امر جليل ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏17 آگسٽ 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    امر جليل جيڪو اڙدو ۽ هندستانين جو ڇاڙتو آهي
    ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    ڪو ٻڌائيندو ته امر جليل جي ڪهاڻين ۾ ڌرتي جي ڪا خوشبو آهي ڪا اهڙي ڪهاڻي جنهن سان ڌرتي جي جوڌن ،يا ڪا ڌرتي جي نسبت يا ساڻينهن جي سڪ يا سنڌ امڙ جي ڏکن ڏولاون کي اجاگر ڪيو هجيس يا ڪو اهڙو تعصر لکيو هجيس جنهن ۾ سنڌي معاشري جي جوڙجڪ سنوت وٺي هلي سنڌي رستي تي ....سنڌ جي انهنجن کي ظاهر ڪيو هجيس يا سنڌيت جو نمونو واکڻ ۾ ورجايو هجيس يا وطن جي حب ظاهر ٿي هجيس ....جواب هوندو نه ...ته پو هي بيڪار دهريو هن معاشري کي بگيڙيندڙ...وري سنڌ ٽي وي تي ويٺو اجايا سجايا رايا قائم ڪندو هن جي خيال مطابق هي ٽالپر سڀ ڀاڙي هيا ٿلها هيا وڙهڻ جهيڙن جهڙا هيا ئي نه ...هن کان ڪير پڇي ته مياڻي جي جنگ ۾ ڪتو انگريز ڪيترو ميو ۽ دبي جي جنگ ۾ هن ڪافر کي ڪيترو نقصان ٿيو ۽ لڳاتار ٻارنهن سال جيڪي جٿو ڏهن هزارن جي لڳ ڀڳ هيو جنگ ۾ پهچي نه سگهيو مياڻي واري جنگ ۾ سو ڇاپا مار جنگ وڙهندو رهيو ڪٿي آهي دنيا ۾ اهڙو مثال.... ته سنڌ تي ڪافر قابض انگريز سان هڪ صدي چار سال مسلسل لڳاتار جهيڙي ۾ رهندڙ سنڌي هيا ....جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي جنهن ۾ وڏا پير مير درويرش بهادر جوڌا شامل هيا جن جي تاريخ لکڻ وارو ڪوڙو اديب نالا تائين لکي نه سگهيو آهي هوڏانهن بن قاسم جي تاريخ ويٺو ورجائيندو ۽ همراه کي هي ويجهڙ واري وقت جي خبر تائين نه آهي ته هي صرف 65 هزار حر مجهاد شهيد ٿيندڙن سان گڏ چئوڻ تي ٻيا امروٽي جا پيرو ڪار هاليجوي جا مهندار کڏي واري جا پيارا ڀرچونڊي وارن جا مريد هن جنگ ۾ شامل هيا ۽ ڪونڌر ڪهائڻ کان پو هي آزادي نصيب ٿي ...ايتري تائين جو هو رئيسل مهاجرين سڏائن وارو لاڙڪاڻي جو گهوٽ جنهن انگريزن کي اهو چئي ملڪ بدر ٿيو ته جي اسان وڙهي نه ٿا سگهون ته ڌاري غير مسلم جي حڪومت ۾ رهڻ واجب نه آهي ۽ افغانستان 35 هزار ماڻهو هجرت ڪرائي ويو ۽ اهو به هڪ قسم جو پريشر هيو انگريز تي ....هي سڀ هن همراه کي نظر ئي نه ٿا اچن هي ٽهل ڪندو ٽونڪ ڪندو سنڌي ماڻهو ءَ تي جنهن جي اعتماد کي ڪاپاري ڌڪ پيو هڻي هي سنڌي اديب ئي نه آهي هي
    لبستم دائودپوٽه
     
    عزيزالله ميمن ۽ خدابخش مشاخ هيء پسند ڪيو آهي
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ان ڪري ئي ته توهانجي گهٽيا سوچ جو جواب ڪير به نه ڏيندو آهي
     
  3. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    عرس پريا صاحب هي هڪ حقيقت آهي تنهنجي منهن ڦصيرڻ سان نه پر عملي ڳالهين سان پتو پئي ٿو ...هي هندستاني هن سنڌ جا ازلي دشمن آهن ٻين غير سنڌي سان گڏ ۽ هي انهن جي پاسداري ڪندڙ آهي انهن جي هندي بگڙيل ٻولي ۾ ڳالهائيندو آهي سو به سنڌي چينل تي ...اسان جي سنڌ لاءِ جي اها سوچ توهامن کي گهٽيا ٿي لڳي ته بيشڪ اسان کي فخر آ هن گهٽيا ٿيڻ تي ......
     
    عزيزالله ميمن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    هن قسم جون تحريرون پڙهي حيرت ٿيندي آهي ته اڄ به اسان جي ذهنيت محدود آهي....!!!

    اسان اڄ به اختلاف راء کي برداشت ڪرڻ کان قاصر آهيون.

    اسان پاڻ مرادو ڪنهن به شخص جي پڳ لاهي ڦٽي ڪري سگهون ٿا. چاهي اهو شخص اديب هجي ، دانشور هجي ، سماج سڌارڪ هجي ، عالم هجي يا استاد هجي...!!

    چاهي سنڌين جو هڪ وڏو طبقو ان شخص کي پڙهندڙ هجي ، پسند ڪندو هجي يا ان کي عزت ڏيندو هجي....!!!

    چاهي اهو شخص ڪيترو به قابل احترام ڇو نه هجي...اسان صرف پنهنجي ذاتي راء سان ان شخص جي ڪيل محنتن تي پاڻي ڦيري کيس زمين ۾ زندهه دفن ڪرڻ ۾ ئي دلي سڪون محسوس ڪندا آهيون..!!!

    ادا رسول بخش.. توهان کي شابس هجي...!!

    توهان کي امر جليل تي تنقيد ڪرڻ جو شوق آهي ته سندس ڪنهن به تحرير کي پيش ڪري ان تي تنقيد ڪريو.
    توهان کي امر جليل جي ڪنهن پروگرام ۾ چيل ڪنهن به جملي تي اعتراض آهي ته ان جملي کي سڀني پڙهندڙن آڏو پيش ڪري پنهنجي اختلاف ۽ پنهنجي مؤقف کي پيش ڪريو ۽ امر جليل جي ان ڳالهه جو رد ڪريو.

    سنڌ جي ڪنهن به شخصيت جي ڪنهن به قول ۽ فعل سان اختلاف ڪرڻ توهان سميت هر سنڌي جو حق آهي ، پر ان جو مناسب طريقو اهو آهي ته توهان انهي شخصيت جي قول ۽ فعل جي نشاندهي ڪندي انهي شخصيت سان اختلاف ڪريو ۽ پنهنجي مدلل راء بيان ڪريو .

    توهان جنهن ريت تنقيد ڪندا آهيو ان سان ڪو به پڙهندڙ ڪڏهن به متفق ڪو نه ٿيندو...!!!
    ڀلا اسان توهان جي ذاتي راء سان متفق ڪيئن ٿيون..!!؟؟

    ڇا توهان امرجليل جي ڪهاڻين کي ڪڏهن پڙهيو آهي....!!!؟؟؟ توهان کي امرجليل جي ڪهڙي ڪهاڻي سنڌ ۽ سنڌين جي مفاد خلاف لڳي آهي..!!؟؟

    ڇا توهان کي خبر آهي ته آڱرين تي ڳڻجندڙ سنڌي اديبن ۾ امرجليل جو ڪهڙو مقام آهي...!!!؟؟

    ڇا امر جليل جي ڪهاڻين جا ڪردار خلائي مخلوق آهن...!! يا اهي ڪردار يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهن ٿا...!!!؟؟

    ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته امر جليل کي هن وقت تائين ڪهڙا ڪهڙا ايوارڊ ملي چڪا آهن...!!!؟؟ ڀلا اهي ايوارڊ ڏيندڙ سڀ انڌا ، ٻوڙا ۽ گونگا هئا جن بنا پڙهڻ جي ئي امرجليل کي ايترا ادبي ايوارڊ ڏئي ڇڏيا...!!! ڇا اهي به سڀ امر جليل وانگر اڙدو ۽ هندستانين جا ڇاڙتا آهن..!!!!

    تنقيد ڪريو.... بلڪل ڪريو...
    پر....
    تعميري تنقيد ڪريو....
    باقي تخريبي ذهن سان تنقيد ڪندؤ ته لوڪ کلائيندؤ۔۔۔۔ورندو ڪجهه به نه.....!!!
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    شايد توهان منهنجي هي تحرير پوري پڙهي نه آهي يا ڄاڻي ٻجهي پنهنجي را تي لکي رهيا آهيو منهنجي هن لکڻي ۾ هن جي سوچ ٽالپرن بابت چيل لفظ جيڪي هن سنڌ ٽي وي تي چيا هيا اهي ورجايا آهن ...۽ هن جا تقريبن گهڻا ڪتاب مون وٽ اڄ به موجود آهن ۽ سڀ ڪوڙ ...هي ڪهاڻين جو مجموعو آهي يا نه ...سنڌي گدڙ ان اسلام آباد هي هن جي ڪهاڻي آهي يا نه ...اروڙ جومست هي هن جي ڪوڙي ڪهاڻي آهي يا نه جنهن ۾ ڪوڙ تي مبني هن ڪردار جنهن ۾ ٻه يار هوندا آهن ۽ ٻئي چوري ڪندڙ هومندا آهن هڪ وڃي ڪنهن درًاه تي پير ٿي ويهندو آهي .....منهنجا مٺا لکڻين جي ڏانءَ سان نه پر سوچ جا مخالف آهيون رهنداسين هي ڪميونسٽ سوچ سوشلسٽ سوچ ۽ هندستانين جي چوڻ تي هتي سنڌي تا حيات ڪردارن سردارن رئيسن چڱن مڙسن جي هن سنڌي ماڻهو کي مخالف سوچ ڀرڻ جي جيڪا غلطي ڪئي آهي ۽ ڏوه ڪيو آهي اهو ته ايندڙ نسل هن کان جواب گهرندو ...باقي منهنجي ڪا هن سان دشمني نه آهي جيڪو پنهنجي نالي کي به هنن هندستانين وانگر صرف نالو ٿو ٻڌائي جنهن جي ذات جي ڪا خبر نه آهي .....هي ڪله جي ڳاله آهي جنهن ۾ هي سڀني ڪٽنبن ذاتين کي ڪوڙو چئي رهيو هيو سڀ ذاتيون هن کي نه ٿيو وڻن سيدن کان وٺي سومره ،مهر وساڻ وغيره وغصيرن جن کي هي سنڌ لاءِ هاڃيڪار پيو سڏي هن اڌ دماغ کان ڪو پڇي ته هي ذاتيون هت سنڌ جي سڃاڻ آهن جيڪي ورهن کان صدين کان نسل در نسل پنهنجي سڃاڻ آهن اهي هن کي نه گهرجن باقي هندستانين وانگر يا ڪوڙو سيد يا چار چار نالا ته لکندا پر ذات جي ڪا خبر نه هوندي ....هي تمغا به اصل ۾ سنڌ جي اختلاف پيدا ڪرڻ جهڙن ڳالهين ناولن ڪهاڻين جي ڪري ئي مليا آهن اسان کي هن جي تمغن سان نه پر سنڌي غير منساب راه ڏي ڌڪڻ سان اختلاف آهي رهندو ....صرف سنڌيت جي ڪري .....اسان هي وڏي واڪي هن سان ته ڇا پر هر ان ماڻهو جي مخالفت ڪنداسيمن جيڪو سنڌ کي ظار يا لڪ ۾ نقصان ڏيندو يا ڏيڻ جو ارادو رکندو .....هي سمجهو ڪي سمجهن ...عام سوچ کان مٿڀرو هي عمل آهي .....
     
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    سهڻا ڀاء... ٽالپرن بابت امرجليل جي مؤقف سان اختلاف توهان جو حق آهي.
    پــــــــــــــــــر
    سنڌ جي تاريخ ۽ ان بابت مختلف مؤقف رکڻ سان توهان اها ڳالهه ڪيئن ٿا ثابت ڪريو ته اها سراسر سنڌ دشمني آهي....!!!؟؟؟

    ڀلا تاريخ تي من وعن يقين ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي..!!

    هن جديد دور ۾ اسان ڪلهه ٿيندڙ ڪنهن اهم واقعي بابت درست نٿا ڄاڻي سگهون ته ڪئين صديون اڳ جي واقعن تي ڪيئن اکيون بند ڪري يقين ڪريون...!!!

    توهان جي نظرن ۾ ٽالپر ڪيترا به عظيم ڇو نه هجن پر اهو ضروري ناهي ته تاريخ جو هر طالب علم به اهو ئي سمجهي ...!!

    سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ مختلف ذاتين بابت سُٺي يا خراب راء رکڻ هڪ الڳ بحث آهي پر ان بنياد تي توهان هڪ خاص علمي شخصيت کي سنڌدشمن قرار ڏئي رهيا آهيو...!!
    توهان کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي...!!؟؟

    توهان امرجليل جي ڪهاڻين جي ڪردارن تي تنقيد ڪرڻ جي آڙ ۾ سڌوسنئون امرجليل تي ذاتي تنقيد ڪري رهيا آهيو..!!!

    ڪهاڻيون سچيون به هونديون آهن ته ڪوڙيون به.... مصنف جو اصل مقصد ڪهاڻي بيان ڪندي ڪو خاص پيغام پهچائڻ هوندو آهي.

    ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي جو توهان کي امرجليل جون ڪهاڻيون پسند نه آهن پر ان جي باوجود توهان لکيو آهي ته ...
    دنيا ۾ ڪا به قوم پنهنجن اديبن تي ايئن تنقيد نه ڪندي آهي ته هن فلاڻي ڪهاڻي ۾ فلاڻا فلاڻا ڪردار ڇو شامل ڪيا...!!!

    ڀلا سنڌ جي ذاتين تي تنقيد ڪرڻ گناهه عظيم آهي...!!؟؟ جيڪڏهن اسان سڀني ذاتين تي تنقيد ڪريون ته ڇا ان سان اسان سنڌدشمن ٿي وينداسين...!!!؟؟

    پيارا ڀاء.... اصل سنڌ دوستي اها آهي ته اسان پنهنجين اوڻاين تي نظر ڦيرايون ۽ انهن جي نشاندهي ڪندي پاڻ کي سڌاريون.

    امرجليل جيڪڏهن تنقيد ڪري ٿو ته توهان ان سان اختلاف رکندي سندس تنقيد جو مدلل جواب ضرور ڏيو پر توهان کي اهو حق حاصل نه آهي ته هڪ سنڌي اديب جي شان ۾ گستاخانه لفظ لکو يا سندس ڪردار ڪشي ڪريو...!!!

    امر جليل علمي بحث ڪندو آهي... توهان کي به گهرجي ته علمي بحث ڪندي اختلاف راء جو اظهار ڪريو پر ادب ۽ اخلاق جي دائري ۾ رهي تعميري انداز سان پنهنجي راء جو اظهار ڪندؤ ته پڙهندڙن تائين توهان جو مؤقف به پهچي ويندو.
    پـــــــر
    هڪ طرفه فيصله ڪن انداز سان پنهنجا نظريا ٿوپڻ مناسب ڳالهه ته نه آهي.

    توهان جن جوابن سان امرجليل کي پسند ڪندڙ ڪيترن ئي پڙهندڙن جي دل آزاري ٿي رهي آهي. وڌيڪ وس وارا آهيو.
    دل آزاري ٿي هجي ته پيشگي معذرت قبول ڪندا.
     
  7. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    پيارا سائين توهان جڏهن چيو ته ڪهاڻي ڪوڙي به ٿي سگهندي آهي پر ان جو ڪو خاص پيغام ڏيڻ ئي اصل ڪم هوندو آهي ....منهنجا مان وارا شان وارا شهمير سنڌ مان اها ئي اصل حقيقت کڻي ڳاله ڪريان پيو ته هي همراه جو سيدن پيرن سردارن بلڪ هن کي سنڌ جون ذاتيون به نه ٿيون وڻن ...واه هي تخريبي سوچ آ يا تعميري ...اسان به هن معاشري ۾ رهون ٿا ۽ سچ جي پرک ڪرڻ اسان جو فرض آ ۽ سنڌي سماجي کي بهتري طرف وٺي وڄڻ وارن جي نشاندهي ڪرڻ به ضميواري ۾ شامل آ ....گستاخانه ...لفظ... هن همراه لاءِ چوڻ... لڳي ٿو ته توهان عقيدتمند ٿي ويا آهيو هي به سنڌ جو هڪ اديب آ ڪهاڻي ڪار آ پر تخريبي سوچون ڏيندڙ آ ان کي وائکو ڪرڻ اسان جو فرض آ ....هن جي ذات ڪهڙي آ اهو ته اسان کي ذرا ٻڌايو .....سنڌ ۾ ذاتين سان رهندڙ ماڻهو اصل ماڻهو آهن جن ذاتيون لڪايون ۽ يا اهي چور آهن يا ٻيو ڪجه پر هي هندستاني جيڪي هتي آيا تن وٽ ذات جو رجهان ئي نه هيو هي ڀنگي ڀيل چهڙا هوندا شايد جو ذات نه لکندا آهن پر ٽي ٽي چار چار نالا ڳڻڍي وتندا منهن لڪائيندا ...يا آخر ۾ خان لکي به پورائو ڪندا ....سو سچ جو سهارو وٺو هي نسبت هتان جي ڌرتي جي نه آهي
     
    آخري ترميم: ‏20 آگسٽ 2016
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا هي هڪ کوکلوء بيوقوف قسم جو ماڻهون آهي هن سان بعث ڪرڻ اجايو آهي
     
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا هي هڪ کوکلوء بيوقوف قسم جو ماڻهون آهي هن سان بعث ڪرڻ اجايو آهي
     
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا هي هڪ کوکلوء بيوقوف قسم جو ماڻهون آهي هن سان بعث ڪرڻ اجايو آهي
     
  11. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    سهڻا رسول بخش.... توهان جا اعتراض بي بنياد ۽ اجايا آهن.
    توهان هن وقت تائين پنهنجي مؤقف جي حق ۾ ڪا هڪ به وزني ڳالهه نه ڪري سگهيا آهيو.
    براء مهرباني منهنجن مٿين ڳالهين کي ٻيهر غور سان پڙهو ۽ جواب طلب ڳالهين جي روشني ۾ پنهنجي مؤقف کي واضح ڪريو.

    ٻي صورت ۾ مون سميت هڪ عام پڙهندڙ توهان جي هن ليک کي امرجليل سان ذاتي بغض ، حسد ۽ ساڙ جو نتيجو سمجهندو....!!!

    توهان کي هيٺين سوالن جا جواب به ڏيڻ گهرجن.

    1. هڪ اديب جي لکيل ڪهاڻين جي منفي ڪردارن سان اهو ڪيئن ٿو ثابت ڪري سگهجي ته اهو اديب پاڻ به منفي سوچ جو حامل آهي...؟؟؟
    2. هڪ اديب پاران تاريخ جي ڪجهه حصن (مثال طور ٽالپرن) تي تنقيد ڪرڻ سان سندس سنڌدشمني ڪهڙي ريت ثابت ٿئي ٿي...؟؟؟
    3. ڇا سنڌ جي ذاتين تي تنقيد ڪرڻ ديني ۽ دنياوي طور تي ڏوهه آهي...؟؟؟
    4. ڇا ڪنهن انسان جي عزت صرف ذات پات جي بنياد تي ڪرڻ گهرجي...؟؟؟ ( ياد رهي ته توهان امرجليل جي ذات بابت سوال ڪري اهو ظاهر ڪري چڪا آهيو ته توهان جي نظر ۾ ڪنهن انسان جي اخلاق ، ڪردار ، ايمان کان وڌيڪ سندس ذات جي اهميت آهي..!!)
    5. توهان جي نظر ۾ سچ جي پرک ڪهڙن اصولن تحت ڪرڻ گهرجي...؟؟
    6. ڇا ڪو آمريڪي يا جاپاني خاندان سنڌ ۾ لڏپلاڻ ڪري اچي رهي ، سنڌي سکي ، سنڌي ثقافت اپنائي ، پاڻ کي سنڌي سڏرائي ۽ سنڌ ڌرتي لاء پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي ته توهان ان کي قبول ڪندؤ...!!؟؟؟ (ياد رهي ته ان خاندان جي ڪا ذات نه هوندي..!!!)
    7. ڇا ڀنگي ڀيل انسان نه آهن.؟؟؟ انهن کي زندهه رهڻ جو ڪو حق ناهي...؟؟ ڇا سنڌ ۾ رهندڙ ڀنگي ڀيلن کي اديب ، دانشور يا سماج سڌارڪ بڻجڻ جو به ڪو حق ناهي....؟؟؟
    پيارا رسول بخش... پنهنجي سوچ کي وسيع ڪريو.
    اسان جا اديب اسان جو سرمايو آهن. اسان جو ماضي ،حال ۽ مستقبل آهن. سنڌ جي سڃاڻ ۽ سنڌ جا سفير آهن.
    اڄ اسان سنڌين ۾ تعليم جو حال ڪافي برو ٿي چڪو آهي. علم ۽ ادب سان چاهه ته صفا ناپيد ٿيندو وڃي....!!

    اسان کي گهرجي ته ذاتي انا پرستي ، ذاتي پسند ۽ ناپسند بدران اڪثريت راء جو احترام ڪريون ، پنهنجن اديبن، دانشورن، مفڪر ،ڏاهن کي مان ڏيون ، انهن جي خدمتن جو قدر ڪريون ۽ پنهنجي نئين نسل کي همٿايون ته اهي سندن ڪتابن جو مطالعو ڪن ته جيئن علم ۽ ادب جي واڌ ويجهه ٿيندي رهي.
     
    آخري ترميم: ‏21 آگسٽ 2016
  12. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سائين توهان جي لکڻي منجها به اهو سمجهجي ٿو ته توهان امر جليل جي هر گفتي تي جان نثار آهيو پو اهو ڪهڙو به چئي يا ڪهڙي به سوچ هن سماج ۾ وجهي جيئن ڪا وحي هوندي آ ...نه ادا نه ...اءُ هن سان هن جي سوچ هن جي عملن هن جي سماج ۾ ڏڦيڙ سبب اختلاف ڪيو ڪندس جيستائين هوندو ثابت ڪندو رهندس هي سنڌ جو ازلي دشمن ادينب آهي ٻيا ڪيترا به اديب هوندا مان ٻين جي ڳاله نه ڪئي آهي ...ها اديب سرمايو آهن جڏهن قوم کي سڌي واٽ ڏين ماضي کاب باخزبر رکن حال جو اونو ڏين ۽ مستقبل جو فڪر ڏين ...نه ڪي ڏار وجهن پاڻ ۾ اختللاف ڏيئي چنيسرن وارو ڪم ڪن ......هي ذاتيون هتان جون سرمايو آهن ها جيڪي بيغير زاتين جي هندسٿتاني ڪوڙا مسلمان هت آيا سي وبا آهن اسان جي سماج ۾ .....سماج کي ڇا گهرجي اهو وقت جي پرک هوندي آ جنهن ۾ اديب لوچيندو آ مڻيادار سوچ ۽ لفظ سهيڙي پڙهڻ ۾ سوادي احساس ڏيئي پنهنجي اصل ڳاله ڪندو آ هن جي ڳاله اوپري اڻ وڻندڙ ۽ سماج جي سوچن جي ابتڙ آهي پوريصو ڪهاڻيون پڙهو جنهن ۾ ...اروڙ جو مست ...جتي ڪو به اهڙو مست آهير ئي نه هٿراڌو ڪوڙو پلاٽ جنهن تحرت ڪهاڻي لکي سنڌي ماڻهو کي خوار ڪرڻ وارو امر...ڪنهن لاءِ لکلي ٿو ته سنڌي جاهل آهن سنڌي بي وقوف آهن سنڌي بني همٿ آهن جڏهن ته تاريخ ڀري پئي آ سنڌي جوڌن جي جماليات ڪماليات سان تاريخ جي دري بند ڪري هي پنهنجا اهشاس اجايا قوم کي ٿوپڻ بند ڪري ......هي سنڌي جنهن ۾ ڪروڙي ڪتاب لکيل آهن هي ڪو اڪيلو نرالو اديب نه آهي ...هي لکڻ جو ڏانءِ هن جو نه گهرجي پر سبق يا تت يا مطلب يا سوچ جو محور سنڌ خلاف ڪري ڪرتي هن تباهي ڪئي آ
     
  13. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ذاتين منجها قومون وجود وٺنديون آهن منهنجا عقل مند اڪابر ۽ سلسلو جڙندو آهي باقيات جو ۽ ماضي جي تاريخ جو ....سنڌي قوم ڪهڙين ذاتين تي مشتمل آهي ننڍڙا ننڍڙا گروه برادريون هتان جي سڃاڻپ آهي ....پاڻ کي گهڻو عقل مند سمجهندڙ بي وقوف ئي هوندو آ ...اسان هن جليل جي پرک سنڌ جي بنياد تي ڪريون ٿا ڪا رسول بخش يا عرس جي شوق ۽ سپورٽ جي بنياد تي نه ...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو