1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

منهنجو نانو بچل لغاري ۽ سندس ويڙهو بچل آباد

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    5,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    منهنجو ڳوٺ ملڪاڻي جيڪو هاڻي شهر ٿيڻ لڳو آهي ۽ سڀ پاڙا وڌندا وڌندا هڪ ٻئي سان ملي ويا آهن پر منهنجو ناناڻو ويڙهو اڄ به سڄي ڳوٺ کان ڪجهه پرڀرو آهي. جنهن کي نانا جي نالي سان بچل آباد سڏين ٿا ۽ حدبندي موجب ڳوٺ واري ديهه کان به الڳ آهي. ڳوٺ ۽ ناناڻي ويڙهي وچ ۾ زرعي زمينون آهن. جيڪي پاڻي کوٽ دوران بچل آباد لڳ هڪ وڏي کڏ ۾ ذخيرو ڪيل پاڻيءَ تي پڻ آباد ٿين ٿيون تنهنڪري ناناڻي ويڙهي ويندي ان ٽُڪري ۾ سدائين ساوڪ پئي اکيون ٺاريندي آهي.
    ناناڻي پاڙي جا لڳ ڀڳ سڀئي گھر ڀلا ڀاڳيا رھيا آھن. اعلى نسل جون مينھون ٻڪريون ڍڳيون ڌارڻ سندن پراڻو ۽ اڄ تائين جو مشغلو آھي. ھاڻي ته ڪجھ گھرن مان ڪي ڇوڪرا ڌنڌي ڌاڙي ۽ دڪانداريءَ ۾ لڳا آھن پر اڄ به ڏسبو ته وٽن چوپايو مال ضرور ھوندو. اھو ڏسي چور به تاڙڻ لڳا. ڪُجهه چوريون ٿيون به هُيون. هڪ دفعي ته وڏي ماما قاسم جو سڄو ڌڻ ڇُٽي ويو ھو، پر ھِنن جو اصول آھي ته چوريءَ پٺيان لک لڳي وڃن پر چوري موٽرائڻي ضرور آھي. ذات پيري گھرائيندا، ڪتا ڪھرائي ايندا، ڀاڳين جي ولر سان پيا پير کڻندا جيسين وڃين ڌُر ٿئي. ان دوران ڀت جو ديڳون پيون چڙھنديون ۽ ولر پيو هلندو. ايئن ڪجھه هزارن جي چوري وڃي لکن جي خرچ سان وري ٿي. پر ھي چون ٿا چور سان اھڙي ڪجي جو ٻيھر ھيڏانھن پير نه ڪري.
    مون واري ناناڻي پاڙي ۾ مُڇن/شھپرن جو به ڄڻ ته مقابلو آھي. پر ھڪ عجيب نسبت اھا به آھي جيڏيون وڏيون مڇون ھونديون ھمراھه اوترو وڌيڪ شريف ھوندو. جن جا شھپر ننڍا آھن گھڻو ٽيڙ به انھن ۾ آھي. ھڪ دفعي ٻروچن جي ھڪ سدا ڏکين ماڻھن واري ذات منجھان ھڪ ھمراھه ھنن ۾ سڀني کان وڏا شھپر رکندڙ همراهه تي ڪيس ڪيو ته ھن اسان جي چوري ڪئي آھي. سڄو تر حيران ته ھڏ ڪمزور ھجڻ سبب انيڪ ڀيرا ٽنگون ٽُٽڻ ۽ وزن وڌي وڃڻ ڪري ھمراھه ھلڻ ۾ ھلاڪ آ سو چوري ڪيئن ڪندو ۽ ڀڄي ڪيئن سگھندو؟ پر پوليس ھمراھه جي ڏاڙھيءَ واري ايريا تائين حد دخلي ڪندڙ وڏن شھپرن کي ڏسيو چڱن ڀلن جي ساک پئي موٽائي. وڏن مُڇن ڪري ڦاٿل شريف مُڙس جي مس مس وڃي جان ڇٽي هُئي.
    مالوند به ڀلا، ڌنڌي ڌاڙي ۾ تِکا، هُنر به گهڻا اچن، ٻني ٻاري جي ڪم ۾ به ڀڙ پر پڙھائيءَ کان سڀ پري. ويھارو گهرن جو ويڙهو آھي پر مجال جو ڪو مئٽرڪ کان مٿي پڙھيو ھجي. مئٽرڪ به ڪو ھڪ اڌ ڪئي ھوندي نه ته گھڻو ڪري سڀني پرائمري جي پھرين ڪلاسن ۾ سبق ڪچو ھجڻ تي بئچن تي بيھ بيھ ڪيئي سال گذاريا ته اسڪول وارن به تنگ ٿي ھٿ ڪڍيا ۽ مائٽن به اھو فيصلو خوشيءَ سان قبوليندي کين سُجهندي ئي ڪم تي لڳائي ڇڏيو. پر اهو، سو آهي ته واندو ڪو به ڪونه ويهي. ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ۾ لڳا ئي رهن ٿا. ڪم جيڪو به ڪن ان ۾ ڪو ثاني نه رکن. محنت به خوب ڪندا، نه ڪنھن جي سھندا نه ڪنھن سان ڪا بي واجبي ڪندا. منهنجو وڏو ماما قاسم ڪنھن وقت ۾ ناليوارو واپاري ھو. چوندو آھي ”سچل ڳوٺ ۾ جتي تون رھين پيو اتي ته ڪجھه به نه ھو پر ھينئر ڳتيل آباديءَ وارو علائقو صفوران به اھڙو ھوندو جو اڪيلو ويندي ڊپ پيو لڳندو ھو جڏھن 80 جي ڏھاڪي ۾ مال وڪڻڻ/وٺڻ اتي ايندا ھئاسين.“ هن ڪيئي سال واپار ڪيو ۽ خوب ڪمايو توڙي مزا وٺي خرچ به ڪيو پر پوءِ ھن جي سادي طبيعت سبب ڏنگا واپاري ويا ھن سان ٺڳيون ڪندا ۽ ھي ويو قرضي ٿيندو. ھاڻي ڇوڪرا ٻڪرين جو ڌڻ چاري گذارو ڪن پيا. سال کن اڳ وڃي ڏٺم ته ٻڪرين سان سدائين ڀريل واڙي خالي ھجي پر2011 واري ٻوڏ ۾ زبون ٿيل گھر مرمت ٿي ڀلوڙ پئي لڳو. گهرڀاتي چوڻ لڳا گھر صفا ڊٺو ٿي تنھنڪري سڀ ٻڪريون وڪڻي گھر ٺاھيوسين، باقي وڃي 6 ٻڪريون بچيون آھن. پر ڇھه مھينن کان پوءِ وري وڃڻ ٿيو ته واڙي ۾ 18 ٻڪريون ھجن. خبر پئي ڇھن ئي ٻڪرين ٻه ٻه ڦر ڪيا آھن. ڏسي خوشي به ٿي ته يقين به ٿيو واقعي ”پورھيت خدا جو دوست آھي“.
    نانا ٻه شاديون ڪيو ھيون. اسان ته ننڍيءَ مان ٿياسين جيڪا اڃان حال حيات آھي. ناني پنهنجي مائٽن جي سڀني گهرڀاتين جيان خوب حِسِ مزاح رکي ٿي. نانيءَ جو ڪهاڻيون لکبيون ته قصو گهڻو ٿي ويندو. (منهنجي، اڄ به امان کان وڌيڪ ساڻس ويجهڙائي آهي ۽ مون تي ساهه ڏيندي آ). پر نانا جي وڏي گھر واري اسان لاءِ سدائين پر اسرار رھي. جڏھن کان ڏٺوسين ته کٽ تي پيل هُئي. چون ٿا ته اڃان اڌ وهيءَ تي رسي ھئي ته ھڏ جي ڪمزوريءَ سبب بار بار ڄنگھن ۾ فريڪچر ٿيا ۽ ويھجي وئي. اسان واري ٽھي ھوش سنڀالڻ کان وٺي کيس ايئن ئي ڏٺو. ھڪ کٽ ھڪ ڪمرو. گھڻو ٿيو ته منجيءَ تي ويھي چار قدم جيترو پنڌ ٿيو ته واھه نه ته بس. نانا جا ساڻس الائي ڪھڙا اختلاف ھئا جو جو جڏھن آخر ۾ سڪرات ۾ ھجي ته پراڻي عقيدي موجب سڀ چونس پيا وڃ بخشي اچينس ته ڌڻي پنھنجو ڪريس. نانا به ضدي ماڻھو، ڪنھن جي به نه پيو ٻُڌي. نيٺ ننڍي ناني اھو ٽاسڪ مون کي ڏنو. نانا ڪا گھڻي لفٽ ته مون کي به ناھي ڪرائيندو ۽ ھُج ڪرڻ تي ٺاھوڪا دڙڪا ڏيو ڪڍي پر آءُ به نانيءَ جي ڪا ڳالھ وس ويندي ٽاريندو ناهيان. نانا کي جيئن ئي اهو عرض ڪيم ته اُٿندي ئي رُکو جواب ڏنائين پر گھڻي چوڻ کان پوءِ مشروط ھا ڪيائين ته ”جڏھن وٽس وڃان ته اُتي ڪوبه نه ھجي“، ٻي ڏينھن ٻُڌم ته نانا فجر ويل وڃي وڏي نانيءَ سان ملي آيو هو. نانا جو آواز سرگوشيءَ وارو به ايڪڙ پنڌ ٿي ٻُڌبو آھي سو ھن کڻي پنهنجي پر ۾ آھستي ئي ڳالھايو ھوندو پر ھڪ پوڙھي چئي ٿي ته مون ٻڌو، چئي پيو "پوڙھي مائين تيڪون بکشيا (بخشيا) تون ميڪون بکش". ۽ واقعي وڏي نانيءَ جو روح رنجش جي ان قيد کان آزاد ٿيندي ئي ٻن ڏينھن ۾ پرواز ڪري ويو.
    نانا وارا پاڻ ۾ چار ڀائر آھن. منهنجو ڏاڏا ۽ نانا به ڀائر آھن. ڏاڏا جو قصو ته ھتي هن ئي مئگزين ۾ اڳ ئي ٿي ويو آهي. ٻيو ڀاءُ اٿس اسماعيل. اڄڪلهه ٻني جا چار ٻارا ۽ ھڪ مينھن جي چاڪريءَ کان پوءِ جيڪو مليو ان سان ھرو ڀرو مٿو ڪُٽڻ سندس ڪُل جھان آھي پر ڪنھن وقت ۾ سعودي ڪمائڻ ويو ھو. سندس ڪمائي ته اسان ڪڏھن به نه ڏِٺي نه ٻُڌي پر ھڪ قصو ڏاڍو دلچسپ آھي. سعودي وڃي پاڪ ڌرتيءَ جي محبت ۾ سگريٽ جھڙي ڪِني عادت ڇڏڻ جو اعلان ڪيائين. پر صبح کان شام تائين جنهن مهل به ٻاڙ تپايس ٿي ته هِن ھُن کان سگريٽ وٺي پاڪيٽ کان مٿي ڇڪي ويو. شام جو اسان جي ئي ڀوڳائي ڳوٺائي غلام محمد چيس، ”ڏي خبر اسماعيل تو سگريٽ پيئڻ ڇڏيا آھن يا وٺڻ ڇڏيا آھن؟". ھمراھه ڏاڍو ڦِڪو ٿيو ۽ وڃي پنھنجا سگريٽ وٺي آيو جيڪي اڄ به وٺندو ۽ ڇڪيندو رھي ٿو.
    نانا جو ٻيو ڀاءُ آھي محمد خان، ننڍي ھوندي کان سخت جان ۽ محنتي. ٻني ٻارو چوپايو مال ۽ ان سان گڏ وٽس پنهنجي اٽي جي چڪي پڻ رھي جيڪا ھاڻ ڇوڪرا سنڀالين ٿا. ان ۾ آرا مشين پڻ ھئس جنھن ۾ سندس جواڻ جماڻ پُٽ جبار جو کاٻو ھٿ پورو ڪپجي ڌار ٿي ويو. پر جيئن پاڻ محنتي تيئن سندس پُٽ به واندا نه ويهن. جبار پڻ ھڪ ھٿ ھوندي به آرا مشين تي ڪم ڪندو رھيو. اڄڪلھه ڪراچيءَ ۾ ڪورنگي جي علائقي ۾ آرا مشين تي ماھر طور ڪم ڪري پيو. محمد خان ڇوڪرن کي ڪم ڀيڙو ڪري پاڻ نڪري ويو سعودي عرب ڪمائڻ. سعوديءَ سان اهڙي ته دل لڳس جو جھونو ٿيو وري آيو پر ھتي ويھڻ نه اچيس، وريو وريو وڃي اتي پھچي. ھن وقت عمر 80 جي ويجھو ھوندس پر سعودي وڃي ڪمائڻ جو جنون اڄ به ساڳيو ئي آھي. اڄ به ڇوڪرن کي چئي ٿو "ڇڏيو ته سعودي وڃان. ڀلي سخت محنت وارو ڪم نه ڪندس ته به ھلڪو ڦلڪو ڪم ته ڪندس پيو نه".
    نانا بچل جي اوطاق به ڪنھن زماني ۾ مشهور ھوندي ھئي. ڪچي لانڍي، چو طرف وڏا وڻ ۽ پاسي ۾ وھندڙ واٽر ڪورس، تتي ڏينھن جو ماڻھو اتي وڃي ته به سڪون پيو ملي. پري پري جا مسافر ته ايندي ويندي راتيون رھي مانيون کائي دعائون ڏيندا ويندا ھئا پر ملڪاڻيءَ جي اڀرندي پاسي ميلن تي پکڙيل پوٺن اُڪرڻ کان پوءِ ايندڙ چار گھرن تي مشتمل ڳوٺن جا پري کان آيل مھمان دير سوير پڻ ھتي رھي صبح جو وڃي اصل ميزبان کي رسندا ھئا. پر گذريل ڏھاڪي ۾ اھا اوطاق وئي ويران ٿي. ھاڻي ته ننڍي ماما اتي مينھن جو مَنھه ٺاھي اوطاق کي مال جي چاري جو اسٽور ٺاهي ڇڏيو آھي. پڇيم ايئن ڇو ڪيئي ته چئي "وڏن جي مھمانداريءَ جي ٻي ڳالھه ھاڻي اسان واري ٽھيءَ ۾ اھو سڀ ڪٿي؟ ٻيو ته اڳي مھمان به ھوندا ھئا مان ۽ شان وارا. ھاڻي ھڪڙا رڳو اچن ويلا ٽارڻ ۽ ٻيا ٺڳ ۽ کُٽل، ڪيئي ته صبح اٿي بسترو به ساڻ کنيو ويا. اھڙن مھمانن جي خاطرداري ٿا ڪيون ته گھرواريون اسان جي ٿيون ڏنڊن سان خاطرداري ڪن تنهنڪري اھڙي ميزبانيءَ کان ايئن ڀلا آهيون".
    نانا سدائين ٿوري زمينداري، ٻيو چوپائي مال جي ڪئي ۽ جيڪو وقت مليو حوال ڪيا. نانا کي حوالي طور ته ننڍي ھوندي کان ٻڌون ٿا پر ڪو به ساڻس ويھي اھو گمان نه ڪندو انڊن جا بنڊ ڳنڍي قصا گھڙي ويٺو يا واقعي سچو آھي. ايئن ھڪ دفعي (تڏھن نائين ڪلاس ۾ پڙهندو ھئس) موٽر سائيڪل سوڌو ھن جي ور چڙھي ويس. چئي ”ھل ٿورو پريان ڇڏي اچ“. ڀانيم ته ڪو ميل ٻه جو پنڌ ھوندو. پر ھن پويان ويھندي ئي جو قصا شروع ڪيا ته ماڌوري، جوھي چاولا کان وٺي مائي ڀاڳي تائين ڪيئي ڳالھيون ڪري ويو. خبر ئي نه پئي اڇن پوٺن تان ٿيندا اسان ڪيئي ميل پنڌ ڪري ويا آھيون. ھڪ وھندڙ شاخ جي ڀڳل پل تان موٽر سائيڪل نه پئي گذري سگھي سو مون کي چئي ”منھنجي منزل ويجھي آھي تون وڃ واپس“. ھي ته اھو چئي ٿيو روانو پر مون کي واپسيءَ جو دڳ سمجھ ۾ ئي نه اچي ڇو ته ويندي مھل سڄو ڌيان نانا جي حوالن ۾ هئم. پڇائون ڪندو ڪندو اصل روئيندو واپس ڳوٺ پھتس.
    جيئن اڪثر هوندو آهي ٻار ڏاڏاڻن کان وڌيڪ ناناڻن سان ويجها هوندا آهن تيئن اسان سڀني بي حساب ماساتن جو به اهو ئي حساب آهي. اڪثر ناناڻي پاڙي بچل آباد وڃون ته جيءَ ۾ جايون ملن ۽ اندر ٺاريو اچون. سندن محنتي طبيعت جي مُستقل مزاجي ڏسي رشڪ پيو ايندو آهي.

    [​IMG]
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,338
    ورتل پسنديدگيون:
    6,660
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    طالبلعم
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    توهان جي ناني جِي اِن ڳالھ مونکي مُنهنجي ناني جِي ياد تازي ڪرائي ڇڏي.


    بلڪل ائين ئي آهي، جڏهن به اوطاق ۾ ڪو مهمان ترسندو آهي ته صُبُح جو ڪوپ ۽ گلاس گُم هوندا آهن.. (پر آئون بابا جي مهمانن تي شڪ نه ڪندس جو اُهي سڀ مولوي هوندا آهن.. البته پاڙي وارن تي ڪو ڀروسو ناهي.)


    بي_حساب سڳا ماسات يا مڙئي لِڇ ۾ ؟؟؟
    اسانجي ناني کي رُڳي هِڪ نياڻي (امان) هُئي ۽ 3 ڀائر، وري اتفاق سان بابا کي به 4 ٻارن مان هِڪ ڌِي (اسانجي ڀيڻ) ئي آهي.. سو توهان جي بنسبت منهنجي سڳن ماساتن ۾ ڪوبه ناهي.
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    5,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    نه ادا بلڪل. ڏاڏا کي ٽي پُٽ ۽ هاڻ انهن ٽِن مان اسان 21 ڇوڪرا سؤٽ آهيون. اسان جون سؤٽون (منهنج ادين سميت) ڳڻجن ته ڪُل 9 آهن. مطلب ٽوٽل 30 ڄڻا.
    نانا ٻه شادين ڪيون. پهرينءَ مان هڪ ڌيءَ ۽ ٻه پُٽ اٿس. ٻيءَ مان ڇهه ڌيئرون ۽ چار پُٽ اٿس. هاڻ جيڪي ڪُل سَت ڌيئرون اٿس انهن جا ٻار به گهٽ ناهن. گهٽ وڌ ته به هر ماسيءَ کي 4 کان 10 ٻار. سچ پچ ته آءُ سڀني کي سُڃاڻان به ڪونه. پر آهن ماشاالله گنج
     
  4. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,338
    ورتل پسنديدگيون:
    6,660
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    طالبلعم
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    !!!!! :eek: :eek: :eek::eek:
    لڳي ٿو فيملي پلاننگ وارا توهان واري پاسي لَڙِيا ئي ڪونه آهن. يا ته سڀ توڪل علي الله تي آهن.. :D :D :D


    اسانجي ڳوٺ ۾ 300 گهر آهن ۽ انهن مان صِرف 3 شخص اهڙا آهن جَن جو اولاد درزن کَن آهي، پر کين پنهنجي اولاد جا نالا به ياد ناهن...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو