• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صحافي، ليکڪ ۽ شاعر ساز ڪاظمي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

QD4O00R.jpg


صحافي، ليکڪ ۽ شاعر ساز ڪاظمي


ساز ڪاظمي جو اصل نالو سيد علي احمد شاهه ۽ سندس والد جو نالو شاهنواز شاهه آهي، ساز ڪاظمي جو جنم 15 سيپٽمبر 1947ع تي ملاڪاتيار ۾ ٿيو، شروعاتي تعليم اُتان ئي حاصل ڪيائين، 1962ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين، 1973ع ۾ ٽنڊو محمد خان جي بوائز هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، 1968ع ۾ صحافتي زندگي جو آغاز ڪندي روزاني عبرت اخبار جو ملاڪاتيار ۾ رپورٽر مقرر ٿيو، ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم لکيائين، روزاني هنڱوراڻا سنڌ ۾ ” سچ ۾ مچ “ جي عنوان سان سلسليوار ڪالم لکيائين. بعد ۾ صحافت کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري شاعري طرف ڌيان ڏيڻ لڳو، مسڪين ملاڪاتياري سان گڏ علمي ، ادبي ، ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين ۾ مشعول رهيو. ” اداره حُب الوطن“ جو جنرل سيڪريٽري رهيو، ملاڪاتيار ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان گرلس اسڪول جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري اسڪول قائم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين.
سندس زندگي جو وڏو علمي ۽ ادبي عرصو ٽکڙ ۾ گذريو، جتي اسدالله شاهه ” بيخود“ حسيني ، شبير هاتف، نظير ٽکڙائي، سوز ٽکڙائي ، تاج ٽکڙائي، داغ ٽکڙائي، سعيد ٽکڙائي ۽ ٻين شاعرن جي همعصري ۾ شاعري جا سبق حاصل ڪيائين، نعتيه شاعري سان گڏ اردو شاعري سميت سنڌي شاعري جي مختلف صنفن عزل، نظم، وائي، ڪافي ، گيت تي طبع آزمائي ڪئيائين ، مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾ شروعات کان وٺي شاعري گنگنائي ڳائيندو رهيو ، ان منفرد انداز جي حوالي سان سُٺي شهرت ماڻيائين. سندس شاعري جو هڪ مجموعو ” دل دنبورو جن “ اڻڇپيل حالت ۾ موجود آهي. جيڪو اڃا تائين ڇپجي نه سگهيو آهي. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض 2013ع ۾ ثقافت کاتي سنڌ پاران کيس هڪ لک روپيا وظيفو پڻ ڏنو ويو هو. ڪجهه عرصو علالت ۾ رهڻ بعد 25 آگسٽ 2016ع بروز خميس تي لاڏاڻو ڪري ويو ، کيس سوين آلين اکين سان ملاڪاتيار ۾ سندس ابائي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، مرحوم کي هڪ پُٽ جو اولاد سيد شاهنواز شاهه نالي آهي، جيڪو پڻ ملاڪاتيار جو نوجوان صحافي رهيو آهي پر هن وقت صحافتي دنيا کان ڪناره ڪش آهي.
 
Back
Top