جيڪڏهن اوهان آءِ فون استعمال ڪيو ٿا ته پوءِ هي پوسٽ اوهان لاءِ آهي.

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ شمشير نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2016۔

  1. شمشير نظاماڻي

    شمشير نظاماڻي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    [​IMG]

    اڳي پڻ آ فون لا سنڌي ڪيورڊ هو جيڪو پراڻي ورجن ios9 ۾ ٺيڪ ڪم ڪري پيو پر هاڻ ios10 آيو آهي ان ۾ نه پيو هلي.
    تنهنڪري ڪوششن کانپو.
    سنڌي ٻولي جي لاءِ متعارف ڪرايل نئون IOS ڪيبورڊ، جنهن ۾ اوهان آساني سان سنڌي لکي سگھو ٿا
    ۽ هي ڪيبورڊ نئين IOS10 ۽ IPhone 7 تي پڻ انسٽال ڪري سگھجي ٿو.
    هي آءِ فون ۾ واحد ڪي بورڊ آهي جنهن ۾ اعراب (ءِ ءَ ءُ ءٌ َ ِ) پڻ شامل آهن.

    توهان هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهئو ٿا.

    نيئن ورجن ۾:
    اوهان اعراب پڻ آسان سان لکي سگهئو ٿا.
    مڪمل طور سان ڊزائين ڪيل نئون ايپ.
    اوهان ڪيبورڊ جا رنگ پڻ بدلائي سگهو ٿا.
    وڌيڪ اوهان لنڪ ۾ پڙهي سگهو ٿا.​
     
    الھي بخش، ذيشان رشيد ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    پيارا! تمام بهترين ڪَم...
    هِن ليک ۾ اموجيز جو تصويري ڏيک به شامل ڪريو.
     
    شمشير نظاماڻي هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام گهڻي خوشي ٿي ......

    خوش هجو پيارا دوستو، اوهان تي ناز آ ... پر يار ڪجهه تفصيل ڏيو ته هي ڪم ڪنهن ۽ ڪيئن ڪيو. اوهان دوستن لاءِ ڪي تعريفي لفظ لکجن.
     
    شمشير نظاماڻي ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  4. خليق جمالي

    خليق جمالي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2014
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪراچي
    دوستن جي مهرباني جو هُنن هتي ڪي بورڊ بابت لکيو. مون هي ڪي بورڊ جوڙي اپلوڊ ڪري ڇڏيو ۽ سوچيم ڪنهن کي ضرورت پوندي ته پاڻ ڳولي انسٽال ڪندو :)
    اصل ۾ جواد ميمڻ طرفان جوڙيل ڪي بورڊ شاندار هيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڪافي دوائيسز ۾ بهترين هلي پيو. پر تازو 7 سيپٽمبر تي ايل نئين اي ايس او 10 ۾ ڪي بورڊ کولڻ سان فل اسڪرين ۾ تبديل ٿي ويو ٿي، نتيجي ۾ ڪجهه لکي نه پيا سگھون. جڏهن مون موبائيل اپديٽ ڪيو ته ان ڳالهه جو احساس نه ٿيو پر دوست کي ميسج ڪيم ته موبائيل اپديٽ ڪيو. ان ٻڌايو ميسج ڪري ”صاحب هن اپديٽ کان پوءِ سنڌي ته نه پيا لکي سگھون” پوءِ مون ڪي بورڊ کوليو ته واقعي ۾ ڪجهه نه پيا لکي سگھون. سو ويٺي ويٺي ڪوشش ڪيم ته ڪي بورڊ جوڙي ويو. ۽ اپلوڊ ڪري سمهي پيس، خوشقسمتي سان اپيل وارن اپروو به ڪري ڇڏيو اڄ شايد فيس بڪ تان پوسٽ پڙهي منهنجي ان دوست ڪي بورڊ انسٽال ڪيو ۽ واٽس ايپ تي ٿنڪس جو ميسج ڪيائين نه ته مون ان کي ئي آگاهه نه ڪيو هو. اميد وقت مليو ته ان کي وڌيڪ بهتر ڪبو.
     
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مان ته اينڊرائيڊ استعمال ڪندو اچان، پر هِن ڪيبورڊ جا ايموجيز ۽ لي_آئوٽ ڏِسي دل داد نه ڏِئي ته ڏوهي ٿيندس.
    مونکي شمشير به ٽيگ ڪيو هو ڪيبورڊ بابت :) :)
     
    شمشير نظاماڻي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو