سائين خليل جي سنڌ بابت هڪ گهر هڪ سوچ...جيڪا لک لهڻي پر ..

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏20 آگسٽ 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سائين خليل جي سنڌ بابت هڪ گهر هڪ سوچ ...جيڪا لک لهڻي پر .....
    ________________________________________
    Khalil Chandio
    سائين خليل چانڊيو صاحب جي وال تان
    اچو ته سنڌ کي گريٽ ڊبيٽ طرف وٽهي هلون ۔
    عطا بلو سان فون تي ڳاله ٿي رهي هئي ته ڇو نه سنڌ جو هر مڪتبه فڪر پنهنجي متناسب نمائندگي ڪندي ، سنڌ کي هڪ گريٽ ڊبيٽ طرف وٽهي وڃجي ، بيشڪ اها ڊبيٽ ڏھ ڏينهن تي مشتمل هجي يا پندرهن ڏينهن تي ۔
    ان جو فارميٽ ايئن هجڻ گهرجي ته ان ۾ سياستدان ، بيوروڪريٽ ، ٽيڪنوڪريٽ ، ڊاڪٽر ، انجنيئر ، هاري مزدور ، صحافي ، دانشور ، شاعر ، پيڙهيل طبقن جا نمائنده ، مطلب ته هر طبقي جي نمائندگي کي ممڪن بڻايو وڃي جٿي سنڌ جي ماضي ، حال ۽ مستقبل بابت انتهائي گهرائي سان سوچيندي معاملن ، مسئلن ، سنڌ جي سياسي ، سماجي ترقي بابت هڪ جوهر ڪڍندي ، ان گريٽ ڊبيٽ مان حاصل ٿيندڙ نتيجن تحت پاليسيون جوڙيون وڃن جيڪي هر مڪتبه فڪر کي حدف طور ڏنيون وڃن ۽ ان سلسلي کي قائم رکندي سنڌ کي هڪ بهتر مستقبل طرف وٽهي وڃي سگهجي ۔..............
    اسان جو موقف
    ؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
    سائين محترم توهان جي سوچ تمام اتم ءُ اعليٰ آهي پر اسان جي سنڌ سان جيڪي ويل آهن ،۽ سنڌي ماڻهو جنهن ڪيفيت ۾ گذاري ٿو اهي سبب ٻيا آهن نه ليڊرشپ جو مسئلو آهي نه عوام ۾ سجاڳي نه هجڻ جو مسئلو آ....پر هتي هي اهو ئي ساڳو مسئلو مسلماني ۾ وفاقي طرز ۾ هڪ صوبي جو تسلت جيڪو وجود کي ويڙهي سيڙهي سوگهو ڪيون بيٺو آهي ۽ اهائي انگريزن واري چال سان هر هڪ ۽ اجتمائي قبضو ڪري هتي غير سنڌي اصول جيڪي هنن جي فائدي ۾ آهن رائج ٿيل آهن
    صوبائي خودمختياري هڪ وڏو عمل هيو جنهن سان وجود جي بقا جي ڪجه قدر ڳاله واضع ٿئي ٿي ان کان پوءِ به همراه ڪسٽم ،روينيو وسيلا نوڪريون ۽ وفاقي طرز جهڙوڪ ارسا ۽ پاڻي تي قبضو هي هن سسٽم ۾ رکي سنڌي ماڻهو ۽ بلوچ کي مفلوج بڻايو ويو آ...ڪو نوڪري ڪري ٿو يا ڌنڌو ڌاڙي سنڌي ته به هو انهيءَ گرفت ۾ سوگهو ٿيل آهي جيڪو هنن جي غير اصول ۽ ناحق طريقو آهي 1940 جي قرارداد ۾ صوبن کي وفاق ۾ گڏي هلائڻ جو صرف ڳانڍاپو هيو نه ڪي آباديون ماڻهو موڪلي هتي غير سنڌي سوچ ڀرڻ هيو ....جن اڄ پنهنجي ان گهڻي آبادي جي بنياد تي سنڌ کي ٽڪرن ۾ ڪرڻ جي شيطاني سوچ رکي آهي ...سنڌ ۾ غير سنڌي آبادي جنهن ۾ پٺاڻ افغاني پنجابي مهاجر هندستاني بهاري بنگالي جنهن جو انخلا اشد ضروري آهي ۽ ان کان پو وفاق ۾ برابري جي بنياد تي بجيٽ ڏيڻ شيئرنگ سسٽم تحت ڏيڻ يعني جي پنجاب 500 ارب وفاق ۾ جمع ڪري ٿو ته سنڌ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي به اوترو ڏي ۽ باقي رقمن جا اهي صوبا مالڪ هجن ۽ اهي صوبا پنهنجي سڀني وسيلن جا مالڪ هجن انهن جي ڪمائي اهي صوبا ئي اڳاڙين ۽ فوج به برابري جي بنياد تي تشڪيل ڏجي جيڪا به صوبن جي برابر حصيداري هجي پاڻي تي هي ارسا وغيره نه هجي ...باقي پي پي يا پير صاحب يا پليجو يا قادر منگسي يا جلال محمود شاه يا ڪو ٻيو هن سسٽم ۾ رهندي ڪڏهن به سنڌ کي فائدو نه ٿو رسائي سگهي جنهن ۾ اصول وفاق جي بڀ ڀرڻ لاءِ هجن فوج پنجاب جي ماڻهو نوڪري جو سبب هجي ...ههڙي طرز ۾ جيڪڏهن سنڌ سان ازلي محبت ڪندڙ سائين جي ايم سيد به هوندو ته شايد فائدو نه ڏيئي سگهندو ....هي طريقو وفاق کي هڪ مسلم جوڙجڪ کي هلائڻ لاءِ آهي نه ته هي هلي هلي ٽٽڻ طرف ڪير به هن کي روڪي نه ٿو سگهي ....سنڌ جا نوجوان جوڌا ليڊر مارڻ ساڙڻ لاءِ امڙين نه پيدا ڪيا آهن سو هي قدم ظلم نظر کان پاسو ڪندا ته ڪجه اميد آهي ور نه وقت تمام سخت پيو اچي جنهن ۾ هنن جا هي ائٽم بم روس وانگر ڪم نه ايندا ...ڳاله روين جي آ اصولن جي آ بي واجبي جي آ ظلمت جي آ ....


    سنڌي سوچ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو