1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

خدا آباد

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ مومن ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏19 سيپٽمبر 2016۔

  1. مومن ڏاهري

    مومن ڏاهري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نوابشاھ،سنڌ
    ﻣﻴﺎﻥ ﻳﺎﺭ ﻣﺤﻤﺪ ڪﻠﻬﻮڙﻱ ﺟﻲ ﻭﻗﺖ ۾ ﺳﻨﻪ 1113ﻫﻪ ‏( ﺳﻨﻪ 1701 ﻉ ‏)
    ﮄﺍﺭﻱ ڪﻠﻬﻮڙﻥ ﺯﻭﺭ ﻭﺭﺗﻮ ۽ ﭘﻨﻮﻫﺮﻥ ﮐﺎﻥ ﺷڪﺎﺭﭘﻮﺭ ﻫﭣ ڪﺮﻱ ﺍﺗﻲ
    ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﮑﻴﻪ ﺷﻬﺮ ﭠﻬﺮﺍﻳﺎﺋﻮﻥ ۽ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺗﻲ ﺧﺪﺍ ﺁﺑﺎﺩ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ
    ﺭﮐﻴﺎﺋﻮﻥ، ۽ ﺍﺗﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﭔﻴﺎ ﭘﺎﺳﺎ ﻫﭣ ڪﺮﮠ ﻟﮙﺎ. ﻣﻴﺎﻥ ﻳﺎﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﺟﺎ
    ﭔﻪ ﭘٽ، ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ۽ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ، ﺟﻲ ﻫﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﻗﻼﺕ ۾ ﻫﺌﺎ، ﺳﻲ
    ﺑﻪ ﺍﺗﻲ ﺍﭼﻲ ﺭﻫﮡ ﻟﮙﺎ. ﺳﻨﻪ 1170 ﻫﻪ ‏( ﺳﻨﻪ 1757 ﻉ ‏) ۾ ﺟڏﻫﻦ ﻣﻴﺎﻥ
    ﻏﻼﻡ ﺷﺎﻫﻪ ﮔﺎﺩﻱﺀَ ﺗﻲ ﻭﻳﭡﻮ، ﺗڏﻫﻦ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﺩﺭﻳﺎﻫﻪ
    ﻭﻳڙﻫﻲ ﻭﻳﻮ، ﺗﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﻣﻴﺎﻥ ﺍﻫﻮ ﮀڏﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲﺀُ ﺟﻲ ﭔﮅﻝ
    ﺷﻬﺮ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺟﻲ ﻭﻳﺠﻬﻮ ﭔﻴﻮ ﺷﻬﺮ ﭔﮅﻭ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺍﻟﻬﻪ ﺁﺑﺎﺩ
    ﺳڏﻳﺎﺋﻴﻦ. ﻓﻘﻂ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﺎﺋﻴﺘﻮ ﭜﺎﺀُ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺮﺍﺩﻳﺎﺏ ﺧﺪﺍ ﺁﺑﺎﺩ ۾
    ﺭﻫﻨﺪﻭ ﺁﻳﻮ ۽ ﻋﻄﺮ ﺧﺎﻥ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺍﺗﻲ ﺭﻫﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﺁﻳﻮ ﺗﻪ ﻣُﻠڪ ﺟﻲ
    ﻃﻤﻊ ﺭﮐﻲ. ﺳﻨﻪ 1172ﻫﻪ ‏( ﺳﻨﻪ 1759 ﻉ‏) ۾ ﻣﻴﺎﻥ ﻏﻼﻡ ﺷﺎﻩ ﺟڏﻫﻦ
    ﭔﮅﻭ ﺗﻪ ڪﻲ ﮐﻮﺳﺎ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﺧﺪﺍ ﺁﺑﺎﺩ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺗﻲ ڪﺎﻫﻲ ﭰﺮ
    ڪﺮﻱ ﻫﻠﻴﺎ ﻭﻳﺎ ﺁﻫﻦ، ﺗڏﻫﻦ ﺍﺗﻲ ﺍﭼﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻮﺳﻦ ﺳﺮﺩﺍﺭﻥ ﮐﻲ
    ﻣﺎﺭﺍﺋﻲ ﮀڏﻳﺎﺋﻴﻦ ۽ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺳﻨﭝﺎﻝ ﻻﺀِ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﻘﺮﺭ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ.
    ﺳﻨﻪ 1186ﻫﻪ ‏( ﺳﻨﻪ 1772 ﻉ‏) ۾ ﻣﻴﺎﻥ ﻳﺎﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﺳﺮﻓﺮﺍﺯ ﺍﮘﻮﮠُ ﺧﺪﺍ
    ﺁﺑﺎﺩ ﮀڏﻱ ﻧﺌﻮﻥ ﺧﺪﺍ ﺁﺑﺎﺩ ﺟﻮﺷﻬﺮ ﻫﺎﻟﻦ ﮐﻲ ﻭﻳﺠﻬﻮ ﭔﮅﺍﻳﻮ ۽
    ﺳﮕﻬﻮﺋﻲ ﭘﻮﺀِ ﻣﻴﺮﻥ ٽﺎﻟﭙﺮﻥ ﺳﺎﻥ ﻧﺎﺳﺎﺯﻱ ﭤﻴﮡ ﻟﮙﻴﺲ ۽ ﻣﻴﺮ ﺑﻬﺮﺍﻡ
    ۽ ﺳﻨﺪﺱ ﭘٽ ﻣﻴﺮ ﺳﻬﺮﺍﺏ ﮐﻲ ﻣﺎﺭﻳﺎﺋﻴﻦ، ﺟﻲ ﺧﺪﺍ ﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺩﻓﻦ ڪﻴﺎ
    ﻭﻳﺎ . ﺍﻫﻮ ﻭﺍﻗﻌﻮ ﺳﻨﻪ 1189ﻫﻪ ۾ ﭤﻴﻮ ۽ ﭔﺌﻲ ﺳﺎﻝ ۾ ﻣﻴﺮ ﻓﺘﺢ
    ﺧﺎﻥ ﺑﻠﻮﭼﻦ ﺟﻮ ﻟﺸڪﺮ ﻭﭠﻲ ﺧﺪﺍ ﺁﺑﺎﺩ ﮐﻲ ﮔﻬﻴﺮﻭ ڪﻴﻮ ۽ ﺯﻭﺭ
    ﺳﺎﻥ ﺍﻧﺪﺭ ﮔﻬڙﻳﻮ. ﻣﻴﺎﻥ ﻣﺤﻤﺪ ﺳﺮﻓﺮﺍﺯ ﭘﻨﺠﻦ ﮀﻬﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎﻥ
    ﭜﭵﻲ ﻫڪڙﻱ ﻣﻬﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﭔﻴڙﻱﺀَ ۾ ﭼڙﻫﻲ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺁﻳﻮ،
    ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻭﺭﻱ ﻣﻴﺮﻥ ﺍﭼﻲ ﮔﻬﻴﺮﻭ ڪﻴﻮ . ﺳﻨﻪ 1197 ﻫﻪ ‏( ﺳﻨﻪ
    1782 ﻉ‏) ۾ ﻣﻴﺮ ﺑﺠﺎﺭ ﺧﺎﻥ ﻣﻴﺎﻥ ﻋﺒﺪﺍﻟﻨﺒﻲﺀَ ﮐﻲ ﮔﺎﺩﻱﺀَ ﺗﻲ ﻭﻫﺎﺭﻳﻮ
    ۽ ﭘﺎﮠ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﺑﻠﻮﭼﻦ ﺳﻤﻴﺖ ﺍﭼﻲ ﺧﺪﺍ ﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺭﻫﻴﻮ. ﺟڏﻫﻦ
    ﭘﻮﺀِ ﻋﺒﺪﺍﻟﻨﺒﻲ ﭜﭵﻲ ﻭﭸﻲ ﻣﺪﺩ ﺧﺎﻥ ﮐﻲ ﻭﭠﻲ ﺁﻳﻮ، ﺍﻫﻮ ﺳﺮﺩﺍﺭ
    ﺧﺪﺍ ﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺁﻳﻮ ۽ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﻇﻠﻢ ڪﺮﮠ ۽ ﺁﺳﭙﺎﺱ ﺟﺎ ﻣﻠڪ ﭰﺮﮠ
    ﻟﮙﻮ، ﺗڏﻫﻦ ﻣﻴﺮ ﻋﺒﺪﺍﻟﻠﻪ، ﺟﻮ ﻋﻤﺮڪﻮٽ ۾ ﻫﻮ، ﺳﻮ ﻟﺸڪﺮ ﻭﭠﻲ ﻣﺪﺩ
    ﺧﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﻭڙﻫﮡ ﺁﻳﻮ. ﻣﺪﺩ ﺧﺎﻥ ﻧڪﺮﻱ ﻣﻴﺮ ﺟﻲ ﻣﻨﺰﻝ ﮔﺎﻩ ﻭٽ ﻭﻳﻮ
    ۽ ﭘﻮﺀِ ﻋﺒﺪﺍﻟﻨﺒﻲﺀَ ﺟﻲ ﺣﺮڪﺖ ﻣﻌﻠﻮﻡ ڪﺮﻱ ﻣﻮٽﻲ ﻫﻠﻴﻮ ﻭﻳﻮ .
    ﻣﻴﺎﻥ ﻋﺒﺪﺍﻟﻨﺒﻲ ﭘﺸﻴﻤﺎﻥ ﭤﻲ ﻣﻴﺮ ﻭٽ ﺍﭼﻲ ﭘﻴﺶ ﭘﻴﻮ ۽ ﺍﮘﺘﻲ ﻻﺀِ
    ﻗﺴﻢ ﮐﻨﻴﺎﺋﻴﻦ، ﺗﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﻣﻴﺮ ﮐﻴﺲ ﺧﺪﺍ ﺁﺑﺎﺩ ۾ ﻭﺭﻱ ﺑﻪ ﮔﺎﺩﻱﺀَ ﺗﻲ
    ﻭﻫﺎﺭﻳﻮ . ﺳﻨﻪ 1201ﻫﻪ ‏( 1786 ﻉ ‏) ۾ ﻋﺒﺪﺍﻟﻨﺒﻲ ﭜﭵﻲ ﻗﻼﺕ ﺟﻲ
    ﺧﺎﻥ ﮐﺎﻥ ﻣﺪﺩ ﻭﭠﻲ ﺧﺪﺍ ﺁﺑﺎﺩ ﺗﻲ ڪﺎﻫﻲ ﺁﻳﻮ، ﻣﻴﺮ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻥ
    ﺗڏﻫﻦ ﻭﻧﮓ ﺟﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﻭﻳﻞ ﻫﻮ، ﭘﺮ ﻋﺒﺪﺍﻟﻨﺒﻲ ﻧﺎﺍﻣﻴﺪ ﭤﻲ ﺳﻴﻮﻫﮡ
    ﺟﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﻫﻠﻴﻮ ﻭﻳﻮ . ﺳﻨﻪ 1197ﻫﻪ ‏(ﺳﻨﻪ 1783 ﻉ ‏) ۾ ﻣﻴﺮ ﻓﺘﺢ
    ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻥ، ﺗﻴﻤﻮﺭ ﺷﺎﻩ ﺑﺎﺩﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ڏﺳﮡ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﭘڪﻮ
    ﺣﺎڪﻢ ﭤﻲ ﺁﻳﻮ ۽ ﺧﺪﺍ ﺁﺑﺎﺩ ﮀڏﻱ ﺷﺎﻫﭙﻮﺭ ﺟﻮ ﻧﺌﻮﻥ ﺷﻬﺮ ﭔﮅﻱ
    ﺍﻧﻬﻲﺀَ ۾ ﺍﭼﻲ ﺭﻫﻴﻮ. ﺳﻨﻪ 1202ﻫﻪ ‏(ﺳﻨﻪ 1787 ﻉ ‏) ۾ ﺍﺗﺎﻥ ﻧڪﺮﻱ
    ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺍﭼﻲ ﺗﺨﺖ ﮔﺎﻫﻪ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ﭘﻮﺀِ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ
    ﺳﻴﻨﮕﺎﺭﮠ ﻟﮙﻮ. ﺳﻨﻪ 1217 ﻫﻪ ‏( ﺳﻨﻪ 1802 ﻉ ‏) ۾ ﻣﻴﺮ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻥ
    ﻭﻓﺎﺕ ڪﺌﻲ ۽ ﺳﻨﺪﺱ ﻻﺵ ﺧﺪﺍ ﺁﺑﺎﺩ ۾ ﮐﮣﻲ ﻭﭸﻲ ﺩﻓﻦ ڪﻴﺎﺋﻮﻥ،
    ﺟﻮ ﺳﻨﺪﺱ ﻭڏﺍ ﺍﺗﻲ ﺩﻓﻦ ڪﻴﻞ ﻫﺌﺎ. ﻣﻴﺮ ڪﺮﻡ ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻥ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ
    ﻣﻴﺮ ﻫﻮ، ﺟﻮ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺭﮐﻴﻮ ﻭﻳﻮ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﮐﺎﻥ ﺍﮘﻲ ﻣﻴﺮﻥ ﮐﻲ
    ﺧﺪﺍﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺭﮐﻨﺪﺍ ﺁﻳﺎ. ﻣﻴﺮ ڪﺮﻡ ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻥ ﺳﻨﻪ 1244ﻫﻪ ‏( ﺳﻨﻪ
    1828 ﻉ‏) ۾ ﻭﻓﺎﺕ ڪﺌﻲ.
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو