1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

بدر ابڙي جو انٽرويو

'انٽرويو' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,744
    ورتل پسنديدگيون:
    5,800
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بدر ابڙو-تعارف
    ابڙو بدر:
    برک ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جي فرزند ۽ علامه علي خان ابڙي جي پوٽي نامياري ليکڪ، صحافي، لغت نويس ۽ محقق -بدر-ابڙي جي پئدائش 19 ڊسمبر 1953 تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي. شروعاتي -تعليم- لاڙڪاڻي، خيرپور، ٽنڊي الهيار ۽ سجاول مان ورتائين. مئٽرڪ ماڊل اسڪول حيدرآباد مان 1969ع ۾ ڪيائين ۽ انٽر کان پوءِ ڪراچيءَ مان بي ڪام جي ڊگري حاصل ڪيائين. ادبي گهراڻي سان تعلق سبب 1973ع کان مختصر ڪهاڻيون لکڻ سان آغاز ڪندي، سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي گڏجاڻين ۾ دلچسپي سان شريڪ ٿيندو رهيو. -ان- دور ۾ -انور- پيرزادو، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمان نقاش، مشتاق باگاڻي، بيدل مسرور، هدايت -بلوچ- ۽ ٻيا دوست سنگت ۾ سرگرم هئا، -تاج- بلوچ، شمشير الحيدري، -بدر قريشي- ۽ -تاجل بيوس- سندس سينيئر ساٿي هئا.
    1980ع ۾ ضياءَالحق جي مارشل لا واري عرصي ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ خلاف ڪارروائيءَ ٿي ته -بدر- ابڙو پنهنجي دوستن پروفيسر جمال نقوي، ڪامريڊ امر لال، سهيل سانگيءَ، شبير شر ۽ ڪمال وارثيءَ سميت گرفتار ڪيو ويو.ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دوستن تي خاص فوجي عدالت ۾ ڪيس هليو، جيڪو ”ڄام ساقي ڪيس“ جي نالي سان مشهور ٿيو، -ان- ڪيس ۾ ملڪ جا اهم -ترين- سياستدان محترمه بينظير ڀٽو، خان ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، مولانا شاهه محمد امروٽي ۽ ٻيا کوڙ صاحب بچاءَ جي شاهدن طور پيش ٿيا. -بدر- ابڙو چئن سالن تائين جيل ۾ رهيو. کيس -ايمنسٽي انٽرنيشنل- پاران ’ضمير جو قيدي‘ قرار ڏنو ويو. -ان- بعد هن صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. 1985ع کان هلال -پاڪستان- ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، 1990ع ۾ روزاني ”پڪار“ سکر جو -ايڊيٽر- ٿيو. بعد ۾ ”پڪار“ ڪراچيءَ مان ڇپجڻ لڳي ته اتي به سندس -ايڊيٽر- هو. 1993ع ۾ هن ادبي، سياسي ۽ سماجي مخزن ”روح رهاڻ“ -جاري- ڪئي، جنهن جا نوَ (9) پرچا اچي سگهيا. 1997ع ۾ پاڻ ”برسات“ جو -ايڊيٽر- مقرر ٿيو. هن وقت تائين -بدر- ابڙي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، -جن- ۾ ”تنقيد نگاري“ (1985ع)، ”رني ڪوٽ“ (1989)، ”هنگلاج ۽ لاهوت“ (تحقيق: 1992ع ۾)، ”رياست جهنگل جي آکاڻي“ (ڪهاڻيون: 1992)، ”جيل جي ڊائري“ (1994)، ”سنڌوءَ جو سفر“ (1994)، ڀڳوانن جي ڀونءِ (نيپال جو سفر نامو) 1996، ”رني ڪوٽ“ (اردوءَ ۾: 1997ع)، ”ماڻهو“ (1998)، ”سنڌ جو شاهه“ (2000ع) شامل آهن. -ان- کان علاوه سندس تحقيقي سفرناما به ڇپائيءَ هيٺ آهن، -جن- ۾ ”کيرٿر جو سفر“ جا پنج جلد، ”ڪوهستان جو سفر“، ”سنڌ ۾ پٿرن تي قديم نقاشي“، ”منڇر گاج دنيا“ ”ڪُتي جي قبر ڏانهن“ ۽ ”سيوهڻ جي تاريخ“ شامل آهن. -ان- کان سواءِ هن موضوع وار -انسائيڪلوپيڊيا- لاءِ به اهم معلومات تي مبني ڪتاب تيار ڪيا آهن، -جن- مان تازو ”سنڌ جي جهنگلي جيوت“ بابت ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي طرفان (2009ع) ۾شايع ٿيو آهي، -ان- کان سواءِ هن اداري پاران ڇپجندڙ -انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا- جي عنوان سان تيار ٿيندڙ -انسائيڪلوپيڊيا- جي پهرئين جلد جي تياريءَ ۾ به سندس اهم ڪردار آهي. جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ”خواب ۽ خيال“ (شاعري) ۽ صوفياڻي فلسفي تي ٻڌل تحريرن جو مجموعو ”پيهي جان پاڻ ۾“ شامل آهن. -بدر- ابڙي مختلف اخبارن ۾ ڪيترائي سلسليوار ڪالم، -ايڊيٽوريل- ۽ مضمون به لکيا، -جن- ۾ ”هيءَ سين“ جي سري هيٺ هلال -پاڪستان- ۾ ”زندگي جدوجهد، اڻٿڪ سفر“ (هلال پاڪستان). ”سنڌ باد“ (هلال پاڪستان) ”وتايو فقير سوچي ٿو“، (برسات)، ”آئينو“. (سنڌ، ڪاوش ۽ خبرون اخبارن ۾). دلچسپي جي ڳالهه ته هن هڪ درجن کن فرضي نالن سان پڻ ڪالم لکيا، -جن- ۾ ڪڏهن ”شهباز لطيف“ ڪڏهن ”مترش“، ”احسان الله“، ”بشير عباسي“، ”آديسي“، ”تمر لاهوتي“ ۽ ’سنڌ باد‘ جهڙا نالا استعمال ڪيا. کيس مڃتا طور APNS اوارڊ 1987ع ۾ مليو. آرٽس ڪائونسل مان مجسمي سازيءَ جو ڪورس ڪيائين جنهن سال هن کي سڄي ڪراچيءَ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ٿي. 1986ع ۾ -بدر- ابڙي شاهه لطيف جو خيالي مجسمو پڻ ٺاهيو. سندس زندگيءَ جو هڪ اهم پهلو مهم جوئي پڻ آهي. هن 1989ع ۾ ڪابل نديءَ کان ڪراچيءَ تائين ٻيڙين ذريعي سنڌوءَ جو سفر ڪيو ۽ لڳ ڀڳ سڄو کيرٿر ڏسڻ کان پوءِ ڪتابَ لکيائين .
    بدر ابڙي ويجهي ماضيءَ کان -آڪسفورڊ يونيورسٽي- پريس ڪراچيءَ ۾ پڻ فرض نڀايا آهن، -جتي- پروجيڪٽ -ايڊيٽر- جي حيثيت سان اهم انگلش- سنڌي ڊڪشنرين جي تياريءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو اٿس. -بدر- ابڙو -تحقيق- ۽ آرڪيالاجيءَ سان دلچسپيءَ سببِ مختلف ماڳن جا سفر ڪندو رهي ٿو. هن وقت سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.
    (سنڌيانا جي ٿورن سان)
    وسيع مطالعو رکندڙ هي شخص اڄ به مطالعي جي اڃ ۾ اڃارو آهي. سوشل ميڊيا تي مقبول و معروف ۽ سنڌ سلامت جي مئنيجنگ ايڊيٽر، منهنجي دوست سليمان وساڻ تي ڪم رکيو هُئس ته سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي رکيل ڪتاب مطالعي ۽ حوالن طور ڪم آڻڻ لاءِ گهُربل آهن. جيڪي سليمان فورن ڏيڻا ڪيا. ايئن آءُ ۽ سليمان ڪتابن جي ذخيري سميت وٽس سندس گهر پُهتاسين. بدر ابڙو جا ڪتاب پڙهي ڪجهه سوال به ذهن ۾ هُئا جيڪي اڳيان رکياسين ته سواءِ هڪ سوال جي باقي سڀني جو جواب ڏيڻ تي راضي هئا. اهو سوال منهنجي پُڇڻ کان اڳ ۾ ئي کين سُجهيو ٿي تنهنڪري ان جو جواب تفصيل سان لکي رکيو اٿن پر ان وصيت سان ته اهو سندن وڃڻ کان پوءِ منظر تي اچي. (تنهنڪري اهو سوال هتي به نه کولبو).

    سوال(حفيظ لغاري): جيتري قدر اسان اوهان کي پڙهيو آهي ته اوهان تمام گهڻو مطالعو ڪندڙ لڳو ٿا. اوهان تحقيق ڪريو ٿا ان تي لکو ٿا. سفرناما به لکو ٿا. نقشن ٺاهڻ جو ڏانؤ به اٿؤ. اوهان وٽ مطالعي جي ايڏي اسٽيمنا ڪيئن آئي؟


    بدر ابڙو: اوهان کي ايئن لڳي ٿو، نه ته آءُ ته پاڻ کي جاهل سمجهندو آهيان. مون کي ته ڪا خبر ئي ڪونهي. مون کي رُڳو اها خبر آهي ته ڪنهن موضوع تي ڪم ڪندي مون ۾ ڪنٻين موضوعن تي ڄاڻ حاصل ڪرڻ شوق پيدا ٿئي ٿو بلڪ ضرورت پوي ٿي ۽ پوءِ آءُ انهن موضوعن تي گهرائيءَ ۾ ڄاڻ حاصل شروع ڪريان ٿو.علم رُڳو ڪتابن ۾ ڪونهي هوندو. جنهن کي توهان ’مطالعو‘چئو ٿا ته اهو رُڳو ڪتابن ۾ به ڪونهي. توهان جو مطالعو فيلڊ ۾ به ٿئي ٿو. آءُ سمجهان ٿو ته جيترو مون ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، اوترو ئي مون فيلڊ ۾ به ڏٺو آهي. بلڪه مون جيڪي ڪجهه فيلڊ ۾ ڏٺو اُهو ئي لکيو ۽ ڪتابن ۾ موجود معلومات سان انهيءَ جي ڀيٽ ڪئي. ان کان پوءِ ئي مون مشاهدي آڌار ان ۾ ڪجهه واڌارو ڪيو. منهنجو مطالعو توهان کي شايد انهي ڪريٿو لڳي ته جن موضوعن تي مون لکيو آهي انهن سان منهنجوسڌو واسطو رهيو.جيئن: سنڌوءَ جو سفر يا ڪوهستان جو سفر. کيرٿر جو سفر، مون انهن سڀني موضوعنتي تڏهن لکيو جڏهن مون اهي شيون اکين سان ڏٺيون. ڇُهي ڏٺيون ته هي شيون ايئن آهن. انهيءَ ڪري اوهان کي هر شيءِ مطالعي واري لڳي ٿي نه ٻيو ڪجهه ڪونهي.

    سوال(حفيظ لغاري): اوهان پاران سنڌوءَ جو سفر، رني ڪوٽ تي ڳوڙهي تحقيق ۽ کير ٿر تي به ڪافي ڪم ڪيو ويو آهي. اهو سڀ جنون هو، عشق هو يا پروفيشن؟

    بدر ابڙو:آرڪيالاجي، تاريخ يا تحقيق ته ڪڏهن به منهنجو پروفيشن ڪونه هو، اڄ به ڪونهي. اڄ به آءُ جيڪو ڪم ڪريان ٿو يا هن کان اڳ مون جيڪو ڪم اڳ ۾ ڪيو آهي پاڻ تي پيل ذميواري سمجهي ڪيو آهي.اتفاق اهڙو آهي جو پروفيشنل ادارن انهن موضوعن تي ڪم ڪونه ڪيو هو. سو، مون پاڻ کي چونڊيو ته تون اهو ڪم ڪر!نه ته آءُ ان حوالي سان پروفيشنل ڪونه آهيان. ايئن ضرور آهي ته لکڻ پڙهڻ شيءِ کي سمجهڻ؛ اهو پنهنجو سبجيڪٽ رهيو آهي. مون ته بنيادي طرح تخليقي ادب شاعريءَ ۽ ڪهاڻي کانشروعات ڪئي. اهو سلسلو آهي 1973ع کان وٺي 1985ع تائين هليو آهي. ان وچ ۾ (1980 کان تائين 1984) جيڪو جيل کائي آيس، اهي چار سال بهتخليقي ادب ۾ گذريا. ان دوران ڪا به رسرچ وغيره ڪونه هُئي. صرف هڪڙو ڪتاب هو جيڪڏهن توهان ان کي چئو ته، منهنجو پهريون تحقيقيڪتاب آهياهو بهتنقيد نگاريءَ وارو آهي. جنهن ۾ ادبي تنقيد جو ارتقائي جائزو ورتو ويو هو.

    ته پوءِ تحقيق جو سلسلو ڪيئن شروع ٿيو؟

    جڏهن جيل کان ٻاهر آيس ته آءُ ته صحافي ٿي ويس. مون وڃي هلالِ پاڪستان جوائن ڪئي. ڇو ته مون ڏٺو ته هن مُلڪ ۾ ماڻهو هڪ دفعو جيل وڃي ٻاهر نڪري ٿو ته پوءِ ان کي ڇڏين ڪونه ٿا. هڪ نه ته ٻئي ڪيس ۾، ٻئي نه ته ٽئين ڪيس ۾ سوگهو ڪريو ڇڏين. تنهنڪري مون سوچيو يا ته آءُ وڪيل ٿي وڃان يا ته صحافي ٿي وڃان. مون کي پنهنجي روزگار جا پُراڻا وسيلا ڇڏڻا پيا. حالتن جو زور هو يا منهنجي مجبوري هُئي جو آءُ صحافت ۾ اچي ويس،منهنجو جيئندان ان ۾ هو. آءُ صحافت ۾ نه اچان ها ته هڪ نه ٻئي ڪيس ۾ مون کي ٻيهر جيل ۾ وجهن ها. صحافت ۾ مون محنت ڪئي. فيلڊ ۾ جاڏي ڪاڏي وياسون. ان دوران مون پاڻ کي صحافت ۾ شعوري طور تي سنڌ جي تاريخي ماڳن تي تحقيق ۽ تاريخ واري پاسي لاڙيو ۽ ان وسيع شعبي ۾ مون کي ڏاڍو مزو به آيو. اهڙن پنڌن ۾ توهان هر لمحي ڪو نئون مشاهدو ماڻيو ٿا ۽ توهان جو تجسس اڃا وڌندو وڃي ٿو.

    سوال(حفيظ لغاري): اوهان جو ڪتاب سنڌوءَ جو سفر ڏاڍو مقبول آهي. اوهان جڏهن اهو لکڻ شروع ڪيو هو ته ڇا اوهان کي اندازو هو ته اهو ايترو پڙهيو ويندو جو بار بار نوان ڇاپا پيا ايندا؟ جيڪي اڄ اچن پيا ٿا.

    بدر ابڙو: مون کي کڻي اهو اندازو ڪونه هو ته ان جا ڪيترا ڇاپا ايندا؟ پر اها خبر هُئي ته هن موضُوعَ تي ڪنهن ٻئي ماڻهو نه لکيو آهي، ۽ نه لکندو. مزيدار ڳالهه اها آهي ته انهن ڏينهن ۾ مون هندوستان گهمڻ جي ويزا لاءِ درخواست ڏني هئي. منهنجو ويزا لڳڻ ويو هو، اسلام آباد. انهن ئي ڏينهن ۾ اوچتو سنڌوءَ جي سفر جو موقعو ملي پيو ته مون هندوستان وارو سفر منسوخ ڪري ڇڏيو. مون کي لڳو ته هندستان گهمڻ جو موقعو وري ملي سگهي ٿو پر سنڌوءَ جي سفر جو هي منهنجو لائف ٽائم چانس آهي،سو مون کي اوڏانهن وڃڻو آهي. انهن ڏينهن آءُ هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪندو هُئس جنهن جو ايڊيٽر صاحب موڪل ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه هو. چئي ”اخباري دُنيا ۾ ايئن ته ڪونه ٿيندو آهي ته مان سُڀاڻي کان هڪ مهيني لاءِ موڪل تي ٿو وڃان“. مون کيس چيو ته ”پوءِ هيءَ منهنجي استعيفى!“مون وٽ ٻيو آپشن ڪونه هو. بهرحال،هن مون کي موڪل ايئن ڏني ته هينئر ته وڃ پوءِ ڏسون ٿا. ايئن آءُ ان سفر ۾ شامل ٿي پيس. مون کي خبر هُئي ته سنڌو نديءَ جو هي جهان ڪنهن به ڪونه ڏٺو آهي ۽ ان تي مون کي لکڻو آهي. اهڙو خيال ڪونه آيو ته هي ايڏو مقبول ٿيندو. هونئن به ڪتاب جي مقبول ٿيڻ سان (سنڌي ليکڪن کي) فائنانشل فائدو ڪڏهن مليو آهي؟ نه پاڻ کي اهڙي توقع هئي. پر سفر شروع ڪرڻ مهل اهو اندازو هو ته جڏهن به ان موضوع تي لکيو ويو، اهو ماڻهن جي دلچسپيءَ وٽان هوندو. اهو (سڌو مشاهدوو ڪري لکڻ) ضروري به آهي ۽ ماڻهن کي پڙهڻ به گهُرجي.

    رني ڪوٽ تي تحقيق جو شوق به ايئن ئي ٿيو. آءُ جڏهن رني ڪوٽ ڏسي آيس (مون پهريون دفعو رني ڪوٽ ڏٺو آهي 1985ع ۾، ۽ پوءِ 1987 ۾) ته مون کي لڳو ته مونرني ڪوٽ کي جيئن ۽ جيترو ڏٺو آهي ايترو ته ڪنهن به ڪونه ڏٺو آهي، ۽ جيڪو لکيو ويو آهي اهو ٺيڪ لکيل ناهي. مون ان مهل ئي پنهنجو پاڻ کي چيو ته هاڻي تو تي اها ذميداري پئجي وئي آهي ته تون ان کي ٺيڪ ڪري لک!ان کان پوءِ ڪيئي دفعا وڃڻ ٿيو، وري وري وڃڻ ٿيو. هر دفعي مون کي اهو ئي محسوس ٿيو ته هاڻي ذميداري تمام وڌي وئي آهي ته رني ڪوٽ بابت سڄي معلومات ۽ مشاهدو ويهي لکان.

    سوال(حفيظ لغاري): اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جيڪي به ماڻهو (خاص طور اديب) ليفٽسٽ لاڙو رکن ٿا اهي مذهبي راءِ ڏيڻ ۾ ڏاڍا سخت هوندا آهن. اوهان سدائين مذهبي نسبت جي هر ڳالهه بلڪل نرم مزاج سان ڪندا آهيو ان پُٺيان ڪهڙو راز آهي؟

    بدر ابڙو: جيڪڏهن آءُ پنهنجن خيالن ۾ ايڪسٽريمسٽ ٿي وڃان ته ان سان ڪهڙو فرق پوندو؟جيڪڏهن آءُ ملائيت جي خلاف آهيان ۽ مان هنن کي اهو چئي غلط سمجهان ٿو ته ’اوهان پنهنجي هر ڳالهه تي لٺ کڻي بيهه ٿا رهو!‘اهڙي ئي نموني سان جيڪڏهن توهان مارڪسزم جي حوالي سان دليل کڻي اچو ۽ لٺ کڻي بيهه رهو ته پوءِ مون ۾ ۽ مُلان ۾ فرق ڪهڙو رهيو؟ ان ڪري آءُ ان شيءِ جو هميشه قائل رهيو آهيان ته ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه جي پُٺيان فُل اسٽاپ نه هڻو. ان کي توهان ڪاما ڏيئي ڇڏيو. ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي ڪا نئين ٿيوري سامهون اچي. اڳتي سوچ ۾ ڪا تبديلي اچي ته ماڻهو پاڻ کي درست ڪري سگهي.انسان جي ذهن ۾ هميشه ايتري لچڪ هُئڻ کپي جو جيڪڏهن سوچ ۾ تصحيح جي گنجائش نڪري ته ان کي ٺيڪ ڪري سگهجي. توهان پنهنجيڏهه سال اڳ واري سوچ ڏانهن ڏسو. وري ان کان ڏهه سال اڳ واريسوچ ڏانهن ڏسو،وري ان کان ڏهه سال اڳ واري سوچ ياد ڪيو. توهان کي هر مرحلي تي محسوس ٿيندو ته توهان جي سوچ ۾ ٿوري گهڻي تبديلي آئي آهي ۽ توهان هر ڀيري سمجهندا ته مان هِن ڀيري ٺيڪ آهيان،اڳي مان غلط هُيس. هيءَ رُڳو اسان جي ڳالهه ڪونهي خود سويت يونين وارا برزنيف تائين ڪٿي بيٺا هُئا ۽ پوءِ ڪاڏي هليا ويا. ٻيا به ڪيترا سوشلسٽ ملڪ هُئا ڪيئن سوچيندا رهيا ۽ ڪاڏي هليا ويا.

    آءُ ايئن ڪونه ٿو چوان ته هو غلط هُئا يا ڪلهه غلط هُيا يا اڄ غلط آهن. ڪلهه پنهنجي جاءِ تي درست هُيا اڄ پنهنجي جاءِ تي درست آهن. سڀاڻي پنهنجي جاءِ تي درست هوندا. ڪلهه جو سچ ڪلهه سان، اڄ جو سچ اڄ سان، سڀاڻي جو سچ سُڀاڻي سان آهي. اها لچڪ جيڪڏهن ماڻهوءَ ۾ آهي ته اُها پاڻ کي فائدو ئي ڏي ٿي. مان سمجهان ٿو ته مون ۾ اها لچڪ گهر جي ماحول جي ڪري هُئي يا اندر ۾ ڪا ڳالهه هُئي جو مان ڪڏهن به سخت گير نه رهيو آهيان. اهو ئي سبب آهي ته آءُ ڏاڍي سولائيءَ سان مختلف شين کي correlate ڪري وڃان ٿو ته ڀائي هي شيءِ هتي بيٺي آهي ۽ هو شيءِ هُتي بيٺي آهي. مثال طور ڪو چوي ٿو آدم ’تخليق‘ آهي ۽ ڪو ٻيو چوي ٿو ته نه هيءَ’ارتقا‘ آهي. هي ٻه متضاد دعوائون آهن. ان صورت ۾توهان وٽ ڪا گنجائش ئي نه ٿي بچي جڏهن توهان عقيدي ۽ سائنس کي آمهون سامهون بيهاريو ٿا. ظاهر آهي ته توهان کي هڪ وڏي وِٿي نظر اچي ٿي. مون کي ڪتاب ”ماڻهو“ لکندي محسوس ٿيو ته انسان جيارتقا جي ڪهاڻي ته ڪجهه ٻيو پئي چوي پر مختلف مذهب ۽ ڏندڪٿائون چون پيون تهآدم ته تخليق ٿيو آهي. توهان کي نيٺ ڪنهن نقطي تي اچي بيهڻو پوندو.پر جيڪڏهن توهان ۾ لچڪ آهي تڏهن ئي اوهان ان نقطي تي پُهچي سگهندؤ ته نيٺ هي سڀ ٿيو ڪيئن؟ هاڻي ته سائنٽسٽ به اچي ان ڳالهه تي بيٺا آهن ته ارتقا ۾هڪڙي پوائنٽ آهي جتان کان اڳتي انسان کي آدم چيو وڃي ٿو. اهي متضاد ڳالهيون به تڏهن ويجهيون ٿيون، جڏهن لچڪ هُئي.

    سوال(حفيظ لغاري): اسان سنڌي قوم طور هميشه ان فخر ۾ هوندا آهيون ته اسان عظيم ۽ قديم قوم آهيون ۽ دنيا ۾ هينئر جيڪا به چڱي شيءِ آهي ان جي اوريجن پاڻ ڏانهن منسوب ڪندا آهيون. ته ڇا ايئن آهي؟ جيڪڏهن آهي ته پوءِ اسان اهي فضيلتون ڪٿي وڃائي ويٺاسين؟

    بدر ابڙو: توهان هي تمام عجيب سوال ڪيو آهي. ترسو! هڪ ڀيرو ٻيهر سوچيو. اها وڏي غلط فهمي ٿي سگهي ٿي ته اسان نسلي طور اُهي ساڳيا موهن جي دڙي وارا آهيون. آءُ سمجهان ٿو ته اسان اها هڪ وڏي ۽ اُٻهري اسٽيٽمينٽ ڏيون ٿا. اسان ته شايد اُهي هجون ئي نه!جيڪڏهن اها راءِ درست سمجهي وڃي ته ’موهن جي دڙي وارا ماڻهو دراوڙ هُئا‘ ۽ موهن جي دڙي واري ٻوليءَ جو بڻ بنياد دراوڙي آهي ته پوءِ پهرين اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ڇا اسان دراوڙ آهيون؟ اسان جا مهانڊا ٻڌائين ٿا ته اسان دراوڙ ته آهيون ئي ڪونه!جيڪڏهن مان چوان ته هي گلاس آهي (گلاس هٿ ۾ کڻندي) ته هن ۾ گلاس جا فيچر ته هُجڻ کپن نه! پر جيڪڏهن هن جي شڪل ٻي هُجي ۽ هن جو استعمال ڪو ٻيو هجي ته هن کي آءُ گلاس ڪيئن چوندس؟ايئن ئي دراوڙ (نسل جي ماڻهن) جا هڪڙا خاص نقش ۽ جسماني فيچر آهن. جيئن آفريقي نسل آهي ان جا فيچرز مختلف آهن. يامنگول نسل وارا آهن ته منگولن جا پنهنجا فيچرز هوندا آهن. جڏهن توهان چئو ٿا ته اسان موهن جي دڙي وارا دراوڙ آهيون ته پوءِ اسان ۾ دراوڙن جا فيچرز به هجڻکپن. اُهي ته آهن ئي ڪونه!توهان ڪتاب کولي ڏسو ته ڊريوڊين فيچر ڪهڙا آهن ۽ پوءِ انهن کي پنهنجي فيچرس کي ڀيٽي ڏسو، ڇا اهي ساڳيا آهن؟ ڪتابن ۾ لکيل آهي ته دراوڙن جا مهانڊا ويڪرا ۽ ٿلها ٿين ٿاجيئن ڏکڻ هندستان جي ماڻهن جا نقش آهن. سنڌ ۾ هن وقت اهڙا نقش ڪن ٿورڙن ماڻهن جا آهن، وڏي اڪثريت جا نقش تکا آهن. سو، اسان اُهي (دراوڙ) آهيون ئي ڪونه.

    ته پوءِ هاڻوڪا ماڻهو ڪهڙي نسل جا آهن؟

    واقعي! هاڻي سوال آهي ته اسان ڪير آهيون؟ اسان جي جسم تي موجود هي گهاٽا وار ٻُڌائين ٿا ته اسان جا وڏا جبلن تي رهندا هُئا،ٿڌي علائقي جا ماڻهو هُئا. جڏهن ٿڌي علائقي جا ماڻهو جبلن تان لٿا آهن ته اُهي ايشيا ۾ به پکڙيا آهن ته يورپ ڏانهن به ويا آهن. ان کي ڪاڪيشين نسل چئبو آهي،معنى ڪوهه قاف جا ماڻهو. آريا ۽ سامي نسل وارا ساڳيا ماڻهو آهن. هاڻي سوال اهو آهي ته ڪوهه قاف جا ماڻهو ڪير آهن ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون قومون ۽ برادريون انهن ۾ شامل آهن؟ هتي اچي ڳالهه ٿوري مُنجهي پوي ٿي پر ايتري گهڻي مُنجهيل به ڪونهي. اهو ايڏو منجهيل سُٽ به ڪونهي. سٿيا ڪير هُئا؟باختري ڪير هُئا؟ تُرڪ ڪير هُئا۽گُرجر ڪير هُئا؟۽ پوءِ هو ايراني ۽ يوناني ڪير هئا؟ اهي سڀ ويڙهاڪ برادريون لڳ ڀڳ ان ڪوهه قاف واري سلسلي جونآهن ۽ اهي سڀ ماڻهو ساڳئيرستي کان يعني افغانستان کان ٿيندا، خيبر لڪ، بولان ۽ مُولا لڪ کان ٿيندا سنڌو ۽ گنگا ماٿرين ۾ ايندا رهيا ۽ زماني کان ايندا رهيا آهن. شروع ۾ جڏهن آيا ته انهن کي توهان ڪهڙو به نالو ڏيو، کڻي چئو ته اهي آريا هُئا يا کڻي چئو ته آريا نه هُئا سينٽرل ايشين هُئا. کڻي توهان ايئن به چئو ته هو پٺاڻ هُئا. کڻي چئو ته اُهي افعان هُئا. کڻي توهان چئو ته اهي مغل، تُرڪ، ارغون ترخان هُئا. جيڪو وڻيوَ سو چئو،آيا ته اتان کان نه؟ جيڪي اڳي آيا اهي هڪڙي نالي سان ۽ هڪڙي مذهب سان آيا جيڪي پوءِ آيا اهي ٻئي نالي ۽ ٻئي مذهب سان آيا. هاڻوڪي سنڌ جا اڪثر ماڻهو انهن جو اولاد آهن. ۽ اهو نسل ويڙهاڪ آهي. اهو چوڻ ته سنڌي ماڻهو Warrior ناهي ته اها اسٽيٽمينٽ غلط آهي. هي سڀ ڪير هُئا جن جا مون نالا کنيا؟ سڀئي برادريون تُرڪن کان وٺي سٿيا ۽ ساساني ۽ پارٿيا، هُڻ، باختري، يوناني، ايراني. اهي سڀ Warrior نه هئا ڇا؟ انهنهتي حڪومتون ڪيون ۽ اهي سڀ پاڻ ۾ مڪس ٿي ويا آهن. سو، اهي سڀئي ويڙهاڪ نسل آهن ۽ اهي پاڻ ۾ هتي به وڙهندا رهيا آهن، شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين وڙهندا رهيا آهن. گجرات ۾ به هي ويٺا آهن، ڪاٺياواڙ ۾ به هي ويٺا آهن سنڌ ۾ به اهي ئي ويٺا آهن، پنجاب ۾ به اهي ئي ويٺا آهن. بلوچستان ۾ به اهي ويٺا آهن، سرحد ۾ به اهي ئي ويٺا آهن. هاڻي توهان هنن کي هڪٻئي کان ڪيئن جدا ڪندؤ؟سڀ ساڳيا آهن. ها ڪو اڳ آيو، ڪو پوءِ، ڪنهن جي ٻولي ڪهڙي هئي ته ڪنهن جي ڪهڙي.

    سوال (حفيظ لغاري): جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ موجوده سنڌ جي سرحدن ۾ ئي سنڌي ڳالهائيندڙ ڇو آهن؟ چئني صوبن جي الڳ ٻوليءَ کي ڪٿي ٿا رکو؟

    بدر ابڙو: هاڻوڪي سنڌي ٻوليءَ کي هند يورپي ٻولين ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. جيئن مون اڳ چيو هاڻوڪي سنڌ بلڪ گنگا ماٿريءَ ۾ ڪاڪيشيائي سامي نسل رهي ٿو، انڪري سنڌو گنگا ماٿرين ۾ ڳالهائجندڙ ٻوليون هند ـ يورپي آهن. ماضيءَ ۾ گهڻو پوئتي وڃبو ته ممڪن آهي هتي فقط دراوڙي ٻولي هلندي هئي. هاڻوڪي سنڌيءَ ۾ جيڪا پالي آميزش آهي، منهنجي خيال ۾ اها ماضيءَ ۾ هتان جي ٻڌ مت واري مذهبي ٻوليءَ سبب آهي. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ ٻڌ مت جو وڏو مرڪز رهي آهي ۽ هتي مسلمانن جي آمد کان اڳ برهمي گپتا لپي رائج هئي. سنڌ ۾ عربن ۽ سومرن جي وقت ۾ بلڪ سمن جي دور تائين عربي سرڪاري طرح حاوي ٻولي هئي، ارغون ترخان ۽ مغل دور کان ٽالپرن تائين فارسي سرڪاري ٻولي هئي، انڪري اسان وٽ قديم سنڌي لفظن جي ذخيري سان گڏو گڏ انهن ٻولين جا لفظ به وڏي تعداد ۾ موجود آهن. هر جاگرافيائي خطو پنهنجي خاص سياسي سماجي پس منظر ۾ خاص شڪل وٺندو آهي، ٻولي به ان جو حصو ٿئي ٿي. انڪري، سنڌ، پنجاب، گجرات ۽ ڪشمير جون ٻوليون پنهنجي پنهنجي سياسي ۽ سماجي حالتن ۾ اڀريون آهن، ۽ گهڻي قدر هڪجهڙيون آهن. جيستائين سنڌي ٻوليءَ جو تعلق آهي، هاڻوڪي فنڪشنل سنڌي تڏهوڪي (اسلام کان اڳ واري) فنڪشنل سنڌيءَ کان گهڻي مختلف آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هاڻوڪي خاص شڪل، لفظن جو ذخيرو ۽ گرامر ايئن ڇو آهي؟ اها ته تاريخ ۾ هڪ وڏي ٽٻي هڻڻ جي ڳالهه آهي.


    سوال (سليمان وساڻ) : موهن جي دڙي واري وقت ۾ ان تهذيب جا ماڻهو ٻين جاين تي نه هُئا ڇا؟ يا سنڌ رڳو موهن جي دڙيتائين هُئي ڇا؟

    بدر ابڙو: هن مهل تائين سنڌ تهذيب جا هڪ هزار کان مٿي ماڳ مليا آهن جيڪي سنڌ پنجاب پختون خواه ۽ بلوچستان ۽ افغانستان سميت راجستان، گجرات، هريانا، اتر پرديش، مهاراشٽر، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پکڙيل آهن. يعني ان جي پکيڙ سنڌو گنگا ماٿرين کان ٻاهر به هئي. انڪري ايئن ڪيئن چئبو ته موهن جي دڙي واري تهذيب فقط موهن جي دڙي تائين محدود هئي. اها تهذيب پکڙيل هئي بلڪ پکڙبي ۽ ترقي ڪندي وئي، ختم ڪونه ٿي. اسان جڏهن فقط سنڌو تهذيب جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اسان هڪ خاص زمان ۽ مڪان ۾ تهذيبي صورتحال جي ڳالهه ڪريون ٿا. وقت سان تبديلي اچي ٿي، اهو اٽل قانون آهي. سنڌو تهذيب جا ماڻهو به نين حالتن موجب نسل در نسل هلندا ۽ نئين ماحول ۾ ضم ٿيندا ويا. اڄ به اسان جي ريتن رسمن ۽ ڏندڪٿائن ۾ ڪي اهڙيون شيون آهن جيڪي موهن جي دڙي واري تهذيب ۾ به موجود هيون.


    سوال(حفيظ لغاري): شيون قديم هونديون آهن ۽ شين جي قديم هُجڻ جا وڏا پُختا دعوى ڪيا ويندا آهن جيئن موهن جي دڙي جي باري ۾ 5000 سال يا هاڻي ته تازي تحقيق موجب 7000 سال قديم هجڻ جي ڳالهه هلي پئي. توهان به ائين شيون ڄاڻايون آهن جيئن ٺٽي ۾ جهمپير لڳ ڪنهن ٽڪريءَ تي لکين سال اڳ آبادي هجڻ جي ڳالهه آهي. ان شيءِ جي اندازي لاءِ ڪو ماپو هوندو ڇا اوهان اهڙي نموني ٻُڌائي سگهو ٿا جيئن عام ماڻهو به سمجهي ته شيون ڪيتريون قديم آهن ان جي خبر ڪيئن پئي.؟

    بدر ابڙو: ان جو جواب ڏاڍو سولو آهي. مثال طور مون کي ڪنهن دڙي مان لوهه جو ٽڪرو ملي ٿو ته مون کي سوچڻو پوندو ته ڇا لوهه 5000 سال اڳي موجود هو؟ لوهه ڪڏهن دريافت ٿيو؟ لوهه پگهارڻ ۽ ان کي خاص شڪل ڏيڻ جي ٽيڪنالاجي اسان وٽ ڪڏهن آئي؟ جيڪڏهن لوهه جي دريافت1000 قبل مسيح۾ ٿي آهي ته پوءِ يقيناً اهو دڙو1100 سال قبل مسيح جو نه آهي. ڪنهن جاءِ تان لڌل شيون پاڻ ٻُڌائين ٿيون ته اهي ڪهڙي دور جو ٿي سگهن ٿيون. مثال طور تازو ’موهن جو دڙو‘ تي هڪ فِڪشن فلم آئي آهي. ان ۾ ٽاهه کاڌل گهوڙا ڏيکاريا ويا آهن جن کي موهن جي دڙي جو هيرو ڪمال مهارت سان قابو ۾ آڻي ٿو. مان سوچيان ٿو ته ڇا موهن جي دڙيوارن گهوڙو ڏٺو هوندو؟ منهنجي خيال ۾ ته ايئن ڪونه هو. مون کي موهن جي دڙي جي ڪنهن به مهر تي گهوڙو نظر نه آيو آهي. جيڪڏهن هُجي ها ته هُنن کي ڇاپڻ ۾ ڇا هو؟ تڏهن آءُ سمجهان ٿو ته موهن جي دڙي واري وقت ۾ سنڌ ۾ گهوڙو هئو ئي ڪونه. اهو جانورڪجهه صديون پوءِ آيو جڏهن سينٽرل ايشيائي ماڻهو گهوڙن تي چڙهي هن ماٿريءَ ۾ آيا.اهڙي نموني هر وستوءَ جي پنهنجي تاريخ آهي جنهن سان خبر پئي ٿي.

    ٻيو ته توهان وٽ مختلف وستوئن جي ڪاربان ڊيٽنگ يا ٻئي نموني جي لئبارٽري ٽيسٽ ذريعي تاريخ معلوم ٿيل آهي. جنهن سان خبر پئي ٿي ته ڪا خاص قسم جي ٺِڪري ڪيترا سال پراڻي آهي. ان ٺڪريءَ جو خاص رنگ يا ٽيڪسچر يا شڪل آهي. ان تي خاص قسم جي ڊزائن ٿيل آهي. مختلف دورن جي دڙن مان مختلف قسم ۽ وصفن واريون ٺڪريون ملن ٿيون. اهي ليبارٽري ۾ ٽيسٽ ٿي اوهان کي جواب ملي چُڪا آهن، اها معلوماتڪتابن ۾ موجود آهن. ان بنياد تي آئون يا ڪوبه ڄاڻو چئي سگهندو ته اها ٺڪري ڪهڙي دور آهي. ان ئي بنياد تي چئي سگهبو ته اها 5000 سال پراڻي آهي، 2000 سال پراڻي آهي يا ماڳهي اڄڪلهه جي آهي. اهي ماپا موجود آهن ۽ سائٽفڪ اسٽڊي آهي. جيڪڏهن اوهان انهن شين کان واقف آهيو ته اهي شيون توهان سان پاڻ ڳالهائين ٿيون. ايئن ئي پٿر جي دور ۾ گهڙيل اوزارن جي شڪل صورت، ماپ ۽ ان جي استعمال تي وڏي تحقيق ٿيل آهي. انهن جا دور ۽ استعمال معلوم ٿيل آهي مثال: هٿ ڪهاڙيون، پٿر جا بليڊ، ننڍڙا سنها اوزار، اڇلائي هڻڻ ۽ چٿڻ وغيره لاءِ استعمال ٿيل پٿري اوزارن جو وقت اڳ ئي دريافت ٿيل آهي.

    سوال، سليمان وساڻ: اوهان ايترو سارو ڪم ڪيو آهي ڀلا رائلٽي ملي؟

    جواب: سنڌ ۾ پبلشرن کان اها ئي شڪايت آهي ته اهي سنڌي اديبن کي ڪجهه نه ٿا ڏين، ماڳهي ڪتاب ڇاپڻ جا پئسا وٺن ٿا.پر آئون انهن ٿورڙن سنڌي اديبن ۾ شامل آهيان جن کي ڪجهه نه ڪجهه مليو آهي.1992 ڌاري مون کي هڪ ڪتاب جي رائلٽي ملي جيڪا هُئي ويهه هزار رپيافقط، اهو ڪتاب لکڻ ۾ مون کي پورو هڪ سال لڳو هو. ٻيو ڪن سرڪاري ادارن سنڌالاجي، ادبي بورڊ، ثقافت کاتي وغيره ڪتاب ڇاپيا ته انهن وٽان ڪجهه رائلٽي ضرور ملي. پر سچ پڇو ته ان رائلٽيءَ سان تحقيق جي ڪمن جو ڀاڙو خرچ به نه نڪتو.

    سوال، سليمان وساڻ: اوهان جو خاندان ته مذهبي هو پوءِ اوهان کاٻي ڌُر طرف ڪيئن هليا ويا؟

    جواب: منهنجي خيال ۾ ٽنهي نسلن ۾ بنيادي ڳالهه هئي پنهنجي وقت ۾ حالتن کان ’بغاوت‘. منهنجي ڏاڏي (علي خان ابڙي جيڪو پاڻ به مذهبي اسڪالر هو)پنهنجي وقت ۾ مُلايت کان بغاوت ڪئي.هو خلافت تحريڪ کان متاثر هو. ڏاڏا سائينءَ اها وصيت ڪئي هُئي ته منهنجو غُسل ڪنهن مُلي کان نه ڏيارجو. بابا سائين علامه مشرقي ۽ هاري پارٽي وارن ڪامريڊن کان متاثر هو. جيئن چيم ته وقت وقت تي مزاحمت جا انداز الڳ هوندا آهن. منهنجي خيال ۾ ڏاڏا سائينءَ جي مُلائيت کان بغاوت ان وقت جي ضرورت هُئي، بابا جي وقت ۾ سندس مزاحمت ان وقت جي ضرورت هُئي ۽ جيڪا آءُ ڪريان ٿو اُها هاڻي ضروري آهي.ان ريت اسان ٽيئي پنهنجي پنهنجي وقت جا باغي ڪردار رهيا آهيون. بلڪ آئون چوان ٿو ته اها بغاوت هر ماڻهوءَ ۾ موجود ٿئي ٿي ۽ هرڪو پنهنجي انداز ۽ وِت آهر بغاوت ڪندو آهي.

    سوال (سليمان وساڻ) : اوهان هيترو ڪم ڪيو آ.... اوهان کان پوءِ ڇا ڪو اوهان جي اولاد مان هن ڪم طرف آيو آهي؟

    مون کانپوءِ ايندڙ نسل اڃا هاڻي ساماڻو آهي. مون کي خبر نه آهي ته سندن اندر جو اڌمو کين ڪهڙي رخ ۾ وٺي ويندو. هنن پنهنجن جذبن جي اظهار لاءِ اڃا قلم ته هٿ ۾ ڪونه کنيو آهي پر آئون سندن هٿ ۾ برش ضرور ڏسان ٿو. آئون ان لحاظ کان مطمئن آهيان ته هو تخليقي صلاحيتن وارا نوجوان آهن. آئون کين هٿ سان ڪنهن به پاسي ڪونه وٺي ويندس. منهنجو ڪم کين سٺي تربيت ڏيڻ آهي. پنهنجي منزل طرف پنڌ هرڪو پاڻ ڪندو. هرڪو پنهنجي واٽ وٺندو آهي.

    [​IMG]

    بدر ابڙو کان انٽرويووارا لمحا

    [​IMG]

    [​IMG]

    بدر ابڙو زندگيءَ جي لاڙهن چاڙهن جا قصا ٻُڌائيندي
    [​IMG]
    سليمان وساڻ بدرابڙو کي ڪمپيوٽر متعلق ڪُجهه سکيا ڏيندي

    [​IMG]

    بدر ابڙو سان يادگار فوٽو​
     
    عرس پريو، عبيد ٿهيم ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,623
    ورتل پسنديدگيون:
    6,888
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    283
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    منھنجو سبجيڪٽ پاڪستان اسٽڊي آھي، سيليبس ۾ سنڌوماٿري بہ آھي، مون سوچيو پئي تہ محقق اندازو ڪيئن ٿا لڳائن تہ ھي شئي ھيررو پراڻي آھي؟ پر اڄ اِھو انٽرويو پڙھي سوچي ۽ سمجھي سگھان تہ فلاڻي شئي ڪيترو وقت پراڻي آھي.. تمام زبردست انٽرويو، خاص ڪري سوال ڏاڍا تکا مٺا لڳا...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو