1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

وھ عشق جو ھم سي روڻھه گيا (نثار کوکر جي ڪتاب " مسافر محبتون " مان ورتل ھڪ ڪالم )

'تعارف' فورم ۾ شاهنواز ٽالپر طرفان آندل موضوعَ ‏3 آڪٽوبر 2016۔

  1. شاهنواز ٽالپر

    شاهنواز ٽالپر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    97
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    اڪائونٽنٽ
    ماڳ:
    بدين
    ھاڻي اھو زمانو ڀلي ته عام خلق جي ياد تان ڌنڌلو ٿيندو وڃي . اھو ڪئبل ڪلچر ۾ پلجي جوان ٿيل نسل کي سمجھه ۾ ئي نه ايندو ھجي پر انھن ماڻھن کي کان اھو زمانو ڪيئن ٿو وسري سگھي جيڪي انقلاب جي آجيان خاطرڪنڊن جي سيج تي سمھي پيا. جن پنھنجون سموريون عاشقيون ، محبتون ۽ دل لڳيون انقلاب کي ارپي ڇڏيون ۽ سموري سچائي سان اھا جدوجھد ڪئي ته " ھي نظام آ خراب – انقلاب انقلاب ." اھي ديوانا وستين ، واھڻن ، گھٽين ۽گھڙن ۾ اھي اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻندا رھيا پر انقلاب ڪڏھن ڀلجي به سندن سڏ ڪو نه ورنايو . " ' اھو انقلاب ھو يا ڪو سراب يا خواب جنھن تتل ڏينھن ۾ پيرين اگھاڙي رڻ جھاڳايا ، اکين کي اوجاڳا مليا پر انقلاب نه مليو . " ھڪ اڳوڻي سياسي ڪارڪن ۽ شاعر چيو . اھو بحث سنڌ جي اڪثر پڙھيل لکيل ماڻھن جي محفلن ۾ ٿيندو رھندو آھي ته انھن انقلاب جي ٻچڙن تي ڪو ناول ڪير لکندو ڪا آرٽ فلم ڪير ٺاھيندو ؟ جيڪي صرف ۽ صرف انقلاب جي رومانس ۾ حسين ٻانھن جي گھيري کي ڇڏي آيا ۽ انھن ڪڏھن گرم ڀاڪرن جي تمنا ته نه ڪئي پر اھڙي عاشقي کان ذري گھٽ نفرت وارو ڪلچر پيدا ڪيو . اھا الڳ اسٽوري آھي ته سياسي سرگرمين وارن سالن دوران عورتاڻي عشق کان نفرت ڪندڙ ، انھن سالڻ پڄاڻان ڪيئن ماين جي پويان فرسٽريٽ ٿي رليا ۽ تباھ ٿيا . انھن ماڻھن جو الميو ته انھن سان ڪيل ڪچھرين دوران معلوم ٿئي ٿو جن کي سمورين سچاين سان پنڌ ڪرڻ جي باوجود نه انقلاب مليو نه محبت . اھي ته ھاڻي منافقيءَ جي عروج واري زماني ۾ ذلتن ۽ ملامتن جا صليب ڪلھن تي سجائي گھمندڙ کل جوڳا وجود بڻجي ويا آھن . عجيب طعنن ۽ طنزن کان پوءِ ھو پنھنجوپاڻ کان ھاڻي ڌرتيءَ تي به بار سمجھڻ لڳا آھن . ھو پنھنجيون محروميون مارڻ لاءِ چرس پيئن ٿا ته به ٽوڪون . مزارن تي وڃي ڀنگ پيئن ٿا ته به ملامتون . ھو اڪيلائي ۾ شراب پي غم مارڻ جھڙي " عياشي " ته افورڊ ئي نٿا ڪري سگھن ته ڪيڏانھن وڃن ؟ ڏينھون ڏينھن بيحس ٿيندڙ سماج ته انھن متحرڪ فردن کان ڄڻ لاتعلقي جو اظھار ڇپرائي ڇڏيو آھي . سياسي سرگرميءَ جو دور ڇا گذريو آھي ڄڻ ته ڪو ھيرن جو ھار ڀريءَ بازار ۾ ٽٽي پيو آھي جنھن جو ڪو داڻو ڪنھن جي پيرن ۾ ته ڪو داڻو ڪنھن ناليءَ ۾ ڪو وري ڪنھنجي ڪار ۾ ڪري پيو آھي . پر اھي سمورا گمنام ماڻھو ڇا واقعي به نفرت لائق ھئا / آھن جن کان ھاڻي سندن اولاد به چڙڻ لڳو آھي يا اھي حقيقي طور سنڌ جي سونھن ھئا ؟ ڇا ڪنھن دور جو اھو محنتي قومي ڪارڪن نفرت جوڳو آھي جيڪو ھر ڪم محبت سان ڪرڻ سبب دوستن جي حلقي ۾ قومي گڏھ سڏبو ھو ، جنھن کي سدائين ھڪ وکري ٽائيپ ڏاڙھي رکيل ھوندي ھئي ۽ جڏھن ڪير ڏاڙھي ڪوڙائڻ جي صلاح ڏيندو ھوس ته ڏاڍي محبت سان ان کي ورندي ڏيندو ھو ته ڏاڙھي کي وڌڻ ڏي ، مان آزاد سنڌ جون گھٽيون ڏاڙھي سان صاف ڪندس . اھو آدرشي ماڻھو اڃان به جيئرو آھي پر سياست کان پاسيرو ٿيل آھي . الائي ڇو انقلابين ۽ جنگين ۾ گمنام ماڻھو / سپاھي ئي سچا ثابت ٿين ٿا . نوابشاھ جو اھو گمنام ڪارڪن به ته سچائيءَ جي بلندين کي وڃي پھتو ھو جنھنجي گھر جڏھن سندس تنظيم جي ضلعي گڏجاڻي ھلي رھي ھئي ته سندس سخت بيمار پٽ ميٽنگ ھلندي فوت ٿي ويو . پر اھڙو اطلاع ھن دوستن کي نه ڏنو ۽ گھر وارن کي به في الحال روئڻ کان منع ڪري ڇڏيائين . گھڻا سال اڳ ان ميٽنگ ۾ شريڪ اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ موجب گڏجاڻيءَ ۾ ماني ۽ چانھه به ڏني وئي ۽ آخر ۾ ھن دوستن کان اجازت ورتي ته سندس پٽ گذاري ويو آھي ان جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪرڻ خاطر کيس اجازت ڏني وڃي . " ان زماني ۾ انقلاب ۽ آدرش ئي سڀني کي سڀ کان وڌيڪ عزيز ھئا .مفاد پرستي گھٽ ھئي . " خاموش ويٺل ھڪ اڳوڻي تنظيم جي مرڪزي اڳواڻ چيو . ان زماني ۾ ڊسيپلين تي ھر تنظيم اندر خصوصي ڌيان ڏنو ويندو ھو . ان حد تائين ڊسيپلين رکيو ويندو ھو ، جو قوم پرست تنظيمن جي ھاڻوڪي ھڪڙي مرڪزي اڳواڻ کي بي اصولي سبب ھڪ سوء ڀيرا ڪن ڪوشي ڪرڻ جي سزا ٻڌائي وئي ، جنھن شڪارپور ۾ ٿيل ان گڏجاڻي ۾ پنھنجي ڪن ڪوشي " الا ڏاھي م ٿيان " وارو شعر پڙھي شروع ڪئي ۽ لاڳيتو پنجاھ دفعا ڪن ڪوشي ڪرڻ کانپوءِ ھو بيھوش ٿي ڪري پيو . ڊسيپلين برقرار رکڻ خاطر سزا ته گذريل ٽن ڏھاڪن کان مرڪزي اڳواڻ رھندڙ ھڪ ٻئي معزز سياستدان کي به ڏني وئي ھئي . پر ان ۾ رعايت اھا ٿي ته ھو مھمان ھئڻ جي باوجود دير سان اچڻ واري سزا خاطر ميٽنگ ۾ صرف پنج منٽ اٿي بيٺو رھيو . " بنا سزا جي بيھوش ته اھو اڳواڻ به ٿي ويو ھو جنھن شھدادڪوٽ ۾ عيد ملن پارٽي دوران پنھنجي ڪيريئر جي پھرين تقرير ڪئي ھئي . بعد ۾ اھو شخص وڏو اڳواڻ ٿي اڀريو . پنھنجي الڳ ھڪ انقلابي تنظيم ٺاھيائين ۽ اجڏھن انقلاب نه آڻي سگھيو ته اھڙو ڪريو جو مسلم ليگ جي آخري حڪومت دوران نوڪريون وڪڻڻ شروع ڪيائين . " ان دور ۾ ڪارڪنن خاطر تعليمي تربيت جو ھڪ بھترين نظام ھوندو ھو ۽ لڳ ڀڳ ھر تنظيم پنھنجا اسٽڊي سرڪلز ھلائيندي ھئي ، جنھن لاءِ تنظيم جا سٺا پڙھيل لکيل ۽ قابل ماڻھو ليڪچرر مقرر ٿيل ھوندا ھئا ۽ ڪارڪنن لاءِ باقاعدي ھڪ انقلابي نصاب ترتيب ڏنل ھوندو ھو " سياسي سرگرميءَ واري دور جي ھڪ انقلابي ليڪچرار ٻڌايو جيڪو ھاڻي ڪنھن کي به ليڪچر ڪو نه ٿو ڏئي پر ٻين جا بور ليڪچر پاڻ ٻڌي رھيو آھي . ان دور جي متحرڪ ڪيترين ئي تنظيمن جا ميمبر ٿيڻ لاءِ لکيل پڙھيل ماڻھون خواھشمند ھوندا ھئا پر اھي تنظيمون پنھنجن ھمدردن کي اھو انقلابي نصاب پڙھائينديون ۽ آزمائشيون وٺنديون رھنديون ھيون . انھن جي نصاب مڪمل ڪرن کان پوءِ سندس صلاحيتين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ميمبر ڪيو ويندو ھو . انھن تنظيمن جي حلقن ۾ اھو دليل عام ھوندو ھو ته " عدد ، صلاحيتون نه پر صلاحيتون ئي عدد پيدا ڪنديون آھن . " ۽ ان دور جي باصلاحيت ڪارڪنن جڏھن پنھنجا رستا سياسي سرگرمين کان الڳ ڪيا ته ھو پنھنجي فيلڊ جا ماھر بنجي ويا .

    سمورين اڳوڻن تنظيمن جي ذھين ڪارڪنن تي نظر وجھڻ سان خبر پوي ٿي ته انھن مان ٿورا پنھنجون " صلاحيتون " استعمال ڪري ھميشه لاءِ پرڏيھه ھليا ويا جتي ھو پوڙھين گورين عورتن جي گپ ۾ اھڙو ته گپجي پيا جو کين ھاڻي سنڌ ڪڏھن خمارن ۾ ياد ايندي آھي . انھن ذھين ڪارڪنن جي ٻي کيپ چٽاڀيٽيءَ جو امتحان بيوروڪريسيءَ ۾ اھڙو گم ٿي وئي آھي جو ھاڻي پنھنجي سموري ماضي مٿان روزانو شام جو ٻه پيگ پيڻ کان پوءِ ٿوري ٿوري مٽي ملڻ شروع ڪندا آھن . انھن گڙنگ موالي ٿي ويل بيوروڪريٽن سميت اڳوڻا ڪارڪن لاڙڪاڻي جي ان کلمک ڪنسلٽنٽ جھڙا ٿوڙئي آھن ، جيڪي ان ماضي تي فخر ڪن ٿا . " تازو جڏھن امداد چانڊئي ، ڪارل مارڪس جي نظريي کان عليحدگي جو اعلان ڪيو ته مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو ، ڇو ته ڪا شئي اسان نه ڪري سگھياسين ته ان ۾ اسان جو ڏوھ آھي ، نظريي جو ڏوھه ته ناھي ." ڪجھه وقت اڳي ان ڊاڪٽر ڪچھري دوران ٻڌايو .

    ھو سمجھي ٿو ته اڄ جيڪي ڪجھه ھو ڳالھائي سگھي ٿو اھو انھن سياسي سرگرمين وارن سالن جي تربيت جو نتيجو آھي ۽ ھو اڃا تائين انھن اڳوڻن انقلابي ليڪچرارن کي سچ پچ پنھنجو استاد مڃي ٿو جيڪي اسٽڊي سرڪلز ۾ کين ليڪچر ڏيندا ھئا . اھڙيئي ھڪ انقلابي استاد کي سندس وڏي ڀاءَ اھو چئي اوطاق مان ڪڍي ڇڏيو ھو ته " ننڍي ڀاءُ کي ڪافر ئي تو ڪيو آھي ." اھو سمورو دور بک ، ڏک ۽ انقلاب لاءِ جبل جھاڳڻ وارو دور ھو جنھن ۾ ڪارڪن ته ڇڏيو اڳواڻن وٽ به ڪي پيسا نه ھوندا ھئا جنھن ڪري تنظيمي اڳواڻن جو اھو مشھور ڪلچر ھوندو ھو ته ھڪ شھر جي ڪارڪنن کان ڪرائي جا پيسا وٺي ھو ٻئي شھر پھچندا ھئا . ڪيترن اڳواڻن کي ته سگريٽ ، ڪپڙا ۽ بوٽ به ڪارڪن چندي مان وٺي ڏيندا ھئا ۽ اھو چندو نيٺ وڃي اڳواڻن جي گاڏين وٺڻ تائين پھتو . ان دور ۾ سياست اڃا ايترو ڪمرشلائيز نه ٿي ھئي ۽ نه ئي کليل سياست ڪئي ويندي ھئي . اڪثر سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جون سرگرميون انڊر گرائونڊ ھئڻ ڪري " يو جي " جھڙو ٽرم سياسي حلقن ۾ اچي ويو ، جنھن تي ھاڻي ڪيترائي لطيفا مشھور ٿي ويا آھن ، ڪجھه شرارتي ڪارڪن پنھنجي اڳواڻن تي به " ڪامريڊ يو جي " نالو رکي ڇڏيندا ھئا . ان دور جي سياسي سرگرمين ۾ پريس خرچ پڻ گھٽ ھوندو ھو ڇو ته صحافين ۽ سياسي ڪارڪنن جو رابطو تمام محدود سطح تائين ھوندو ھو . وڌ ۾ وڌ خرچ ورسين ۽ جشن لطيف جي پروگرامن ۾ ٿيندو .

    سنڌ اندر سياسي سرگرمين وارن سالن اندر مليٽنسي ، ھٿياربند جدوجھد (ويڙھو) ۽ گوريلا جھڙن لفظن جي اھڙي ته مٽي پليت ڪئي ويئي ھئي ڪارڪنن آخري سالن دوران ھٿياربند جدوجھد کي ڏوھاري سرگرمين جو متبادل سمجھي ورتو . ڪجھه سال اڳ اسان جي ھڪ جسماني طور ڪمزور نظر ايندڙ سياسي اڳواڻ جڏھن پنھنجي نئين انقلابي پارٽي ٺاھي ھٿياربند ويڙھ جي ڀرڀور وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي ته خيرپور ناٿن جي کشٽي اڳواڻن سرگرم سياسي ڪارڪنن پنھنجي حلقي ۾ اھو چرچو مشھور ڪري ڇڏيو ته " ادا انگريزن واري دور جي ڀڳل سڳل بندوق يا ڪو ڪارتوسي پستول اٿئي ." ٻئي پڇيو ڇو ؟ جواب مليو " يار اسان جو اڳواڻ ھٿياربند جدوجھد ھلائيندو . ان لاءِ ھٿيار ته اسان کي ئي گڏ ڪرڻا پوندا ." سندن اھو چرچو ان اڳواڻ ٻڌي ورتو ، يا ڪا ٻي ڳالھه ٿي ، ڪجھه مھينن کان پوءِ پنھنجي پارٽي ئي ختم ڪري ڇڏيائين .

    انقلاب جي نالي ۾ ھٿياربند جدوجھد سان مذاق ته ان دور کان شروع ٿيو جڏھن ھڪ تنظيم پاران 15 ميمبرن تي مشتمل " گوريلا سنگت " ٺاھي وئي ھئي ۽ ڪنھن ٻاھران گھرايل ھمراھ کين آمريءَ واري ٻيلي ۽ جبلن ۾ ٽريننگ ڏيڻ شروع ڪئي . پر گوريلن جي اھا پھرين کيپ ئي ٽريننگ سخت ھئڻ ڪري مڇرن جي آزار جو بھانو بڻائي ٽريننگ اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي وئي . ان دور ۾ انقلابي ۽ قومي تنظيمن جي نام نھاد مليٽنسي ايتري بدنام ٿي جو سنڌ يونيورسٽي جو ھڪ ڦورو ڪارڪن گرفتار ٿيو ته حساس ادارن جي اھلڪارن پاران پڇا ڳاڇا جو سمورو زور ٽريننگ تي ھيو ته " ٽريننگ ڪٿان ٿا وٺو ؟ " ماڙ موچڙي کان تنگ ٿي ڀنگ جي ان پراڻي مواليءَ بيزارگيءَ مان کين چيو . " صاحب ٽريننگ ٻريننگ جي پاڻ کي خبر ناھي نه ئي اسان گوريلا آھيون ، پاڻ رڳو سونا ھار ۽ منڊيون ڦريندا آھيون ." ھٿياربند ويڙھ واري نعري ھيٺ سياسي تنظيمن سان واڳيل ڪارڪنن جي اھڙي کيپ به پيدا ٿي جيڪا تعلقي ۽ ضلعي سطح جي ڪاليجن ۾ ٻين تنظيمن کي يونٽ کولڻ جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ وارن مامرن تان به خوني جھيڙا ڪندي ھئي . تعليمي ادارن جي اھڙن جھيڙن سنڌ جي جھوليءَ ۾ ڪيترائي شھيد ڪيرايا . پر ڪيترائي سال گذرڻ کان پوءِ اھا اخلاقي جرئت ( عزيز ڀنگوار کانسواءِ ) ڪنھن ۾ پيدا نه ٿي سگھي آھي ته ھو انھن غلطين جي سزا ته نه ڪاٽين ، پر معافي وٺي ڇڏين . " اسان ڪنھن کان معافي وٺون ، اسان ته انقلاب جي نالي ۾ ڪارون ڦريون ۽ بينڪن کي ڌاڙا ھنيا . اسان سمجھيو پارٽيءَ کي پئسا ٿا ڏيون . پر پوءِ خبر پئي ته اڳواڻن جا گھر ٿا ڀريون ." ھٿياربند گروپ جي ھڪ اڳوڻي ميمبر چيو ته جنھن جي اکين آڏو اڃا نه منظر اڪثر ڦري ايندو آھي جڏھن ڪراچي ڊفينس مان ھن انقلاب جي ٻارڻ خاطر ھڪ اھڙي وچولي عمر واري ھمراھ کان ڪار ڦري ھئي جيڪو گھر ٻاھران گاڏي ڌوئي رھيو ھو ۽ گاڏي ڦرجڻ کانپوءِ ھن لائنسس موٽائي ڏيڻ لاءِ ايلازيو ھو . اھا گاڏي ڪوئيٽا ۾ وڪڻڻ کان پوءِ پارٽي جڏھن يارنھن سوء رپيا کيس جيب خرچي ڏني وئي ھئي ته ھو اھي پيسا وٺندي به خراب پيو محسوس ڪري ته اھي يارنھن سوء رپيا جيڪر پارٽي کي ڪم اچن ھا . ان دور ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ھمراھ ھاڻي ڪروڙ پتي ٿي ويو آھي پر ھي اڃا تائين بيروزگار آھي ۽ ھاڻي سياسي طرح پڻ بيروزگار ٿي پيو آھي .

    سياسي تنظيمن جي ھٿياربند ويڙھ دوران اھڙا فطري گوريلا نه ھوندا ھئا جيڪي پارٽيءَ کي پيسا فراھم ڪرڻ سان گڏ سياست ۾ دلچسپي وٺندا ۽ پنھنجي ڪارڪنن جي مالڪي به ڪندا ھئا . اھو ڏينھن ان غريب ڪارڪن کان اڃا نه وسريو آھي ، جڏھن پاڙي جي ھڪ امير ماڻھو پاران ساڻس بدتميزي ڪرڻ کانپوءِ پارٽي جي مليٽنٽ ونگ جو ھڪ ھمراھ ھٿيارن سميت اچي پھتو ۽ پاڙي ۾ اعلان ڪيائين ته فلاڻو امير ماڻھو اسان جي ڪارڪن سان بدتميزي ڪرڻ جي ڏوھ ۾ اڄ ماريو ويندو . جذباتي ٿي ويل ان ھمراھ کي سمجھايو ويو ته ڳالھه ھروڀرو ماڻھو مارڻ واري سطح جي ناھي ، تڏھن به سزا خاطر امير ماڻھو کي پاڙي وارن سامھون گھٽيءَ جي مٽي کارائي معافي گھرڻ لاءِ چيو ويو . اھي ۽ ان جھڙا ٻيا ڪيترائي ھمراھ جڏھن پارٽين کي پئسا ڏيئي ڏيئي ٿڪا ۽ انقلاب به نه آيو ته ھنن پنھنجيون ڏوھاري سرگرميون سياست کان اھو چئي الڳ ڪري ورتيون ته جيڪڏھن گھر ئي ڀرڻا آھن . ته پوءِ پارٽي اڳواڻن جا ڇو ، پنھنجا گھر ڇو نه ڀريون ؟ بعد ۾ اھي ڏوھن جي دنيا ۾ ائين گم ٿي ويا جيئن شھدادڪوٽ جو ھندو ڪامريڊ مانڌل ، جنھنجي ڀيڻ جڏھن ھڪ مسلمان سان پيار جي شادي ڪئي ته سندس پورو خاندان ھندستان لڏي ويو . پر ھو اڪيلو ئي سنڌ ۾ انقلاب جي اوسيئڙي ۾ ترسي پيو . سياست جي بي رحم راھن تان ٿيندو بعد ۾ ھڪ اھڙو مڪمل ڏوھاري بڻجي ويو ، جنھن کي جڏھن نواب شاھ ۾ ماريو ويو ته سندس لاش وصول ڪرڻ ۽ ڪريا ڪرم ڪرڻ وارو ڪير به نه ھو ۽ سندس لاش لاوارث ڄاڻائي دفنايو ويو . مانڌل جھڙا ڪيترا مليٽنٽ لاش لاوارث ڄاڻائي دفنائي چڪا آھن . پر سياسي ڌارا کان ٽٽڻ کانپوءِ اھو شاعر ته پاڻ کي جيئري ئي لاوارث سمجھي ٿو جيڪو ھر انقلابي محفل ۾ گيت ٻڌائڻ ھليو ويندو ھو . کيس پرواھ نه ھوندي ھئي ته سندس قميص ڦاٽل آھي ، وٽس ڪرايو ڀاڙو ناھي ۽ چپل ڇڳل آھي . بس ھو پنھنجي عشق سان سچو ھوندو ھو . انقلاب جي عشق سان سچا ته اھي شھري ڇوڪرا به ھوندا ھئا جيڪي رنگ جا دٻا ۽ برش ھٿن ۾ کڻي کلندي کلندي سڄي شھر ۾ چاڪنگ ڪري ايندا ھئا ۽ صبح جي چانھه پنھنجي پسنديدھ ھوٽل تان پي سمھڻ لاءِ ھليا ويندا ھئا . سياسي سرگرميءَ وارن سالن دوران شديد محنت ڪندڙ ڪارڪن جي اڪثريت اڃا به بيروزگار آھي . ھو گذريل ڪيترن ئي سالن کان واندا ويٺا آھن . سياسي ويڳاڻپ کي مارڻ لاءِ ھو ڄڻ ته اڪيلائيءَ جا سوء سال گذارين ٿا . انھن اڪيلاين ۾ ھو اوتارن تي به وڃن ٿا ، چرس به پيئن ٿا ۽ ڀنگ جا ڍڪ به ڀرين ٿا . تبصري نگارن لاءِ شايد اھا ڳالھه دلچسپي جو سبب بڻجي ته انھن جي اڪثريت واندڪائيءَ جي باوجود سنڌ اندر اٿندڙ مذھبي جنون واري لھر جو حصو به بڻي آھي . انھن وٽ ڳالھائڻ لاءِ اڻ کٽ موضوع پنھنجو ماضي ئي آھي جنھن تي ھو اڃان به دلچسپي ٽ تفصيل سان ڳالھائين ٿا . ھو ائين اڪيلا ڇو ٿي ويا آھن ؟ وارو سوال جڏھن انھن گمنام سپاھين کان پڇجي ٿو ھو اھڙين اکين سان سوال پڇندڙ ڏانھن نھارين ٿا جن ۾ اھو شعر واضع لکيل نظر اچي ٿو ته " امنگ دل جي ڏري پئي آ – لڇون ڀلا ڪيئن ڪڇون ڀلا ڪيئن ؟ زبان رت سان ڀري پئي آ ." ھو پنھنجي اڳواڻن جي اڻ ڳڻين ويساھ گھاتين تي به انڪري نٿا ڳالھائي سگھن جو سندن زبان رت سان ڀرجي اچي ٿي . ھو اڄ به سماج کان نفرت ڪن ٿا ، نظام کي خراب چون ٿا ، پر ڪنھن انقلاب لاءِ سڏ نٿا ڏين . خدا جي خلق سان ٿيندڙ زيادتين تي ھو اڄ به تڙپي پون ٿا ، پر ھو ڪجھه ڪري نٿا سگھن . ھو ته پنھنجي ھار ۽ جيت جو به حساب نٿا ڪري سگھن ، ڇو ته ھو ڪنھن ٽٽل ھار جا وکريل موتي بڻجي ويا آھن . ​
     
    ميرمحمد گھانگھرو ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي
  2. qurban ali

    qurban ali
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    Good assessment
     
    شاهنواز ٽالپر ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,278
    ورتل پسنديدگيون:
    26,707
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نثار کوکر جي اها خوبي آهي ته هو نثر ۾ شاعري ڪرڻ ڄاڻي، سندس سٽون، جملا ۽ احساس شاعري لڳندا آهن.

    ڪتاب جو انتظار آهي
     
    شاهنواز ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي.
  4. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    525
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    مون کی ان کتاب جو سند سلامت تی شدد سان انتظار هو. ادا شاهنواز جس لهن
     
    شاهنواز ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي.
  5. شاهنواز ٽالپر

    شاهنواز ٽالپر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    97
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    اڪائونٽنٽ
    ماڳ:
    بدين
    http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=389 مھرباني ادي . ڪتاب اپلوڊ ٿي ويو آھي سنڌ سلامت تي پڙھي سگھو ٿا.
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  6. شاهنواز ٽالپر

    شاهنواز ٽالپر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    97
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    اڪائونٽنٽ
    ماڳ:
    بدين
    اوھان جو ساٿ ھجي اھڙا ڪتاب ايندا رھندا سنڌ سلامت تي
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو