1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

آزاديءَ جي ويڙهاڪ شهيدن جي ياد ۾ گُل حسن ڪلمتيءَ جو ليڪچر پروگرام

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    5,772
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪلهه 25 سيپٽمبر 2016 تي شام جو بيت المڪرم مسجد (گُلشنِ اقبال ڪراچي) سامهون ارتقا اڪيڊميءَ پاران 1857ع جي آزاديءَ جي ويڙهاڪن بابت به هڪ يادگار ۽ ڀيٽا ڏيڻ خاطر پروگرام رکيو ويو جنهن ۾ مُک ڳالهائيندڙ سنڌ جو ڏاهو اديب ۽ ڪراچيءَ جي ماڳن ۽ ماڻهن تي وڌ کان وڌ تحقيقي ڪندڙ گُل حسن ڪلمتي هو. هونئن ته اهو پروگرام واقعي واري ڏينهن يعني 17 سيپٽمبر جي حساب سان رکيو ويو هو پر عيد جي ڪري انهيءَ کي اڳتي ڪري 25 سيپٽمپر تي رکيو ويو.
    آءُ ۽ @سيلمان وساڻ پڻ سچل ڳوٺ جي دوستن الهداد گوپانگ ۽ سيف الله ڀُٽو سان گڏ اُتي پُهتاسين. پهريان ته ليڪچر ٻُڌوسين جنهن ۾ 1857ع کان اڳ وارين حالتن، انگريزن جي اچڻ ۽ پوءِ مقامي ماڻهن جي مزاحمت جو ڳالهيون ڪيون ويون جيڪي گهڻي ڀاڱي تاريخي ڪتابن ۾ موجود آهن جن جو هتي ورجاءُ نه ٿو ڪجي. پر موجوده ايمپريس مارڪيٽ واري جاءِ تي ٿيل تاريخي ظلم جو ٻُڌي وارا ڪانڊارجي ويا. هڪ اهڙو واقعو جنهن ۾ ڪُجهه سنڌين کي ڦاهي چاڙهيو ويو ۽ باقي پنج ڄڻن کي توبن ۾ ٻڌي گولن جيان جيان اُڏاريو ويو. جن کي ماريو ويو تِن کي اسلامي عقيدن مطابق پورڻ يا هندو عقيدن موجب ساڙڻ بجاءِ ڳترا ڳترا ڪري نالن ۾ وهايو ويو يا وري سمنڊ ۾ اُڇلايو ويو. اهو سڀ اُن وقت مزاحمت ڪندڙ آزادي پسندن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش هُئي. ايمپريس مارڪيٽ واري بلڊنگ ٺاهڻ جو مقصد پڻ اهو ته ان بربريت جي ياد ۾ اُتي ڪي ميڙاڪا نه ٿين. ڪلمتي صاحب حُڪومتِ وقت کان اها گهُر پڻ ڪئي ته مهرباني ڪري اُتي هڪ بورڊ هڻي انهن شهيدن بابت لکيو وڃي ته هر عام و خاص کي خبر پئي ته اتي ڪهڙو ڪلور ٿيو هو.
    ليڪچر کان پوءِ جيڪو سوالن جوابن جو سلسلو هليو اهو دلچسپ هو. پر ان کان اڳ اهو لکڻ ضروري سمجهندس ته ڪاري ٽي شرٽ ۾ گُل حسن ڪلمتي تمام سُڪون ۽ ڌيرج سان معلوامت ونڊي رهيو هو. ٻُڌندڙ گهڻي ڀاڱي ڪراچيءَ جا اُردو ڳالهائيندڙ هُئا ۽ پريس مان ڪُجهه مرد ۽ عورت صحافين جو پڻ هڪ جٿو هُيو. ڏاڍي خوشي پئي ٿي ته هڪ سنڌي ڏاهي کي ايترا سارا ٻُڌڻ وارا آيا آهن ۽ سندس اندازِ بيان ايڏو بهترين آهي جو سڀ توجه سان کيس ٻُڌن پيا. جڏهن به اهڙو ڪُجهه ڏسڻ لاءِ ملي ٿو ته دل چئي ٿي ڪاش اسان مان هر ڪو پنهنجي حصي جو ڪم ايئن ايمنداري ۽ جذبي سان ڪري ته مڃتا ضرور ملندي ۽ سرخرو ٿينداسين. ايئن ڪرڻ سان هي ”سازشون“ ۽ پاڻ مٿان هٿ ٺوڪيون غلاميءَ واريون علامتون پڻ جيڪر پاڻ ئي ختم ٿي وڃن.

    سوال جواب شروع ٿيا ته هڪ همراهه پُڇيو ته اوهان رُڳو سنڌ ۽ سنڌين جي بهادري ۽ ويڙهه جي ڳالهه ڪئي آهي جڏهن ته ان وقت سڄي ننڍي کنڊ جي ماڻهن مزاحمت ڪئي؟
    ڪلمتي صاحب وراڻيو، ان کان انڪار ڪونهي. واقعي اها جدوجهد وڏي هُئي. پر مون کي اڄ ميزبانن رُڳو ڪراچي وارن جي مزاحمتي ڪردار تي ڳالهائڻ جو چيو. تنهنڪري مون انهن تي وڌيڪ ڳالهايو. هاڻي ڪراچي سنڌ ۾ آهي ته آءُ ظاهر آهي سنڌين جو ڪردار چوندس نه؟

    هڪ ٻئي پُڇيو ته اوهان چئو ٿا ته جهانسي جي راڻي مارجي وئي هُئي. پر تاريخدان مبارڪ علي لکي ٿو ته اُها شايد اوڀر جي ڪنهن مُلڪ (نيپال وغيره) فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ پنهنجي لکڻين ۾ واپسيءَ جي خواهش به ڪيائين؟
    گُل حسن پنهنجي وسيع مطالعي جو ثبوت ڏيندي چيو، اوهان بلڪل صحيح ٿا چئو. پر خود مبارڪ علي جي ئي هڪ ٻئي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته اها مارجي وئي هُئي. ڪلمتي ان ڪتاب جا حوالا پڻ ڏنا.

    ڪنهن پڇيو ته ان وقت ٽالپرن انگريزن خلاف ايتري مزاحمت ڇو نه ڪئي؟ ۽ سنڌين انهن جو ساٿ ڇو نه ڏنو؟
    ڪلمتي صاحب چيو، اصل ۾ ٽالپرن ان وقت دفاعي ويڙهه وڙهي ۽ پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت کي ترجيح ڏني ان جي تاريخ شاهد آهي. باقي رهي ڳالهه سنڌين جي ته منهنجي خيال ۾ سنڌين کي ٽالپر به قابض ٿي لڳا جن ڪلهوڙن کان حڪومت کسي هُئي. سنڌين کي لڳندو هوندو ته اسان هنن جو ساٿ ڇو ڏيون جڏهن هي خود ئي زوري آيا. ڪُجهه سنڌين کي ان وقت غدار پڻ چيو ويو جيئن نائون مل وغيره. پر اوهان کي خبر آهي ته نائون مل سان ڇا ٿيو هو؟ جيڪا جُٺ نائون مل سان ڪئي وئي هُئي ته ان جاءِ تي ڪير به هُجي ها اُهو ئي ڪري ها جيڪو نائون مل ڪيو هو.

    هڪ وڌيڪ سوال آيو ته اها مزاحمت رُڳو شهري علائقن ۾ ڇو ٿي؟ ٻهراڙي ۾ ڇو نه ٿي
    ڪلمتي صاحب وراڻيو، ٻهراڙين مان به ٿي پر رڪارڊ تي گهڻي اُها آهي جيڪا فوجي ڇانوڻين مان ٿي جيئن شڪارپور وغيره. ظاهر آهي ان وقت سنڌ ۾ ٽالپرن جي دورِ حڪومت ۾ فوجي ڇانڻيون شهرن ۾ هُيون ته ويڙهه به انهن ڪئي جيڪا رڪارڊ تي رهي.

    سليمان وساڻ پُڇيو ته آزاديءَ جي ويڙهه ۾ سنڌين جو وڏو ڪردار آهي پر اردو ۽ قومي ميڊيا ان کي ڪوريج ڇو نه ٿي ڏي؟
    ڪلمتي صاحب وراڻيو اها شڪايت واقعي جائز آهي پر آءُ پُڇان ٿو ته سنڌي ميڊيا وري ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن. انهن به ته ڪا خاص ڪوريج ناهي ڏني.

    هڪ جهوني پنهنجو سوال شڙوع ڪيو ته کُٽڻ جو نالو ئي نه وٺي. جهوني کي رُڳو واقعا ياد هُئا جيڪي پڙهيل هُئس نالو هڪ به ياد نه اچيس. هر واقعي جي هر ڪردار جو نالو ڪلمتي صاحب ٿي ورجايو جنهن مان ڪلمتي صاحب جي وسيع مطالعي جي معلومات ٿي ملي. نيٺ جهوني ڳالهه ڦيرائي سيرائي ڪنهن چاڪر خان بابت پُڇيو ته ڪلمتي صاحب وراڻيو ها اوهان چاڪر خان ٿا چئو اهو ڪلمتي هو. اهو هڪ بهادر ويڙهاڪ هو جنهن جي دهشت ڪيتري هُئي، بلڪه آهي ان جو مثال هي آهي ته آءُ انهن ڪردارن تي لکي رهيو هوس ته اندازو ٿيم ته انهيءَ کي منگهو پير ۾ دفن ڪيو ويو هوندو. اتي جي قبرساتن جي هڪ هڪ قبر ڏٺم پر قبر نه ملي. نيٺ اُتي هڪ همراهه پُڇڻ تي ٻُڌايو ته چاڪر خان جي قبر ته نوراني تي آهي. اُتي وڃي ڏٺم ته واقعي چاڪر خان ۽ ان جي ڀاءُ جي قبر آهي پر قطبو رُڳو ڀاءُ جي قبر تي آهي. پُڇڻ تي معلوم ٿيو ته 1839ع ۾ اها دهشت هُئي ته قبر تي قطبو هڻڻ سان چاڪر وڙهي نه پئي. اهو خوف اڄ تائين جيئن جو تيئن برقرار آهي. ڪلمتي ٻُڌايو ته اتي جا ماڻهو مون کي به قطبو نه پيا هڻڻ ڏين پر زوري هڻايم ته مون سان نه وڙهندو اوهان دلجاءِ رکو.

    سوالن جوابن جي سلسلي کان پوءِ پروگرام ۾ آيل مهمانن کي ايمپريس مارڪيٽ پُهچايو ويو جتي شهيدن جي ياد ۾ ڏيئا ٻاريا ويا.


    [​IMG]



    [​IMG]


    [​IMG]
     
    يوسف سيف ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,381
    ورتل پسنديدگيون:
    26,823
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ سٺو پروگرام هيو ..... سوال ڪندڙ اهو پوڙهو شخص مزدور اڳواڻ ماما عثمان بلوچ هيو.

    17 سيپٽمبر 1857ع جي ان واقعي جا تفصيل هتي پيش ڪجن ٿا.

    ڪراچي جي امپريس مارڪيٽ !
    سامي ميمڻ

    ڪراچي تي انگريزن جي دور کان وٺي سياسي سازشن ذريعي حملا ڪري، زمينن تي قبضا ڪري مقامي ماڻهن کي ماري هيسائي دٻائي ڪمزور ڪرڻ ۽ غلام بنائڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن، پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته پنهنجي ڌرتي جي حفاظت لاءِ ڪراچي جي هن ملير واري علائقي ۾ آباد قبيلن ۽ برادرين ڌارين حملي آورن سان مهاڏو اٽڪائي کين رُڪ جا چڻا چٻائي ڇڏيا. تاريخ جا ورڪ ورائيندي ڌرتي ڌڻين جي دشمنن سان ويڙهه ۽ بهادري ڏسي ڳاٽ اوچا ٿي وڃن ٿا، ويساهه ٿيڻ لڳي ٿو ته واقعي سنڌ گدڙن ڪون کاڌي آهي. ڪراچي جي اتر طرف جبلن جي قطار آهي، اهي جبل اڄ به واڪا ڪري ڪراچيءَ جي وارثي ۽ حفاظت جو وچن ورجائي رهيا آهن، اڄ به انهن ٽڪرين مان هڪ ٽڪري تي هڪ ڊگهو لڪڙو کتل آهي جيڪو هڪ باغي ويڙهاڪ سنڌي جي قبر جو نشان آهي. تاريخي دستاويزن ۾ ان سنڌي جو نالو رڳو فقير لکيل آهي، جنهن 1839ع ۾ ڪراچي تي قابض هڪ انگريز کي قتل ڪيو هو، جنهن ڏوهه ۾ کيس ان ٽڪري تي ڦاهو ڏيئي ماريو ويو هو. انگريز تاريخدان رچرڊ برٽن جنهن جبل جي چوٽي ۽ قبر جو ذڪر ڪيو آهي اهو 1913ع ۾ ڪراچي جي ڪيل سروي واري نقشي ۾ جبل چاڪر ڦاهي طور لکيل آهي. مقامي ماڻهن جي وات اڄ به اها ڳالهھ آهي ته ان ٽڪري تي انگريزن 1839ع ۾ هڪ انگريز عملدار کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مير چاڪر خان ڪلمتي کي ڦاهي ڏني هئي. 1839ع ۾ جڏهن انگريزن ڪراچي تي قبضو ڪيو هو ته مير چاڪر خان انگريزن خلاف بغاوت جو اعلان ڪندي گوريلا ڪارروايون تيز ڪيون هيون. انگريزن شڪ جي بنياد تي ڪراچي جي ڪلمتين، جوکين، برفتن، بنديچن، ڇٽن ۽ ٻين قبيلن خلاف رڻ ٻاري ڏنو، 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري اذيتون ڏنيون ويون. چاڪر خان جي گرفتاري ۽ ڦاهي ۾ به اتان جي وڏيرن ۽ سردارن جي روايتي غداري شامل هئي، اسان هن بهادر کي روايتي بي حسي سبب وساري ڇڏيو آهي. ڪراچي واسين يا سنڌ جي سياسي تنظيمن ان تاريخ جو مطالعو ڪندي ڪڏهن به ان بهادر باغي کي خراج پيش ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي آهي.

    هونءَ ته ڪراچي تي قبضي ۽ ڌارين قبضاگير ٽولن خلاف سنڌين جون جدوجهدون لازوال ۽ اڻ ڳڻيون آهن پر 1857ع ڌاري ڪراچي ۾ انگريز فوج جي 21 ريجمنٽ جي سپاهين پنهنجي وطن سان وفا ڪندي فوج ۾ حوالدار رام دين پانڊي جي اڳواڻي ۾ بغاوت ڪئي پر مخبري سبب کين گرفتار ڪيو ويو، گرفتاري کان پوءِ ڪجھه سپاهين کي ڪاري پاڻي جي سزا هيٺ موڪليو ويو، گرفتاري کانپوءِ 16 ۽ 17 سيپٽمبر تي باغين کي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو،17 تاريخ جي شام 4 وڳي پوسٽ آفيس جي خالي ميدان تي جتي اڄ امپريس مارڪيٽ اڏيل آهي اتي يارهن باغين جي منهن تي ڪارا ڪپڙا چاڙهي کين ڦاهي تي لٽڪايو ويو ،مورخ لکن ٿا ته ڦاهي کانپوءِ باغين کي ترارن سان ڳترا ڳترا ڪري وهندڙ پاڻي ۾ لوڙهيو ويو ته جيئن اتي موجود سپاهي عبرت حاصل ڪن، باقي بچيل ٽن انقلابين کي توبن اڳيان آڻي توبون هلايون ويون ۽ سنڌ ڌرتي رت سان ڳاڙهي ٿي ويئي، فوج مان 21 ريجمنٽ کي هميشه ختم ڪيو ويو ۽ مقامي ماڻهن جي فوج ۾ ڀرتي تي بندش لاڳو ڪئي ويئي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي اڃان تائين فوج ۾ وڃڻ کان لنوائين ٿا، شهيدن جي قتل واري جاءِ تي امپريس مارڪيٽ ان ڪري ٺاهي ويئي ته جيئن ڪو سندن يادگار نه ٺاهي سگهي. اسان کي اهو واقعو ياد ڏياريندي ملير جو مورخ گل حسن ڪلمتي لکي ٿو ته اچو ته ڪڏهن امپريس مارڪيٽ هلي ان جي ڪنهن ڪنڊ تي ڳاڙهن گلن جو گلدستو رکي انهن شهيدن کي ياد ڪريون، جيڪي تاريخ جي اڻ ڄاتل راهن ۽ اڻ ڏٺل منزل جي ڳولا ۾ ماريا ويا.

    ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ جي تاريخ جو ڄڻ وري ورجاءُ ٿي رهيو آهي، اڇن انگريزن جي جاءِ تي ڪارن انگريزن اچي جاءِ والاري آهي، ڌرتي ڌڻين جي دعوائن کي دٻائڻ لاءِ سنڌي بوءِ سنڌي بوءِ لڳي پئي آهي، ڪڏهن کين وچ چوڪ تي ٽنگي ڦاهيون ڏئي قتل ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن رڳو سنڌي هجڻ جي ڏوهه ۾ گهرن جون چار ديوارون ٽپي سندن سسيون ڌڙ کان ڌار ڪيون وڃن ٿيون ۽ نياڻين جي لڄ لٽي وڃي ٿي. اڄ وري به ڪراچيءَ جا ڌڻي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ويهي ايندڙ وقت جي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي پاڻ ۾ سـُس پـُس ڪري پنهنجي بچاءُ جي لاءِ رٿا جوڙي رهيا آهن. نه رڳو ملير پر ڪراچي ٻهراڙين جي هنج ۾ پلجندڙ هي شهر ٻهراڙين لاءِ واڳون بڻجي چڪو آهي جيڪو روز ڪنهن نه ڪنهن ٻهراڙي کي ڳڙڪائي رهيو آهي. ڪراچيءَ جو ئي علائقو ڪياماڙي به آهي جتي ماڙيپور، هاڪس بي کان وٺي بلوچستان جي سرحدي پٽيءَ تي قائم مبارڪ وليج جا ماڻهو اڪيلا ۽ نڌڻڪا پنهنجي وسيلن کي اکين سان ڦرجندو ۽ لٽجندو ڏسي رهيا آهن، ان سڄي علائقي ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ ته پيپلز پارٽيءَ جي نالي ۾ سياسي ڌر موجود آهي پر عملي طرح ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪا به سياسي ڌر يا قومپرست موجود ناهن، زمين جي والار تيزي سان ٿي رهي آهي، سمنڊ ڪناري ترقيءَ جي نالي ۾ اڻ ڳڻيا منصوبا ۽ انهن منصوبن جي آڙ ۾ ماڻهن کي لڏائڻ جو سلسلو ته 1947ع کان جاري آهي پر تازو سمنڊ ڪناري انتهائي خطرناڪ نيوڪليئر پاور پلانٽ جو پڻ افتتاح ڪيو ويو آهي، جنهن جي باري ۾ ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو بجلي گهر نه پر ڪراچيءَ جي وارثن کي ختم ڪرڻ لاءِ ائٽم بم تيار ڪيو ويو آهي جيڪو ڪنهن وقت به تياري مڪمل ٿيڻ کانپوءِ امڪاني سامونڊي طوفان جي نظر چڙهي ڦاٽي سگهي ٿو. وقت جو آواز انتهائي ڌيان سان ڪن ڏئي ٻڌڻ گهرجي، پاڻ ۾ ٻڌي ڪرڻ کپي ۽ اهڙي حڪمت عملي جوڙڻ کپي جنهن سان اسان نه رڳو پنهنجي سنڌ ڌرتي پر ان جي انتهائي اهم شهر ڪراچيءَ جي شاهوڪار علائقي ملير ۽ ڪياماڙي کي بچائي سگهون.
     
    عبدالحفيظ لغاري هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو