ڪارو ڪامران،هو ڇڙواڳ ڇوري ۽ اسان جو معاشرو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏19 آگسٽ 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ڪارو ڪامران ، هو ڇڙواڳ ڇوري ۽ اسان جو معاشرو
    __________________________
    هڪ بادل نوحاڻي ٻيو ادي جيئي سنڌ جي جوڌي ۽ هن ڪي ٽي اين وارن کي ٻيا مسئله وسري ويا آهن پر نوجوان اوباوش ڇڙواڳ سوچن جي پاسداري ڪندي معاشري ۾ بي راه روي جو مظاهرو ڪندڙ گندن لاڙن جي پر گهور ۽ تدارڪ ڪرڻ جو اونو فڪر وڌي ويو آ جنهن ۾ هو سيدياڻي ۽ هو ڪامران امتي جن واهيات گيري ڪندي هن معاشري ۾ ماءُ پيءُ کي ذليل ڪندي گهر جي چادر چار ديواري پائمال ڪندي ڪورٽ ۾ شادي ڪئي ...تنهن کي نندڻ ۽ گهٽڻ جي بجاءِ انهن جي سوپرٽڪرڻ وارا هي احمق انسان انسانيت جي ڳاله ڪندي هن جوڙِي جي هن گندي ڪم کي جائز پيا چون ...۽ ڪي ٽي اين ته وڏي خبر ڪري پئي سوڳ ملهائي ...اڙي سوڳ ته توهان جي هن گندي سوچ ۽ واهيات وک تي ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ هن بيڪار ڪم ۾ جنهن ۾ والدين جي عزت آبرو خاڪ ۾ ملائي هنن پنهنجي خواهش کي خوبرو ڪندي پنهنجي والدين ۽ هن معاشري جو ڏوه ڪيو آ تنهن کي ويٺا ڀلو چون ۽ سوڳ روڳ پيا ڪن .....ههڙن انڌن ڇڙواڳ سوچ کي عشق جو نالو ڏئي عشق جي توهين پيا ڪن جڏهن ته تاريخ ۾ ڪٿي به سنڌي عورت عشق نه ڪيو ۽ اگر ڪنهن عمر ڪنهن مارئي کي زوري پنهنجي منشا مطابق شادي ڪرڻ گهري ته هن لڄادار مارئي هن عمر سومري کي جيڪو وقت جو بادشاه هو انڪاري ڪري ڀاءُ سڏي ڇڏيو ۽ مارن جي ڏنل منڱيندي کيت جي لاءِ ارپي ڇڏيو....ان کان علاوه ڪا به سنڌ جي ڄائي ڪنهن غير مرد سان ڪو ناتو يا ڪو عشق نه ڪيو ....
    وري عشق جنهن کي هي چون ٿا سان نفس پرستي آهي حوس پرستي آهي ...عشق ته نه ملڻ کي چئبو آهي جستجو کي چئبو آهي روح ۾ رهڻ کي چئبو آهي ...هنن لاءِ سيڪس ڪرڻ به عشق آهي اهڙي صوفين کي ڇا چئجي ...اهو زمانو به هيو جو عشق جو اظهار ئي ڪو ڪري نه سگهندو هيو متان بي واجبي ٿي پوي ....

    ڪو به اهو سوچي ته هن جي نياڻي اگر ڪنهن سان ائين ڀڄي وڃي ڪورٽ ۾ شادي
    ______________________________________________________
    ڪري ته هن جي دل تان ڇا گذرندو ؟؟؟؟؟؟
    ___________________________

    هڪ صوفي فقير
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو