سنڌ سلامت جي ڪلائوڊ هوسٽنگ تي منتقلي

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2016۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    گذريل ٻن سالن کان سنڌ سلامت کي ڪلائوڊ هوسٽنگ تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو انتظاميا جي بحث هيٺ رهيو آهي.. ان جا ڪئي سبب آهن .. جهڙوڪ..
    • سنڌ سلامت جي موجوده يونيڪوڊ بيسڊ ڊيٽا بيس جي سائيز جو وڌيڪ هجڻ ..
    • شيئرڊ هوسٽنگ تي رکيل ميموري سميت کوڙ ساريون رڪاوٽون..
    • موجوده دور ۾ ٿري جي ۽ فورجي جهڙي انٽرنيٽ جي سهولت هجڻ باوجود سنڌ سلامت جي رفتار جو گهٽ هجڻ..
    • گهٽ سهولتن هجڻ ڪري جديد اسڪرپٽ جو استعمال نه ڪرڻ..
    • سنڌ سلامت تي موجود سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي مواد جو باقائدا بيڪ اپ وٺڻ جو پروسيجر نه هجڻ ..
    • فانٽ سرور ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر سميت نون پروجيڪٽس جو لانچ ڪرڻ..
    • سوشل نيٽورڪ سان وڌيڪ بهتر مطابقت رکڻ جون اضافي گهرجون..
    • ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جاکوڙ لاءِ مسقتبل جا وڌيڪ منصوبا..
    اهڙن اهم مسئلن جي باوجود مالي معاملن کي سامهون رکندي سنڌ سلامت کي جهڙي تهڙي نموني موجود هوسٽنگ تي هلايو پئي ويو... پر .. گذريل ڪجهه مهينن کان پوءِ ڪجهه مسئلا اهڙا سامهون آيا جن کان پوءِ سوچي ڇڏيو ته هاڻي گهڻو ٿيو... سنڌي ٻوليءَ جي هن واحد ابتدائي فورم کي وڌيڪ رسڪ تي نه رکبو ۽ بهتر حل تي عمل ڪرڻ جو بس هاڻي ئي وقت آهي.. ۽ پوءِ گذريل ٻن سالن جي ريسرچ کي سامهون رکندي سنڌ سلامت کي لائنوڊ ڪلائوڊ تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي..
    ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مرحلي وارن سنڌ سلامت کي پروجيڪٽس سميت ڪلائوڊ هوسٽنگ تي منتقل ڪيو ويندو.. منتقلي مڪمل ٿيندي ئي سموري سٿ کي آگاهه ڪيو ويندو.. ان دوران ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ فورم کي ڪنهن به وقت عارضي طور بند ڪيو ويندو .. اميد ته سمورو سٿ تعاون ۾ رهندو...
    سنڌ سلامت ... ساٿ سلامت..
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اوهانجون اهي ڪاوشون ساراهڻ جوڳيون آهن ،سدا سلامت هجو ،مرڪندا رهو
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو