1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي شعري مجموعي “ تنهنجيءَ ڳليءَ جون ڳالهڙيون” تي تبصرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,484
    ورتل پسنديدگيون:
    26,966
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تبصرو
    ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي شعرن جو مجموعو “ تنهنجيءَ ڳليءَ جون ڳالهڙيون”

    بقلم : کيمن يوُ. موُلاڻي

    ڊاڪٽر موتي پرڪاش ڪنهن سڃاڻپ جو محتاج ڪونهي.کيس هر سنڌي ساهتيه پريمي سڃاڻي. هو سنڌي ادب جو اهو چمڪندڙ ستارو آهي جنهن سنڌي قوم کي قومي ترانو ڏنو “ آنڌيءَ ۾ جوت جڳائڻ وارا سنڌي ..... ” جيڪو اڄ به سنڌين جي چپن تي رقص ڪندو رهي ٿو.سندس جنم 15 مئي 1931ع تي سنڌ جي دڙو ڳوٺ ۾ ٿيو ۽ 4 آگسٽ 2015ع تي ممبئيءَ ۾ پويون پساهه کنيائين.هن سنڌي ادب کي نه صرف شاعريءَ جا ٽي مجموعا ڏنا، پر هڪ ناول، هڪ مضمونن جو مجموعو، ٻه ٽه فصلا ناٽڪ، هڪ سفرنامو(جنهن تي کيس مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ انعام سان نواريو) ، هڪ پيِ.ايڇ ڊيءَ جو مقالو، ٻه يادگيرين جا ڪتاب ۽ هڪ مذاقي ڪالمي ڪهاڻين جو مجموعو ڏنو. هن چار ڪتاب مختلف ٻولين تان سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيا. اهڙيءَ طرح هن پنهنجي حياتيءَ ۾ پندرهن ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنا. نه صرف ايترو پر هن ٽن سنڌي فلمن“رات هڪ طوفان جي”،“نقلي شان”۽“اڃا ته مان ننڍڙي آهيان”جا گيت ۽ مڪالما لکيا.“رات هڪ طوفان جي” جو اسڪرين پلي به سندس لکيل هو.1952ع کان لاڳيتوسنڌي تعليمي کيتر ۾ پاڻ موکيائين. ڪئين وڏن عهدن تي رهي سنڌي ٻولي، ساهت ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ پنهنجون شيوائون ڏنائين.کيس ڪئين انعامن اڪرامن سان نوازيو ويو.هند سنڌ ۾ هي پهريون سنڌي ساهتيڪارهو جنهن کي سندس شيوائن جو قدر ڪندي هڪ سنڌي اين.جيِ.او. پاران جيئري ئي وڏي ۾ وڏو ڏهن لکن جو انعام عطا ڪيو ويو.
    مون کي سندس شاعريءَ جي ٽئين مجموعي “ تنهنجيءَ ڳليءَ جون ڳالهڙيون ” ۾ شامل شاعريءَ جو جائزو وٺڻوآهي. هيءُ مجموعو ڊاڪٽر رام بخشاڻيءَ طرفان سال 2006ع ۾ ڇپائي سنڌي جاتي ۽ ساهت پريمين کي سوکڙي طور ڏنو ويو. 120 صفحن واري هن مجموعي ۾ سنڌي شاعريءَ جي پنجن صنفن هائيڪوُ ، بيت، وائي،غزل ۽ نظم تي ڪاميابيءَ سان قلم هلايو ويوآهي. مجموعي ۾ شامل شاعريءَ ۾ نج زميني سنڌي ٻوليءَ جو تخليقي استعمال ڪيو ويوآهي.شاعري پڙهي عجب ٿو لڳي ته شاعر جنم ڀوميءَ کان اکڙجي اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين ان کان پري رهڻ کان پوءِ به ڪيئن سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ جي ٻوليءَ خاص طور شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جي ٻوليءَ کي ساهه سان سانڍي رکي سگهيو آهي.ان باري ۾ شاعر مجموعي جي شروعات ۾ ئي “دل جي ڳالهه”سري هيٺ لکيو آهي ته“ پهرئين مجموعي کي ڇڏي ٻئين ۽ هن ٽئين مجموعي ۾ مون پنهنجي ٻوليءَ جي نجتا ۽ لحجي کي ڪونه ڇڏيو آهي جن ۾ موهه اٿم. ڪي نقاد ان تي پنهنجو رايو ڏين ۽ انهن کي مدي خارج چون ته به ڀولو ڪونهي. مون ته انهيءَ ڪري لکيو آهي جيئن پنهنجي من سان سرچاءُ ڪري سگهان. ها، چاهيو اٿم ته من جو آنند ٻين سان ونڊيان، وراهيان.”
    شاعر کي جنم ڀوميءَ جي کاڌي جي شين سان ايترو ته پيار آهي جو ور ور انهن جو ذڪر ٿو ڪري.

    سرنهن، گيدوُڙا، چِڀِڙَ،
    ميها، مَڃَرَ، موڪَ.

    ٿريليءَ جا ٿوڪ، جڏهن ڏٺم ٿر ۾. ( وائي- صفح 42 )
    ٿريلي معنى ٿر جي ٻولي. اها سنڌي ٻوليءَ جي اپ ڀاشا آهي. ٿوڪ معنى شيون. هتي ڀارت ۾ اسان سنڌين جي نئين ٽهيءَ ته ڇا شايد ڪن بزرگن به ٿر ۽ لاڙ علائقن جو اهو وڻ ڪونه ڏٺو هوندو جنهن ۾ مَڃَرَ جا گل ٽڙندا آهن. موڪ معنى جامَ. اهو سنسڪرت ٻوليءَ جو مِڃَر لفظ آهي، جنهن کي اسان سنڌين پنهنجي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين جيئن جو تيئن قائم رکيو آهي.اتي ان علائقي ۾ اهو لفظ عام جام ڪتب ايندو آهي.کاڌي جي شين جو ذڪر هلي رهيو آهي ته اڳو پوءِ ٻي وائيءَ جو هيءُ بند به ڏسون :
    ڍوڍو، ڳُڙُ، ڌؤنرو، مَکڻُ،
    کائي مرد مَچنِ.
    ماڻهوُ منهنجي ملڪ جا. ( وائي- صفح 51 )

    وائي اصل گيت جو هڪ قسم آهي جيڪو سنڌ ۾ ايامن کان مروج آهي. گيت وانگر وائي به ڇند ۾ نکري بيهندي آهي، پر هاڻي ته وائي به گيت وانگرمختلف بحر وزنن تي لکي وڃي ٿي.وائيءَ جي سونهن ان جي وراڻيءَ ۾ هوندي آهي.وراڻي بند سان آخر ۾ ائين پختي نموني ڳنڍيل هوندي آهي جو منهن مان پاڻمرادو واهه واهه نڪري ويندي آهي.هن مجموعي ۾ ڏنل واين ۾ اها خوبي آهي.شاعر کي سنڌ جي ٿر علائقي سان ايتري ته محبت آهي جوهيٺين وائيءَ ۾ اتان جي غريب ماروئڙن جي زيورن کي به ياد ٿوڪري. ان وائيءَ ۾ ٿر جو ماحول کڙو ڪري ڇڏيو اٿائين. واهه جا لفظي مصوري آهي.

    ٿريليءَ جا ٿوڪَ، جڏهن ڏٺم ٿر ۾.
    1-ٻانهيون وڏيون ٻانهن ۾،
    ڪَنڊِيون، هَسَ، اروڪَ ....جڏهن ڏٺم ٿر ۾.
    2-گهُنجيل، گَجُ ڇاتيءَ مٿان،
    لوڪ ته آهن ٻوڪَ! ..... جڏهن ڏٺم ٿر ۾.
    3-مينهن ڪڻيءَ کان اڳ ۾،
    ساٺيڪا ها سوڪَ. ......جڏهن ڏٺم ٿر ۾.

    مٿين وائيءَ ۾ ڪئين اهڙا لفظ آهن.جن کي هت ڀارت جي سنڌي نئين ٽهي ته ڇا پر اهي ننڍڙا ٻار جيڪي ورهاڱي وقت مائٽن جي هنج ۾ ويهي هتي ڀارت ۾ آيا ۽ هاڻي پنهنجي زندگيءَ جا ستر سال پورا ڪري چڪا آهن، اهي به شايد ڪونه سمجهي سگهندا ڇاڪاڻ ته اهي زميني لفظ آهن.سنڌ جي زمين ته هاڻي ڀارت ۾ ڪونهي جو اسان ٻانهيون ڏسي سگهون. اهي زالن جي ٻانهن ۾ پائڻ جا عاج جا ترتيب وار ڪنگڻ ٿيندا آهن.البت هتي اولهه راجسٿان ۾ ڳوٺاڻيون اهي ٻانهيون پائينديون آهن.هس- زالن جو ڳچيءَ ۾ پائڻ جوچانديءَ جو ٿلهو ڪڙو يا ٻيو ڪو ڳچيءَ جوڳهه ٿيندو آهي. اروڪ- بنا روڪ جي. گجُ معنى زالاڻو چولو. ساٺيڪا ٿر جا سٺ هٿن يا پرهن جيتري ماپ جا اونها کوهه ٿين. اڄ به اهي لفظ سنڌ ۾ عام ماڻهو استعمال ٿين ٿا. هن شاعريءَ جي مجموعي ۾ اهڙا ٻيا به سوين سنڌي لفظ آهن جن کي شاعر نئين سر جياريو ويو آهي.
    ڊاڪٽر موتي پرڪاش شاهه ڀٽائيءَ وانگر پنهنجي شاعريءَ ۾ تجنيس خطيءَ جو به خوب استعمال ڪيو آهي. سندس سڄي شاعري ان لفظي صنعت سان جهنجهي پيئي آهي، مثال طور سندس هيءُ بيت ڏسو:

    آئي مهڪ ملير جي سُڌِ نه آهي سماءُ،
    سالن کان پوءِ سنڌ سان، ههڙو ڪيئن لڳاءُ،
    گهاءُ به اهڙو گهاءُ، سَگهو ڪين سرير ٿئي.( صفح-25 )

    هن مجموعي ۾ تجنيس خطيءَ جا مثال جابجا پکڙيا پيا آهن، پر وقت جي محدودگيءَ سبب مثال ڏيڻ کان پاڻ کي روڪڻو پوندو.
    رومانس قديمي فرانسيسي لفظ آهي. اهو انگريزيءَ مان اسان وٽ آيو ۽ هاڻي اسان به ڪتب آڻيون ٿا. هالانڪ شاعريءَ ۾ رومانس ته آد جڳاد کان رهيو آهي.اهڙي شاعريءَ ۾ عاشقاڻي جذبن ۽ پرسپر ڪشش دوران ٿيندڙ حيرت ۽ پراسراريت جو احساس هوندو آهي.موتي پرڪاش جي“ناري” عنوان هيٺ ڏنل بيتن ۾ رومانس آهي. مثال لاءِ ٻه بيت پيش آهن.

    تنهنجي ساڙهيءَ جو پلئه، هوا بن سرڪيو،
    منهنجو من هرکيو، ڳجهي ڄاڻي ڳالهڙي. ( صفح- 28 )

    لڪڙي ڇڏ لاهي مٺي! چوٽيءَ ٻڌ تون وارَ،
    تو تنِ ماکيءَ لارَ، چمان، تئن چريو ٿيان. ( صفح- 30 )

    هائيڪوُ ڀارت جي لڳ ڀڳ سڀني ٻولين ۾ لکجي پيو، پر سنڌي هائيڪوُ جي باري ۾ نارايڻ شيام لکيو آهي ته “ سنڌيءَ ۾ هائيڪوُ جو فارم چترڪاريءَ جي ٽيڪنڪ تي ٻڌل آهي. يعني پهرين پسمنظر، جنهن تي اڀري ٿو هڪ نقش ۽ آخر ان نقش جو خاص انگ يا جزو، جو فڪر ۽ نظر جو مرڪز ٿي پوي.” ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي شاعريءِ جي هن مجموعي ۾ ڪل 32 هائيڪوُ ڏنل آهن. شاعر هائيڪو خلقيندي مٿين ڳالهه کي خاص طور سان ڌيان ۾ رکيو آهي.هر هائيڪو ڄڻ هڪ تصوير مثل آهي.مثال طور ڪجهه هائيڪوُ پيش آهن.

    ڏينهن پيا اوڏا،
    پرين آهن پنڌ ۾،
    دل پون ڌوڏا.
    (صفح-18 )
    گهورالوُ آيو،
    ڏاڏيءَ اڳتان ننينگريءَ،
    ويٺي ٻاڏايو.
    ( صفح-19)
    توسان منهنجو سنگ،
    ڇهندي پر کي ويو لهي،
    پوپٽڙي جو رنگ.
    ( صفح- 20 )
    رات سڄي جاڳي،
    ور جو ڀاڪر ٿيو ڍرو،
    آيس اوٻاسي. (صفح- 20)

    غزل عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ گفتگو آهي.اڄ ڀلي غزل جا موضوع مٽجي ويا هجن پر غزل ۾ گفتگوءَ وارو لحجو اڃا قائم آهي. اهو لحجو هجڻ سان غزل وڌيڪ اثرائتو ٿئي ٿو.

    ڪي کلايو ٻين کي، اوهين پڻ کلو،
    ٽهڪ جو ٽهڪ سان جئن جڙي سلسلو. ( صفح-98)

    هن مجموعي ۾ غزل به شامل ڪيل آهن جن جي ٻولي هائيڪو، بيتن ۽ واين جي ڀيٽ ۾ تمام سَوَلي ۽ عام فهم آهي.ڊاڪٽر موتي پرڪاش استاد شاعر هو، کيس خبر هئي ته غزل ۾سلاست جو پنهنجو هڪ خاص مقام آهي،شايد ان ڪري هن اهڙي ٻولي ڪتب آندي آهي. سندس غَزلَن جا ڪي بند ته عام ماڻهن جي زبان تي اچي امرتا پائڻ جي قوت رکن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي ڀارت ۾ اسان سنڌي ادب ئي ڪونه ٿا پڙهون ته شعر اسان جي زبان تي ڪيئن چڙهندو. خير، اهڙا ئي هي ڪجهه شعر ڏسو :
    تن سان ڪهڙو سودو، سائين،

    جن جا کاتا کوٽا آهن. ( صفح – 68 )

    وقت وڏو واپاري آهي
    ان جو ئي پڙ ڀاري آهي. ( صفح- 95 )

    غزل جي اثر پيدا ڪرڻ لاءِ شاعر وٽ احساس جي شدت، فڪر جي گهرائي،شعور جي بلندي هئڻ ضروري آهن. ڊاڪٽر موتي پرڪاش وٽ اهي سڀ آهن. سندس غزل جديد غزل جي حدن اندر داخل ٿين ٿا.

    ڪا ته جذبي ۾ هوندي گهتتائي،
    رات جو ننڊ هونئن ڪئن آئي؟ ( صفح- 92 )

    اسان جو روح آ بر ڌرتتيءَ جو،
    ڪڏهن ڀُل مان بڻو بادل، ته وَسجو. (صفح-72 )

    سمنڊ جي ماٺي سطح تي چنڊُ هو،
    گويا لهرن تي مڙهيل هڪ منڊُ هو. ( صفح- 96 )

    هونئن ته هن مجموعي ۾ شامل شاعريءَ ۾ شاعر پختا قافيه ئي ڪتب آندا آهن، پرمٿئين بند ۾ چنڊُ ۽ منڊُ ٻن پختن قافين سان بند سهڻو ٿي بيٺو آهي. هُن غزلن ۾ڪئين نوان نڪور استعارا به ڪتب آندا آهن. پر هتي مثال طور غزل جو صرف هڪ بند پيش ڪجي ٿو.
    ذڪر هو ڪنهن جي سوُنهن ۽ سينگار جو مگر،
    چهرو ڪو ساهميءَ ۾ اکين جي تُرڻ لڳو! ( صفح -78 )

    “اکين جي ساهمي” استعارو آهي. اکين جي ساهميءَ ۾ چهري جو تُرڻُ سهڻو اظهار آهي. اهڙيون مصراعون پاٺڪ کي سوچ ڏيئي وينديون آهن.
    عربيءَ ۾نظم جي معنى آهي هڪ ٻئي سان ملڻ يا ملائڻ. ان ۾ سِٽُنِ جو تعداد مقرر ڪونه هوندو آهي.
    پڇاڙيءَ ۾ نظم ڏنل آهن.“ نه تون ايندين؟” عنوان وارونظم ته وائيءَ جو احساس ٿو ڪرائي.

    اکيون آسائتيوُن آهن، نه توُن ايندين ؟
    نگاهوُن در ڏي واجهائن، نه توُن ايندين؟
    سُڻان ٿو آهٽون آهن؟ نه توُن ايندين؟
    سَڏي سرتيوُن ٿيون سمجهائن، نه تونُ ايندين؟
    هي ساروُن تو لءِ سيِڏائن، نه تون ايندين؟

    ايڪويهين صديءَ ۾ ڀارت ۾ ڇپيل شاعريءَ جو هيءُ پهريون مجموعو آهي جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ واري زميني ٻوليءَ جو ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو ويو آهي.ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي شاعريءَ ۾ بي ساختگي ۽ سهجتائون آهن. اهي صفتون مسلسل مشڪ پچائڻ کان پوءِ حاصل ٿي سگهنديون آهن.اهڙي شاعريءَ جي ڏات جوڳ پچائڻ بعد ئي ڪنهن کي نصيب ٿيندي آهي. اها شاعري ڪنهن اهڙي شاعر جي وراثت ٿي سگهي ٿي جنهن تي قومون فخر ڪنديون آهن.

    ( 1 آڪٽوبر 2016ع تي ممبئيءَ ۾ ٿيندڙ مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ جي سيمينار لاءِ لکيل )
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو