انور علي عباسي جو ٽنڊي باگي جي تاريخ تي منفرد انداز سان لکيل ڪتاب

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ٽنڊي باگي جي تاريخ

    انور علي عباسي جو ٽنڊي باگي جي تاريخ تي منفرد انداز سان لکيل ڪتاب
    نصرالله جروار

    سنڌ جي هر واهڻ ۽ وستي جي پنهنجي تاريخ آهي سنڌ جي شهرن سنڌ جي ڳوٺن جو هڪ اهڙو اتهاس ٽڙيو پکڙيو پيو آهي جنهن کي سهڙي ڪتابن جي ورقن ۾ سجائڻ جي ضرورت آهي هڪ اهڙي شهر جو ٽڙيل پکڙيل اتهاس جو ان شهر جي وجود جو سبب ئي ٻن دلين جو پيار ئي هو ان شهر جي محبتن جي هڪ وکريل اتهاس کي اسان جي دوست انوعلي عباسي سهيڙي ٽنڊي باگي جي تاريخ جي نالي سان ڪتاب تحرير ڪيو آهي ان شاندار اتهاس جي ڪتاب ۾ هن شهر وفا جا ڪيترائي قصا ڪر موڙيندي پڙهڻ لاءِ مسڪرائيندي ملندا جيڪي يا تـ هاڻ ماضي جو حصو بنيل آهن يا حال ۾ هلندڙ آهن يا ڪي مسقبل ڏانهن سفر ڪري رهيا آهن اُهي ماڳ جتي محبتون جنم وٺنديون آهن جتي محبت جون دليون سانوڻي ڪڪر جيان محبت جي وسڪارن سان الوٽ ٿي نچنديون آهن جن جي پيچرن تي محبت جا گولاڙا محبت جي ئي دلين جي ڄارين کي پيار جا ٻک وجهي پنهنجي پن پن سان ڀيٽا ڏين تـ انهن پيچرن تي انهن واٽن تي محبتن جا خوبصورت شهر جنم وٺندا آهن جن جي اهميت ۽ افاديت کي اهو سمجهي سگهندو جنهن جي دل ۾ محبت جي ڪينجهر جي نورين جو نياز ۽ نوڙت هوندو. انور علي عباسي سان منهنجي گهرائپ 1986 کان ٿي جنهن وقت هن جي هٿ ۾ سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ديار دل داستان محبت، پير علي محمد راشدي جو ڪتاب اهي ڏينهن اهي شينهن، عبدالواحد آريسر جو ڪتاب پره جو پيغام، چانڊوڪيون ۽ چيٽ، رسول بخش پليجي جا ڪتاب ڌراڙن جا ڌڪ، صبح ٿيندو شيخ اياز جو ڪتاب وڄون وسڻ آيون سميت ، سنڌ جي ٻين اديبن، سياستدانن ۽ شاعرن جي ڪتابن کان علاوه اردو ادب جي لکندڙن سبط حسن، قرت العين حيدر ۽ ٻين اردو لکندڙن جا ڪتاب ان کان علاوه لينن، مارڪس، پبلو نرودا ۽ ٻي پرڏيهي ادب، سياست، فلسفي ۽ شاعري جا ڪتاب انور جي هٿن جي زينت بنيل هوندا هئا منهنجو هيءَ ڳالهيون بيان ڪرڻ جو مقصد هيءَ آهي تـ ڪو انور رات جو ڇرڪ ڀري اٿي ڪتاب لکڻ نـ ويٺو هو پر هن جي شاگردي جي زماني کان ڪتابن سان دوستي رهي آهي هيءَ ان سان گڏ اسڪول ۾ بهتري ڊراما نگار بـ رهيو آهي مطلب هيءَ هڪ بهترين آرٽسٽ ذهين رکندڙ آهي پر هن جي زندگي غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندي رهي آهي هن جي زندگي سان گڏ هن جون صلاحيتون پڻ غربت واري گهاڻي جي زد کان بچي نـ سگهيون آهن، هيءَ پرائمري استاد جنهن جا وسائل محدود هجن هن مهانگائي واري دور ۾ صرف سڪي پگهار تي گذارو هجي پوءِ بـ هيءَ پيرين پنڌ تاريخ جي کوجنا وارو ڪم هٿي ۾ کڻي نڪري پيو.

    کاهوڙين کڻي، ساجهر ٻڌا سندرا،
    ڏوريندي ۾ ڏونگرين، ڪيائون پاڻ پڻي،
    ڏکن ڏيل هڻي، ڇيهـ لڌائون ڇپرين.

    (شاه)

    ٽنڊي باگي جي تاريخ جي شروعات مير باگي خان ٽالپر جي انهي الڙ وهي واري عشق کان آهي جيڪو هن جو عشق هڪ خوبصورت ناري مريم اڍيجي سان ٿيو جنهن لاءِ هن تخت ۽ تاج کي ٿڏو هڻدي چيو تـ محبت تان لکين سر بـ قربان هيءُ تـ خصيص تخت ۽ تاج آهي. مير باگي جي نظر ۾ محبت جي اڳيان بادشاهي جي ڪا بـ حثيت نـ هئي ان محبت جي نتيجي ۾ ٽنڊو باگو شهر جو وجود پيو پر ان شهر ۾ ان محبت جو تسلسل جڙيل ئي رهيو انور علي عباسي جو ڪتاب ٽنڊي باگي جي تاريخ ان محبت جو تسلسل آهي. هن ڪتاب جي ارپنا ليکڪ سندس والد ۽ والده ۽ ان سان گڏ سندس دوست جميل احمد خاصخيلي جيڪو تازو وفات ڪري ويو ۽ ليکڪ جي شريڪ حيات کي ڪيل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ۽ نثر نويس ايوب کوسي (عشق مان اڀريل تاريخ) جو لکيل آهي،. تاريخدان ۽ سنڌي ۽ اردو جي ليکڪ ابوبڪر شيخ جا ٻـ اکر، عثمان راهوڪڙو جو ( زندگي ۽ تاريخ جو سفر) شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار ابن ڪلهوڙي جو ( ليڪک جي لکڻي) مون ناچيز نصرالله جروار جو ( محبت جي لاٽ جهرڪي ٿي) ۽ هن ڪتاب جي ليکڪ انور علي عباسي جو (پنهنجي پاران) ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ لکيل آهن جن ۾ ليکڪ جي زندگي ۽ ان جي هن ڪتاب بابت ڪيل ڪاوشن تي روشني وڌل آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي فتح محمد شهزاد ٿيٻو پاران ليکڪ ۽ هن ڪتاب معتلق سٽون لکيل آهن. ڪتاب جو فرنٽ ٽائيٽل تمام خوبصورت آهي، فرنٽ ٽائيٽل تي سنڌ راڻي جي مزار جيڪا اڇي سنگ مرمر جي پٿر مان جڙيل آهي، مير باگي جي مزار، مير غلام محمد ٽالپر پاران جوڙايل تاريخي اسڪول جي بلڊنگ، صاحب محل کڏهرو، باگي واه سميت ٽنڊ باگو ڀرسان پراڻي ساڱري يا نيرو درياءُ جي وهڪري جي آثار جو تصويرون آهن ۽ ان کان علاه هتان جي مشهور تاريخي شخصيتن مير غلام محمد خان ٽالپر، محمد صديق مسافر، مير حاجي خدابخش خان ٽالپر لان برڊ، سائين الهڏنو عباسي ۽ اسماعيلي خواجن جي روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان سان گڏ هن شهر جي مشهور سيٺ ۽ شخصيت سبز علي خواجا جون يادگار تصويرون آهن. ٽنڊو باگو جي تاريخ ڪتاب ۾ 1786ع ۾ هن شهر جي وجود کان وٺي هن وقت تائين جي ماضي۽ حال جو تفصيلي ذڪر ڪيل آهي پر 1786ع کان اڳ جا هن خطي ۾ رونما ٿيندڙ واقعا پڻ هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل آهن جيڪي تاريخ جو اڻ ٽٽ حصو آهن، هن ڪتاب ۾ ٽنڊي باگي شهر جي مڪمل تاريخ، ساڱرو يا نيرو درياءُ جي تاريخ، ماڻڪاڻي ٽالپرن جي تاريخ، مير باگي جي والد مير مرزو خان جي تاريخ، مير باگو ۽ سنڌ راڻي جي عشق جي تاريخي ڪهاڻي، محمد صديق مسافر شيدي جي انهن وڏن جي تاريخ جيڪي آفريڪا جي علائقي زنجبار مان غلام ٿي هتي پهتا، خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جي زندگي جو احوال ۽ ان جي پنهنجي ذاتي خرچ مان ٺهرايل لارينس نالي سان 1920 ۾ ٺهرايل تاريخي مدرسي جو احوال ۽ مير صاحب جي ڪيل سماجي ڪمن جو تفصيلي ذڪر شامل آهي. مير باگي جي ڪٽنب جو احوال، ٽنڊو باگو مان گذرندڙ تاريخي واه باگي واه جي تاريخ، ٽنڊو باگو ۾ رهندڙ مختلف ذاتين جي تاريخ ۽ انهن جو شهر ۾ لڏي اچڻ ۽ اهي ذاتيون ڪٿان ڪٿان کان لڏي اچي هن شهر ۾ آباد ٿيون انهن جو سربستو احوال، سامين جي سردار ڪانڀو خان جنهنجي مزار هن وقت ٽنڊو باگو ۾ آهي ان جو ذڪر، هن شهر جي تاريخي کوهن جو ذڪر، کاڻين جو ذڪر، کدڙا فقيرن جي مڙهي جو ذڪر پڻ هن ڪتاب جو زينت بنيل آهن. هن شهر ۾ موجود تاريخي پڙن جو احوال، تاريخي مسجدن جو احوال، سميت کوڙ تاريخي مواد موجود آهي، هيءُ ڪتاب 208 صفحن تي مشتمل هن شهر وفا جو هڪ اهڙي تاريخ آهي جنهن لاءِ سنڌي جي شاعري جي منصوري آواز بنيل ايوب کوسي جون هن ڪتاب تي لکيل ماڳ جون هيءَ سٽون (توڙي جو لاڙ جي تاريخ لکندڙ اسان جي معتبر تاريخدانن ۽ قلم ڪارن اڳي بـ ٽنڊي باگي جي ڪردارن ۽ واقعن جا ورق دل سان لکيا آهن، پر انور علي عباسي جي هي تحقيق ان حوالي سان وڌيڪ سگهاري ۽ منفرد آهي جو سڄي تاريخ فقط هن ئي علائقي جي سهيڙي مڪمل ڪئي آهي) هن ڪتاب جي اهميت ثابت ڪن ٿيون . هن ڪتاب ۾ هن شهر جي تاريخ پڙهندڙ سان ڳالهائيندي محسوس ٿيندي اهو ئي انور علي عباسي جو ڪمال ئي قلم آهي، هاڻ اسان هن جي هن تاريخي پورهئي کي ڪهڙو مان ٿا ڏيون اهو اسان تي ڇڏيل آهي تـ اسان هن جو قدر ڪيون ٿا يا هن جي تاريخ سان ڪيل وفا سان لاتعلق بنجي بي وفا ٿا ٿيون ، جي اسان وفا ڪئي تـ يقينن مسقبل اسان جي مرڪي آجيان ڪندو جي وفا نـ ڪئيسين تـ مستقبل جو تيز رفتار ۽ بي رحم گهوڙو اسان کي جاهلت ۽ بي وقوفي جي رڻ ۾ رولي ڇڏيندو.............
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو