڪون ڏک ڏٺا ۽ جنهن جي جند سورن ۾ ساماڻي، تنهن “موهن جو دڙو” ناول ان وقت لکيو هو، جنهن وقت هن سنڌو ماٿريءَ جي لٽيل سهاڳ جهڙي شهر جا زخم زخم کنڊر به نه ڏٺا هئا. اهو صرف هن جو اميجينيشن هو، جنهن ۾ هڪ پٺيءَ اگهاڙو ڪردار گلن واري گيڙو شال اوڙهي ويٺل “ڪنگ پريسٽ” کي چوي ٿو “مون کي مڪتي گهرجي. پنهنجي لاءِ نه! پر انهن سڀني ماڻهن لاءِ جيڪي آڪاش هيٺان اڪيلا آهن”
    اهو اديب جيڪو آرٽسٽ به هو!
    جنهن ڪيئي خوبصورت مجسما جوڙيا
    ۽ اهي غربت جي سم ڪلر ۾ جهري ويا!
    اهو اديب اهو شاعر به هوجنهن پهريون ڀيرو لوڪ گيت لکيا!
    سنڌ ڪيئن ٿي وساري سگهي؟
    اهي سٽون ۽ اهي سر جيڪي روح ۾ سيسڙاٽ وجهي ڇڏيندا هئا!
    جڏهن زرينه بلوچ اجرڪ اوڙهي ۽ اڌ اکيون ٻوٽي ڳائيندي هئي:
    “اسين ماڻهو لاڙ جا
    درياهه جي پڇاڙ جا
    اترڙو ٿو لڳي!
    او اَلا وائرو ٿو لڳي”
    هاڻي “آيل ڙي اولاڻا” ڪير لکندو؟
    اهو اديب ته هليو ويو
    جنهن وٽ ”کل جا سم سم” جهڙي ڏات هئي
    اهو اديب جنهن جو نالو علي بابا هو!!
    اهو علي بابا ته هليو ويو
    ۽ پويان رهجي ويا آهن
    سنڌي ادب جا چاليهه چور....!!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    يگانو انسان ۽ بيگانو ليکڪ علي بابا

    [​IMG] خدابخش جويو

    علي بابا هن فريبي دنيا کي الوداع چئي، هليو ويو! اڄ صبح جو جيئن ئي ڪمپيوٽر کوليم ۽ فيس بوڪ تي محسن جويي جي ان پوسٽ تي نظر پئي جنهن ۾ لکيل هو ته ”علي بابا اسان کان وڇڙي ويو!“ ته منهنجي اندر مان بي ساخته لفظ نڪتو ته ” نه يار نه!“ پر ڇا ڪجي هيءَ دنيا سڀني کي هڪ نه هڪ ڏينهن ڇڏڻي آهي. هن يگاني درويش صفت انسان به ايئن ئي ڪيو. هونه رڳو” يگانو انسان “ هو پر ”بيگانو ليکڪ“ به هو! سندس موڪلائي وڃڻ جي خبر ٻڌي هڪ بيچيني محسوس ڪرڻ لڳس. گذري ويل عيدالفطر جي ٽئين ڏينهن تي ته هو ايڊوڪيٽ مير احمد مڱريو سان گڏجي هتي ڄامشوري ۾ آيو هو ۽ ڪافي وقت تائين سيد جلال محمود سان ڪچهري ڪري ويو هو. ان ڏينهن هو هشاس بشاش، خوش خورم هو. پر چون ٿا ته اهو سڀ ظاهر ۾ هو حقيقت ۾ هو ..........

    سندس متعلق وڌيڪ ڄاڻ وٺڻ لاءِ تاج جويو کي فون ڪيم پر هن جو نمبر مسلسل بند پئي مليو. علي بابا سان ڪيل ڪچهرين ۾ ادا ڪيل لفظ ذهن جي پردي تي نروار پئي ٿيا. هن مختلف موقعن تي چيو هو ”مون ٽانگو به هلايو“ ”مون سنڌ يونيورسٽي اندر ٺيڪيداري به ڪئي، اتي روڊ رستا به منهنجا ٺهرايل آهن“. ”مون کي سنڌو درياه سان پيار آهي“ ”مان هلندي ڦرندي،گهمندي لکندو آهيان“ مون ريلوي ۾ به نوڪري ڪئي“ ”مان اڪثر اوڏڻ سان ڪچهري ڪرڻ سنڌو جي ڪپ تي ويندو هئس“ سنڌ ۾ لطيف سائين ۽ سيد غلام مرتضيٰ شاه کان وڏو ٻيو ڪو به ماڻهو ناهي“ انهن ئي سندس يادن منهنجي اندر ۾ مانڌان مچائي ڏني ۽ سڪون ڦٽي ويو! ۽ گهر کان ٻاهر نڪتس.

    هتي ڄامشوري ۾ ڪجهه ڏينهن کان وقفي وقفي سان ميهن پيو هو اڄ اس به نڪتل هئي ۽ زمين مان اٻَ نڪري رهي هئي ، مون اياز عالم ابڙي جي گهر ڏانهن رخ ڪيو. ڇاڪاڻ ته اسان جڏهن به پاڻ ۾ ملندا آهيون ته ڳالهه ٻولهه دوران علي بابا جي يادن جو به ذڪر ڪري ويهندا آهيون. دل کي آٿٿ ڏيڻ خاطر مان ان ڏانهن هلي ويس سندس گهر وٽ پهچي سندس گهر جو در کڙڪايم ، سندس پٽ ارون ٻاهر نڪري آيو. مون کانئس اياز عالم جو پڇيو. جواب ۾ چيائين ”بابا آرام ۾ آهي، هاڻ هاڻ سندس اکين ۾ ڦڙا وڌا اٿم“ مون کيس چيو ”صفا ننڊ ۾ آهي ڇا؟“ چيائين ”نه پر پندرهن منٽن تائين انتظار ڪرڻو پوندو“ مون کيس چيو ”ڪا ڳالهه نه آهي مان گهٽيءَ ۾ پندرهن منٽ انتظار ٿو ڪريان“ ارون ابڙو پنهنجي گهر اندر هليو ويو ۽ اها ئي مهل ٻاهر آيو ۽ چيائين ”با با چوي ٿو اچو“ تڏهن چيم ته هن پنهنجي اکين ۾ ڦڙا وڌا آهن ڪجهه ته آرام ڪري. پر هو مون کي اندر اياز جي ڪمري ۾ وٺي هليو. اياز اکيون پوريل هوندي خوش خير عافيت ڪئي ۽ مون کانئس پڇيو ته ”علي بابا جي خبر اٿئي؟“ چيائين ”نه.“ مون کيس ٻڌايو ته”يار هو پاڻ کي ڇڏي هليو ويو! اياز اهو ٻڌي ڏاڍو نروس ٿيو. اياز عالم ٻڌايو ته ڪجهه ئي ڏينهن ٿيا آهن جو مون پنهنجي اکين جو آپريشن ڪرايو آهي، گهر کان ٻاهر نڪرڻ ڪو نه ٿو ٿئي نه ريڊيو آ نه ٽي وي، دنيا جهان جي خبرن کان بي خبر گهر ۾ پيا آهيون هن جون اکيون ٻوٽيل هنيون ۽ ڏکاري انداز ۾ ڳالهائي رهيو هو. ڪجهه گهڙين کان پوءِ مان موڪلائي واپس پئي آيس ۽ هلندي هلندي مير احمد مڱريي کي فون ڪيم ۽ علي بابا جو پڇيو مانس چيائين ڪراچي کان کڻائي اچنس پيا. سندس تدفين ڪوٽڙي ۾ ٿيندي.

    علي بابا سان منهنجي پهرين ملاقات ان وقت ٿي هئي جڏهن کيس سندس بهترين ڊرامي”دنگي منجهه درياهه“ تي جرمني جي شهر ميونخ ۾ ٿيل سالياني ادبي ميلي ۾ ٽيون نمبر ايوارڊ ملي چڪو هو ۽ ان کان پوءِ ستت ئي سائين جي ايم سيد جي سالگره ٿيڻي هئي جنهن جي تيارين لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ سن ۾ تاج جويو ڪاپي ۽ پين کڻي سالگره ۾ شريڪ ٿيندڙ مهمانن لاءِ اوطاقون درج ڪري رهيو هو. مون کي چيائين ته ”تون وڃ سائين جي ايم سيد جي حويلي پرسان واري اطاق تي هڪ مهمان کي ڇڏي آيو آهيان ان کي اٽينڊ ڪر.“ مون تاج کان پڇيو ته ”ڪير آهي“ چيائين ”اتي مان علي بابا کي ڇڏي آيو آهيان هو اڪيلو هوندو تون ان ڏانهن وڃ.“

    علي بابا جو وڏو نالو هو سنڌ جي هن بيگاني ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ليکڪ 1940ع ۾ ڪوٽڙي ۾ جنم ورتو هو،سندس اصل نالو علي محمد هو.هن کيسنڌي ادب ۽ خاص طور تي ڊرامن ۽ ڪهاڻين لکڻ ۾ وڏي مهارت حاصل هئي. علي بابا جي نالي سان ڪهاڻيون پڙهي چڪو هئس ۽ ريڊيو ۽ ٽي وي تي به سندس ڪيترائي ڊراما ٻڌا ۽ ڏٺا هئم. جڏهن ان جي موجودگي جو ٻڌم ته ساڻس ملڻ جو اشتياق وڌيو. مان تڪڙو تڪڙو سائين جي ايم سيد جي اوطاق ڏانهن ويس، اهو سج لٿي جو ٽائيم هو. جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿيس. ڏٺم ته هو سوڙه وجهيو کٽ تي ستو پيو هو . منهنجي اچڻ جي کڙڪي تي اکيون پٽيائين ۽ سوڙه مان منهن ٻاهر ڪڍي پڇيائين ته ”ڪير آهين.“

    چيو مانس ته ”مون کي اوهان ڏانهن تاج موڪليو آهي ته جيئن اوهان جي ڪا خدمت ڪري سگهان“. هو کٽ تان ٽپ ڏئي اٿيو. ۽ اتي پيل ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. هن پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو ۽ مون کيس پنهنجو تعارف ڪرايو هو. ان مهل چيو هئائين ته ”سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ اڃان ڏينهن پيا آهن مان اڳواٽ ان ڪري آيو آهيان جو منهنجي خواهش آهي ته سائين جي سالگره لاءِ استعمال ۾ ايندڙ اسٽيج کي مان ٺاهيان. جيڪا سنڌي ڪلچر جو ڏيک ڏئي. ان لاءِ مون کي سر، تيلا پَٿيون ٺاهڻ لاءِ پتر کپندي. جيڪي سن جي اوسپاس يا درياءَ جي هن ڀر ٻيلي ۾کوڙ َآهن. سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪمدار کي به چيو آهي ته علي بابا کي ڪجهه ماڻهو ڪري ڏي جن وٽ ڪهاڙيون به هجن . هي انهن کي جهنگ ۾ وٺي ويندو ۽ جيئن چوي اهو ڪريو“.

    نيٺ 17 جنوري جو ڏينهن به اچي ويو پر ڪم وارا ماڻهو سالگره جي ٻين ڪمن ۾ مصروف هئڻ سبب کيس نه ملي سگهيا ۽ علي بابا جي خواهش پٽاندر اسٽيج نه ٺهي سگهي. هو ان تي پريشان به هو ۽ مايوس به هو . حسب روايت سالگره جي تقريب ۾ سياسي تقريرن کان پوءِ شاعرن پنهنجي شاعري ٻڌائي ۽ پوءِ راڳ رنگ جي محفل ٿي. مختلف فنڪارن پنهنجي فن واري واري سان پيش ڪيو، رات جا جڏهن 12 کن ٿيا ته انائونسر تاج جوئي عابده پروين کي اسٽيج تي ڳائڻ لاءِ گهرايو. عين ان وقت علي بابا اٿيو، سندس ڪلهي ۾ ٿيلو لڙڪيل هو ، اسٽيج تان لهي ماڻهن جي هجوم مان نڪري وڃڻ لڳو. تاج جويي فوري طور کيس ويندي ڏسي ورتو۽ مون کي چيائين ”وارو ڪر علي بابا ناراض ٿي وڃي رهيو آهي. ڪيئن به ڪر کيس ريجهائي، پرچائي واپس وٺي اچ“. مان علي بابا ڏانهن ڀڳس پر هو تيزيءَ سان هجوم مان نڪري،سن شهر جي پراڻي بازار تائين وڃي پهتو هو۽ مان به وڃي اتي کيس پڳس ۽ کيس گذارش ڪيم ته ”تاج جويي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي ، اوهان واپس هلو“.

    علي بابا وڏي ڪاوڙ ۾ هو، چيائين ”هو پاڻ کي ڇا ٿا سمجهن، جيڪو خيال مان کڻي آيو هئس ان جي پورائي نه ٿي. مان نه هلندس.“ هن پنهنجي گلي ۾ لڙڪيل ميڊل ڏيکاريو ۽ چيائين ته ”هن جي تو کي خبر آهي ته ڇا قيمت آهي؟“ مون کيس چيو ته ”نه“ چيائين ته ”هي سڄو سن به جيڪر ملي ته هن ميڊل جي برابر نه ٿيندو“ مان کيس واپس هلڻ لاءِ وڏيون منٿون ڪيون پر هو اڳتي وڌندو ويو ۽ مان سندس پٺيان پٺيان واپس هلڻ لاءِ منٿون ڪندي پئي هليس. هو جڏهن سائين احمد خان ميمڻ جي اوطاق وٽ پهتو ته بيهي رهيو. مون کي چيائين ته ”تون ڪو نه مڙندين؟“ مون چيو ”نه.“ ان وقت چيائين ”هاڻ مان ٿڪجي پيو آهيان، مان نه هلندس، هاڻ منهنجي سمهڻ جو بندوبست ڪر.“

    سائين احمد خان جي اوطاق جي در وٽ فخرالدين بيٺو هو جيڪو سائين احمد خان ميمڻ جو پوٽو هو . مون ان کي چيو ته ”اوهان جي اوطاق ۾ گهڻن مهمانن جو بندوبست ٿيل آهي؟“ چيائين ”هڪ کٽ ۽ بسترو وڌيڪ لڳل آهي مون کيس چيو ته” پوءِ ٺيڪ آهي ان تي علي بابا کي سمهاريون ٿا“. اهڙيءَ طرح کيس ان اوطاق ۾ سمهارڻ لاءِ وٺي هلياسين. سمهڻ کان اڳ ۾ هن مون کي چيو هو ته ”تون ڪجهه وقت اتي ويهه مان سوڙهه مٿان وجھي سيءَ کي ڀڄايان، گرم ٿيان . پوءِ وڃجان“ ڏهن پندرهن منثن کان پوءِ هو اٿيو ۽ چيائين ”مان سمهڻ کان اڳ ۾ کير پيئندو آهيان“ مون يڪدم اتي پيل کير جي ڀريل مٽ مان گلاس ڀريو ۽ اچي کيس ڏنم انهن ڏينهن ۾ جنهن به اوطاق ۾ جيترا مهمان ترسائبا هئا، انهن لاءِ اوتري کير جا مٽ ۽ دلا رکبا هئا . علي بابا کير جو گلاس پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيو ته ”مان کير گرم ڪري پيئندو آهيان،“ مون کيس چيو ”دير ئي نٿا ڪريون ڏي ته پاسي واري هوٽل تان گرم ڪرائي ٿو اچان.“ سالگرهه جو ڏينهن هو ۽ رات دير تائين بازار ۾ ماڻهو هليا ڦريا پئي رونق لڳي پئي هئي، چيائين ”مان به هلندس.“ اسين ٻئي کير جو ڀريل گلاس کڻي هوٽل تي آياسين ۽ هوٽل واري کي چيم ته هي اسان کي گرم ڪري ڏي .هن دير ئي ڪانه ڪئي گرم ڪري ڏنائين. علي بابا چيو ”مان کير ۾ کنڊ وجهي پيئندو آهيان“ مون هوٽل واري کان کنڊ گهري جيڪا هن آڻي ڏني .علي بابا کير جي گلاس م کنڊ وجهي چمچي سان گهمائي ۽ پوءِ چيائين ”هاڻ انتظار ٿا ڪريون جيسين کير ٺري.“ جنوري جو مهينو سيءُ به ڏاڍو هو سو پندرهن منٽن ۾ کير ٿڌو ٿي ويو ۽ هن پيتو. بعد ۾ مان کيس وري اچي اوطاق تي وٺي آيس ۽پوءِ هو سمهي پيوهو. سمهڻ کان اڳ ۾ مون کي چيو هئائين ته هاڻ تو کي موڪل آهي، وري صبح جو اچجان.

    صبح جو مان ساڳي اوطاق تي علي بابا ڏي ويس. اڳڻ ۾ ڪرسي تي عابده پروين ويٺي هئي ۽ ٻيا کٽن تي ويٺا هئا، علي بابا ديوار تي ڀڳل آرسي ۾ ڏسي سيفٽي سان پنهنجي ڏاڙهي لاهي رهيو هو . جيئن ئي هن مون کي ڏٺو. هٿ جون آنڱريون ٽيڙي، گهروڙي.... ڏنائين ۽ چيائين ته ”تو مون کي رات عابده سان گڏ ڇو سمهاريو.“ مون به ٺه پهه چئي ڏنو ته ”رات اوهان کي ته الڳ کٽ تي سمهاري ويو هئس. هي الائي ڪيڏي مهل آيا هوندا.“ جواب ۾ چيائين ”چريا ڀوڪ منهنجو مطلب آهي ته جتي عابده پروين رهيل هئي ان اوطاق ۾ مون کي تو ڇو رهايو؟“ ان دوران عابده علي بابا کي چيو”علي....... علي..... مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي“ علي بابا ويتر تيز ٿي ويو ۽ عابده کي چيائين”مان ته تو کي فنڪار سمجهان ئي ڪو نه ٿو. تون به ڪا ڳائڻي آهين. نه نه هرگز نه، رڳو ٻين جا ڳايل ڪلام ٿي ڳائين.“

    هو جذبات ۾ ڳالهائي رهيو هو ۽ زور سان سيفٽي کي پنهنجي ڏاڙهي تي به گهمائي رهيو هو هن اهو به خيال نه ڪيو ته کيس ڪيترائي ٽڪا اچي چڪا هئا. هن جو سڄو منهن رتو رت ٿي چڪو هو . هو اهڙو يگانو انسان ۽ بي گانو ليکڪ هو.

    جيڪو 8 آگسٽ 2016 تي اسان سميت سڄي سنڌي قوم کي الوداع ڪري ويو. شام جو خليق ٽڳو ۽ مان سندس تدفين جي آخري رسمن ۾ وياسين ۽ پنهنجي اکين سان ڏٺم ته هو ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ لهي ويو۽ سج به لهي ويو!

    اهوئي ساڳيو ٽائيم ! جنهن ٽائيم تي منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ٿي هئي
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    “ڌرتي ڌڪاڻا جو ڪردار علي بابا”

    عباس سارنگ

    علي بابا جو خمير سنڌ ڌرتي سان جڙيل هو ۽ سنڌ ڌرتي ئي کيس پنهنجي هنج ۾ پناھ ڏني هئي. علي بابا سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول جو هڪ اهم نالو هو. سندس پراسراريت شخصيت منهنجي لاءِ هميشه اسرارن سان ڀريل ئي رهي ۽ سندس لکڻ جو انداز سڀئي لکندڙن کان مختلف ئي هو؛ پر هن جن ڪردارن تي پنهنجي اسلوب ۾ ئي ٿي لکيو. اهو جاندار هجڻ سان گڏ سو سيڪڙو سچ ئي هو؛ جو ڌرتي وارن سندس لکڻ کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني.
    علي بابا جا وڏا بلوچستان مان لڏي اچي سنڌ جي شهر سيوڻ شريف ۾ ويٺا ۽ پوءِ اتان لڏي هميشه لاءِ ڪوٽڙي ۾ اچي رهيا. علي بابا جي ڇٽي جو نالو علي محمد هو. علي بابا رند قبيلي جي هڪ گھر ۾ 1940 ۾ اک کولي. علي بابا پهريان ريلوي ۾ ڪلرڪ ٿيو؛ پوءِ اها ڪلرڪي واري نوڪري ڇڏي. هڪ پرائيوٽ مل ۾ اسسٽنٽ مينيجر ٿيو. علي بابا 1965 کان باقاعده لکڻ شروع ڪيو. علي بابا ڪهاڻيڪار سان گڏ بهترين ناول نگار به هو. علي بابا سنڌي ڊرامي ۾ نئين سر ساھ ڦوڪيو. هن جا ڊراما سنڌي ماڻهن کي اڄ به ياد آهن.
    علي بابا جن به ڪردارن تي لکيو اهي ڪردار اسان جي سماج جو اولڙو ۽ هڪ حقيقت به آهن. علي بابا جا ڪردار مافوق الفطرت ڪونه آهن؛ پر اهي اسان سان گڏ هن ئي سماج ۾ ساھ پساھ کڻي رهيا آهن. ائين لڳي ٿو علي بابا جن به ڪردارن تي لکيو آهي انهن سان گڏ رنو به آهي ته کليو به آهي. هن جا ڪردار سنڌي سماج جو هڪ آئينو آهن ۽ هڪ تاريخ آهن. سڀاڻي جو جيڪو به فرد انهن ڪردارن کي جئين ئي ڏسندو ۽ پڙهندو ته هن کي اندازو ٿيندو ته ڪهاڻيڪار ڪيڌي نه سچائي ۽ حقيقت پسندي سان ڪم ورتو آهي. علي بابا جي انهن ڪردارن کي (ڌرتي ڌاڪاڻا) ڪهاڻيون، (لڙهندڙ سج جي لام) ڪهاڻيون، (موهن جو دڙو) ناول ۾ پسي سگھجي ٿو ۽ سندس ڪيترائي ڊرامه اهم جاءِ والارين ٿا؛ پر انهن ۾ (دنگي منجھ دريا) جي هڪ الڳ حيثيت رهي آهي.
    علي بابا هڪ فقير منش ۽ يگانا قسم جو پراسرار شخص هو. هن کي ڪنهن به ٺٺ ٺانگر جي ڪابه ضرورت ڪونه هئي. هن ڪڏهن به سرڪار اڳيان هٿ ڪونه ٽنگيو ۽ نه ئي ڪنهن سڻڀي نوڪري لاءِ ڪنهن به ڊوڙ ۾ رهيو هو. بس هن کي جتي ايندو هو، هليو ويندو هو ۽ جتي پچندو هو اتي کائي وٺندو هو.
    علي بابا سنڌي ڪهاڻي کي پنهنجي اسلوب سان لکي پاڻ کي ۽ سنڌي ڪهاڻي کي امر ڪري ڇڏيو. دنيا ۾ ڪٿي به سنڌي ڪهاڻي جو ذڪر ٿيندو ته علي بابا جو ذڪر ضرور ٿيندو. مون کي سنڌ ڌرتي مان اهڙن انسانن جي جنم وٺڻ تي بيحد خوشي ٿئي ٿي؛ پر اسان جو سنڌي سماج الاءِ جي ڪهڙو آهي جو کين جنهن مقام ۽ عزت جي ضرورت هجي ٿي. اهو کين نٿو ڏنو وڃي، جيڪا هڪ تاريخي ڏکائيندڙ حقيقت به آهي پر اسان جي سماج ائين ڪندو رهيو ته پوءِ سمجھي وٺو ته لوڏي ۾ ضرور آهيو؛ پر جي بچل آهيو ته اهو صرف انهن فنڪارن جو ئي ڪمال آهي، جن پنهنجي ڪردار نڀائڻ سان توهان کي هر هنڌ عزت ملي ٿي. بس اهي فنڪار ڏسن ٿا پنهنجي سنڌ ڌرتي جي ڪک کي توهان جي اڻ ڄاڻائپ کي نه..... علي بابا جا ڪردار سموري جا سمورا ڌڪاڻيل ڪردار آهن. هن انهن ڌڪاڻيل ڪردارن تي ئي قلم کنيو ڇو ته علي بابا پاڻ به هڪ ڌڪاڻيل ڪردار هو.
    هاڻي اها پر اسرار شخصيت اسان ۾ موجود ڪونه رهي آهي. علي بابا 76 سالن جي عمر ۾ هن دنيا کي الوداع ڪري سنڌ امڙ جي هنج ۾ آرامي ٿيو آهي. بس هاڻي هن جا ڌڪاڻيل ڪردار اسان وٽ ڪتابن جي روپ ۾ موجود آهن. سندس ڌڪاڻيل ڪردارن کي نئين واٽ ۽ گس ڏيڻو پوندو، کين مان ۽ مرتبو ڏيڻو پوندو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    موهن جي دڙي جي ماڻهوءَ جي موڪلاڻي!

    واحد پارس هيسباڻي

    علي بابا وڏو ڪهاڻيڪار ته هيو ئي پر ان سان گڏوگڏ هو وڏو ماڻهو به هو. هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو پنهنجو سڀ ڪجهه ڏيڻ لاءِ ته تيار هجي، پر ڪنهن کان وٺڻ لاءِ قطعي به تيار نه هجي.هو حد درجي جو خوددار ماڻهو اهڙي خودداري سندس ڪهاڻين ۾ به نظر اچي ٿي. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سندس تعارف بلڪل ئي مختلف آهي. هن جيڪو ڪجهه لکيو بلڪل ئي منفرد لکيو. اهو ئي سبب آهي جو کيس ڪهاڻيڪارن جي ڊگهي قطار ۾ بلڪل ئي الڳ ٿلڳ حيثيت حاصل آهي. هن جيڪو ڪجهه به لکيو ڄڻ ته دل جي ڪُپڙيءَ ۾ قلم ٻوڙي لکيو. سندس ڪهاڻيون جتي مُرڪڻ تي مجبور ڪن ٿيون اُتي اوچتو اوچتو اکين کي آلو به ڪري وجهن ٿيون ۽ بي اختيار سڏڪائي وجهن ٿيون. علي بابا جي ڪهاڻي ڪٿي به ورجاءُ جو شڪار محسوس نه ٿي ٿئي. هن جي هر ڪهاڻي ٻي ڪهاڻيءَ کان مختلف آهي. سندس انداز پنهنجو آهي ڪٿي به هي پنهنجي ڪنهن سينئر يا همعصر جي انداز جي ڪاپي ڪندي نظر نٿو اچي. سندس ڪهاڻي ”ڌرتي ڌڪاڻا“ هجي يا ”ڪارونجهر جو قيدي“، ”اسين ماڻهو“ هجي يا ”چند ۽ ماني“ هجي، ”هي سنگرام“ هجي يا ”ڪجلا تجلا ماڻهو“ هجي، ”ڌرتي ڌڪاڻا“ هجي يا ”آيل ڙي اولاڻا“ هجي، ”پڃري جا پکي“ هجي يا ”پولارن پاتالن ۾ ڀٽڪندڙ ماڻهو“ هجي ”ريلوائي ڇوڪرا“ هجي يا ”اڌ چريا ماڻهو“ سندس سموريون ڪهاڻيون باقاعدي هڪڙي مقصد سان ڀرپور آهن. هن جي ڪهاڻين جا موضوع پنهنجا، پنهنجي ديس جا انگ اگهاڙا، اڻڀن وارن وارا، پيٽ بکايل، ڌرتتيءَ جو پورهئي ۾ پگهر وهائيندڙ ماڻهو ئي آهن. جن ۾ انهن جو درد جيئن جو تيئن اوتيل آهي. اهو علي بابا جو ڪمال آهي ته هو ماڻهن جي ڪيفيتن کي بلڪل ئي اهڙي انداز ۾ لفظن ۾ بيان ڪري ٿو، جو پڙهندڙ کي اها ڪيفيت باقاعدي محسوس به ٿئي ٿي، بلڪه اُن جي پنهنجي ڪيفيت به تبديل ٿي وڃي ٿي نه ته ڪيفيتن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ايترو سولو ڪٿي آهي.

    علي بابا ڊراما پڻ ڪمال جا لکيا آهن، جيڪي خاص ڪري پي ٽي وي جي دور جا انتهائي مقبول ڊراما رهيا آهن، خاص ڪري ”دنگي منجهه درياهه“ ته مقبوليت جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ ان ڊرامي تي کيس ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا پر حقيقت اها آهي ته علي بابا ايوارڊن کان انتهائي وڏو ماڻهو هو. هي پنهنجي دنيا ۾ رهندڙ مست الست ماڻهو هو، جنهن وٽ چڱي ڀلي جي ڪاڻ به نه هوندي هئي. هن کي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن جي خوشامد ڪندي، پنهنجون مارڪون ٺاهيندي نه ڏٺو ويو. هن جيڪا مقبوليت حاصل ڪئي اُها پنهنجي صلاحيت ۽ انفراديت جي بنياد تي ڪئي. اسڪرين جي دنيا هجي يا ڪتابن ۽ رسالن جي دنيا خود هن جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي هئي پر هن ڪڏهن به ڪنهن جي ضرورت محسوس نه ڪئي. علي بابا جي ڪيترن ئي همعصرن پنهنجي مقبوليت جو فائدو وٺندي واسطا وڌايا ۽ انهن واسطن جي بنياد تي اڻڀيون سڻڀيون ڪرسيون ورتيون ۽ سالن جا سال ٺٺ ڪيا پر علي بابا ڪڏهن به پاڻ کي ڪيش ڪرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، بلڪه ان پاسي سوچڻ به پسند نه ڪيو. هي سيلاني ماڻهو هو، آسائش پسندي هن جي طبيعت ۾ ئي شامل نه هئي. انتهائي مفلسي وارن ڏينهن ۾ به هي پنهنجي دنيا ۾ خوش رهيو ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان پنهنجي درد ڪهاڻي بيان ڪري همدرديون يا مالي مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. علي بابا ڪڏهن به معاوضي جي نالي تي خيرات ڏيندڙ سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن کان ڪو مطالبو نه ڪيو بلڪه اهڙي قسم جي ٿيندڙ پيشڪش کي پڻ ٿڏي ڇڏيو. هو انهن ماڻهن مان هيو، جيڪي ”ڀلي بک ڀرم جي شال مَ وڃي شان“ واري واٽ جا مسافر هوندا آهن. علي بابا ناول نگار به ڪمال جو هو. مان چوندو آهيان توهان هڪڙي پاسي ڏهه هٿرادو مشهور ڪيل ناول رکو ۽ ٻئي پاسي علي بابا جو ”موهن جو دڙو“ رکو، هي ناول پنهنجي قد توڙي بت ۾ سڀني کان سگهارو محسوس ٿيندو. هي سچ پچ پاڻ به موهن جي دڙي جو ماڻهو هو، جيڪو جديد دور جي سُکن، سهولتن ۽ آسائشن کان بلڪل به پري هو. اڪثر ڪري ته هن وٽ موبائل فون به نه هوندو هو ۽ هن کي ڳولڻ لاءِ سندس پار پتا پڇڻا پوندا هئا. هن جي شخصيت مينهوڳي کانپوءِ زمين مان اُٿندڙ خوشبو جهڙي هئي جنهن کي صحتمند نڪ رکندڙ ئي محسوس ڪري سگهندو هو. علي بابا جيڪو به لکيو پنهنجي دل جي سچائي سان لکيو ۽ بنا ڪنهن پرواهه جي لکيو. هي ڪهاڻي سان رومانس ڪندڙ ماڻهو هو، هن ڪڏهن به ڪهاڻي ڪاروبار يا وهنوار واري سوچ سان نه لکي. اهڙي ڳالهه هن ”منهنجون ڪهاڻيون“ (جلد پهريون) ۾ به لکي آهي: ” اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪار قسم جي ڪا به شيءِ حائل ناهي. منهنجو ۽ ڪهاڻي جو رومانس پاڻ ۾ ڪڏهن به ڪاروبار يا وهنوار کانسواءِ هلندو اچي. انتهائي بيزار ٿي پوڻ کانپوءِ مان ڪهاڻي سان پيار ڪيو آهي، مان اُن کي ڪنهن به قيمت تي ڇڏي نه سگهيو آهيان ۽ نه ڇڏي سگهندس. ادب ۾ لمبي ساهي ته پٽي سگهجي ٿي پر رزائين نه ٿي ڪري سگهجي....“

    مان جيئن مٿي چئي آيو آهيان ته علي بابا جيڪو ڪجهه به لکيو آهي ته دل جي ڪُپڙيءَ ۾ قلم ٻوڙي لکيو آهي ان ڪري اُن ۾ اسان کي ڪٿي به اجائي سجائي فنڪاري، دانشوري، منصوعيت، فلاسافي وغيره نظر نه ٿي اچي. هن جيڪڏهن لڙڪن جي ڳالهه ڪئي آهي ته اُن جو رنگ اڇو ۽ اُن جو ذائقو لوڻياٺو ئي بيان ڪيو آهي. هن اُن ۾ ڪٿي به پنهنجا رنگ روغن ۽ ذائقا ٽنبڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اهڙي ڳالهه هو پاڻ به مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ ساڳئي صفحي تي ڪري ٿو: ”ڪهاڻي مون وٽ فلسفي، ناصحاڻي نقطي، اصلاحِ عامه يا پروپئگنڊا وغيره جهڙن لفظن کان بلڪل جدا ۽ مٿانهين شيءِ آهي. ڪهاڻي فقط ڪهاڻي آهي ۽ ان کي ڪهاڻي رهڻ کپي....“

    شيام جئسنگهاڻي، لال پشپ، گنو سامتاڻي ۽ ايشور چندر جي لکڻين کي پسند ڪندڙ پنهنجي ڪوٽڙي واري ڳوٺائي موهن ڪلپنا جو انتهائي ويجهو دوست علي بابا بلڪل ئي جينيئس ماڻهو هو. هو جهڙو ٻاهران هو، اهڙو ئي اندران هو. سندس پروفائيل ۾ ڪٿي به سندس شخصيت مٿان ڪا مير نظر نٿي اچي. هو صاف، سڌو ، سچو ۽ فقير ماڻهو هو. هو فرمائش تي لکڻ بدران پنهنجي دل جي چوڻ تي لکندو هو ۽ هن جيڪو ڪجهه به لکيو آهي اهو دلين کي متاثر ڪندڙ لکيو آهي. جهڙي سندس سگهاري شخصيت هئي، سندس ڪهاڻيون به اهڙيون ئي سگهاريون آهن. علي بابا ڄڻ ته ڄائو ئي لکڻ لاءِ هو. اهو ئي سبب آهي جو هن وٽ لکڻ کانسواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ جي اهميت نه هئي. هن پيٽ گذر لاءِ نوڪريون ضرور ڪيون پر انهن نوڪرين کي ڪڏهن به پئسا ڪمائڻ جو ذريعو نه سمجهيو ۽ نه وري ترقين جي چڪر ۾ رهيو. هن وٽ نوڪرين وارن گريڊن جي ڪڏهن به ڪا اهميت نه رهي هن وٽ جيڪڏهن ڪنهن گريڊ جي اهميت رهي ته اهو ماڻهپي وارو گريڊ ئي هو. هو پنهنجي ڪچهرين ۾ اڪثر اهو ئي چوندو هو ته گريڊ ماڻهپي جو هجڻ کپي، نوڪري وارا گريڊ ڪا به اهميت نه ٿا رکن. علي بابا هڪڙي هنڌ لکي ٿو ته: ”مون تمام ننڍي وهيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. ڏهن ٻارنهن سالن جي عمر ۾، اُن وهيءَ ۾ اديب بڻجڻ جو مون وٽ چٽو، پختو ۽ واضح خيال هو. مون وٽ ڪڏهن به وڏو آفيسر، انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿيڻ جو تصور ئي نه هو.....“ واقعي به علي بابا ننڍي عمر کان جيڪو سوچيو اهو ئي ڪيو. هن لکيو ۽ ڀرپور نموني لکيو. هي تمام وڏو ماڻهو هو. اڄ جڏهن سندس ساهه جو پکيئڙو اڏامي پولارن ۾ گم ٿي ويو آهي ته سچ پچ سنڌي ادب جي دنيا ۾ هڪ وڏي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي هڪ وڏو خال محسوس ٿي رهيو آهي. هن جي وڇوڙي سان سنڌ هڪ سُچيت پٽ کان محروم ٿي وئي آهي. هو اڄ اسان ۾ نه رهيو آهي پر سندس ڳالهيون صدين تائين ڳائبيون پيون رهنديون.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو