1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

نڪتي دل مان پُڪار ، تون به ايئن...!! (سائل پيرزادي جي اکين ۾ منڌ مينهوڳي تي مختصر نظر)

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,431
    ورتل پسنديدگيون:
    26,912
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نڪتي دل مان پُڪار ، تون به ايئن...!!
    (اکين ۾ منڌ مينهوڳي تي مختصر نظر)


    مجيب اوٺو

    ادب ڇا آهي، شاعري ڇا آهي؟ انهن جو ڪارج ڪهڙو آهي؟ اهي پيدا ڇو ٿيا؟ وغيره، جهڙن اهم سوالن جا جواب دنيا جا عظيم شاعر، مفڪر ۽ سائنسدان پنهنجا پنهنجا ذاتي، تجرباتي، سائنسي ۽ ذهني جواب ڏئي ان وقت جي عوامي عدالت کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهيا. ‘‘ افلاطون جو چوڻ هو ته علم ادب هڪ دوکو آهي، شاعري سڀني ڪُوڙن جي ماءُ آهي ۽ شاعر اخلاق جو دشمن آهي’’. افلاطون جي شاگرد ارسطوءَ وري پنهنجي استاد جي هن خيال کي جهڙوڪر رد ڪندي چيو ته: ‘‘ تخليقي ادب نقالي ۽ محاڪات آهي، جنهن جو مقصد دل جي تفريح آهي. يورپي مفڪرن ۾ هيگل (1770- 1831) چيو ته: ‘‘ادب به هڪ تاريخ آهي’’ آرنولڊ سڪورسس جيڪو ارڙهين صديءَ ۾ هڪ اسڪولي انسپيڪٽر هو، تنهن چيو ته: “ڪتابن مان حاصل ٿيندڙ معلومات ادب آهي.” جناب پروفيسر بروڪ جو ادب بابت خيال آهي ته: ‘‘احساسن ۽ خيالن کي اهڙي طرح ترتيب ڏيڻ جو پڙهندڙن کي خوشي حاصل ٿئي’’ علامه آءِ آءِ قاضيءَ مطابق: “ادب لفظ ‘‘ دب ’’ مان ورتو ويو آهي جنهن جي معني آهي پٽ تي ريڙهيو پائڻ” لغت جي لحاظ کان ريڙهيو پائيندڙ ٻار کي پنڌ سيکارڻ، سنڌي اصطلاحي معني ۾ اڻ گهڙيل ڪاٺ کي رندو هڻڻ، ماضي ۾ اهڙو فن سيکاريندڙ کي اديب چيو ويندو هو، ته ڪنهن وري ادب کي سائنسي اوزار چئي ان جي وصف هن طرح ڏني ته: ‘‘ ادب هڪ اوزار آهي، جنهن سان سماج جون ڪيتريون ئي بيماريون تشخيص ڪري انهن جو علاج ڳوليو ويندو آهي.” برضغير جي نامياري شاعر مرزا غالب مطابق ته:
    شاعري معني آفريني هي، قافيه پيمائي نهين!
    شاعري بابت شيخ اياز چيو ته ‘‘ اها هڪ رُسڻي محبوبه آهي” ۽ شاعري جي ڪارج بابت چيائين ته:

    شاعري جا روح گرمائي نه ٿي،
    منزل مقصود کي پائي نه ٿي!

    شاعريءَ صدين جو سفر طئه ڪيو آهي، رگويد جون لکڻيون به شاعري جا نظم سمجهيا وڃن ٿا، هن وقت تائين شاعريءَ جون ڪيريون ئي صنفون ايجاد ٿي چڪيون آهن، جن ۾ غزل جو بنياد ايران ۾ پيو ۽ تقريبن ڏيڍ سئو سال اڳ هي صنف هندستان ۾ متعارف ٿي، اوائلي غزل ۾ صرف عشقيه مضمون پيش ڪيو ويندو هو، ٿورو عرصو غزل پنهنجي اصلي مضمون جي بندشن ۾ قيد رهي سگهيو، مگر وقت گذرڻ سان غزل ۾ مضمون جون سموريون پابنديون ٽوڙيون ويون ايتري قدر جو غزل جي مضمون ۾ تصوف سميت ڪيترائي مضمون پيش ٿيڻ لڳا!
    سنڌي غزل جي تاريخ پڻ وسيع آهي جنهن ۾ ڪيترن شاعرن پنهنجي الڳ سڃاڻپ ظاهر ڪئي آهي! موجوده دور جي جديد شاعريءَ جي بي ترتيب ڊوڙ ۾ محترم سائل پيرزادي پنهنجي غزلن جو ڪتاب‘‘ اکين ۾ مُند مينهوڳي’’ پڙهندڙن کي پنهنجي ادبي خلوص سان آڇيو آهي! ادب يا شاعري ۾ ٻن ڪيفيتن جي اُپٽار ڪئي ويندي آهي، هڪڙي خارجي ڪيفيت ٻي داخلي ڪيفيت! تخليقڪار جن حالتن کي ڏسندو، محسوس ڪندو يا گذرندو آهي، انهن کي پنهنجي فن جي وسيلي پيش ڪندو آهي، سو ايئن ئي محترم سائل پيرزادي پنهنجو اڌورو اندر به شاعري ۾ اوتيو آهي ته موجوده دور جا سياسي، سماجي، عالمي مسئلا ، احساس ۽ جذبا پڻ پيش ڪيا آهن.
    محترم سائل جو هڪ شعر آهي:

    نڪو مان تماچي نه نوري آن تون،
    سواءِ منهنجي پوءِ ڀي اڌوري آن تون.

    هي هڪ اهڙو جذبو آهي، جيڪو مضطرب ۽ اڌوريون دليون ئي محسوس ڪري سگهن ٿيون، ته هوءَ جيڪا نه نوري آهي، نه سهڻي آهي، نه سسئي آهي، پر پوءِ به پنهنجي عاشق کان سواءِ اڌوري آهي! اهو اڌوروپن ڇو آهي؟ جڏهن ته جي هوءَ نوري نه آهي، ته هي تماچي به نه آهي!!! مگر هي هڪ خيال آهي، هي هڪ احساس آهي، جيڪو شاعر کي دنيا جي هر عشق کان پنهنجو عشق منفرد ڏيکاري ٿو.
    909ع ۾ جڏهن ابن داوود الاصفحاني، صوفي عالم منصور الحلاج جي لاءِ ڪفر جي فتوي جاري ڪئي، ته ان وقت هن کي سنگسار ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو ويو هو، پر پوءِ 12 سال بعد کيس ڦاهي چاڙهي سندس جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪيا ويا، ان وقت جي تاريخدان ۽ منصور جي هم خيال دوست شبلي منصور کي پٿر هڻڻ بجاءِ کيس هڪ گل اُڇلي هنيو جنهن تي منصور دانهن ڪئي! .
    ان سلسلي ۾ سائل جو شعر آهي:

    پٿرن مان هڪڙو گل اچي لڳو ،
    نڪتي دل مان پڪار ، تون به ايئن!

    سائل جو هي شعر هڪ تاريخي حوالو ته آهي ئي پر هڪ خوبصورت ۽ ڀرپور احساس وارو شعر به آهي، جيڪو تصوف جي راهگيرن سميت منافق دوستن بابت هڪ خاموش ڪهاڻي آهي، جنهن کي خد ڪردار ڪڏهن به چٽڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، ڇو ته اهو ڪم وقت جي ججن جو آهي، اهڙن ڪردارن جا جج فقط تخليقڪار ئي آهن، هن غزل جا ٻيا بند پڻ قابل غور آهن، جن ۾ وڃايل ننڍپڻ، سار کي ساري ٽاري ڇڏڻ سميت ڪيترائي احساس پيوند ڪيا ويا آهن، جن کي هن وقت ماڻڻ کان محروم ضرور آهيون پر محسوس ڪرڻ کان نه!!
    موجوده نيپال ملڪ جيڪو دنيا ۾ قداور، خوبصورت جبلن جي ڪري مشهور آهي، ان ملڪ ۾ تقريبن 534بي سي، جي دوران سڌارت گوتم ٻُڌ ڌرم نالي هڪ مذهب وجود ۾ آندو، جنهن جو بنيادي عقيدو اهنسا هو! ٻُڌ ڌرم جي نظرين ۽ عقيدن کي پوري دنيا ۾ وڏي تيزي سان قبول ڪيو ويو، اڄ پنجويهه صديون گذري وڃڻ کان پوءِ به هي مذهب پنهنجا سمورا عقيدا قائم رکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جنهن جو مثال هن صدي ۾ مذهبن کان باغين جي ساٿ سان سلهاڙيل سنڌ ڌرتي جي شاعر سائل پيرزادو جو هي شعر آهي:

    اهنسا جي روح ۾ رلمل ٿيل،
    هي ايشيا کنڊ گوتم ٿو لڳي.

    سائل جي هن غزل ۾ ڪيرائي تصوراتي عڪس سانڍيل آھن!

    سندس هڪ ٻيو شعر آهي:

    ڪناري تي ٻيڙي ۽ واري اُڏي ٿي،
    ۽ پنهنجن ئي ڳوڙهن ۾ سُهڻي ٻُڏي ٿي.

    ڀٽائي جو خيال هو ته:

    جي روئڻ سان ريجهن، ته نيڻين نير نه روڪيان،
    پائي پاند ڳچيءَ ۾، پيرين هوند پوان،
    ڌرتي سڀ ڌوئان، لڙڪن ساڻ لطيف چئي!

    عين ممڪن آهي، ته دنيا جي ٻين ڪيترن ئي تخلقڪارن پڻ هيهڙو اظهار ڪيو هجي! پر ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن روئڻ سان ريجهن ئي نه ٿا ته پوءِ روئجي ڇو! سائل جو خيال هت ڏاڍو پسند آيو آهي، جيڪو ڪيتريون ئي وضاحتون رکي ٿو، مثال طور؛ جڏهن سنڌ ديس ۾ هير لڳڻ تي به ڌوڙ اڏي! ۽ واءَ جي ورڻ تي به مينهن نه وسن! ته ان ساڳي بنجر بڻايل سنڌ ديس جي مهراڻ ۾ جڏهن ديس جو ئي روح سهڻي جو روپ ڌاري ساڳين موجن، ڪنن ۾ گهڙي سان ترڻ جي آس سانڍي ڪناري تي ايندو ته اتي مير بحرن، مهاڻن جون ڀڳل ٻيڙويون ڏسندو ته بيوس ٿي روئندو نه ته ٻيو ڀلا ڇا ڪندو!؟
    جيئن سائل جي ٻن، ٽن شعرن تي مختصر ڳالهائي آيا آهيون، ايئن ئي ڪارونجهر جي مور جهڙي شاعر جي شاعري ۾ ڪيترائي اهڙا اڻپڙهيل، اڻٻڌل خيال، اڻ ماڻيل احساس، جذبا ۽ امنگون آهن، جن کي پڙهي لطف اندوز ٿي سگهجي ٿوته تفصيلي ڳالهائي به سگهجي ٿو! سندس شاعري ۾ پورٽريٽ ٿيل پورا ۽ اڻپورا منظر اگهاڙين اکين سان ڏسڻ جي صلاحيت رکندڙن لاءِ هي ڪتاب هڪ اڻ ملهيو تحفو آهي! “اکين ۾ منڌ مينهوڳي” پاڻ سان کڻي هلندڙ رومانس جون روانيون رکندڙ آهي، جذبن جي هن درياهه جي سير ۾ ترڻ ۽ لڙهڻ جو به پنهنجو هڪ الڳ رومانس آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو