1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

مذهبي رواداري

'اسلام زنده باد' فورم ۾ نزاڪت پتافي طرفان آندل موضوعَ ‏9 آڪٽوبر 2016۔

  1. نزاڪت پتافي

    نزاڪت پتافي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    ڪراچي
    محرم مهيني ۾ مذهبي رواداري جي ضرورت
    محرم الحرام جو چنڊ نظر آيو ته لطيف جي نگري ۾ هر طرف مولا حسين عه جي مڃڻ وارن جي ڪوشش هوندي هوندي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مولا حسين عه کي خراج عقيدت پيش ڪجي. اها اسان جي خوشبختي چئجي يا خوش قسمتي ته هن نگري ۾ انهي ڏهاڪي ۾ جيڪو ڪنهن به مذهب سان تعلق رکي ٿو انهن ايام غم ۾ اهو حسين عه جو هوندو آهي امام حسين عه جي بارگاهه ۾ ڪا به تفريق، مسلم هجي يا هندو، سک هجي يا ڪير ٻيو حسين عه سان هر ڪنهن جو رشتو آهي ڇو ته حسين عه جو اهو احسان انسانيت تي هو اهو احسان انساني ضمير تي هو.
    مولا حسين عه پنهنجي قرباني پيش ڪري هن دنيا تي رشتن جو تقدس برقرار رکيو آهي هاڻي هر باضمير انسان جو فرض آهي ته هو پنهنجي محسن کي نه وساري ۽ انهي هڪ انسان جنهن پوري انسانيت تي احسان ڪيو انهي کي خراج عقيدت اهڙي طريقي سان پيش ڪجي جيئن قيامت جي ڏينهن پنهنجي نبي صه جي سامهون سروخرو هجي.

    هن وقت جيڪي به مذهب آهن اهي محبت ۽ انسانيت جي پرچار ڪندا آهن ڇو ته انسان مذهب کان به پراڻو آهي مذهب انسان جي ايجاد آهي مذهب انسانن لاءِ هوندا آهن انسان مذهبن لاءِ نه هوندا آهن.
    انهي بنياد تي هي ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته انسان جي قدر و قيمت هر مذهب ۾ آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته انهن سڀني مذاهب جي درميان بطور ڪلي يا جزي اختلاف ضرور موجود آهي اگر اختلاف نه هجي ها ته ايترا مذهب وجود ۾ ئي نه اچن ها. ۽ اها ڳالهه به روز روشن جيان عيان آهي ته انهن سڀني مذهبن ۾ هزارين يا لکين اختلافن باوجود هڪ شي تي اتفاق به آهي اها آهي انسان ۽ انسانيت جي قدر و قيمت.
    اسلام ۾ هڪ انسان کي مارڻ پوري انسانيت کي مارڻ جي مترادف آهي ايتري تائين جو اها جان جنهن هن جهان کي اڃا ڏٺو ئي ناهي ۽ ماءُ جي پيٽ ۾ آهي انهي کي به قتل ڪرڻ جي به مذهبِ اسلام اجازت نٿو ڏي ته پوءِ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي اهو اسلام مسجد، مندر، امام بارگاهه، پارڪ ۽ اسڪول وغيرهه ۾ دهشتگردي جي اجازت ڏي؟
    هندو مذهب ۾ انسانيت جي پرچار آهي انسانيت جي قدر آهي غلط کي غلط چيو ويندو آهي گناهن جي سزا آهي نيڪ انسان لاءِ نيڪي جو تصور آهي محبت امن ۽ شانتي آهي اهڙو مذهب به ڪڏهن دهشتگردي جي ڳالهه نٿو ڪري سگھي ۽ دهشتگردي جي اجازت نٿو ڏيئي سگھي! سک مذهب به محبت ۽ انسان دوستي جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ نفرت کان بالاتر آهي.
    اڳ واري زماني کان هن دور جو ماڻهو تمام گھڻو سياڻو ۽ هوشيار آهي ۽ جلد ئي ڳالهه جي تهه تي پهچي نتيجو ڪڍڻ جو عادي آهي پر سوال هي آهي ته اگر اسان جي ڪميونٽي ۾ جهيڙو ۽ جدل ناهي ته پوءِ هي ظلم آخر ڪري ڪير ٿو انهي جو جواب هن دور ۾ سمجهڻ اهم آهي.

    جڏهن اسان اها ڳالهه ڪيون ٿا ته انسانيت اعلي ۽ اتم آهي ته اسان ۾ اگر ڪو اختلاف به ٿي پوي تڏهن به اسان اهڙي ڳالهه ڪيون جيڪا اسان جي شان ۽ منزلت جي مطابق هجي وڙهڻ ۽ خون خرابو انهن جو ڪم آهي جنهن ۾ عقل نه آهي جنهن جو رتبو انسانيت کان گھٽ آهي اسان ته اشرف المخلوقات آهيون.
    اتفاق هجي يا اختلاف ٻنهي ۾ اخلاص هجڻ لازمي آهي ڇو ته اگر اختلاف ۾ اخلاص هوندو ته اهو اختلاف جلد ئي ختم ٿي سگھي ٿو يا گھٽ ٿي سگھي ٿو.
    مسلمان اهو سوچن ته سنت نبي صه تي اسان نه هلندا سين ته ڪير عمل ڪندو؟ صلح حديبيه به ته هڪ صلح هئي جيڪا غير مسلمن سان ڪئي وئي پر هتي ائين آهي جو مسلمان مسلمان کي برداشت نٿو ڪري اسان جو هي حال آخر ڪيئن ٿيو آهي آخر اسان ڪڏهن سنت نبي صه تي عمل پيرا ٿيندا سين؟ اسان جي نبي صه تي جيڪو ظلم ڪندو هو ۽ اهو ماڻهو بيمار ٿيندو هو ته پاڻ صه انهي کان پڇڻ ويندا هئا!
    اسان اگر هڪ جملو ڪنهن کان پنهنجي خلاف ٻڌندا آهيون يا غلط فهمي سبب سمجهندا آهيو ته هڪ ٻئي تي ڪفر جا فتويٰ جاري ڪري ڇڏيندا آهيون اسان جي نبي صه جي اها سنت ته نه آهي پاڻ تڪليفون برداشت ڪري بي دينن کي مسلمان ڪندا هئا اسان پنهنجو بدلو وٺڻ خاطر ۽ ذاتي انا جي ڪري مسلمانن کي ڪافر قرار ڏيئي ٿا ڇڏيون هي ته دين نه هو جيڪو اسان تائين پهتو هو اسان جي دين ۾ ته برداشت آهي اسان جي دين ۾ هندو لاءِ جاءِ آهي، عيسائي لاءِ جاءِ آهي، يهودي لاءِ جاءِ آهي ۽ سک لاءِ به جاءِ آهي ته ڇا مسلمان جي دل ۾ مسلمان لاءِ جاءِ نه آهي؟
    يقين ڄاڻو ته اسان جي مذهب اسلام ۾ مذهبي رواداري جا ڪيئي مثال موجود آهن اسان لاءَ ضروري آهي ته اسان هن مهيني مذهبي رواداري جي فضا قائم رکون ۽ هڪ ٻئي سان تعاون ڪريون امام خميني رح فرمايو هو ته مسلمان “هٿ ٻڌڻ يا هٿ کولڻ تي وڙهي رهيا آهن پر انهن جا بيروني دشمن انهن جا هٿ ڪٽڻ جو سوچي رهيا آهن” هن مهيني حسن ظن رکجي، مذهبي منافرت کي ويجهو اچڻ نه ڏجي، ڪنهن ٻئي ڪا ڳالهه ڪجي ته الفاظ جي چونڊ سٺي ڪجي، جاهلن جي ڳالهين ۽ ڪمن کي مذهب ۽ مسلڪ جو نالو نه ڏجي، هڪ ٻئي جي عبادت گاهن ۽ جلسي جلوسن جو احترام ڪجي، سوشل ميڊيا تي مذهبي نفرت ڦيلائڻ واري مواد کي هر گز لائيڪ يا شيئر نه ڪجي ۽ مقدس هستين بابت ڪي به گٿا لفظ نه ڳالهائجن تاڪه ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿئي.
     
    آخري ترميم: ‏15 آڪٽوبر 2016
    ممتاز قريشي ۽ رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,662
    ورتل پسنديدگيون:
    3,901
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    263
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان

هن صفحي کي مشهور ڪريو