1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

امر جليل جي ارپنا تي ارمان...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,614
    ورتل پسنديدگيون:
    2,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    [​IMG]

    امر جليل جو اندر ڏسو ارپنا ڏسو
    _________________
    هي صاحب موصوف محترم مان وارو شان وارو سڏجندڙ گورک ڌنڌو ڪندڙ امر جليل جي ارپنا آهي جنهن هڪ ڪهاڻين جي ڪتاب جي مهاڙ ۾ هي گند لکيو آهي ...هن کي سنڌ جي تاريخ سان مذاق ڪندي مزو ٿو اچي ۽ ههڙي نموني هي سنڌ پرست آهي جڏهن ته سنڌ جي تاريخ توانا آهي مضبوط حقيقتن تي مبني آهي جيڪا قوم پنج ست هزار سال جيئندا ۾ هجي ...جڏهن ته هن جو دشمن ويري هر دفعي نئين روپ ۾ نئين ڍنگ ۾ سنڌ تي راتاها هڻندڙ هجي .....هن سنڌي قوم جي جوڌن جي جنساري کي هي شخص وساري ويٺو آهي جنهن جي بدولت تاتاري ،ارغون مغل انگريز سوئر کائيندڙ حرامي هن ڌرتي تان وجود فنا ڪري هليا ويا ۽ صرف هي نه پر انهن سان انهن جون ٻوليون به هليو ويو بقا نه ڪري سگهيون جي هن ۾ تورڙو عقل هجي ها ته هو هن وقت جي سنڌي قوم کي جيڪا انگريز ڪتي کان نفسياتي پريشان ڪرڻ جا حيلا هلايل آهن تن ۾ ڪجه قدر اعتماد سدازي ڪري ها جيڪا هن کي ڪرڻي ئي نه هئي ۽ جيڪا هن کي ڏسيل ايجنڊا ئي نه هئي ته قوم کي سست ڪرڻ جي بجاءِ مضبوت ڪريو ارادن ۾ احساسن ۾ ارڪانن ۾ ......بس سائين وڏو ليکڪ آ دانشور آ ...خاڪ ۾ وڃي هن جي دانش هن جي ڏاهپ جيڪا سنڌ دشمني تي مبني هجي .......
    .
    .
    .
    لبستم دائودپوٽه
     
    احمد خان هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,517
    ورتل پسنديدگيون:
    6,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    غير سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    سِنڌ جي تاريخ سان ڇا ٻين اديبن گهٽ ڪَئي آهي؟ امرجليل ته ڪهاڻيڪار آهي، هُو تاريخدان ناهي. انڪري کيس تاريخدان نه سمجهيو وڃي.
     
  3. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,614
    ورتل پسنديدگيون:
    2,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ماما اسان ڪڏهن چيو ته امر جليل تاريخدان آهي پر سنڌ جي تاريخ تي مسخري پيو ڪري اهو واضع ڪيو آ ...گستاخي معاف
     
    عبيد ٿهيم هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,482
    ورتل پسنديدگيون:
    5,966
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان وٽ اختلاف راء جو احترام ايترو ناپيد ڇو ٿي ويو آهي..!!

    جيڪڏهن ڪنهن جي راء سان اختلاف هجي ته ان لاء مهذب طريقو اپنائڻ بدران اسان مخالف مٿان ذاتي تنقيد ، بي جا الزام بازي جو بازار گرم ڪري ڇڏيندا آهيون..!!

    اختلاف راء جي بنياد تي ڪنهن اديب ، دانشور، ڏاهي جي بي عزتي ڪندي اسان کي ذرو به شرم محسوس نٿو ٿئي..!!!

    ڀلا اسان جي ان اديب آڏو حيثيت ڪهڙي آهي...!!؟؟ اسان پاڻ پنهنجي ٻولي جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي جو ڪنهن اديب تي تنقيد ڪندي ٿڪجون ئي نٿا...!!!

    رسول بخش صاحب توهان اڳ به محترم امرجليل تي بنا ڪنهن منطقي دليل جي تنقيد ڪري چڪا آهيو..!! توهان کي ياد هوندو، مون توهان کان توهان جن ئي اعتراضن جي پسمنظر تحت ڪجهه بنيادي سوال به پڇيا هئا ، ته جيئن توهان جو مؤقف سڀني پڙهندڙن آڏو واضح ٿي وڃي ، پر توهان ڪو به مثبت جواب ڏيڻ جي زحمت ئي نه ڪئي...!!

    توهان کي امرجليل صاحب جي مٿين ارپنا تي به اعتراض آهي. جيڪڏهن توهان جي سوچ محدود آهي ته ان ۾ امرجليل جو ڪهڙو ڏوهه...!!؟؟
    امرجليل جي مٿين ارپنا ۾ ڪا به ڳالهه غلط نه آهي.

    ارپنا جي مٿين جملن جو الڳ الڳ جائزو وٺي غور ڪريون ٿا.

    سنڌ جي ناقص تاريخ جي نالي ، جنهن تي صدين کان جمود طاري آهي.

    هن جملي مان صاف ظاهر آهي ته پڙهندڙن کي سنڌ جي تاريخ تي تحقيق لاء همٿايو پيو وڃي ته جيئن تاريخ جي ڪمزور رخن کي پرکي سگهجي..!!

    ڇاسنڌ جي تاريخ تي لکيل آڱرين تي ڳڻجندڙ ڪتاب اسان لاء ڪافي آهن...!!؟؟

    رڳو جذباتي ڳالهيون لکڻ سان اسان جي تاريخ شاهڪار ڪيئن ٿي بڻجي سگهي...!!؟؟

    دنيا جي هر قوم هر دور ۾ پنهنجي تاريخ تي تحقيق ڪئي آهي ۽ اهو سلسلو ڪڏهن به ختم ناهي ٿيندو بلڪه وقت گذرڻ سان گڏوگڏ تاريخ تي ٿيندڙ تحقيق جا رخ به تبديل ٿيندا رهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي وڏين وڏين يونيورسٽين ۾ مختلف ڊگرين لاء تاريخ تي تحقيق ڪندي مقالا ۽ ٿيسز وغيره لکڻ لاء همٿايو ويندو آهي.

    امر جليل جيڪڏهن سنڌ جي تاريخ کي ناقص لکيو آهي ته ان جو مقصد به اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي تاريخ جي ڪمزورين بابت ڄاڻيندي ان گهٽتائي کي پورو ڪيون. هن قسم جو جملو امرجليل جي ان فڪر جي عڪاسي ڪري ٿو ته کيس سنڌ جي تاريخ تي طاري اهو جمود سخت ناپسند آهي..!! ڪنهن به اديب جي هن قسم جي نشاندهي سنڌ دشمني ناهي پر حقيقت حب الوطني جو اعلي مثال آهي.

    جيڪڏهن توهان هن جملي کي سرسري پڙهي پنهنجي مطلب وارو مفهوم سمجهندؤ ته اهو فطور توهان جي دماغ جو آهي امر جليل کي قصور وار سمجهڻ بلڪل غلط آهي...!!

    جنهن جي ڪالهه ۽ اڄ ۾ رتي جيترو فرق ڪونهي...!!

    هي جملو به سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان لکيو ويو آهي.

    ڀلا اسان وٽ ڪنهن به شعبي ۾ تحقيق جو ڪهڙو معيار آهي...!!؟؟ اسان اڄ به ساڳيا لڪير جا فقير ٿي ساڳين پراڻن ڪتابن تي من وعن يقين ڪندا آهيون... مهذب قومون تاريخ جي ورثي جي نه صرف حفاظت ڪنديون آهن پر تاريخ تي تحقيق ڪندي ان ۾ وقت به وقت درستگيون به ڪنديون آهن..!!

    بدقسمتي سان اسان جي تاريخ صدين کان اها ساڳي آهي. بقول امرجليل جي ان ۾ رتيء برابر به فرق نه اچي سگهيو آهي..!! اسان سنڌين جي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بدنصيبي هوندي...!!

    بيشڪ هڪ محب وطن لاء اها ڳالهه شرمندگي واري آهي ، پر توهان ته انهي صدين پراڻي تاريخ تي اڄ به نازان آهيو ۽ شايد تحقيق ذريعي تاريخ ۾ مثبت تبديلي به برداشت نه اٿوَ..!!

    امرجليل جي خواهش عين وطن پرستي مطابق آهي.
    پـــــــــــر
    ادا رسول بخش صاحب...توهان پنهنجي سوچ ۽ فڪر جو جائزو وٺو....!!

    سنڌ جي تاريخ هڪ قوم جي مسلسل زوال جي تاريخ آهي.

    هن جملي ۾ به امرجليل جي بي انتها مايوسي ۽ بيوسي ظاهر ٿي رهي آهي. ڀلا ڪهڙو محب وطن چاهيندو سندس قوم جو زوال ٿئي..!! امرجليل به انهي ڏک جي نشاندهي ڪئي آهي.

    امرجليل ڪوڙيون دعوائون ڪري سنڌ ۾ کير جون نديون ڪو نه وهايون آهن.

    امرجليل سنڌ جي هڪ ذميدار اديب جي حيثيت سان سنڌ جي تاريخ جي اوڻاين ڏانهن اشارا ڪيا آهن. امرجليل هر هڪ سنڌي کي سنڌ جي تاريخ جي ڪمزورين بابت احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان اڄ به غربت جي بلڪل هيٺين لڪير تي بيٺا آهيون.
    غربت بي انتها ، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي اڻاٺ ، روزگار جي اڻ هوند ...!! ڀلا اهو ڪنهن به قوم جو عروج چئبو....!!؟؟
    جيڪڏهن اسان جا اديب انهن خامين جي نشاندهي نه ڪن ته ٻيو ڪير ڪندؤ...!!؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو