1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

صحافي ، شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ استاد علي رضا قاضي سان فاصلاتي ۽ يادگار ڪچهري:مٺل جسڪاڻي

'انٽرويو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 سيپٽمبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,609
    ورتل پسنديدگيون:
    27,103
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    صحافي ، شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ استاد علي رضا قاضي سان فاصلاتي ۽ يادگار ڪچهري:مٺل جسڪاڻي

    علي رضا قاضي لڳ ڀڳ چاليهه سال ۽ چئن مهينن جو نوجوان آهي، استاد آهي، ڪهاڻيڪار آهي، ماضي ۾ صحافي رهيو، ٿوري ٿڪي شاعري جي ڪوشش ڪري، هٿ کڻي وِيو! اڄ ڪلهه سندس سڃاڻپ استاد ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. منهنجي ساڻس روبرو ڪچهري ڪڏهن به نه ٿي آهي، ڇو ته ڪڏهن ملاقات ئي نه ٿي آهي. عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي سندس ”اختصاري ڪهاڻيون“ پڙهندي، انهن ئي ڪهاڻين جو مجموعو ”معذرت سان“ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچڻ لڳو آهي.

    علي رضا سان ڪو پاءُ پاڻي جو، ڪو پلاند نه هجڻ باوجود، مون بي سبب کيس ڪٽهڙي ۾ اچي بيهاريو ۽ نه صرف مون ئي کانئس هيڪاندا سوال پڇيا، پر منهنجن ۽ علي رضا جي فيس بوڪي دوستن محمد سليمان وساڻ، آغا جان آغا، مانجهند مان رفيق ملاح، جمن ڊي بلوچ ۽ مرڪ لغاري به مون سان ساٿ ڏيندي، کانئس هڪ هڪ، ٻه ٻه سوال پڇيا. اسان سڀني جي سڀني سوالن جا، هن جهڙا به ۽ جيئن به جواب ڏنا، انهن مان صرف هڪ جملو مون ميساري ڇڏيو ۽ هڪ لفظ ميساري ان جاءِ تي ٻيو لفظ لکي ڇڏيو!

    اسان جي هي فاصلاتي ۽ يادگار ڪچهري ڪن لاءِ گهڻي ڪمائتي، ڪن لاءِ فضول به هوندي، پر منهنجي خيال ۾ هڪ معلوماتي ۽ تاريخي دستاويز به آهي، ان ڪري پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿي.

    جنم جي تاريخ، هنڌ ۽ پنهنجو مختصر تعارف ڪرايو؟

    جنم جي تاريخ 14 اپريل 1976ع آهي، ڳوٺ دليپوٽا ۾ ڄائس، اصل نالو رضا علي آهي، جيڪو بابا مشهور براڊڪاسٽر رضاعلي عابدي جي حوالي سان رکيو بعد ۾ ڳوٺ وارن کي اهو نالو ڪجهه ڏکيو لڳو، انهن علي رضا سڏڻ شروع ڪيو، پوءِ مان به علي رضا سڏرايو، ساهتي پرڳڻو سهتن جو علائقو آهي، هر اهو ڳوٺ جنهن سهتا برادري اڪثريت ۾ رهي ٿي اتي انهن مان ئي هڪ فيملي قاضي سڏبي آهي، اسان جو ڳوٺ دليپوٽا، ٺاروشاهه جي ڀرسان تعلقي ڀريا، ضلعي نوشهروفيروز ۾ آهي ۾ اتي جي سهتن ۾ اسان قاضي سڏجون ٿا.

    پنهنجي خاندان بابت ڪجهه ٻڌايو؟

    منهنجو بابا دين محمد سهتو، تمام گهڻو حقيقت پسند هو، هن کي قاضي جو لقب پسند نه هو، چوندو هو مونکي مولائي سڏيو، مان قاضي ناهيان مولائي آهيان .بابا، بنيادي طرح تعليمدان هو. مٺياڻي هاءِ اسڪول مان هيڊ ماستر ٿي رٽائر ٿيو. هن کي راڳ سان بي پناهه محبت هئي. گهر ۾ هارمونيم هو. صبح جو اسان جي اک بابي جي راڳ سان کلندي هئي. اسڪول وڃڻ کان اڳ هو رياض ڪندو هو. آواز ايترو سٺو نه هئس باقي ڄاڻ ۾ ڀڙ هو. جنهن جي شاهدي اڄ به تر جا ماڻهو ڏيندا.

    خاندان جي ٻين ناليارن ماڻهن ۾ منهنجو چاچو مشهور صحافي عمر الدين ‘بيدار’ آهي. بيدار صاحب جي منهنجي مٿان گهڻي ڇاپ آهي. ننڍي لاءِ ئي هن جي تصنيفن کي پڙهي ورتو هئم. جنهن ۾ هن جا ناول ۽ عورتن جو رسالو ‘اديون’ ۾ ڇپيل مضمون شامل آهي.

    ٻيو چاچو فقير قاضي عبدالرحمان، اسان جي خاندان جو وڏو هو. هن بنيادي طور ته هن ڪنهن مڪتب مان تعليم حاصل نه ڪئي پر عربي فارسي ۽ سنسڪرت جو عالم هو. تصوف جو هن جي زندگيءَ تي گهرو اثر هو. بعد ۾ ڳوٺ ۾ ئي آستانو قائم ڪيائين جنهن ۾ سڄي سنڌ جا ماڻهو فيض حاصل ڪرڻ ايندا هئا.

    منهنجو نانو فقير محمد عباسي، (منهنجا ناناڻا ڪلهوڙا عباسي آهن) پرائمري اسڪول ٽيچر هو. ادب سان گهري وابسطي هئس. ڪجهه تصنيفون به هئس، جيڪي بعد ۾ ضائع ٿي ويون، هو جواني ۾ گذاري ويو، مان نه ڏٺو، امان اڪثر چوندي آهي تون پنهنجي ناني جهڙو آهين.

    پرائمري، سيڪنڊري، گريجوئيشن، پوسٽ گريجوئشن ڪڏهن ۽ ڪٿان ڪئي؟

    پرائمري تعليم، پنهنجي ڳوٺ دليپوٽا جي قديم پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي. سڪينڊري لاءِ جنهن اسڪول ۾ بابا هيڊ ماستر هو مطلب مٺياڻي هاءِ اسڪول مان سال 1992ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. مٺياڻي جو شهر اسان جي ڳوٺ کان 8 ڪلوميٽر پري آهي.

    ننڍي لاڪون ئي آرٽس ڏانهن توجهه هو، بابا به شوق کي ڏسندي ڊگري ڪاليج نوشهرو فيروز ۾ انٽر آرٽس ۾ داخلا وٺي ڏني، جتان بي اي ڪري ايم اي به سنڌي جي شعبي ۾ ڪيم. اهو سال 2000ع هو.

    تعليم کانپوءِ ڇا ڪيو، مطلب ڪهڙي ڪرت سان لڳا؟

    سال 2001ع ۾ خانداني ڪرت صحافت کي انجام ڏيڻ لاءِ ڪراچي روانو ٿيس. جتي پنهنجي ڳوٺ واسي منظور سولنگيءَ جي سفارش سان ‘روزانه پاڪ’ ۾ ڪم سکڻ لاءِ ويٺس. جيڪو به هڪ هفتي ۾ سمجهه ۾ اچي ويو. زاهد ميراڻي روزانه پاڪ جو نيوز اڊيٽر هو، جنهن تمام گهڻو توجهه. ها ان کان اڳ ‘روزانه تعمير سنڌ’ لاءِ 3 مهينا کن ٺاروشاهه ۾ رپورٽنگ به ڪئي، جنهن سان رپورٽنگ جو تصور واضع ٿي ويو. روزانه پاڪ کان پوءِ شوقيه طور تڏهن ڪراچي مان جاري ٿيندڙ روزانه سنڌ ٽائمس ۾ به استاد منظور سولنگي جي ڪري ويٺس. ڪراچي جي آبهوا ۽ کاڌو منهنجي طبيعت جي موافق نه هو، جنهن ڪري حيدرآباد هليو آيس، جتي شروعات روزانه هلچل سان ڪئي، جلد ئي تعمير سنڌ ۾ سب اڊيٽر مقرر ٿيس. جعفر ميمڻ، غلام رسول برفت، جاويد ڀٽي، ڀائو ذلف، اعجاز زرداري، ممتاز ميمڻ جي صورت بهترين ساٿي مليا. جنهن ڪري تعمير سنڌ ۽ مان وقتي طور ئي سهي هڪ ٻئي جون ضرورتون ٿي وياسين. ان وچ ۾ شام جو شائع ٿيندڙ سنڌي اخبار ‘روزانه شام’ ۾ به ڪم ڪرڻ لڳس. اها ڊيوٽي ڏاڍي ڏکي هئي، رات جو ٻين وڳي گهر موٽڻ صبح جو ڇهين وڳي اٿي شام جي آفيس وڃڻ، سچ ته چريو ڪري ڇڏيو. شام جي اڊيٽر ناز سهتي هڪ ڀيري منهنجي نالي چيو ته اهو همراهه چرسي آهي، نوڪري مان ڪڍوس پوءِ نيوز اڊيٽر دوست زاهد ملڪ ٻڌايس ته ٻه ڊيوٽيون ڪري ٿو چرسين وارو حال نه ٿيندس ته ٻيو ڇا، پوءِ جلد ئي ٻنهي اخبارن کي تياڳي استاد جعفر ميمڻ سان گڏ روزانه سنڌ ۾ هليو آيس. ڪم گهڻو هوندو هو پر مزو ايندو هو مڪمل بااختيار هوندو هئس. جعفر صاحب جو گهڻو اعتماد هوندو هو.

    اهڙي نموني صحافت ۾ زندگيءَ جا ساڍا 4 سال گذري ويا.

    پنهنجي ازوداوجي زندگيءَ بابت ٻڌايو؟

    سال 2004ع جي پڇاڙي ۾ مائٽن شادي ڪرائي. استاد جعفر ميمڻ کان هفتي جي موڪل وٺي گهر لاءِ روانو ٿيس ۽ اهو هفتو 12 سال گذرڻ باوجود ختم نه ٿو ٿئي. يقين اٿم ته اڄ به نوڪري تي واپس وڃڻ چاهيان ته منهنجي لاءِ موجود آهي.

    پوءِ ڳوٺ ۾ ڇا ڪيو؟

    جيئن ته شادي کانپوءِ واپسي ناممڪن هئي، هڪ سال ڳوٺ واندو ويٺ رهيس پارٽ ٽائيم ميڊيڪل ڪپمني ۾ جاب به ڪئي پر اها منهنجي طبيعت کي مزو نه پئي ڏئي ان ڪري بهتر سمجهيم ته هاڻي تعليم جي شعبي کي اختيار ڪيان، جيڪو به منهنجي بابي جو شعبو هو. ڪجهه مهينن جي وقفي سان نوشهروفيروز ۾ قائم خانگي اسڪول ‘بحريه فائونڊيشن’ ۾ سنڌي جو استاد مقرر ٿيس. بحريه ۽ شادي منهنجي لاءِ ڀاڳ وارا ثابت ٿيا. پنجن مهينن اندر ئي سال 2006ع ۾ سرڪاري شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيس. پهرين پوسٽنگ ڪراچي جي ناظم آباد ڪاليج ٿي هڪ سال اتي گذارڻ کانپوءِ پنهنجي علائقي جي ڪاليج ڪنڊيارو ۾ بدلي ڪرائي آيس. جتي اڄ به مقرر آهيان.

    ڪهڙا ڪتاب لکيا اٿوَ؟

    سال 2008ع ۾ اسان جي تر جي مشهور سماجي شخصيت ڊاڪٽر رانجهن پهنور گذاري ويو. سندس جي مرڻ جو ڏاڍو ارمان ٿيو، هن جي مائٽن جي صلاح سان سندس زندگيءَ تي خاڪن بابت هڪ ڪتاب ‘ساهتيءَ جو اڻملهه هيرو’ لکي ورتم، اهو ڪتاب مرحوم جي چاليهي تي شائع ٿيو.

    سال 2010ع ۾ خيال ٿيو ته پنهنجي شهر ٺاروشاهه تي ڪو دستاويز تيار ڪجي، جنهن لاءِ ڪم شروع ڪيم، 2012ع ۾ اهو ڪم پورو ٿيو. اهو ڪتاب منهنجي شهر جو رڪارڊ آهي، جنهن تي منهنجو پويون نسل به فخر ڪندو.

    ڪنڊياري ڪاليج ۾ بدلي ٿيڻ کانپوءِ تڏهن جي پرنسپال محترم مسعود احمد ميمڻ صاحب ۽ ڪاليج مان جاري ٿيندڙ مئگزين جي انچارج پروفيسر محمد صفر سهتي اتساهه ڏياريون ته ڪاليج مئگزين کي نڪتي 8 سال ٿي ويا آهن. ان کي ٻيهر جاري ڪرڻ گهرجي. سائين وارن جي همٿ سان ڪجهه مهينن اندر ئي ‘ساهتي مئگزين’ جاري ڪئي سين، جنهن ۾ سنڌي شعبي جو اڊيٽر هئس. منهنجي پهرين ڪهاڻي ‘ملو اڱر’ ان ۾ شائع ٿي. جنهن کانپوءِ ڪهاڻي کي ادبي حوالي سان پنهنجي فيلڊ ڪري ورتم، ان کان اڳ شاعري جي ڪوشش ڪري چڪو هئس پر بري طرح ناڪام ويس. گهڻي ئي استاد بخاري ۽ اياز گل جي ڪاپي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم پر ڪم زور هو. مطلب ته سال 2008ع کان ڪهاڻيون لکندو پيو اچان.

    جيڪو شوق 2016ع ۾ ڪتاب جي صورت پڌرو ٿيو، ‘معذرت سان’ منهنجي اختصاري ڪهاڻين جي مجموعي جو نالو آهي. ڪهاڻيون منهنجي روح ۾ رچيل آهن، مان انهن کان ڪڏهن به پري نه ٿي سگهندس.

    طلب ته هن وقت تائين ٽي ڪتاب منهنجي نالي سان شائع ٿي چڪا آهن. جن ۾ چئن سالن جو وقفو آهي. هاڻي ايترو وقفو نه ڪبو جلد هڪ شخصيت تي ڪتاب لکي پڌرو ڪندس.

    سنڌ ۾ ڪهاڻي جي نسبت شاعري کي گهڻو لکيو پيو وڃي ۽ ڪهاڻي ڏينهنون ڏينهن زوال طرف وڃي رهي آهي، سوال اهو آهي ته اُهي ڪهڙا سبب آهن جنهن ڪري ڪهاڻي زوال پذير ٿي رهي آهي ۽ اهڙا ڪهڙا اُپاءُ ورتا وڃن جنهن سان هي هڪ شاهڪار ادبي صنف وري پنهنجو عروج ماڻي سگهي؟

    نه ائين ناهي ته ڪهاڻي زوال ڏانهن پئي وڃي. ان جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. مثال طور شاعري جي اسان وٽ تاريخ هڪ هزار سال کان به پراڻي آهي، جڏهن ته ڪهاڻي انگريزن جي دور ۾ مشڪل سان ڏيڍ سو سال اڳ آئي، مطلب اسان جي ادب ۾ شاعري جون پاڙون وڌيڪ پختيون آهن، جڏهن ته ڪهاڻي ٻاروتڻ ۾ هلي پئي، پر لڳي ائين رهيو آهي ته مستقبل وري به ڪهاڻي جو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته شاعري سواءِ ڪجهه شاعرن جي باقي ته ڪج بياني کانسواءِ ڪجهه به ناهي، پوءِ اها ئي پاڻ کي تباهه ڪندي جڏهن ته ڪهاڻي جي ميدان ۾ پختگي ايندي..

    توهان جڏھن ڪهاڻي لکڻ شروع ڪندا آھيو، ان وقت ڪيفيت ڇا هوندي آھي.

    پهرين ته ڪو خيال ايندو آهي. پوءِ ان خيال کي لفظن جي صورت ڏيندو آهيان. مون لاءِ ڪجهه آساني ان ڪري به آهي جو اخبار ۾ اڊيٽر هجڻ جي ناتي لفظن کي گهٽ م گهٽ ڪرڻ جو هنر اچي ٿو. هونءَ به اختصاري ڪهاڻي لکندڙ کي هڪ سٺي تخليقڪار سان گڏ بي رحم اڊيٽر هجڻ گهرجي، پوءِ وڃي مختصر ڪهاڻي ٺهندي. باقي ڪيفيت جو تعلق ڪهاڻي جي موضوع سان آهي، جهڙو موضوع اهڙي ڪيفيت به جڙندي، نه ته تخليق ۾ جان نه رهندي.

    اڄڪلھه مختصر ڪهاڻي جو رواج هلي پيو، ڇا هي مختصر ڪهاڻي، ايئن ته نه ٿيندي، جو وقت جي نزاڪت کي ڏسندي، ماڻھن جي توجھ جو مرڪز بنجي ۽ طويل ڪهاڻي جي زوال جو سبب بنجي؟

    ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اختصاري ڪهاڻي اصل ۾ هڪ معياري ڪهاڻي کي گهٽو ڏيڻ جي برابر آهي، پر مان ائين نه ٿو سمجهان، تخليق ڪهڙي به هجي ان ۾ مرڪزي خيال ڪم جو هوندو آهي. پوءِ اها توهان جي فنڪارانه صلاحيت آهي ته ڳالهه جو نچوڙ ڪيتري وقت ۽ خال ۾ ڀريو ٿا. جيتري قدر اختصاري ڪهاڻي جو تعلق آهي ته اها منهنجي خيال ۾ نج انٽرنيٽ يا سوشل ميڊيا جو سبجيڪٽ آهي. هن جاءِ تي ناول يا هڪ ڊگهي ڪهاڻي ڪڏهن به ڪاميابي نه ماڻي سگهندي. ماڻهن وٽ ايترو وقت ئي ناهي، جڏهن ته اختصاري ڪهاڻي کن پل ۾ اثر ڏيکاري ٿي ان ڪري ته يورپ ۾ هن کي چون ئي فليش فڪشن ٿا.

    لکڻ لاءِ اوهان موضوع ڳوليندا آهيو يا موضوع اوهان کان لکرائي وٺندا آهن؟

    هڪ تخليقڪار لاءِ ٻئي صورتون آهن، ڪڏهن ته انيڪ موضوع سامهون قطار ڪري اچي بيهندا آهن ۽ منٿون ڪندا آهن ته اسان تي لکو، ڪڏهن ڪڏهن انهن کي ڳولڻو پوندو آهي. خاص ڪري جڏهن ڪهاڻي لکڻ ۾ وقفو ٿئي ڪو موضوع نه سجهي ته رات دير تائين ويهي سوچيندو آهيان ۽ اهڙي طرح مواد ملي ويندو آهي، پر هڪڙي ڳالهه هٿ ڪيل موضوعن ۽ پاڻ ڪهي آيل موضوعن ۾ وڏو فرق آهي. جيڪي پاڻ جوڙ ڪن ٿا، انهن جي ٻي ڳالهه آهي.

    اوهان جي ادبي تنظيمن سان جيڪڏهن وابستگي رهي آهي، ته ان نسبت سان، نه ته عمومي توڙي خصوصي طور ادبي تنظيمن بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟

    نه مان ڪڏهن به ڪنهن ادبي تنظيم جو ميمبر ناهيان رهيو، ڪجهه سال اڳ پنهنجي شهر ٺاروشاهه ۾ اهڙي قسم جي ڪوشش ڪئي هئم پر مايوسي پلئه پئي، پوءِ هٿ ڪڍيم. ٺيڪ آهي دوست ڪوشش ڪن ٿا، جس لهڻن پر مجموعي طور ڪوبه فائدو نه ٿو پوي. نه ادب کي نه ڪي اديبن کي، ان کي هڪ اجايي ڪوشش سان پڻ تعبير ڪري سگهجي ٿو، پاڻ ئي ڏسيو ته هن وقت تائين ادبي تنظيمن ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو آهي سواءِ سياست جي، هئين سٺا اديب به ان ۾ اچي سياسي ڪارڪن ٿيو وڃن.

    اوهان کي ڪهڙي صنف وڌيڪ پسند آهي؟

    مون کي ڪهاڻي وڌيڪ پسند آهي، جڏهن ته ناول ۽ شاعري به پڙهندو رهيو آهيان. خاص ڪري ٻاهرين ليکڪن جا ناول، جن ۾ مان گم ٿي ويندو آهيان.

    اوهان پاڻ ڪهڙي صنف ۾ گهڻو لکيو آهي؟

    ڪهاڻي ڪهاڻي ڪهاڻي… مان ڪهاڻي ۾ ڄائو آهيان، ڪهاڻي ۾ مرندس. بس ڪوشش آهي ته سنڌ واسين تائين تحقيق جي سلسلي ۾ به هن صنف خاص ڪري اختصاري ڪهاڻي جو مڪمل تعارف ڪرائي ان جو ڳاٽ اوچو ڪريان.

    اوهان جي ذاتي لڳ لاڳاپي ۾ ڪهڙا ڪهڙا شاعر ۽ اديب رهيا آهن؟

    سوشل ميڊيا جي وسيلي تمام بهترين اديب منهنجي لاڳاپن ۾ آيا آهن. جن جو دل سان احترام ڪندو آهيان.ان کان اڳ عمر الدين بيدار منهنجو چاچو هو، ڀلوڙ شاعر صحافي منظور سولنگي منهنجو استاد رهيو آهي. ان جي ڀاءَ محمد خان سولنگي وٽان به گهڻو ڪجهه سکيو، ڪراچي ۾ زاهد ميراڻي سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، اتان اعجاز منگي سان سڃاڻپ ٿي. حيدرآباد ۾ ڪم جي دٻاءَ ڪري سماجي زندگي محدود رهي، پنهنجي ڀرواري شهر مٺياڻي جو شاعر گلبهار باغائي سٺو دوست آهي. جڏهن ته محرابپور جو لطف سيال ۽ ذوالفقار سيال پڻ سڄاڻ شاعر ۽ منهنجا سنگتي آهن. ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو بنيادي طور تحقيق جو ماڻهو آهي پر هن جا ڪجهه ناٽڪ لکيل آهن جنهن حوالي سان اهو پاڻ به اديب ۽ منهنجو استاد آهي. سوشل ميڊيا ته الطاف خواجه، آغا جان آغا، انور ساگر ڪانڌڙو، هاشم شورو، توهان پاڻ (مٺل جسڪاڻي)

    اوهان کي ڪا مڃتا، ڪو ايوارڊ مليوآهي ته:

    نه مونکي هن مهل تائين ڪوبه ايوارڊ نه مليو آهي. هاڻي جي ائين چوان ته انهن جي مونکي ضرورت ناهي ته اها ته “ٿو کٽا” واري ڳالهه ٿيندي. اميد آهي ته مڃتا ۽ ايوارڊ ملندا. پر هن شعر جي موافق هجڻ گهرجن.

    بر درد ڏئي داد اهو داد نه گهرجي

    اوهان جي خاندان ۾ تعليم جو رجحان ڪيئن آهي؟

    ظاهر طور ته قاضي آهيون يعني پڙهيل، پر هاڻي اهو سلسلو ختم ٿيندو پيو وڃي. ٻيو ڀاءُ امير قاضي استاد آهي، ان کي ادب سان ڪجهه چاهه آهي، باقي سوٽ ۽ ماسات گهڻو ڪري مزدوري ڪن ٿا، هنن جو تعليم ۽ ادب سان چاهه نه هجڻ جي برابر آهي.

    اوهان جي لڳ لاڳاپي ۾ اڪثريت لکيل پڙهيل يا اڻ پڙهيل ۽ گهٽ پڙهيل ٻهراڙي جي ماڻهن سان رابطو آهي؟

    ٻنهي قسمن جا ماڻهو، واسطي ۾ آهن، پر هاڻي زندگي ڪاليج ۽ گهر تائين محدود آهي. ڳوٺ وارن سان لهه وچڙ نه هجڻ جر برابر آهي. اڻ پڙهيلن جي ڳالهين کان خوف ٿيندو ۽ ڪاوڙ ايندي آهي، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن جي وار سنوارت لاءِ حجم وٽ وڃان ته به بيزار ٿي پوندو آهيان، اڻ پڙهيلن جون ڳالهيون ٻڌي چڙ ايندي آهي، خير مونکي ائين نه ڪرڻ گهرجي پر طبيعت کان مجبور آهيان.

    اوهان جو ڪو ڪاروبار، زمينداري يا زراعت سان ڪو تعلق؟

    ننڍي لاڪون ڪجهه ڪاروبار ۾ هٿ ونڊرايم جئين منهنجي ڀيڻويي جو برف جو دوڪان هوندو هو، اهو مان هلائيندو هئس، يا هن جي مانڊڻي تي به اڪثر ويهندو هئس، ڪجهه وقت لاءِ ڪولڊ ڊرنڪس جو دوڪان کوليو پر نه هلي سگهيو، بنيادي طور مان ڪاروباري ماڻهو ناهيان. ڳوٺ ۾ اسان جي خاندان وٽ زمينون نه هيون، جنهن ڪري ڪڏهن به زراعت سان تعلق نه رهيو.

    اوهان کي ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب سٺا لڳا؟

    مونکي ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران طارق عالم ابڙي جو ناول ‘رهجي ويل منظر’ ڏاڍو وڻيو، بار بار پڙهڻ کانپوءِ به ان مان سڪ نه ٿي لٿي. ڪجهه سال اڳ ساڳي سڪ مان پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه صفحن کان وڌيڪ نه پڙهي سگهيس. پوءِ ان نتيجي تي پهتس ته هر ڪتاب پڙهڻ جي پنهنجي عمر هوندي آهي. شاگردي واري زماني ۾ ته اهو مواد سٺو لڳو هاڻي مزو نه پيو ڏئي. ها ان ۾ امداد حسيني جي شامل هڪ ترائيل اڃا ياد آهي.

    وري ملون نه ملون زندگي رهي نه رهي،
    الائي ڪهڙي خبر دوستي رهي نه رهي،
    چپن کي ٿورو ويجهو ڪر ڏسي ته وٺون،
    اکين ۾ پوءِ روشني رهي نه رهي.

    ان ناول کانسواءِ ٽالسٽاءِ جو ناول ‘وار اينڊ پيس’ سدا بهار آهي. جيڪو هر سال وئڪيشن ۾ ضرور پڙهندو آهيان. انهن ٻنهي ڪتابن کانسواءِ ٻيا به گهڻا ڪتاب پڙهيا آهن. انٽرويو جي طوالت ڪري ذڪر نه ٿو ڪري سگهان.

    ڪهڙا ڪهڙا ليکڪ نثر ۾ وڻن ٿا؟

    نثر ۾ مونکي الطاف شيخ، امر جليل، نسيم کرل، ملڪ آگاڻي گهڻو وڻيا، ٻاهرين ليکڪن ۾ ٽالسٽاءِ، موپاسان، همنگوي، دوستو وسڪي پسند آهن.

    ڪهڙا ڪهاڻيڪار وڻن ٿا؟

    سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ امر جليل، نسيم کرل، علي بابا، جمال ابڙو ۽ غلام رباني آگرو وڻندا آهن.

    ڪهڙا شاعر وڻن ٿا؟

    شاعرن ۾ اياز گل ۽ پوءِ استاد بخاري وڻندا آهن، پوءِ ڳوٺ جو شاعر مسرور پنائي ۽ دوست شبير هاليپوٽو پسند آهن. فيس بوڪ تي الطاف خواجه ۽ آغا جان جي شاعري به ڪڏهن ڪڏهن بت مان سيسراٽ ڪڍرائي ڇڏيندي آهي.

    پڙهڻ توڙي لکڻ لاءِ اوهان جا پسنديده موضوع ڪهڙا آهن؟

    لکڻ ۾ عورت منهنجو پسنديده موضوع آهي. اسان جي سماج جو مظلوم ترين طبقو، جنهن کي اڃا تائين انسان ئي ناهي مڃيو ويو.

    اوهان جي لکڻ جو ڪارج ڇا آهي؟

    بنيادي طور ته شوقيه لکان ٿو، پر ان اميد سان ته من ڪجهه تبديلي اچي، پر تڏهن مايوسي ٿيندي آهي جڏهن ماڻهن جي اڳيان پنهنجي تخليق جون وضاحتون ڏيڻون پونديون آهن.

    اوهان کي اوهان جي پڙهندڙن جو ڪو اندازو آهي ته ٻڌايو ڪير ۽ ڇو پڙهندا آهن؟

    اهو نه ٿو چئي سگهجي ته ڪير مونکي ڇو ٿو پڙهي، پر هڪ اندازو آهي ته اهي مونکي پسند ڪن ٿا، مان رومال ۾ ويڙهي ڳالهه ڪرڻ بجاءِ سڌو لکان ٿو. بنا رک رکاءَ جي ان ڪري به قاري مونکي پڙهي ٿو، اهو به ممڪن آهي ته منهنجي خوش فهمي هجي!

    اوهان جون سماجي سرگرميون رهيون آهن ته انهن متعلق ڪجهه ٻڌايو.

    ها جڏهن ڳوٺ ۾ هئاسين ته ڪجهه سماجي تنظيمن جو بنياد وڌو، ڪم به ڪيو، ڳوٺان نڪرڻ کانپوءِ سڀ شوق تمام ٿيا. هاڻي ڪير سڏيندو آهي ته به ناهيان ويندو.

    ادب، سماج ۽ سياست الڳ الڳ آهن يا ساڳئين ڳالهه ٿا سمجهو؟ هجڻ ڪيئن گهرجي؟

    جي بلڪل الڳ آهن پر ٽنهي جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي، هڪ ٻئي کانسواءِ گذارو ناممڪن اٿن. هڪ ٻئي جا اثر قبول ڪن ٿا ۽ اهو هڪ فطري عمل آهي جيڪو جاري رهندو.

    ادب ۾ تنقيد جي اهميت ۽ ضرورت جي حوالي سان ڇا چوڻ چاهيندا؟

    اصولي طور ته ادب تنقيد کانسواءِ هڪ وک به اڳتي نه وڌي سگهندو. ادب جي هڪ معنى ريڙهيون ڏيندڙ ٻار کي پنڌ سيکارڻو به هوندي آهي، منهنجي خيال ۾ ادب کي اهو پنڌ تنقيد ئي سيکاري ٿي. بدقسمتي سان اسان وٽ تنقيد جو مفهوم ڏاڍو غلط ورتو ويو آهي. بهتر آهي ته تنقيد بجاءِ لفظ تنقيص استعمال ڪريون جيڪا ڪندا رهندا آهيون.

    عام سماجي ماحول ۾ مثبت تبديلي لاءِ اوهان ڪهڙيون صلاحون ڏيندا؟

    سماج ۾ تبديلي تعليم سان ايندي، تعليم مان مطلب هڪ پورو نظام آهي، جيڪو اسان وٽ ايندڙ سو سالن تائين به قائم ٿيندي نظر نه ٿو اچي ڪو معجزو ٿئي ته ٻي ڳالهه باقي تبديلي مشڪل آهي، تبديلي لاءِ پهريون شرط نيت هوندي آهي اسان سڀ هن سماج جا فائدي وٺڻ وارا آهيون، ڇو چاهينداسين ته تبديلي اچي.

    اوهان ڪڏهن عشق ڪيو؟

    ليکڪ آهيان، فنڪار آهيان، فنڪار صرف فنڪاري ڪندا آهن، اهي عشق ناهن ڪري سگهندا، بس ليکڪ هوندي به مان به عام مردن جيان ڇسو آهيان، ڪنهن کي لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ وري پري ٿي بيهڻ، ڪٿي وري مون سان به ڌڪ ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ڏسي جسم جنهن ۾ دماغ به شامل آهي ان ۾ تبديلي اچي ۽ ان کي عشق چئجي ته الائي ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪو آهيان، مان به ٻين جي جذبن سان کيڏيو آهيان. ڪوڙ ڳالهايو آهي، تارا آسمان مان لاهڻ جون ڳالهيون ڪيون آهن، پر اهي سڀ ڪوڙ هونديون آهن، سوچي ان مهل ئي کل ايندي آهي.. غور ڪندي ان نتيجي ته پهچندو آهيان ته مرد وڏو ڪوڙو ۽ ڏنگو آهي.

    پڙهندڙن لاءِ اوهان جو پيغام.

    آخر ۾ عشق بابت ڳالهيون اهڙيون ڪيون آهن، جو هاڻي منهنجو ڪوبه پيغام اثر وارو نه رهندو سو ڪوبه پيغام ناهي.
     
  2. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    علي رضا صاحب کان سائين مٺل جسڪااڻي صاحب نه ڪاليج ۽ تعليم جي باري ۾ نه ڪو پڇو ۽ نه ڪو ٻڌايو جنهن جي ڪري رضا صاحب اڄ خوشحال زندگي پيو گذاري ۽ هي انٽرويو ڏيڻ جي لائق ٿيو آهي، ڇااسان جو ڪم آهي نوڪري وٺي ٻيا ڪم وڃي ڪريون؟ سنڌ جي ٻارن کي تعليم جي ضرورت آهي، گهٽ ۾ گھٽ رضا صاحب اهو ٻڌائي ته پاڻ سنڌ جي ٻارڙن جي مليل پگهار کي ڪيترو حلال ڪن ٿا؟
     
  3. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    اڄ به کوڙ سارا اهڙا اديب آهن جيڪي ليڪچراري جي شعبي سان وابسته آهن پر ٻارڙن کي ڪجهه ٽائيم ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، پاڻ کي وري قومپرست ٿا سڏائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو