هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ ayazjani طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2010۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    اياز جاني۔۔
    انٽر نيٽ جو استعمال ھاڻي عام بنجي ويو آھي ، موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ تي چيٽ ڪرڻ ھر ماڻهو جو عام مشغلو بنجي ويو آھي. انٽر نيٽ تي چيٽ ڪرڻ جي لاتعداد چيٽ روم جڙي چڪا آھن. انگريزي کان ويندي اُردو تائين ھر ٻولي ۾ اھي استعمال ٿيندا رھندا آھن. انھن چيٽ رومن پوري دنيا ۾ ويٺل ماڻھن کي هڪ محفل ۾ ويٺل بنائي ڇڏيو آھي .اسان جي سنڌي ٻولي جيڪا دنيا جي پراڻي ۽ شاھوڪار ٻولي آھي ۽ ماڻھو کي پنھنجي ٻولي سان چاھ فطري ھوندو آھي . جديد انفارميشن واري ٽيڪنالاجي دور ۾ جڏھن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ٻولين جي بقا ۽ واڌاري جو ذريعو بڻيل آھن ان وقت ڀلي سرڪار جي سرپرستي نه ھجي پر سنڌي نوجوانن پنھنجي مدد پاڻ سنڌي ٻولي کي زندھ ۽ جديد دور جي ڊوڙ ۾ اڳتي وٺي اچڻ ڪيل ڪوششون ساراھ جوڳيون آھن.اتي سنڌي لنڪ جي وک پاڻ مڃايو آھي. سنڌي لنڪ جيڪا تازو انٽرنيٽ تي متعارف ٿي آھي جنھن جي ذريعي سنڌي ٻولي ۾ چيٽ ڪرڻ ، ميسجز ڪرڻ ، سنڌي ۾ ميل ڪرڻ ، تمام آسان بنجي ويا آھن. سنڌي لنڪ کي اڃان ايندي ٿورو ٽائيم ٿيو آھي پر ھي تمام جلد سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاھر ويٺل سنڌين ۾ ڏاڍي مقبول بنجي وئي آھي. ھن لنڪ جي اچڻ سان سڄي دنيا جي سنڌين جا پاڻ ۾ ڏينھن رات ربطا رھن ٿا. نه صرف هو هڪ ٻئي سان پنھنجا حال احوال ڏيندا ر ھن ٿا پر ان سان گڏ ھن خوبصورت رنگا رنگ لنڪ جي خاص ڳالھھ اھا آھي ته ھن جي اچڻ سان ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ۽ سکڻ جو پڻ چاھ وڌيو آھي . پر سنڌي ٻولي کي رومن اسڪرپٽ ۾ لکڻ واري دوستن جي مجبوري ختم ٿي آھي مون کي تازو ھن لنڪ کي باقائدي يوز ڪندڙ سيوھڻ جي دوست راشد ميمڻ ٻڌايو ته ھن کي پھريان ڪمپيوٽر تي سنڌي بلڪل لکڻ ڪانه ايندي ھئي پر جڏھن سنڌي لنڪ کي استعمال ڪيو ته دوستن جي ھمٿ افزائي ۽ لنڪ تي ٺھيل سنڌي ڪي بورڊ جي مدد سان ھاڻي ھي نه صرف سنڌي لکي سگھي ٿو پر سندس ڪمپوزنگ جي اسپيڊ به وڌي وئي آھي. ساڳي نموني چانڊوڪي جي نک سان لنڪ تي سڀني کان وڌيڪ ايڪٽو رھندڙ عمر ڪوٽ جي ھن ادي ٻڌايو ته ھن لنڪ تي آن لائين ٿيندڙ آمريڪا ۾ رھندڙ اميرالدين سرڪي نه صرف سنڌي لکڻ ۽ چيٽ ڪرڻ سکيو آھي پر سندس آمريڪا ۾ پڙھندڙ ٻار به سنڌي لکڻ سکي رھيا آھن. سنڌي لنڪ ۾ جتي سنڌي ٻولي ۾ چيٽ ڪرڻ ، ميسجز ، ميل وغيرھ جي سھولت آھي اتي ان سان گڏ ھر پنجن منٽن ۾ سنڌي تازه خبرون پڻ اينديون رھنديون آھن .ان سان گڏ ھن لنڪ ۾ لاتعداد سنڌي گانا ، انمول گيت پڻ موجود آھن . جيڪي چيٽ جي دوران وڄائي يوزر لطف اندوز ٿيندا رھندا آھن. ساڳي نموني يوزر پنھنجي پسند گانا ھڪ ٻن منٽن ۾ اپ لوڊ پن ڪري سگھي ٿو. سنڌي لنڪ تي جڏھن آن لائين ٿجي ٿو ته يڪدم ڪيترن سنڌين جا سلام ۽ ڀليڪارون پھچي وينديون آھن . ائين لڳندو آھي ته سمورا آن لائين دوست ھن جي انتظار ۾ ھئا. ھن لنڪ ۾ پنھنجي مرضي سان فونٽ ، فونٽ رنگ ، فونٽ سائيز تبديل ڪري سگھجي ٿو. چيٽ سيو ڪرڻ جو آپشن پن موجود آھي جيتوڻيڪ اڃان سنڌي لنڪ تي ماھوار مئگزين سميت ٻين حصن تي ڪم ھلندڙ آھي جيڪي ھن لنڪ کي اڃان به وڌيڪ خوبصورت بنائيندا. سنڌي لنڪ جي اندر ذاتي روم، فيملي روم يا پنھنجو الڳ روم ٺاھڻ جا آپشن پڻ موجود آھن جتي يوزر پاڻ ۾ الڳ ڳالھه ٻولهه ڪري سگھن ٿا. پر لنڪ جي مين تي وڏو مزو آهي جڏھن ڪنھن موضوع تي ڪو بحث کلي پوندو آھي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ائين گذري ويندا آھن جو ٽائيم جو احساس ئي ناھي ٿيندو. سنڌي لنڪ اچڻ سان سنڌي ٻولي کي نيٽ تي سٺي سگهه ملي آھي .ھن لنڪ کي ترتيب ڪنري جي عاجز سمون ۽ شاھده سمون ڏنو آھي . جڏھن ته چيف ھوسٽ چانڊوڪي لنڪ جي جان آھي جيڪا ھر نئي ايندڙ يوزر جي رھنمائي ڪندي سنڌي لکڻ کان ويندي لنڪ جي ھر آپشن متعلق سمجھائيندي رھندي آھي لنڪ جا يوزر ڏينھن توري رات ھڪ خوش گوار ۽ پاڪ ماحول ۾ آزادي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رھن ٿا لنڪ تي ڪيڏي مھل شعرو شاعري جا مقابلا پڻ ٿيندا آھن . ھن لنڪ تي وڃڻ تمام آسان آھي انٽرنيٽ ايڪسپلور جي ائڊريس واري خاني ۾http://*************/sindhi.exe لکي ڪلڪ ڪري سنڌي چيٽ ڊائون لوڊ ڪري انسٽال ڪري سگھجي ٿو جيڪو منٽنن ۾ ٿي ويندو آھي ۽ چيٽ جو آئيڪان ڊسڪ ٽاپ تي ٺھي ايندو آھي ان کي کولي يوزر پنھنجو نالو يا نک لکي لنڪ ۾ داخل ٿي سگھي ٿو .رجسٽر ٿيڻ جو مرحلو به تمام آسان آھي ان مان اھو فائدو آھي ته تُوھان جو نالو ڪو ٻيو استعمال نه ڪري سگھندو.
    سنڌي لنڪ جي نندي وک سنڌي ٻولي جي واڌاري جي ھڪ ننڌي ڪامياب ڪوشش آھي جنھن سان سڄي دنيا جا سنڌي پاڻ ۾ گڏ ٿي حال احوال اورين ٿا ته ان سان گڏ پنھنجي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري ۾ پڻ پنھنجو حصو ڏئي رھيا آھن
     
  2. مريم

    مريم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مئي 2010
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

    اياز جاني سنڌ سلامت ۾ سنڌي لنڪ بابت لکڻ تي پابندي آهي ڇوته اها سنڌي نه پر اردو لنڪ آهي اوهان کي غلط فهمي ٿي آهي اتي سنڌي چيٽ ڪانه ٿيندي آهي انهي جو اندازو اوهان هن مان لڳائي سگهو ٿا http://*************/sindhi.exe
     
  3. هوش محمد

    هوش محمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جون 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Software Engineering Student
    ماڳ:
    Hyderabad till may 2011, now at Karachi
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

    ادا هن لنڪ تي ته ڪجه نه آهي۔ مهرباني ڪري سمجهاءيندا ته لکهه قرب۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

    جاني ڀاءُ ايڊريس ته ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

    ان سنڌي لنڪ وارن جو هن سنڌ سلامت جي لنڪ وارن جو پاڻ ۾ٺاهه صفا ڪونهي ڪو ان ڪري اياز جاني واري ڳالهه تي سوچيندي ته ڏکيو ٿيندين مست۔ ڇڏ انهن ڳالهين کي مست ڪا ٻي ڳالهه ڪر
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

    سائين اوهين نرالا آهيو۔۔۔۔ بس توهان جي چوڻ تي اسين بس ڪري ويٺاسين۔۔۔
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔


    ادا مست صفا اصلي ڪو مست آهين بس کان وڌيڪ بهتر ته ڪار ٿئي ها
    :)):)):)):))
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

    فقير تون سُڌرندي ڪونه هيڏي ساري هُن موسمي ٻٽيري انٽرنيشنل فقير توسان ڪئي آهي، گوڌڙيون ڦري ويئي جادوگر رشيد سمون جا جادوئي وار ڦري ويئي، اسان اسان انٽرنيشنل فقير کان تنهنجي بازيابي واسطي نڪ جون گيسيون پي ڪرايون، تون مورڳو جان ڇڏائي هاڻي توبه توبه جون صدائون پيون هڻين ته وري جيڪب آباد واري مين بس اسٽاپ تي ڪونه وڃبو ، جڏهن اسين مست(اسد ڄامشورائي ۽ چريو(نثارناز) بس جِي ڳالهه ڪري رهيا هُئاسين ته تون ڪاٺ جي چئين ڦيٿن واري گاڏي جنهن ۾‌ وهي تون صدائون هڻندو آهين ڪار سمجهي هتي کڻي آيو آهين، ۽ مٿان ڪو ان کي گاڏي کي ڌڪو ڏيڻ‌وارو به ڪونه وٺي آيو آهين، چريا ۽ مست ضرور آهيون پر تنهنجي ان ڌڪو ڏيڻ واري گاڏي کي هرگز ڌڪو ڪونه ڏينداسين ۔ وڏو استاد آهين جيئن اسان ان گاڏي کي ڌڪو ڏيون ۽ تون اڄ جمعي واري ڏينهن صدائون هڻِن ته ڏي خدا جِي راهه ۾۔۔۔۔۔ چڱو هلي پئو فقير ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪي سولا سڌا جادوگر پارا ڳول جيڪي تنهنجي هن گاڏي کي ڌڪو ڏئي سگهن۔
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

    ابول چئبو ڳالهه سمجهي ويو

    چئبو ته وڄي ڪو ٻيو بلو ڪريان :d:d:d:d
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

    ادا ۔۔۔۔ انٽرنيشنل فقيرن جون گهرجون هاڻي وڃي ڪار تائين پهتيون۔۔۔ هل ڙي مست ۔۔۔ تون ته اصلي ڪونه پڄندين۔۔ پاسو ڏيڻ ۾ ڀلائي اٿئي۔۔
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

    مطلب جو مطبل هي ڪڍبو ته فقير عرف انٽرنيشنل فقير پنهنجي سهولت لاءِ‌ مستن کي ورايو آهي۔۔ ها ها ها
    پر نه ڪار ڏينداسين ۽‌ نه وري ۔۔ مفت ۾ ڌڪو ڏينداسين
     
  12. خالد رند

    خالد رند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2010
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

    دوستو
    اوهان جي ڳالھ سهي آهي ته هي سنڌي لنڪ آهي پر منهنجي خيال ۾ سنڌي لنڪ ناهي هي بي عزتن جو لنڪ آهي جنهن دوست کي پنهنجي بي عزتي ڪرائڻي آهي سو ان روم ۾ وڃي ڇو ته جيڪي اتي هوسٽ رکيا ويا آهن اهي پاڻ کي روم جو مالڪ سمجهن ٿا ۔۔۔جنهن ۾ چانڊوڪي۔۔ عبدالستار چنو ۔۔امتياز سمون۔۔۔اهي اهڙا ماڻهو آهن جو اتي ڪنهن کي ڪو نه سهن ۔۔ جيڪو به اچي ٿو اهي ماڻهو ان جي بي عزتي ڪرن ٿا۔۔۔تازو واقعو آهي انهن هڪ مهان شخص جي بي عزتي ڪري روم مان ڪڍيو۔۔اها شايد انهن کي خبر ناهي ته اهي ماڻهو ان جي ناخن برابر به ناهن ۔۔ان ڏينهن مان سمجهي ويس ۔۔ته اتي بي عزتي ٿيندي ا ۔۔مان ته رڳو هڪ ڏينهن اتي ويس جڏهن اهو ماجرو ڏٺو ته منهنجي توبه۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟؟؟مان دوستن کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته هن روم ۾ بي عزتي کان سوائي ڪجھ به ناهي ۔۔۔وڌيڪ اوهان مرضي جا مالڪ آهيو۔۔۔
    مهرباني خالد رند ۔۔ خيرپور۔۔سنڌ
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

    ادا ڪا ته ڳالهه آهي جو اسان جا گهڻائي سنڌي ڀائر ۽ دوست انهيءِ چيٽ روم ۾ وڃڻ کان لهرائين ٿا۔۔ الله انهيِ رويي وارن ماڻهن کي ساڃهه ڏيئي ته پنهنجي سنڌي دوستن سان اهڙي حالت نه ڪن۔
     
  14. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔



    جيڪو ڪجهه به آهي پر ڏوهه هيئر ٻنهي پاسن جو آهي،، سمون پاڻ ۾ زات ڀائي آهن،، انهن جو جهيڙو آهي، اسان ڇا ٿا ڪري سگهون۔ ڪنري واري عاجز سمون کي هتڙي روزانه سنڌي چيٽ روم جي پبلسٽي ڪرڻ جو شوق آهي، وري اها پبلسٽي منع هوندي به ڪو نه ڪو دوست هتڙي پيو لکي۔ پهرين ڀيري ۾ تعريف ملي هئي سنڌي لنڪ ئي۔ پر روزانه ته درست ناهي، مان انهن کي به سمجهايو هو ته اهو طريقو بهتر ناهي، جي مشهوري ڪرڻي ئي آهي ته اخبار ۾ اشتهار ڏياري ڇڏين۔
    وري هتڙي فورم تي دوست پنهنجي جڳهه تي درست آهن، پر حيرت آهي ته دوست انهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لا نيون هٿ جو آ ڊيز جوڙي پو پيا ڪمينٽ ڪن، جيئن هي مٿيون ڪمينٽ، نه ثبوط نه کا اصليت۔ خير الله اوهان اسان سڀني کي حدايت ڏيندو ، آخري ڳالهه ته هي جيڪي به فورم يا چيٽ روم هوندا آهن انهن کي اهو سمجهڻ ته هي پبلڪ جي پراپرٽي آهن غلط ڳالهه آهي، هي انهن جا آهن جن انهن کي پئسن عيوض ورتو يا جوڙايو آهي، سو اهي فورم ۽ چيٽ روم به انهن جي مرضي مطابق ئي ڪم ڪندا آهن، سو خالد رند جي آ ڊي وارا دوست توهان به انهن منجهان ايتري گهڻي توقع نه رکندا ڪريو،، اڳتي وري به ڳالهه ساڳي ته سهپ جو مادو ڌاريو ۽ ڳالهين کي وڌايو نه۔ ٻنهي لا۔ [-o<
     
  15. جبار بوزدار

    جبار بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt job
    ماڳ:
    ghotki/ islamabad
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

    ادا عزيز صاحب
    ڪجھ وقت اڳ توھان سنڌي لنڪ جي تعريف ڪئي هئي ۔۔۽ مان اوهان سان متفق هيس۔۔۔مگر جڏهن مان پاڻ ان جو حصو ٿيس ته مون کي خبر پئي۔۔ ته خالد صاحب جيڪو ڪجھ چيو آهي سوفيصد سچ آهي۔۔
    توهان انهن جي بلا وجا تعريف نه ڪريو۔۔توهان ان روم ۾ وڃو ۽ پوئي ڳالهايو بنا سوچي سمجهي نه ڳالهايو۔۔مان سٺي نموني ڄاڻان ٿو انهن کي۔۔۔۔۔۔مان هتي اهي ڳالهيون نه ٿو لکي سگهان نه توهان پاڻ انهن کان نفرت ڪندو۔۔۔عاجز پاڻ سٺو آهي مگر عاجز تائين ڪا ڳاله پهچڻ ئي ڪو نه ٿا ڏين ۔۔۔عاجز جي ڪري مان چپ ٿي ويس نه ته هن مهل تائين هي روم توهان نيٽ تي ڪو نه ڏسو ها۔۔۔خير ۔۔مان ائين ڪو نه ٿو ڳالهايان ۔۔۔۔توهان پاڻ ئي سمجهدار آهيو ۔۔جبار بوزدار ايڊيٽر www.sindhmag.com
     
  16. شاهده سمون

    شاهده سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2010
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    سنڌي لنڪ بابت وضاحت

    سنڌي لنڪ بابت وضاحت
    تازو سنڌي لنڪ بابت ساٿين جباربوزدار ۽ خالد رند جي شڪائيتي تحريرون پڙهيم جنهن بابت وضاحت ڪرڻ ضروري آهي جئين ته سنڌي لنڪ جو سافٽ اردو ضرور آهي پر اسان انهي کي ترجمون ڪندي سنڌي بنايو سين ڇوته انهي محفل جي نيٽ تي ضرورت هئي اڳ اسان جا سنڌي ٻين هنڌن تي ڌارين ٻولين ۾ چيٽ ڪند هئا هاڻ اهي سنڌي ۾ ڪن ٿا جنهن سان ا هي هاڻ سنڌي ڪي بورڊ استيمعال ڪري رهيا آهين جيڪا خوشي جي ڳاله آهي هن وقت ڪافي سنڌي ساٿي سنڌي ۾ چيٽ ڪري رهيا آهن هر ڪنهن سان خوش سلوبي سان پيش ايندا آهيون ڪنهن جي به بي عزتي نه ٿيندي آهي هر ڪنهن کي عزت ملي ٿي سنڌي لنڪ تي اوهان جڏهن به انٽر ٿيندا اوهان کي سنڌي قومي گيت گوجندي ملندا اسان جو اصل مقصد هي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي آهي ، هر فورم سائيٽ جا مول متا۽ اصول آهن اتي ڪنهن کي به گارگند ڪرڻ يا بداخلاقي ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي اسان وٽ اردو لکڻ تي پابندي آهي ضرورڪنهن اصول جي خلاف ورزي ٿي هوندي تنهن ڪري انهن ساٿين تي پابندي لڳي آهي
    هاڻ اهي ساٿي مختلف آئيڊيز ٺاهي مخالف ڪن ٿا جنهن جي ادا عزيز مڱريو به ڳاله ڪري چڪو آهي سان سنڌي ساٿين سان ڪهڙي عزت سان پيش اچون ٿا انهي جي وضاهت سائين نثار ناز کي عرض آهي ته ڪري ته مهرباني ٿيندي باقي اهو به وضاحت ڪندي هلان ته سنڌ سلامت يا انهي جي ڪنهن به رڪن سان اسان جو ڪوبه اختلاف نه آهي نه رهندو سان سنڌ سلامت جو حصو آهيو ۽ رهندا سين باقي هر ڪنهن جا پنهنجا قانون اصول آهن انهن تي پابندي ڪرائيڻ انهن جو حق آهي اصولن کان سواءُ ڪوبه فورم يا محفل هلي نٿي سگهي مهرباني سنڌ سلامت ساٿ سلامت ”
     
  17. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي لنڪ بابت وضاحت

    ادی شاھدہ خوش ھجو
     
  18. امتياز سمون

    امتياز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2010
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    غيرسرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    راڄونظاماڻي جهرڪ ضلعو ٺٽو
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

    خالد رند يا جبار بوزدار جيڪو ھڪ ئي شخص جو نالو آھي ، جباربوزدار ڪير آھي پھرين نه سڃاڻندو ھوس نه ئي اڄ کان مھينو ڏيڊ اڳ ان جو نالو ٻڌو ھو. پھريون ڀيرو ھن سان منھنجي ڳالھ ٻولھ سنڌي لنڪ تي ٿي . حال احوال ڏيندي ٻڌائين ته سندس نالو جبار بوزدار آھي ۽ ھو شاعر آھي اسلام آباد ڪيڏي مھل روالپنڊي جي نالي چيائين اتي رھي ٿو ڪنھن سرڪاري اداري ۾ نوڪري اٿس. مون سمجھيو ته ھمراه شاعر آ ، پڙھيل لکيل آھي ڀلي ڪچھڙي ٿيندي پر سندس اھو جملو جڏھن اکين جي سامھون آيو ” منھنجو سنڌي ادب ۾ وڏو قد ڪاٺ آھي ھتي مان پنھنجي قد ڪاٺ کي وساري توھان جھڙن سان ڪچھڙي ڪرڻ آيو آھِيان “ ته سچ پڇو مون ان وقت پرکيو ته ھمراه خوش فھمي ، اناپرستي ، ۽ غرور ۾ ٻڏل آھي . ان وقت منھنجي ذھن ۾ اياز ، بخاري ، منشي ، مجيدي، ڊاڪٽر آڪاش ، اياز گل ، مانجھي ، حليم باغي سميت کوڙ سارا مھان شاعر تري آيا جن جو سنڌي ادب ۽ شاعري ۾ نالو عرش کي ڇھندڙ آھي. انھن مھان شخصيتن مان ڪافين سان روبرو ڪچھڙين جي سعادت نصيب ٿي . ڪافي سان اڻ سڌي طرح دوستن واتان ٻڌو ته اھي جيڏا وڏا نالا آھن اوترا سادا فقيراڻي طبيعت وارا ھئا ۽ آھن انھن ڪڏھن ائين پاڻ نه پڏايو جئين ھن ھمراھ پاڻ پڏايو . بحرحال ان کان پوءِ جبار بوزدار مسلسل سنڌي لنڪ تي ملندو رھيو پر ڳالھائڻ جي بجاءِ صرف پنھنجي شاعر ڪاپي ڪري پيسٽ ڪر ي اسڪرين تي آڻيندو رھيو. ۽ زبردستي ساٿين کان واھ واھ ڪرائيندو رھيو. سندس محدود سوچ جيان سندس محدود شاعري ۾ کوٽ اچڻ کان پوئي بجائي سنڌي شاعري جي نه کٽندڙ ذخيري مان چونڊ ڪرڻ جي اردو زبان ۾ سا غير مھذب شاعري ڏيڻ شروع ڪيائين جنھن تي ڪافي دوستن کيس روڪيو پر ھي ھمراھ مسلسل ائين ڪندو رھيو.پر وڏي قد ڪاٺ جي حام ھڻندڙ ھي شاعر نه مڙيو جنھن کان پوءِ ھن کي سنڌي لنڪ ۾ قانون مطابق وارننگ ڏني وئي ۽ پابندي لڳائي وئي. ڏيڊ مھيني کان مسلسل روزانو 8 ڪلاڪ لنڪ تي رھندڙ جبار کان پڇو ته ان کي ھاڻي اسان ڇو خراب لڳا آھيون. ادا عزيز درست سمجھيو آ ته نئي آئي ڊي سان پنھنجو پاڻ کي مھان شاعر چوندڙ جبار بوزدار عرف خالد رند صرف انا پرستي ۽ الزام تراشي ڄاڻي ٿو. نيٽ تان سنڌي ٻولي جي ڪنھن به ويب سائيٽ کي گم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندڙ مسٽر جبار توھان ۾ ايتري جرئت ناھي جو توھان سنڌي ٻولي جي ڪنھن لنڪ کي گم ڪري سگھو . ۽ باقي جيتري قدر لنڪ تي عزتن ۽ محبتن جو سوال آھي ان جو جواب توھان سائين ناز جي ھن ڪمينٽس مان وٺي سگھو ٿا.جنھنجو متن اھو ھو ته سنڌي لنڪ تمام ڀلي ڪوشش آھي . اتي محبتي ۽ پيار ڏيندڙ ماڻھو ملندا. ۽ حقيقت به اھائي آھي . باقي يقينن سنڌي لنڪ مھذب ماڻھن جي لاءِ آھي اتي ڪنھن به بد اخلاق، محدود سوچ رکندڙ جي لاءِ جڳھ ناھي
     
  19. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

    دوستون جي ڳالهه کلي ئي آهي توهان دوستن کي هڪ اهم ڳالهه ٻڌايان ٿو۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ياهو واري گورب تي اسان ڪڏهين به ميسيجن تي چيڪ ڪون لڳايو هيو ڇو ته اسان کي ڪنهن به اسپيم يا وري ڪنهن به غلط ميسيج موصول ٿيڻ جو خطرو ڪون هيو، دوستو توهان کي وڏي مزي حقيقت بيان ڪريان ٿو پيو، هي ساڳيو دوست جبار بوزدار آهي جيڪو شايد هڪ خاص سرگرمي ۾ رڌل آهي ته جيڪي به سنڌي گروپ يا وري ٻيا فورم هجن انهن کي ڪهڙي طريقي سان ڊسٽرب ڪجي،
    هن دوست اصل ۾ سنڌي ڪمپيوتنگ جي ياهو گروپ واري فورم کي ڊسٽرب ڪرڻ جي انوکي سوچ لڙائي ۽ پنهنجي فيس بوڪ واري آ ڊي جوڙڻ وقت سنڌي ڪمپيوٽنگ گروپ جي اي ميل پنهنجي ڪانٽيڪٽ اي ميل ۾ ڏئي ڇڏيائين، واهه
    پر شايد دوست اهو ويساري ويٺو هيو ته جيڪو هي سمورن دوستن کي فيس بوڪ ۾ آ ڊي ڏيئي اسپيم ميسيج ۽ اجايا ميسيج ۽ سموريون ايڪٽوٽيز فيس بوڪ طرفان ڏياري رهيو آهي اهي اسان کي ڪجهه ٽائين ڊسٽرب رکي سگهن ٿيو پر ٻيو ڪجهه ڪون ٿيون ڪري سگهن،
    بعد جي ڳالهه وري انوکي اهي، هي دوست کي معلوم ڪون هيو ته فيس بوڪ جو پاسورڊ ريسيٽ به ٿيندو آهي، الا جي ڪنهن سندس پاسورڊ ريسيٽ ڪري ڇڏيو ۽ پاسورڊ ريسيٽ جي لنڪ سمورن ميمبرن کي ملي ويئي ۔۔ انهن منجهان منهنجو دوست نياز علي بليدي مڪا مان فون ڪيئي ته مان آ ڊي هيڪ ڪيئي آهي۔۔ هههههههه
    مان حيران هيس پر پو ٻڌايائين ته هي ساڳئي آ ڊي آهي، سو ادا مون کڻي انهي دوست جي اڪائونٽ کي ئي ڊي ايڪٽو ڪري ڇڏيو،، نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري، مان کيس اي ميل ڪري سمجهايو به هيو۔۔ انهي ميل جو جواب به دوست لکيو هيو،،
    سمورين ڳالهين جا ثبوط، اي ميلز، ۽ ريڪارڊ ڪيل فون ڪالز به مون وٽ محفوظ آهن،، ادا انهي دوست کي وري به گذارش آهي ته سندس جي انهن حرڪتن سان ڪجهه ڪون ٿيندو ،، پر ڪجهه به هجي دماغ اٿس۔۔۔۔ تڏهين ته ڌمڪيون پيو ڏئي ٻين کي۔۔ سو ادا معاف ڪجو آئين اهي حقيقتون ڪندو ناهيان،، پر هتڙي هي سڀ لکڻو ئي پئجي ويو۔۔
     
  20. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هاڻي نيٽ تي سنڌي چيٽ روم ۽ سنڌي ۾ چَيٽنگ ۔ٿي وڃي جاني سان چَيٽنگ۔

    دوستو هي سنڌ سلامت آهي يعني سنڌين جي سلامتي امن وارو فورم هت سٺي ايڪٽويٽي ٿي ته بهتر ٿيندو جنهن سان اسان ڪجهه پرائي سگهون باقي زندگي ايتري ڪانه ٿي ملي يار جو وتون صرف گهڳڙا ڪندا
    انتظاميه توجه فرمائي
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو