اونون : رضا ٻٻر

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 سيپٽمبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪهاڻي
    اونون
    رضا ٻٻر


    سندس ڇٺيء جو نالو هو ڪوڙل جيڪو هن جي پيءُ پنهنجي مرحوم پيءُ جي نالي پُٺيان رکيو هو، پر اعلى تعليم ۽ سرڪاري نوڪري وٺڻ کانپوءِ هو ادبي طوء ر تي ڪافي سرگرم هو ، هو پاڻ کي لطيف جو پارکو به سڏائيندو هو . ان ڪري دوستن جي صلاح ۽ پنهنجي خواهش تي هن پنهنجو تخلص رکيو سارنگ ۽ لطيف جي پارکو واري ڇاپ لاءِ اڳيان لطيفي لڳائي ڇڏيائين . ڪوڙل عرف سارنگ لطيفي نوڪريء جي سلسلي ۽ پنهنجي ٻارن جي بهتر مستقبل کي نظر ۾ رکندي پنهنجو اباڻون ڳوٺ ڇڏي شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. شروعات ۾ مسواڙ تي هڪ گھر ۾ شهر جي ان علائقي ۾ رهندو هو جتي سنڌين جي اڪثريت هئي ۽ هن جي آسپاس ڪافي اديب ۽ دانشور توڙي سياسي، سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن جا گھر هئا، ڪجهه سالن جي مسلسل جدوجهد ۽ محنت سان هن پنهنجو هڪ عدد بنگلو ورتو جنهن جي وڏي دروازي تي چٽن اکرن ۾ ڪينجھر لاج لکرائي ڇڏيائين. ڪينجھر سندس وڏي نياڻيء جو نالو هو . ڪوڙل عرف سارنگ لطيفي ڳوٺ ڇڏي جڏهن شهر آيو ته هن جي رهڻ ۽ اٿڻ ويهڻ جو رنگ ڍنگ ئي بدلجي ويو، پر هن ڪڏهن به سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي پنهنجو قلم خاموش نه ڪيو، ڪالا باغ ڊيم هجي يا ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي، ٿل ڪئنال يا ڌاري آبادڪاري ، سنڌو دريا ۾ پاڻيء جي کوٽ يا وري مالياتي ايوارڊ ۾ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتي هو نه صرف انهن مسئلن تي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ پُرمغز مضمون لکندو هو پر انهن مسئلن تي ٿيندڙ احتجاجن ۽ پروگرامن ۾ به ڀرپور حصو وٺندو هو . اڪثر پروگرام ته ٿيندا ئي سندس سربراهي ۽ اڳواڻيء ۾ هئا. جنهن ڪري سندس ناما چار ڏينهون ڏينهن ويو وڌندو . سارنگ لطيفي ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڪتاب به ڇپايا جن مان ڪجھه سهيڙيل هئا ۽ ڪجھه هن پاڻ لکيا هئا. ڪوڙل عرف سارنگ لطيفي جو هيمشه اهو زور هوندو هو ته سنڌيء کي جيستائين قومي ٻوليء جو درجو نه ملندو تيستائين ٻولي واڌ ويجھه نه ڪري سگھندي ان لاءِ هو هميشه ٻوليء بابت ٿيندڙ احتجاجن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪري وڏا وڏا مقالا پڙهندو هو. ڪوڙل عرف سارنگ لطيفي پنهنجي ادبي ۽ سياسي سرگرمين سبب پنهنجي نوڪريء کي گھٽ وقت ڏئي سگھندو هو ان ڪري پنهنجي دفتر هفتي ۾ هڪ ڀيرو ويندو هو حاضري ڀرڻ! باقي سمورو وقت ادبي، سياسي ۽ سماجي ڪمن کي ڏيندو هو . شهر ۾ رهڻ ڪري ائين پنهنجي اوچي رتبي لاءِ هن پنهنجي ٻارن کي هڪ وڏي انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو جنهن جي فيس به ڳري هئي. پر سارنگ جي مطابق ته کيس پئسي جي ڪا به پرواه نه آهي بس ٻارن جي مسقبل جو فڪر آهي. هڪ ڏينهن منهنجي فون جي گھنٽي وڳي پئي اسڪرين تي نظر وڌم ته ڪوڙل المعروف سارنگ لطيفي جو نالو هو فون کنيم ته پريان سارنگ لطيفي جو آواز آيو "سائين حق موجود" ، "سدا موجود" مون وراڻيو، "سائين هڪ عرض آهي ته مون کي پنهنجي ٻارن کي گھر ۾ ٽيوشن پڙهائڻ وارو ڪو ماڻهو کپي" سارنگ چيو، "سائين مان ڪوشش ڪيان ٿو پر ڪهڙي مضمون جي لاءِ؟ " مون سوال ڪيو، "سائين سنڌي جي مضمون لاءِ." هن هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو. "پر سائين اوهان جي ٻارن کي سنڌي جي ٽيوشن جي ڪهڙي ضرورت ؟" مون هڪ ٻيو سوال ڪيو. "سائين اصل مسئلو اهو آهي ته منهنجا ٻار شهر جي سڀ کان وڏي ۽ مهانگي انگريزي اسڪول ۾ تعليم پرائين ٿا، پر انهن کي سنڌي نه ٿي اچي، هاڻي اوهان کي ته خبر آهي ته اسان کي پنهنجي ٻوليء جو ڪيڏو اونو آهي سو ان لاءِ سوچيان ٿو ته ٻارن کي گھر ۾ ڪو اهڙو استاد رکي ڏيان جيڪو انهن کي سنڌي پڙهائي، اوهان پئسن جي پرواه نه ڪيو جيترا پئسا استاد گھرندو ملندا . " سارنگ لطيفي هڪ ساهي ۾ پنهنجو موقف بيان ڪري ويو ۽ آءُ فون بند ڪري سڪتي ۾ اچي ويس ۽ سوچڻ لڳس ته ڇا اسان کي واقعي ٻوليء جو اونو آهي؟
     
    عبيد ٿھيم ۽ شبير ساگر هيء پسند ڪيو آهي
  2. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    افساني ٽائيپ هي ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ مون کي الاهي ڇو ڄامشورو ياد اچي ويو، لڳي ٿو هي ڪهاڻي نه هڪ حقيقت آهي.
     
  3. رضا ٻٻر

    رضا ٻٻر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    سماج سُڌارڪ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    ڪهاڻي ۽ افسانو ساڳي شيء آهي ڪهاڻي کي اردو ۾ افسانو چيو ويندو آهي.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو