ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان ادب جي اوسر تي ناڪاري اثر پيو آهي : عبدالسبحان جمالي

'انٽرويو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 سيپٽمبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان ادب جي اوسر تي ناڪاري اثر پيو آهي سنڌ جي نالي واري ڪهاڻيڪار، شاعر، ناٽڪ نويس ۽ پروڊيوسر بادل جمالي سان ڪچهري:عبدالسبحان جمالي

    وطن جي مٽي ۽ ماڻهن سان اڻمئي محبت ڪندڙ بکر جمالي واسي شخصيت ليکڪ، شاعر، محقق ، اداڪار، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ سماجي ڪارڪن جي سڃاڻپ رکندڙ نثري ادب ۽ اداڪا++ري فيلڊ ۾ پنهنجي باوقار ڪردار جي مالڪ بادل جمالي جو اصل نالو محمد سليمان جمالي آهي هن 29 مئي 1947ع تي ڳوٺ شهداد جمالي ۾ جنم ورتو هن پنهنجو ننڍپڻ بکر جمالي جي ڀر سان ڳوٺ شهداد جمالي ۾ گذاريو شروعاتي تعليم ڳوٺ علي مراد جمالي مان حاصل ڪئي ان کانپوءِ ميٽرڪ هن گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول بکر جمالي مان 1969ع ۾ ڪئي. ميٽرڪ کانپوءِ ڪراچي فلم انڊسٽريز 1973ع ۾ پهتو اُتي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو.1974ع ۾ پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ ۾ نوڪري ملي هن اُتي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو ۽ 2007ع ۾ اُتان ريٽائر ٿيو. سنڌي ادب سان لڳاءُ هجڻ سبب هينئر سيڪريٽري طور سنڌي ادبي بورڊ نيو سعيد آباد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي هن پنهنجي پهرين ڪتاب “ پاڙي ناهي پروڙ” جو (نسيم کرل) گولڊ ميڊلسٽ آهي اهو ڪتاب 1980ع ۾ لکيو هو.

    س: توهان کي ادب ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن شوق ٿيو؟

    ج: ادب پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق ننڍپڻ کان هو مون شاعري سان لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ اڳتي هلي جڏهن آئون ڪراچي پهتس ته منهنجوواسطوسنڌي ادب سان ٿيو ، مون ڪهاڻين کي ترجيع ڏني ۽ پوءِ مون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ اڳتي آئون شاعري نه ڪري سگهيس ءِ ڪهاڻيڪار ٿي ڪري سامهون آيس. دوستن ڪهاڻيون پسند ڪيون .

    س: اوهان سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جا ڪهڙا ڪتاب لکيا آهن؟

    ج: پهريون ڪتاب “ پاڙي ناهي پروڙ” مون 1980 ۾لکيو جنهن کي 1980 جو بهترين ڪهاڻين جو مجموعو سمجهي نسيم کرل گولڊ مڊ ميڊل مليو ۽ ساڳئي سال شاعري تي شيخ اياز کي به مليو. ان کانپوءِ منهنجو ٻيو ڪتاب (سنگرام) 1987 ۾آيو ۽ ان کان علاوه (چونڊ سنڌي ڪهاڻيون) 1975 کان 1980 جي وچ واريون جيڪي ڪهاڻيون هيون انهن جي چونڊ مون ڪئي هئي. ريٽائير ٿيڻ کانپوءِ مون 2013کان ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ هاڻي سٺو مجموعو ٿيو آهي انشاءالله تمام جلد نئين ڪتاب جي صورت ۾ ڏيندس.

    س: محمد دائود بلوچ سان ڪهڙن ڪتابن تي ڪم ڪيو ۽ ڪڏهن ڪيو؟

    ج: مون محمد دائود بلوچ سان گڏ (چار ڪهاڻيڪار چار نقادس) جي نالي سان هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو هو جيڪومنصور پبليڪيشن جو مالڪ به هو ۽ اسان جو مانوارو دوست هو ان کان سواءِ ان ساڳئي اداري لاء ٻه ڪتاب ڪهاڻي نمبر جي نالي سان مون ۽ محمد دائود گڏ جي1982۽1983۾ ترتيبت ڏنا هئا.

    س: توهان ڪهڙي قسم جي شاعري ڪئي پنهنجي ڪا شاعري ٻڌايو؟

    ج: جيڪا منهنجي شروعاتي شاعري هئي اها رومانوي قسم جي هئي پر تڏهن اهڙي خاص يا شاندارشاعري نه هئي جنهن تي آئون فخر ڪيان ۽ انهي ڪري ڇپائي نه ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته اها ڪچي ڦڪي شاعري هئي ان زماني جي منهنجي لکيل شاعري هن ريت هئي.

    نحص پنهنجي تي نادم ناهيان
    جي وقت جي بازي مون نه کٽي
    جيت اسان جي ٿئي يا نه ٿئي
    هار ته هميشه پنهنجي آ


    س: سنڌي ادب جي بهتري جي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟

    ج:هڪ ليکڪ طور سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر ۽ ورڪر جي حيثيت سان 1975 ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي ۾ جوائننگ ڪئي هئي، ورڪر جي حيثيت سان ۽ ميمبر جي حيثيت سان مون اتي تقريبن اٺهه کان ڏهه سال سنگت ۾ گذاريا جتي منهنجي ڪردارکي ڏاڍو ساراهيو ويو، ادب ،لکڻ ، تنقيد ۽ رهنمائي جي حوالي سان دوستن تمام گهڻي تعريف ڪئي منهنجوڏاڍو سٺو ۽ پازيٽيو ڪردار رهيو.

    س: سنڌي ادب جي حوالي سان سنڌي ڪهاڻي جي پڙهڻ ، تخليق ڪرڻ ۽ غلطين جي باري ۾ ڇا چوندا؟

    ج: ڪہاڻين جو پڙهڻ هر وقت هر دور ۾ هوندو آهي پر ادب ۾هاڻي ڪهاڻين جو رجهان بدلجندو پيو وڃي عام پڙهندڙ کي هينئر معياري ڪتاب نٿو ملي ڇاڪاڻ ته ڪهاڻين ۾ ٻولي غلط لکي ويندي آهي. شاعري ۾ پڻ ٻولي جو غلط استعمال ڪيو ويندو آهي، مذڪر ۽ مونث جو تقريبن فرق ئي ختم ٿي ويو آهي جئين ٿو ڪير محسوس ڪري تئين ٿو لکي هو پنهنجو معيار ڪونه ٿو ڏسي ته آئون مارڪيٽ ۾ ڪهڙي شئي موڪليان پيو ان جو ڪهڙو معيار هجي ڇاڪاڻ ته تخليقڪار کي جڏهن پنهنجي معيارجي خبر نه آهي ته اهو ٻولي کي ڇا ڏسندو مٿان وري اصلاح به نه ٿي ٿئي ڇاڪاڻ ته اڳ ايڊيٽر هوندا هئا اهي ان شئي کي پڙهي درست ڪري پوءِ ڇاپيندا هئا. هاڻي ته ايڊيٽر به اسان جا دوست اهڙا وڃي ٿيا آهن جن کي اها توفيق به ڪانهي جو هو غلط کي صحيح ڪن جنهن جي ڪري اها شئي غلط لکي وئي آهي ته هاڻي اها ڇپجي به غلط پئي ۽ اها جاري آهي هاڻ ڪو ماڻهو ڪٿي جملو پڙهيو (منهنجي آواز خراب آهي) ته هو به چوڻ شروع ڪندو ته(منهنجي آواز خراب آهي) جنهن ڪري اسان کي سنڌي ٻولي جو معيار بهتر ڪرڻ گهرجي ۽ ايڊيٽرن کي به گهرجي ته اهڙيون غلطيون جتي ٿين ٿيون انهن کي درست ڪري اصلاح ڪن اهو انهن جو فرض آهي.

    س: ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ادب ۽ اخلاق تي ڪهڙو اثر پئي ٿو؟

    ج: اڳئي اسان ڪهاڻين ۾ ٽيلي فون کي وڏي اهميت ڏيندا هئاسين وڏو ڪاري رنگ جو پي ٽي سي ايل وارن جو سيٽ هوندو هو ان ذريعي گفتگو ٿيندي هئي ماڻهو ڪمرن تائين محدود هوندا هئا. هن وقت موبائل جو زمانو اچي ويو آهي هر ڪنهن جي کيسي ۾ موبائل آهي اوهان جبل تي هجو، جهنگ ۾ هجو،يا کڻي باغ ۾ هجو جنهن سان وڻي ڳالهائي سگهو ٿا اها سهولت تازي آئي آهي اسان جي دور ۾ پابنديون هيون ايتري قدر جو ڪهاڻيڪارن لاءِ پيار ڪرڻ جي جڳهن ته پيار جو اظهار ڪرڻ محبوبه کي ڏکيو لڳندو هو هاڻي ته ڪو به مسئلو ڪونهي هاڻي وڏي آزادي ٿي وئي آهي جو هر هنڌ مرد توڙي عورت وٽ موبائل آهن هر ڪو ڳالهائي سگهي ٿو هن وقت موبائل جي ڪري معاشري تي تمام غلط اثر پئجي رهيو آهي اهڙي طرح اهي سڀ ڳالهيون ادب ۽ اخلاق تي به اثر انداز ٿين ٿيون ڇاڪاڻ ته ماڻهو هاڻي دلير ٿي ويو آهي اڳيون ڳالهيون ناهن رهيو. اڳي ڪنهن سان پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ ڏاڍي ڏکي هئي پر اڄڪلهه هلندي ڦرندي ماڻهو دل جي ڳالهه چئي ٿا وٺن. ان ڪري اهي تبديليون معاشري سان گڏوگڏ ادب ۽ اخلاق تي به اثر انداز ٿين ٿيون هاڻي اهڙو معتبر قسم جو ادب تخليق ڪجي جيڪو هر ڪنهن جي لاءِ قابل قبول هجي اهو اڄ به مشڪل آهي ڇو جو ماڻهو اڄ به لکڻ تي ويهي ٿو ته هو شعور جي وهڪري ۾ اهڙيون شيون لکي ويندو آهي جيڪي عام ماڻهن جي اڳيان ڳالهائڻ جهڙيون نه هونديون آهن پوءِ انهن تي تنقيد ٿيندي آهي پر معتبر ادب ته اهو آهي جيڪو سڀني جي لاءِ هڪجهڙو هجي مرد توڙي عورت سڀ پڙهي سگهن ۽ ان ۾ بي ادبي نه هجي.

    س: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ادب تي ڪهڙو اثر پيو آهي؟

    ج: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ڪتابن جي وڪري تي ضرور اثر ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته اڳي هزار ڪتاب مهيني ٻن ۾ وڪامبا هئا هاڻي نٿا وڪامن ڇو جو تڏهن لکڻ پڙهڻ کي گھڻي ترجيع ڏني ويندي هئي ڇاڪاڻ ته اڳي ماڻهن وٽ وقت گذارڻ جي لاءِ ڪا ٻي مصروفيت نه هوندي هئي هاڻي الڪيٽرانڪ ميڊيا اچي وئي آهي ان کانپوءِ سڄو ڪريڊٽ ٽي وي ڏانهن وڃي ٿو، توهان ڊراما ڏسو، ميوزڪ ٻڌو ۽ ٻيا پروگرام ڏسو اهي سڀ شيون ڏسڻ کانپوءِ ماڻهو وٽ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ٿورو وقت ٿو بچي تنهن هوندي به جنهن جي ادب سان دلچسپي آهي اهو اڄ به پڙهي ٿو، ڪتابن جو وڪرو اڄ به جاري آهي.

    س: سنڌي ادب شاعري ۽ آرٽ جي حوالي سان ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟

    ج: ادب، شاعري ۽ آرٽ اهي ٽئي ساڳيا چئبا ڇاڪاڻ جو ٽئي ادب سان ملندڙ آهن، اوهان انهن کي الڳ نه ٿا ڪري سگهو، ادب تمام وسيع آهي اوهان جي موسيقي ان ۾ اچي ٿي وڃي، اوهان جي شاعري ان ۾ اچي ٿي وڃي، ڊرامه به ان ۾ اچي ٿا وڃن، تقرير به ان ۾ اچي، ايستائين ٻولي سڄي ان دائيري ۾ آهي.

    س: پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ ۾ اوهان عوام لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟

    ج: مون وڌ کان وڌ ادبي پروگرام ڪيا آهن، ادب ۽ ٻولي جي حوالي سان تمام خوبصورت پروگرام ڪيا آهن. ان ۾ اسان بحث مباحثو، ڪريڪيوليرم ۾ غلطيون جهڙوڪ اسان واري دور جا ڪتاب ٻارن کي پڙهايا ويندا هئا 1950 واري ڇاپي سبب ٻار پريشان ٿيا ڇو جو مارڪيٽ ۾ اهي ڪتاب نه پيا ملن. ان تي اسان تعليمي آفيسرن کي گھرايو ۽ تمام سخت بحث ڪيا ان ۾ مون سان ڪافي تعليم کاتي جا آفيسر ناراض به ٿيا پر بعد ۾ ٽيليوزن تي جڏهن اهي پروگرام ڏٺائون ته کين خبر پئي ته اسين پنهنجي جاءِ تي صحيح هئاسين ۽ اصل ۾ غلطيون هنن جو هيون جن کي بعد ۾ هنن تسليم به ڪيو هو ان کان پوءِ هنن ان ڌيان طلب مسئلي تي غور ڪرڻ جو واعدو ڪيو. جنهن کان هنن جيڪي ڪتاب مارڪيٽ ۾ ناهن انهن جي جاءِ تي نوان ڪتاب ڏنا. پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ جي پليٽ فارم تان مون پروڊيوسر جي حيثيت سان ادب جي لاءِ سٺا ادبي پروگرام ڪيا ۽ بيشمار مشاعره ڪيا ادبي مباحثه ڪيم ڪيترائي ليکڪ، فنڪار، ادب جا ماڻهو مون متعارف ڪرايا آهن ۽ وڌ ۾ وڌ پاڪستان ٽيلي وزن نيٽ ورڪ مون ادب جي حوالي سان وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيو.

    س: پاڪستاني ڊرامن کي دنيا ۾ گھڻي چاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، هن جو ڪريڊٽ ڪنهن ڏانهن وڃي ٿو؟

    ج: ڪنهن هڪڙي ماڻهو کي نه پر سڄو ڪريڊٽ پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ جو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ نه صرف پاڪستان جو پهريون پر دنيا جو وڏو ادارو به رهي چڪو آهي هن جا جيڪي ڊائريڪٽر هئا انهن کي ٻين ملڪن ۾ تربيتون ڏياريون ويو، ان کان پوءِ انهن تمام خوبصورت ڊرامه ڪيا آهن، انهن نه صرف پاڪستان ۾ پر پاڪستان کان ٻاهر پڻ وڏو نالو ڪمايو خاص ڪري هندستان جي فلمي اڪيڊمي جيڪا پونا ۾ هئي ان ۾اداڪارن کي سکيا طور پاڪستان جا ڊرامه ڏيکاريا ويندا هئا ته اداڪاري ڪيئن ڪجي ڊائريڪشن ڪيئن ڪجي اهي پونا جي ڊائريڪٽرن جو ڳالهيون آهن. ان کان پوءِ اسان جا تمام وڏا بهترين ڊائريڪٽ محمد نثار حسين جيڪو لانگ پلي ڪندو هو طويل دورانيا جو وڏو ڊائريڪٽر هو. ان کانپوءِ ياور حيات ، شهزاد خليل، شعيب منصور، سيد محسن علي ۽ قاسم جلالي اهي سڀ اسان جا وڏا ڊائريڪٽر هئا ۽ اسان انهن کان تربيت حاصل ڪئي انڪري اسان به پنهنجي حال سارو سٺا ڊرامه ڪيا خاص ڪري سنڌي ۾ جيڪي اڄ تائين يادگار آهن.

    س: ڇا پرائيويٽ چينل اچڻ کانپوءِ پي ٽي وي جي ڏسندڙن ۾ گھٽتائي آئي آهي؟

    ج: جي بلڪل گھٽتائي آئي آهي ڇاڪاڻ ته پي ٽي وي هڪ قومي ادارو آهي ان جي پنهنجي سرڪاري پاليسي آهي ڇا ڪرڻ گھرجي ڇا نه ڪرڻ گھرجي، جڏهن ته پرائيوٽ ادارا جيڪي آهن اهي ان پاليسي ته عمل نه ٿا ڪن اهي هر قسم جون شيون ڏيکاريندا آهن، اهي پنهنجي مالڪ جي مرضي تي ٿا هلن. چينل جا مالڪ جيڪڏهن پاڻ بهادر آهن ته اهي هر قسم جون شيون جيڪي هو هلائڻ چاهين عشق محبت جون هجن يا جيڪو به ڪجهه پرائويٽ چينل ذريعي ڏيکاري سگھن ٿا انهن کي آزادي آهي. پي ٽي وي ۾ اڄ به اها ناهي، پي ٽي جو پروڊيوسر يا ڊائريڪٽر جڏهن سوچين ٿا ته انهن کي هزارين پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ان پابندين جي باوجود به هو پنهنجن ڊرامن کي مٿي ڪري رهيا آهن جو اڄ به دنيا ۾ انهن جو نالو آهي ڪڏهن اهو دور هو ته ٽي وي تي ڪا سيرل هلندي هئي ته ماڻهو مارڪيٽون بند ڪري ان کي ڏسندا هئا اهو سڄو دور پي ٽي وي سان هو هاڻي اوهان وٽ وڏا چينل آهن. جنهن ۾ ڊرامن جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ آهي پر توهان جو مارڪيٽون هيئنر بند نه ٿيو ٿين ڇو جو اداڪاري يا ڊائريڪشن جو معيار اهو ناهي جيڪو پي ٽي وي جو هو.

    س: نوجوان نسل ۾ ڀارت جي ڊرامن ۽ فلمن جو شوق تمام گھڻي حد تائين پيدا ٿي ويو آهي، ڇا سماج تي هنن جي ثقافت جا منفي اثر پئجي سگھن ٿا؟

    ج: اهو اسان تي هندوستاني ثقافت جو حملو آهي ۽ اهو ٿيندو رهيو آهي ۽ اسان جا نوجوان واقعي متاثر ٿين پيا اهو جيڪو ٽين ايج يا ارلي ٽوئنٽي ۾ جيڪي نوجوان آهن انهن نوجوانن ۾ ڇوڪرا هجن توڙي ڇوڪريون هجن انهن کي اهي انڊيا جون شيون متاثر ڪن ٿيون. هاڻي "بي بي تيري چٽيان ڪلائيان" آهي اهو پاڪستاني چينل طرفان ته ڪون ٿو ٿي سگهي ۽ نه ڪو ٻيو چينل اهڙو ڪرڻ جو سوچيندو به. انڊيا مان ڊائريڪٽ اهي شيون اچن ٿيو ۽ ماڻهو ڏسن ٿا حيرت ان تي آهي ته اڄ اسان جي شادين جي موقعن تي اهي انڊين گانا هلن ٿا جن ۾ "عشق ڪمينا" يا "چولي ڪي پيڇي ڪيا هي" پڻ شامل آهن. اسان پي ٽي وي ذريعي اهي شيون عوام کي نٿا ڏيکاريون توهان پنهجن پرائيويٽ طريقن سان اهي سڀ شيون گھرن ۾ فيملين کي به ڏيکاريو ٿا ان ڪري اها ٻي پاليسي آهي. ڪجهه ماڻهن فلمن جي آزادي ۽ ڊرامن تي پابندي هڻڻ جي ڳالهه گورنمينٽ جي سامهون رکي ته گورنمينٽ جو اهو موقف آيو ته ٽي وي تي فيملي چينل به آهن ۽ فلمن کي ماڻهو پاڻ شوق سان ڏسڻ چاهين ٿا. ان ۾ اها شئي جيڪي توهان ڏسڻ لاءِ ويا اها توهان ڏسي سگهو پيا پر ٽي وي گھر گھر موجود آهي هن ۾ اهڙو ڪجهه نه ڏيکاريو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته گھر ۾ ويٺي ڏسندڙن کي اهو ناهي خبر اڳيان ڇا ايندو تڏهن ڊرامن ۾ آزادي نه ٿا ڏئي سگهون.

    س: سنڌي ادب ۾ اوهان جي نظر ۾ سٺا ليکڪ ڪهڙا آهن؟

    ج: سڀني سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪن پيا پر ڪجهه خاص لکيڪ آهن جن تمام بهترين ڪم ڪيو آهي جيئن جمال ابڙو صاحب جيڪو منهنجو روحاني استاد پڻ آهي، آغا سليم جيڪو ڪمال جو افسانا نگار ۽ نثر نگار هو ان کانپوءِ سائين امر جليل آهي، نسيم کرل هو، ميڊم مهتاب جا افسانه، ميڊم خيرالنساءِ جعفري جنهنجا افسانا توهان پڙهندئو ته توهان کي خبر پوندي ته اهي ڪمال جا ليکڪ هئا.

    س: نوجوانن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

    ج: عام پيغام آهي پڙهو گھڻو پڙهندئو ته ذهن کلندئو انگريزي ادب پڙهو اردو ادب پڙهو سنڌي ادب پڙهو پر پڙهو ۽ ان کي پروڙيو ۽ پنهنجي وڪيبلري جيڪا آهي اُها وسيح ڪيو لفظ پنهنجي ذهن ۾ تمام گهڻا شامل ڪيو انهن جي معنيٰ اوهان کي اچڻ گھرجي ٻي ڳالهه ته پنهنجو ذهن کليل رکو ڪٿي به وڃو مشاهدو ڪيو ڪاريگر وٽ ويندئو ته ڏسو ڪم ڪيئن ٿو ڪري محنت ڪش وٽ ويندا ته ڏسو محنت ڪيئن ٿو ڪري پنهنجي دل ۾ جنون پيدا ڪيو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو.

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     
    فقير محمد سنڌي ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو