1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

تڪبر فساد جي پاڙ آهي

'اسلام زنده باد' فورم ۾ ڪريم جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2016۔

  1. ڪريم جمالي

    ڪريم جمالي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏27 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    حضرت آدم عليه السلام جو انساني ڪردار ۽ ابليس لعين جو شيطاني ڪردار

    قال الله تبارک و تعاليٰ اَعُوۡذ باالله من شيطان الرجيم. بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم.

    ترجمو: ۽ بيشڪ اوهان کي پيدا ڪيوسون وري اوهان جي شڪلين کي بڻايوسون وري ملائڪن کي چيوسون ته آدم (عليه السلام) کي سجدو ڪيو، پوءِ شيطان کانسواءِ سڀن سجدو ڪيو، شيطان سجدي ڪندڙن مان نه ٿيو. (الله) چيو ته توکي سجدي ڪرڻ کان ڪهڙي (ڳالهه) روڪيو؟ جڏهن ته توکي حڪم (به) ڪيم، چيائين ته آءٌ کائنس ڀلو آهيان، مون کي باه مان پيدا ڪيو اٿئي ۽ ان کي مٽي مان پيدا ڪيو اٿئي. (الله) چيو ته ان (آسمان) مان لهي وڃ توکي منجهس وڏائي ڪرڻ نه جڳائيندي آهي تنهنڪري (تون) نڪر ڇو ته تون خوار ٿيلن مان آهين.
    مٿي بيان ڪيل آيتن تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته الله جل شانه شيطان تي ڏمرجڻ جا ڪجهه سبب بيان ڪيا آهن. پهريون سبب اهو ته هن الله جل شانه جي حڪم عدولي ڪئي، ٻيو سبب ته هن تڪبر ڪيو، ٽيون سبب ته الله جل شانه جي ٺاهيل صورت تي چٿر ڪيائين، چوٿون سبب ته هن الله جل شانه جي شان ۾ گستاخي به ڪئي، جئين قرآن مجيد ۾ آهي ته، چيائين ته مون کي تو گمراه ڪيو، حالانڪه شيطان پنهنجي عملن جي ڪري ئي گمراه ٿيو. پوءِ ان جو نتيجو اهو نڪتو ته هن پاڻ ئي گمراهي جو ٺيڪو کنيو، الله جل شانه جي رحمت کان مايوس ٿيو ۽ الله تعالي کان پنهنجي غلطي جي معافي وٺڻ بجاءِ الله جل شانه جي اڳيان بي ادبي سان دليل بازي ڪئي ۽ هلاڪ ٿيو، الله جل شانه جي درٻار مان تڙجي نڪتو، ۽ لعنت جو طوق پنهنجي ڳچي ۾ وڌو.حالانڪه الله تعالي شيطان تي به وڏا ڪرم ڪيا هئا جو ان کي آسمانن ۾ جاءِ ڏنائين ۽ ان کي معلم ملڪوت بنايائين پر جڏهن آزمايو ويو ته تڪبر جي ڪري ناڪام ٿيو.
    مذڪوره بحث مان اسان کي هي سبق ملي ٿو ته ڪو به پاڻ کي ٻين کان بهتر نه سمجهي ، مال ملڪيت جي بنياد تي، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي، يا قد بت ۽ صورت جي بنياد تي ڇو ته، اصل ۾ انهن عملن جي ڪري شيطان خوار ٿيو، آسمانن مان تڙجي نڪتو.
    آزمائش يا امتحان: هتي هي ڳالهه قابل ذڪر آهي ته، جڏهن الله جل شانه آدم عليه السلام کي پيدا ڪرڻ جو ارادو فرمايو ته ان جو اعلان ملائڪن ۾ ڪيو، ان تي ملائڪن ڪجهه تحفظات جو اظهار ڪيو هو پر الله جل شانه انهن جي تحفظات کي رد ڪري ڇڏيو. آدم عليه السلام کي الله جل شانه پيدا ڪيو ۽ ان کي علم سيکاريو ۽ ملائڪن جي آزمائش ڪئي پر ملائڪ سڳورا آدم عليه السلام جي علم جو مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ هنن الله تعالي جي اڳيان تسليم ڪيو ته، در اصل حقيقي علم ۽ حڪمت جو مالڪ الله تعالي ئي آهي بس انهن جو علم ايترو ئي آهي جيترو الله تعالي انهن کي سيکاريو. جڏهن الله تعالي سجدي جو حڪم ڪيو ته سڀن ملائڪن سڳورن هڪدم سجدو ڪيو سواءِ ابليس لعين جي. جڏهن الله تعالي نوري يعني ملائڪن ۽ ناري يعني جن (شيطان) جي آزمائش ڪئي، تڏهن ملائڪن ته الله تعالي جي حڪم کي مڃيو ۽ جيڪو انسان جي تخليق تي اعتراض ڪيو هيو ان تي پشيماني جو اظهار ڪيو، عاجزي ۽ انڪساري کان ڪم ورتو. جڏهن اسان شيطان جي ڪردار تي نظر وجهنداسون ته معلوم ٿيندو ته اهو نه فقط آزمائش ۾ ناڪام ٿيو پر ويتر حسد ۽ ساڙ جي ڪري تڪبر جي ور چڙهي ويو جنهن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. هاڻي جڏهن ناري ۽ نوري مخلوق جي آزمائش ٿي ته پوءِحضرت آدم عليه السلام جنهن تي الله جل شانه ايڏا ڪرم ڪيا جو سندن کي زمين ۾ خلافت عطا ڪئي، هن کي علم عطا ڪري ٻين کان ممتاز ڪيو، ۽ ملائڪن سڳورن کان تعظيم جو سجدو ڪرايو ته هاڻي حضرت آدم عليه السلام کي به آزمائش مان گذرڻو هو.
    الله جل شانه حضرت آدم ۽ بيبي حوا عليهما السلام کي جنت ۾ رهايو پر ان ۾ اها شرط رکي ته هو وڻ جي ويجها به نه وڃن. اهو وڻ انهن ٻنهي جو امتحان هو. ان سان گڏ الله جل شانه انهن کي اهو به ٻڌائي ڇڏيو ته هو ٻئي شيطان جي شرارت کان بچن ڇو ته اهو انهن جو کليو دشمن آهي ۽ جيڪو الله جل شانه کان انسانن کي گمراه ڪرڻ جي مهلت به گهري چڪو آهي ۽ اها مهلت ان کي ملي به وئي آهي.
    جنت ۾حضرت آدم ۽ بي بي حوا عليهما السلام جي دلين ۾ شيطان وسوسا وجهڻ شروع ڪيا جنهن جو قرآن شريف ۾ ذڪر آهي. هن جي مڪر ۽ فريب هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ انهن ٻنهي کان لغزش ٿي پئي، الله جل شانه انهن جي انهي عمل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنتي لباس لهي پيا انهن جون شرمگاهون ظاهر ٿي پيون ۽ انهن ٻنهن پنهنجو پاڻ کي جنت جي وڻن جي پنن سان پئي ڍڪيو.
    هتي هي ڳالهه قابل ذڪر آهي ته، الله جل شانه آزمائش ملائڪن سڳورن جي به ڪئي جنهن ۾ جن يعني ابليس به شامل هيو پر اهي حضرت آدم عليه السلام جي علم جو مقابلو ڪري نه سگهيا ۽ حضرت آدم عليه السلام کي انهن تي برتري حاصل ٿي ۽ وري جڏهن ملائڪن کي بشمول ابليس جي تعظيم جي سجدي جو حڪم ٿيو ته اها ٻي آزمائش هئي جنهن ۾ ملائڪ سڳورا ڪامياب ٿيا ۽ ابليس تڪبر ۽ حسد جي ڪري ناڪام ٿيو. هاڻي جڏهن حضرت آدم ۽ بي بي حوا عليهما السلام جي آزمائش ميويدار وڻ سان ڪئي وئي ته هو ان ۾ ڪامياب نه ٿيا. الله تعالي ئي پنهنجي ڳجهه ۽ حڪمت کي بهتر ڄاڻي ٿو. جنهن جو جيترو عهدو يا درجو هو ان جي اوتري ئي آزمائش ڪئي وئي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حضرت آدم ۽ بي بي حوا عليهما السلام جي آزمائش ملائڪن سڳورن جي ڀيٽ ۾ سخت هئي ڇو ته حضرت آدم عليه السلام جو درجو انهن جي ڀيٽ ۾ اعلي آهي.
    حضرت آدم عليه السلام جو ڪردار؛ عاجزي انڪساري، گريو ۽ زاري (انسانيت):

    (حضرت) آدم ۽ حوا عليهما السلام الله تعاليٰ جي آڏو عاجزي سان عرض ڪيو: اي اسانجا رب! اسان پنهنجن جانن تي ظلم ڪيو سين، ۽ جيڪڏهن تو اسان کي معاف نه ڪيو ۽ اسان تي تو رحم نه ڪيو ته اسان تحقيق ٿي پونداسون نقصان وارن مان.
    جڏهن حضرت آدم ۽ بي بي حوا عليهما السلام ٻنهن کان لغزش يا خطا ٿي ته انهن نه شيطان کي ان جو ذميوار ڪيو ۽ نه ئي وري الله سائين سان ڪا دليل بازي ڪئي پر سڌو سنئون پاڻ کي الله تعالي جي اڳيان پيش ڪيو، پشيماني جو اظهار ڪيو، الله تعالي کان مغفرت طلب ڪندا رهيا، جئين حضرت آدم ۽ بي بي حوا عليهما السلام جي دعا ۾ آهي. شاه عبد الطيف ڀٽائي عليه الرحمه انجي پنهنجي بيت ۾ هن طرح ترجماني ڪئي آهي.

    ليلا ليلائيج اٿئي ماڳ منٿ جو،
    جي ليلائي نه لهين ته پڻ ليلائيج
    آسرو م لاهيج سڄڻ سٻاجهو گهڻو.
    جڏهن حضرت آدم ۽ بي بي حوا عليهما السلام الله تعالي جي حضور ٻاڏائيندا رهيا ته الله تعالي جي رحمت کي جوش آيو، الله تعالي خود وري حضرت آدم عليه السلام کي توبه ڪرڻ جو طريقو سيکاريو (جئين سيدنا عمر رضي الله تعالي عنه کان روايت آهي: ته (آخر ۾) حضرت آدم عليه السلام هن طرح دعا گهري “اللهم اغفر بحق محمد”، يعني “اي الله حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي صدقي معاف فرما) الله تعالي انهن جي بخشش فرمائي اصل مقصد به اهو ئي هو، سبحان الله! الله تعالي ئي پنهنجن حڪمتن کي پاڻ بهتر ڄاڻي ٿو.
    منهنجي هن مضمون لکڻ جو مقصد اهو آهي ته، اصل ۾ تڪبر، هٺ اجائي هوڏ هلاڪت ۾ وجهندڙ آهي. سڀ کان پهريون جنهن تڪبر ڪيو اهو ابليس هو، ۽ جنهن وري عاجزي انڪساري کان ڪم ورتو۽ تڪليفن تي به صبر ڪيو ۽ الله تعالي جي رحمت مان مايوس نه ٿيو اهو حضرت آدم عليه السلام هو. اها اصل ۾ انسانيت آهي. اڄڪلهه جيڪو فساد دنيا ۾ برپا آهي ان جي پاڙ به تڪبر ئي آهي.
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو