اينڊرائيڊ ايپليڪيشن ڪيئن ٺاهجي ؟

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2016۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اينڊرائيڊ جي مقبوليت ڪنهن کان به لڪيل ناهي، بلڪه اينڊرائيڊ پنهنجي عروج تي آهي. اهو ئي سبب آهي ته ڊولپرن پنهنجو رُخ اينڊرائيڊ ايپليڪيشنز جي ڊولپمينٽ طرف ڪيو آهي ڇوته اينڊرائيڊ ايپليڪيشنز مارڪيٽ ۾ تمام تيزي سان پکڙجي رهيون آهن. ڇا توهان توهان کي به ڪڏهن اينڊرائيڊ جي لاءِ ايپليڪيشن ٺاهڻ جو خيال آيو آهي؟ جيڪڏهن توهان جو جواب ها ۾ آهي ته يقين ڪريو ته اهو ايترو ڏکيو ڪم به ناهي جيترو توهان سمجھندا هوندا. پروگرامنگ سکڻ لاءِ کوڙ سارا آنلائن ذريعا ملي وڃن ٿا. انهن مان اڪثر مفت هُجن ٿا ته ڪجهه پئسا به گھُرن ٿا. پر ان جي فيس توهان جي علائقي جي يونيورسٽي يا انسٽيٽيوٽ کان به گھٽ هوندي

    آنلائن سکيا متعلق سنڌسلامت تي اڳ ۾ موضوع هلي چُڪا آهن پر هن ڀيري انهن سروسز ۽ خاص ڪري انهن ڪورسن جو ذڪر ڪندس جيڪي صرف اينڊرائيڊ ايپليڪيشنز جي ڊولپمينٽ لاءِ آهن. ان کان علاوه اُهي ادارا پنهنجيون ائنڊرائيڊ ايپليڪيشنز به مهيا ڪَن ٿا ته جيئن ڪمپيوٽر کان پري هئڻ جي صورت ۾ توهان موبائل تان جتي به هُجو پڙهائي جاري رکي سگھو.

    آڊاسٽي (Udacity)
    http://udacity.com

    ائنڊرائيڊ ڊولپمينٽ جي تعليم ڪُنڊ ڪُڙچ تائين پهچائڻ لاءِ گوگل پاران آڊاسٽي آنلائن ايجوڪينشنل پورٽل سان گڏجي پيو آهي، ائنڊرائيڊ ڊولپمينٽ جي حوالي سان مستند تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن ويبسائٽ جو ڀيرو ڀري سگھجي ٿو.
    جيڪڏهن توهان اسمارٽ ايپليڪيشن جي ڊولپمنيٽ جي حوالي سان چاھ رکو ٿا ته پهرين “يوايڪس ڊزائين فار موبائل ڊولپرز” جو ڀيرو ڀريو:

    udacity/course/ud849

    انڪري توهان لاءِ اهو ضروري آهي ته ڪورس متعلق بنيادي ڳالهين کان باخبر هُجو، هن ڪورس ۾ خاص طور تي موبائل ڊزائين جي حوالي سان بنيادي معلومات فراهم ڪئي وڃي ٿي. هڪ سُٺي ائنڊرائيڊ ايپليڪيشن ٺاهڻ لاءِ هن ڪورس سان شروعات ڪري سگھجي ٿِي.

    پر جيڪڏهن توهان پروگرامنگ صفا اڻواقف آهيو ته پوءِ “جاوا پروگرامنگ جي تعارف” کان شروعات ڪرڻي پوندي. ان لاءِ هيٺ ڏنل ڪورس کوليو.

    udacity/course/cs046

    اهڙا شخص جيڪي اڳ ئي ائنڊرائيڊ ڊولپمينٽ جي حوالي سان خاطرخواه معلومات رکَن ٿا ته اُهي ته براهِ راست گوگل جي شاندار “ڊيولپنگ ائنڊرائيڊ ايپس” ڪورس جو ڀيرو ڀري سگھن ٿا.

    udacity/course/ud853

    توهان ڪورس جي اهميت جو هِن ڳالهه مان اندازو لڳائي سگو ٿا ته هي ڪورس گوگل جا پنهنجا ٽي ڊولپر پڙهائن ٿا، هن ڪورس ۾ وڊيوز ۽ پروگرامنگ مشق ذريعي هڪ موسمي (ڊيمو) ايپليڪيشن تيار ڪرڻ سيکاريو وڃي ٿو.

    جيڪڏهن توهان هِن جي پاڻمرادو سيکارڻ وارو سسٽم منتخب ڪندا ته هي مفت آهي، هي انڪري به سٺو آهي ته توهان صرف اهو ڄاڻڻ گھرندا هُجو ته ڇا توهان لاءِ اهو ميدان سُٺو آهي يا نه ، يا اهو جانچڻو هُجي ته توهان ڪيتري مستقل مزاجي سان اهو سکي رهيا آهيو ۽ ڪيتري قدر پنهنجي علم ۾ اضافو ڪري رهيا آهيو.

    پر جيڪڏهن توهان باقاعده حقيقي ڪلاس وٺڻ گھرندا هُجو ته ان لاءِ فِيس ادا ڪرڻي پوندي جيڪا لڳ ڀڳ 150 آمريڪي ڊالر آهي. ٿي سگھي ته توهان کي هِي فيس ڳري لڳندي هُجي پر ان جا فائدا به آهن. هن ڪلاسن مان توهان ڇا ڇا سکيو آهي توهان جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺندي آرا سان نوازيو وڃي ٿو ۽ ڪورس مڪمل ٿيڻ تي سرٽيفڪيٽ به ڏنو وڃي ٿو، جنهن تي توهان وڏي فخر سان سڀني کي ٻڌائي سگھو ٿا ته توهان اينڊرائيڊ ايپس ڊولپر آهيو.

    ڪورسيرا (Coursera)
    ڪورسيرا به هڪ مشهور تعليمي پورٽل آهي جتي ائنڊرائيڊ پروگرامنگ جي هوالي سان ڪلاس هلن ٿا. هن ذريعي توهان “موبائل ڪلائوٽ ڪمپيوٽنگ وِٿ اينڊرائيڊ” جو سرٽيفڪيٽ به حاصل ڪري سگھو ٿا.

    coursera/specialization

    ۽ جيڪڏهن توهان هڪ خاص ڪورس آزمائڻ گھرو ته “پروگرامنگ موبائل ايپليڪيشنز فار اينڊرائيڊ پينڊ پيلٽ سسٽمز” کي منتخب ڪريو :

    coursera/course/android

    اٺن هفتن تي مشتمل هن ڪورس جي ڪلاسن ذريعي توهان اهو معلوم ڪري سگھو ٿا ته اينڊرائيڊ ايپليڪيشن ڪيئن ٺهي ٿي، ڪيئن نوٽيفڪيشنز ڏيکاري ٿِي، ڪيئن ڊيٽا کي منظم رکي ٿِي ۽ اها ٻين ايپليڪيشنز سان ڪيئن رابطو ڪري ٿِي وغيره . آڊاسٽي وانگيان ڪورسيرا جِي به ائنڊرائيڊ ايپليڪيشن موجود آهي جنهن ذريعي پڙهائي جو عمل سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ تي به جاري رکي سگھجي ٿو.

    [​IMG]
    اڊيمي (Udemy)

    www.udemy.com

    اڊيمي تي به ڪيترائي اينڊرائيڊ ڪورس موجود آهن پر جيڪڏهن توهان ڪنهن مُفت ۽ ابتدائي ڪورس جي ڳولا ۾ آهيو ته “اينڊرائيڊ فار بگنرز” کان شروع ڪريو:

    android-for-beginers

    جيئن ته هي ڪروس پروگرامنگ جي معلومات رکندڙن کان وٺي پروگرامنگ مان اڻواقف ماڻهن لاءِ هڪجهڙو ئي آهي. پر ڪورس ۾ داخلا وٺندڙن لاءِ ائنڊرائيڊ جي حوالي سان ٿوري گھڻي جاوا پروگرامنگ اچڻ ضروري آهي، جنهن لاءِ هيٺ لِنڪ ۾ هڪ ڪورس ٻُڌايان ٿو جنهن جي فيس 89 آمريڪي ڊالر آهي.

    java-essentials

    ٽري هائوس (Treehouse)
    teamtreehouse.com

    ٽري هائوس تي ائنڊرائيڊ جي حوالي سان بهترين سيڪشن موجود آهي. جنهن ذريعي هڪ بنيادي ايپليڪيشن ٺاهي سگھجي ٿي ۽ ان ڊولپمينٽ دوران جاوا جون ڳجھارتون به سلجھائي سگھجن ٿيون. ٻين تعليمي پورٽلز جيان هي به صرف ائنڊرائيڊ تائين محدود ناهي بلڪه هتي ٻيا موضوع جيئن آئي.او.ايس، ايڇ.ٽي.ايم.ايل، جاوا ۽ سي.ايس.ايس وغيره جي حوالي سان به ڪورس موجود آهن. براهِ راست ائنڊرائيڊ سيڪشن ۾ وڃڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ جو ڀيرو ڀريو:

    teamtreehouse.com/library/topic:android

    [​IMG]

    ٽري هائوس جتي پنهنجون خدمتون پيش ڪري ٿِو ته فيس به گھُري ٿو. 25 ڊالر بنيادي ليول کان وٺي 50 ڊالرن تائين جي پروفيشنل ليول موجود آهي. ٽري هائوس جِي پڻ ائنڊرائيڊ ايپليڪيشن موجود آهي جنهن ذريعي ڪمپيوٽر کان علاوه فون تي به سکڻ جو عمل جاري رکي سگھجي ٿو.

    ائنڊرائيڊ ڊولپر ٽريننگ سائٽ
    جيڪڏهن توهان گوگل طرفان ٻُڌايل ٽولز ذريعي سکڻ گهرندا هُجو ته “ائنڊرائيڊ ڊولپرٽريننگ” جي ويبسائٽ جو ڀيرو ڀريو.

    developer.android.com/training/index.html

    [​IMG]

    پر هِتي مبتدي ماڻهن جو اچڻ منع آهي. هن ٽريننگ سان اُهي ئي سکي سگھن ٿا جيڪي پهرين کان ڪوڊنگ ڄاڻندا هُجن. جيڪڏهن توهان سٺا پروگرامر آهيو ته هتي موجود ٽيوٽورلز جي مدد سان تمام جلد ائنڊرائيڊ ايپليڪيشن ٺاهڻ به سکي سگھو ٿا. هنن ٽٽوريلز ۾ ائنڊرائيڊ اسٽوڊيو جو تعارف ۽ استعمال ڪرڻ جو طريقو، ڊزائننگ جا اصول، ملٽي ميڊيا جو استعمال ۽ ويريئيبل ڊوائيسز جي سپورٽ شموليت وغيره جي باري ۾ سيکاريو وڃي ٿو.

    جيڪڏهن توهان وڏي ليول جي ڊولپمينٽ جو طريقيڪار ڏسڻ چاهيو تڏهن به توهان هن ويبسائٽ تي وڃي سگھو ٿا.

    ايم آءِ ٽي ايپ انوينٽر (MIT App Inventor)
    http://appinventor.mit.edu

    جيڪڏهن توهان ڪوڊنگ جي حوالي سان ٿوري گھڻي ڄاڻ رکو ٿا هڪ پروگرامر وانگيان ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا ته “ايم.آءِ.ٽي.ايپ انوينٽر” ويبسائٽ تي وڃو.

    هتي ويزيول پروگرامنگ جي ذريعي سکڻ جو عمل نهايت آسان رکيو ويو آهي، هي ويزيول پروگرامنگ سافٽويئر اصل ۾ گوگل ٺاهيو هو پر هاڻ هن جي سموري ڊولپمينٽ MIT جي ايجوڪيشنل ٽول تحت ٿي رهي آهي.

    [​IMG]

    جيتوڻيڪ توهان هتي ڪا اهڙي ايپليڪيشن ته نٿا ٺاهي سگھو جيڪا توهان کي راتو رات امير ڪري ڇڏي البته هتي توهان کوڙ ساريون ڪم جون ايپليڪيشنز ۽ گيمون ٺاهي سگھو ٿا. انهن کي استعمال ڪرڻ لاءِ توهان وٽ گوگل جو اڪائونٽ هئڻ لازمي آهي. جنهن تان لاگ اِن ٿي ڪري توهان هتي ڪم ڪري سگھو ٿا ۽ پنهنجو ڪم ڪلائوڊ ۾ محفوظ به ڪري سگو ٿا. ائنڊرائيڊ ايپليڪيشنز ڊولپمينٽ جي حوالي سان هتي کوڙ سارا ٽيوٽرلز موجود آهن پر پروگرام جي ريئل ٽائم ٽيسٽنگ لاءِ توهان کي هڪ ٽول جي ضرورت پوندي جنهنجو لنڪ هيٺ ڏجي ٿو.

    mit-companion
     
  2. saqi irshad Lorer

    saqi irshad Lorer
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2017
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    148
    ڌنڌو:
    سماجي ورڪر
    ماڳ:
    قنبر علي خان
    ادا ڇا سنڌي ۾ اها ڄاڻ يا اهي ڪورسز موجود نه آهن ؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو