دونهون : بنسي خوبچنداڻي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 سيپٽمبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪهاڻي
    دونهون
    بنسي خوبچنداڻي


    ممبئي شهر جي هڪ ايراضي آهي جا بلڪل ننڍي آهي، اٽڪل ٻه اسڪوائر ڪلوميٽرس، هن ننڍي ايراِضيءَ ۾ اٽڪل 200 سوسائٽيون آهن، جن ۾ ڪيئي اوچيون بلڊنگون ۽ بنگلا آهن، هوئن ته ممبئي شهر توهان کي هڪ سيمنٽ ۽ ڪانڪريٽ جو جهنگل لڳندو ۽ کليل ميندان ۽ باغ ورلي ئي ڏسڻ ۾ ايندا، پر هن ننڍي ايراضيءَ ۾ توهان کي هڪ وڏي جاگنگ ٽرئڪ ، چار باغ ۽ ٻه کلا ميدان به ملندا، ٻن پاسن کان کليل ايريا آهي جتي پکڙيل آهن ۽ ها ڀرسان هڪ ننڍي ليڪ به آهي ته موهيندڙ سمنڊ به بلڪل ويجهو اهي ايراضي ايڏي مشهور آهي جو آس پاس ۾ رهندڙ ماڻهو به هن ايراضيءَ جي ڀرسان رهن ۾ فخر وٺندا آهن.

    هيءَ ايراضي سمنڊ کان ڇني ڪري ٺاهي وئي آهي، هتي هر ڪنڊ ڪرڇ جا ماڻهو رهندا آهن، پر توهان کي خبر آهي ته گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندا آهن؟ ڪهڙي ٻولي توهان کي باغن ۾ ٻه ٻڌڻ ۾ ايندي ته بازار ۾ به اها توهان سمجهي ويا هوندا، اها ٻولي آهي اسان جي مٺڙي سنڌي ٻولي، هتي سنڌين جي هڪ سٺي پئنچات به آهي، جيڪا سنڌين جا ڏڻ وار ڀڀڪي دار نموني ملهائيندي آهي، هتي هڪ چوڻ جو نالو جهو ليلال چونڪ آهي ۽ هڪ ڀرسان واري باع جو نالو هيمو ڪالاڻي گارڊن.

    اسان سنڌين کي پريان ئي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جڏهن 35 سال اڳ هي ايراضي ٺهڻ شروع ٿي تڏهن هتي نهه روڊ هئا ۽ نه بازار، نه باغ هئا ۽ نه ميدان ۽ بجلي پاڻيءَ جي به تقليف هئي، تڏهن به گهڻن سنڌين شهر جي ٻين ايراضين ۾ پنهنجا مڪان وڪڻي سستي اگ ۾ هنن مڪان ورتا ۽ گهڻن ته دڪان به ورتا.

    ها هيءِ ايراضي ممبئي شهر جي اپنگر انڌيريءَ جي اولهه ۾ 9 ميل ايراضي آهي جنهن جو سرڪاري نالو ته سوامي سمرٿ نگر آهي پر مشهور نالو لوکنڊ والا ڪامپليڪس آهي، توهان کي لڳندو هوندو ته اهڙيءَ سهڻي ايراضي جا سڀ رهاڪو خوش هوندا، گهٽ ۾ گهٽ سڀ سنڌي ته خوش هوندا، پر ائين نه آهي 73 سالن جو سنڌي ڪيو لرام جو هتي رٽرٽائرمينٽ کان پوءِ 13 سالن کان رهندو آهي، بلڪل ناخوش آهي.

    هن جي ڏک جو وڏو ماري آهي هن ايراضي کي ٺاهڻ وارو لوکنڊوالا هڪ ملسمان آهي هن ايراضي ۾ آس پاس گهڻائي مسلمان رهندا آهن، ڪيولرام مسلمانن سان نفرت ڪندو آهي، سخت نفرت!

    ڪيول جي اندر ۾ سالن کان هڪ دونهون ڏکيل آهي، نفرت جو دونهون، اپمان جو دونهون ۽ ذلت جو دونهون اهو ان ڏينهن کي اصل وساري نه سگهيو آهي! سندس سڄو هٿ اڪثر سندس پيشانيءَ جي سڄي پاسي کڄي ويندو آهي، جتي هڪ چري جو گهاءُ آهي، ان گهاءُ کي هٿ ڦيرائيندي ئي کيس پنهنجي پيءُ جي ڪلهي تي ان ئي ڇري جو گهاءُ به ياد اچي ويندو آهي، سندس پيءُ گيلا رام ته 20 سال اڳ پنهنجو گهاءُ ۽ پنهنجو دونهون پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو، پر ڪيول ته اڃان تائين پنهنجي دونهين سان جي رهيو آهي ۽ مري رهيو آهي.!ٰ

    اهو جنوري 1948 جو ڪراچي جو ڏينهن کيس ڪيئن وسرندو؟ هو پنهنجي ماءُ، پيءُ ۽ ننڍي ڀين نرملا سان سکر کان ٽرين رستي ڪراچي آيو هو، پنهنجا اجها، پنهجا پاڙا ، پنهنجا اسڪول، پنهنجا ڌنڌا ڇڏڻ لاءِ هن کي مجبور ڪيو ويو، هنن کي چيو ويو ته سنڌ هاڻي مسلمانن جي آهي ۽ هو سنڌڙيءَ ۽ سنڌ وارن لاءِ هاڻي اوپرا آهن! هو روئندا رڙندا پنهنجي جان ۽ مال بچائيندي اچي ڪراچيءَ پهتا هئا، کين پاڻيءَ جي جهاز ۾ بمبئيءَ ڏانهن اسڻو هو، جهاز جي ٽڪيٽ کين ٽي ڏينهن پوءِ جي ڏاڍي ڪوشش ۽ رشوت ڏيڻ کان پوءِ ملي هئي، هو ڪراچي بندر جي ٻاهران هڪ ننڍي تنبوءَ ۾ رهيل هئا جو هندستان مان آيل مهاجرن ڪراچيءَ ۾ فساد شروع ڪري ڇڏيا، الا هو اڪبر جي نارن ۽ قتل ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن جي چيخن سان واتا ورڻ ڪنبي اٿيو هو!

    سندس پيءُ گيلارام جهٽ ٻه خالي ڳوڻيون کڻي هڪ ڳوڻيءَ ۾ پٽ ڪيول ۽ پيءَ ڳوڻيءَ ۾ پنهنجي زال ۽ ننڍي ڌيءُ نرملا کي لڪائي ڇڏيو ۽ پاڻ لٺ کڻي تنبوءَ جي اندرئين پاسي پهرو ڏيڻ لڳو، اوچتو هڪ پناهگير نوجوان الاهو اڪبر جا نعرا هڻندو پنهنجي هٿ ۾ هڪ وڏو ڇرو کڻي تنبوءَ ۾ گهڙي آيو ۽ دروازي وٽ بيٺل گيلارام تي ڇري سان وار ڪيائين، گيلارام به پنهنجي لٺ جو وار ان نوجوان تي ڪيو ته ڇرو پنهنجو نشان چڪي ويو ۽ گيلارام جي ڇاتيءَ تي لڳڻ بدران سندس گلي جي سڄي پاسي لڳو ۽ گلي مان خون وهڻ لڳو، ڪيول ان وقت ستن سالن جو هو، هو ڳوڻ جي هڪ سوراخ مان ڊڄندي ۽ ڪنبدي پنهجي پيءُ ۽ ان نوجوان جي لڙائي ڏسي رهيو هو، هو پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ رڙيون ڪندو ڳوڻ کان ٻاهر اچي پنهنجي پيءُ کي چبڙيو، لٺ سان زخمي ٿيل ان پناهگير ويندي ويندي ستن سالن جي ابهم ڪيول کي به ان رت ۾ ٻڏل ڇري سان وار ڪيو،وار ڪيول جي پيشاني جي سڄي پاسي لڳو ۽ ڪيول جو منهن رت ۾ ڀرجي ويو، وار ڪري اهو پناهگير ته ڀڄي ويو پر پنهنجا پيءُ ۽ پٽ کي بدن جا ۽ من جا گهرا زخم ڏيئي ويو!

    ڪيول جي ماءُ جمنا پنهنجي روئيندڙ ننڍڙي ڌيءُ کي ڳوڻ ۾ ئي ڇڏي ٻاهر نڪري آئي ۽ پنهنجو رئو ڦاڙي گيلا رام ۽ ڪيول جي زخمن کي ٻڌي ڇڏائين رت وهڻ گهٽ نه ٿيو پر بند ڪونه ٿيو، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ملٽري آئي ته پاڻ سان ميڊيڪل ٽيم به وٺي آئي، گيلا رام ۽ ڪيول جا زخم ڏسي کين اسپتال هلڻ لاءِ چيائون پر گيلا رام هاڻي سنڌ ۾ هڪ منٽ به وڌيڪ رهڻ لاءِ تيار ڪونه هئو، هن اسپتال وڃڻ کان صاف انڪار ڪيو، ملٽريءَ وارن لاچار هڪ ڊاڪٽر کي گهرائي سندن زخمن جي ملم پٽي ڪرائي، علاج کان پوءِ گيلا رام ۽ ڪيول جي زخمن جو ٻاهريون خون ته بند ٿي ويو پر اندريون خون کين جلائيندو رهيو، ٻاڪاريندو رهيو ۽ ٻرندو رهيو ۽ ان باهه جو دونهون اڃان ڪيول وٽ سلامت آهي!

    ٽن ڏينهن کان پوءِ هو پاڻيءَ جو جهاز پڪڙي بمبئي اچي پهتا، پهرين هنن کي آزاد ميدان ۾ خيمن ۾ رهايو ويو۽ پوءِ ٽرڪن ۾ سامان وانگر ڍوئي ڪلياڻ ڪئمپ آندو ويو، جنهنجو پوءِ نالو الهاسنگر پيو،

    ڪيول جي ماءُ جمنا ان حادثي کان پوءِ بلڪل چپ ٿي وئي! هوءَ ڪڏهن به ان حادثي جي باري ۾ نه ڳالهائيندي هئي، هوءَ به پنهنجا زخم پاڻ مان کڻي 10 سال اڳ ۾ وڃي پنهنجي ساٿين سان ملي، ڪيول جي ننڍي ڀيڻ نرملا شادي ڪري هاڻي وڃي جئپور وسائي آهي،ڪراچي جي حادثي کان پوءِ هوءَ ڪيئي راتيون رڙيون ڪري اٿندي آهي، هوءَ هاڻي ٽن ٻارن جي ماءُ آهي، پر تڏهن به جئپور شهر کي جڏهن ڪڏهن رات جو نرملا جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن، ان ڪراچي جي نڀاڳي ڏينهن نه نرملا جو پيڇو ڇڏيو آهي ۽ نه ڪيول جو !

    ڪيول ڪڏهن نه چاهيندو آهي ته سندس ڪوبه ناتو ڪنهن به مسلمان سان پوي، هو پٽ ۽ نهنن جي زوربار تي هن ايراضي ۾ اچي رهيو آهي جيڪا هڪ مسلمان لوکنڊ والا ٺاهي آهي، جنهن سوسائٽيءَ ۾ هو رهندو آهي ان ۾ اڌ گهر ته سنڌين جا آهن پر سوسائٽي جو اليڪٽريشن به مسلمان آهي ته پلمبر پڻ گليءَ جي ڪنڊ تي ڀاڄيون وڪڻڻ وارو مسلمان آهي ته پاسي وارو دوائن جو دوڪان به مسلمان جو آهي.

    پر ڪيول رام جو ارادو پڪو آهي، هو بجليءَ جي ڪم لاءِ پريان بازار مان هڪ هندو اليڪٽريشن ئي گهرائيندو آهي، پلمبر جي ضرورت پوندي اٿس تڏهن به ڳولهي ڳولهي هندو ئي گهرائيندو آهي، ڀاڄيون به پريان وڃي دتارام ڀاڄي واري کان وٺي ايندو آهي، پنهنجون دوائون به بزار جي پچاڙيءَ مان گرو ڪريا ميڊيڪلس کان وٺندو آهي، لوکنڊوالا بازار ۾ ٻه مشهور مٺائيءَ وارا آهن، جي ٻئي مسلمان آهن، اهي مٺائيءَ وارا شام جو سوادي، سنبوسا، پٽاٽا وڙا، ڪچوريون ۽ گولگپا پڻ رکندا آهن، ڪيول جا باغ وارا دوست کيس ڪيترا ڀيرا چوندا آهن ته يار ڪيول هل ته اڄ سوادي گولگپا کائي اچون، پر ڪيول مسلمان جي دڪان تي ڪيئن ٿو چڙهي! مٺائي به هو بازار ۾ هڪ ننڍي دڪان تان وٺندو آهي، جنهنجو مالڪ هندو آهي.

    ڪيول کي ٻه پٽ آهن، سندس ننڍو پٽ پنهنجي فئمليءَ سميت دهليءَ ڀرسان نوئڊا ۾ رهندو آهي ۽ هو پاڻ هئي پنهنجي زال ليلان سان پنهنجي وڏي پٽ ونود، سندس زال پرياءِ پنهنجي 19 سالن جي پوٽي نيليش سان رهندو آهي، نيليش ڪاليج ۾ پڙهندو آهي، پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ڏاڏي جي زور بار ڪرڻ تي به هن ڪاليج ۾ نه سائنس کنئي آهي ۽ نه ڪامريس هو آرٽيس ۾ پڙهائي ڪري رهيو آهي جو هو اڳتي هلي هو هڪ مشهور ليکڪ ٿيڻ ٿو چاهي.

    ڪيول جي زال ليلان، پٽ ونود ۽ نونهن پريا ته ڪراچي ڪونه ڏٺي آهي، هو نفرت جي دونهين کان آجا آهن، هننن ڪيول جي من ۾لڳندڙ دونهنين سان سمجهوتو ڪري ڇڏيو آهي، پر سندس پوٽي نيليش جي ان دونهين سان ڪشمڪش جاري آهي. ان ڏينهن نيليش جو جنم ڏينهن ملهائڻ لاءِ پنهنجي گهر کان چار ڪلوميٽر پري جهو ايريا ۾ هو پڪچر ڏسڻ ويا، هو پاڻ ۾ چار ڄڻا ئي هئا جو ڪيول رام جي زال ستلنگ تي هلي وئي، پڪچر دير سان چٽي ۽ پوءِ هو رات جي ماني به کائن لاءِ به جهو جي هڪ سٺي هوٽل ۾ ويا، ائين کين رات جا يارهن ٿي ويا، ان وقت جمو کان لوکنڊ والا لاءِ ٽئڪسي ڏکي ملندي آهي، ڪيول هٿ لوڏيندو رهندو تھ ڪجھھ ديرکان پوءِ سندس ڀرسان هڪ ٽئڪسي اچي بيٺي. هن ٽيڪسي ۾ اندر نهاريو ته کيس هڪ ڏاڙهي وارو مسلمان ڊرائيور ڏسڻ ۾ آيو. هو جهٽ ٽيڪسيءَ کان پري هٽي ويو ۽ مسلمان ٽيڪسيءَ واري کي وڃڻ جو اشارو ڪيائين، پنهنجي پٽ کي ڇيائين ته چنتا نه ڪر ٻي ٽيڪسي جلدئي ملي ويندي، پر کين ٻي ٽيڪسي اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ئي ملي !

    نيليش جنهنجو جنم ڏينهن ملهائڻ آيا هئا، وفلي ويو هو ٽيڪسيءَ ۾ منهن سڄائي ڊرائيور جي ڀرسان واريءَ سيٽ تي ئي ويٺو رهيو، گهر اچي بنا ڪپڙا بدلائڻ جي پنهنجي بستري تي ڦان ٿي سمهي پيو، ٻئي ڏينهن صبح جو هو ناشتو ڪري ڪاليج هليو ويو نه پنهنجي پيءُ سان ڳلهايائين ۽ نه ڏاڏيءَ سان ماءُ سان به بس هون هان ڪيائين!

    ڪِول کي لڳو ته ڪراچيءَ جو دونمون سندس رشتن کي به ڌنڌلو ڪري رهيو آهي ! نيليش ڪاليج مان منجهند جو ايو ۽ ڪپڙا بدلائي چپچاپ کائڻ ويٺو ، ڪيول رام پوٽي کي ڏاڍو پيار ڪندو هو، هن جي ڏاڍي دل ٿي ته هو پاڻ ئي پوٽي سان پيار سان ڳالهائي، پر سندس همت نه ٿي ! نيليش پاڻ ئي ماني کائڻ پنهنجي ڏاڏي جي پاسي ۾ اچي ويٺو ۽ چيائين، ” دادو توهان ڪيترو وقت مسلمانن کان ڀڄندا رهندا ؟ مونکي ڊئڊي ڪراچي جي فسادن جي باري ۾ ٻڌايو آهي، مونکي توهان سان همدردي ته آهي پر توهان تي قياس به ايندو آهي جو توهان 65 سال پراڻي زندگي جي رهيا آهيو، هن نفرت جي دونهين مان توهان کي ۽ اسان کي ڪجهه به هڙحاصل ٿيڻ وارو ڪونهي ، ڪراچي ته هڪ تواريخ آهي. اُها ته جتي آهي. اُتي ئي رهندي، ڪيڏانهن نه ويندي، توهان ٽيڪسيءَ واري کان، رڪشا واري کان بچي سگهو ٿا پر توهان جنهن بس ۾ آهيو اُن جو ڊرائيور يا ڪنڊيڪٽر مسلمان هجي ته ڇا ڪندا ؟ ٽرين ۾ سامهون واريءَ سيٽ تي مسلمان هجي ته ڇا ڪندا ؟ ايترو چئي نيليش چپ ٿي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ پنهنجي ڏاڏي جي ڪلهي تي هٿ رکي وري چوڻ لڳو، ” دوادو، منهنجي ڪاليج ۾ منهنجي پسنديءَ جو انگريزيءَ جو پروفيسر هڪ مسلمان آهي. هو هڪ لکيڪ به آهي ۽ ڪوي به اهي. ڪاليج ۾ منهنجي ڀرسان هڪ مسلمان ويهندو آهي جو منهنجو سٺو دوست آهي. سندس ابو ۽ امي مونکي ڏاڍو پيار ڏيندا آهن، سليمان جي ڀيڻ رخي مونکي ڏاڍي وڻندي آهي !“ ايترو چوندي نيليش جا جوان ڳل ڳاڙها ٿي ويا ۽ هو تڪڙ ۾ گهر لان ٻاهر هليو ويو، ڪيول جي منهن مان هڪ اکر به نه نڪتو، اُن ڏينهن منجهند جو هو ننڊ به نه ڪري سگهيو، ٿوري وقت ۾ ئي اٿي ويٺو ۽ رنڌڻي ۾ وڃي پنهنجي لاءِ چانهن ٺاهيائين، چانهن پي ٿيلو کڻي ٻاهر نڪتو. اڄ بس ۾ چڙهي ٻه ڪلوميٽر پري واري چار بنگلا ايريا ويندو ۽ گهر لاءِ تازيون ڀاڄيون ۽ سٺا بيهه به وٺي ايندو. کيس بس جلد ئي ملي ويئي پر کچا کچ ڀريل هئي ، هن ٿورو پويان وڃي ڪنڊيڪٽر کان ٽڪيٽ ورتي ته پاسي واري سيٽ تي ويٺل هڪ نوجوان پاڻ اٿي کيس ويهڻ لاءِ چيو. ڪيول سندس شڪرانا مڃيا ۽ سيٽ تي ويهي رهيو. کيس ان نوجوان جو چهرو سڃاتل لڳو پر کيس پورو ياد نه پئي آيو. هو ان نوجوان کي چتائي ڏسڻ لڳو ته هن پاڻ ئي کيس چيو، ”انڪل مان ان مٺائيءَ جي دڪان تي ڪم ڪندو آهيان، جتان توهان مٺائي وٺندا آهيو. مان مٺائي ٺاهيندو آهيان ته ڪڏهن اچي گراهڪن کي مٺائي ڏيندو به آهيان. مون گهڻا دفعا توهان کي دڪان تي ڏٺو آهي. اهو ٻڌي ڪيول کي هي نوجوان پنهنجو لڳڻ لڳو، هن کانئس پڇيو:، پٽ تنهن جو نالو ڇا آهي؟

    ”انڪل منهنجو نالو شوڪت علي آهي، هو ايترو چئي سلام ڪري بس مان لهي ويو. ايترو ٻڌي ڪيول سناٽي ۾ اچي ويو. سندس اڳيان نيليش جو چهرو ڦرڻ لڳو. سندس ڳالهيون کيس ولوڙينديون رهيون.

    ان شام جو ڪيول جي ٻن دوستن کيس بازار ۾ مسلمان جي مشهور مٺائي جي دڪان تي گولگپا کائيندو ڏٺو!!
     
    اي جي شيخ، عتيق الرحمان ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو