1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

ڪتاب بهترين دوست آهن

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ محمد امين ڀٽي طرفان آندل موضوعَ ‏5 سيپٽمبر 2016۔

  1. محمد امين ڀٽي

    محمد امين ڀٽي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته ڪتاب بهترين دوست آهن. ٻڌندا، پڙهندا ۽ ڏسندا پيا اچون ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪتاب بهترين دوست آهن. پر ڪهڙا ڪتاب؟ ڪجھه ڏينهن اڳ منهنجي هڪ ٽيچر دوست غلام نبي پتافي ٽنڊي الهيار مان سوشل ميڊيا ذريعي صحيح ياد نه اٿم پر شايد سنڌي ٽئين ڪلاس جو ڪتاب هو جنهن مان مختلف (جڏهن ته ڪلاس به ساڳيو، ڪتاب به ساڳئي ڪورس جو، ڇپيندڙ ادارو به ساڳيو، نظرثاني ڪندڙ به ساڳيا) ڪتابن جون تصويرون پوسٽ ڪيون جن مان هڪ ڪتاب ۾ لفظ ”مينگوره“ جڏهن ته ٻئي ۾ ساڳيو لفظ منگورا لکيل آهي ۽ ڪجھه ٻين غلطين جون تصويرون پڻ جھڙوڪ (پسني ۽پسڻي)، (بلي شاهه ۽ بلهي شاهه)، (جھنگن ۽ جنهنگن) وغيره. جيڪي مون ان وقت ئي پنهنجي اديبن ۽ سنڌي ٻولي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ دوستن سان ونڊيون اهو سوچي ته شايد اداري ۽ سڄاڻ ڌرين تائين اسان جو آواز پهچي سگھي، پر ڪنهن جي ڪن تي به جونءُ به نه سري.

    پر وري ڪالهه جڏهن نيٽ تان جيمس مئڪمرڊو جو سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ”سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو“ پڙهڻ لاءِ پاڻ وٽ محفوظ ڪيم ۽ ان کي پڙهي ائين لڳو ته جيڪڏهن سکاري سنڌ جا ماڻهو ڏکارا نه به هوندا ته هي ڪتاب پڙهي مون وانگر ڏکارا ضرور ٿيندا. ڇوته ڪتاب پڙهي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي جو شايع ٿيل نه پر ڪنهن مون جھڙي سيکڙاٽ لکي ڪري پاڻ ئي ڪنهن پرنٽنگ پريس مان پنهنجي خرچ تي شايع ڪرايو هجي. اسان جيڪي به ڪتاب ڏٺا ۽ پڙهيا آهن انهن تي نه صرف انهن جي شايع ٿيڻ يا ڇپجڻ جو سال پر ان سان گڏوگڏ ان جي ڪمپوزر جو نالو نظرثاني ڪندڙ يا ايڊيٽر جو نالو پڻ لکيل هوندو آهي جيڪو ڪتاب کي چڱي نموني پڙهي ان مان غلطيون ڪڍي پوءِ پرنٽ ڪرائيندو آهي. پر هتي ته شايد سڄو اداروئي ننڊ پيو آهي جو جھڙي طرح ڪتاب آهي ان کي ان ئي شڪل ۾ شايع ڪرايو ٿو وڃي. سو هن ڪتاب جي پبلشر نوٽ ۾ ئي لفظ ”مهاڳ“ کي ماڳ لکي غلطين جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان کانپوءِ ”تحفته الڪرام“ کي ”تحفه الڪرام“، ”ڳالهه“ کي ”ڳاله“، ”ڪالهه“ کي ”ڪاله“ ۽ ٻيون انيڪ اهڙيون غلطيون جيڪي يقينن ڪمپوزنگ جون غلطيون آهن ۽ سندن صحيح جاچ پڙتال جي ضرورت آهي.
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    تنهنڪري آئون سمجھان ٿو ته اهڙي قسم جا ڪتاب بهترين دوست ڪيئن ٿا ثابت ٿي سگھن جن مان اڳتي هلي اسان جو ايندڙ نسل مونجھاري جو شڪار ٿئي ۽ اختلافن جو شڪار ٿئي ان جي لاءِ هن وقت ئي سرڪاري طور تي سنڌي ٻولي جي اهڙن تفرقي ۾ وجھندڙ لفظن کي ٻيهر ترتيب ڏئي پيش ڪيو وڃي جيڪي سڄي سنڌ ۾ هڪ ئي انداز سان ڳالهايا، لکيا ۽ پڙهيا وڃن. ان سلسلي ۾ آئون سنڌ جي ساڃاهه وندن اديبن ۽ سنڌي ٻولي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن کي عرض ڪندس ته اڳتي اچن ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
     
  2. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    76
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    استاد( حرا پبلڪ اسڪول ڏهرڪي)
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    محمد امين ڀٽي صاحب اوهان بالڪل صحيح لکيو آهي پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اسان جا ساڃاھ وفد ، وڏا اديب ۽ دانشور انهن ڳالهين ڏانهن توجه به نه ٿا ڏين ،جنهن ڪري درسي يا غير درسي ڪتابن ۾ تمام گهڻيون غلطيون ملن ٿيون..
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,432
    ورتل پسنديدگيون:
    26,921
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو درست آهي ته جڏهن پروف جون غلطيون هجن ٿيون ته ڪتاب بلڪل مزو نٿو ڏي.
    پر اسان وٽ پروف ريڊنگ جو ڪم ليکڪ يا وري مفت واري کي ڏبو آهي، جنهن سبب اهي مسئلا پيدا ٿين ٿا.
     
  4. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    76
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    استاد( حرا پبلڪ اسڪول ڏهرڪي)
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    سر انهي جي حل لاءِ ڪا ترتيب ڪڍيو ......
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو