1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

توبھ جو فلسفو.

'اسلام زنده باد' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2016۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,507
    ورتل پسنديدگيون:
    3,458
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    توبھ جو فلسفو


    محترم ميمبرس السلام عليڪم !
    توهان ۽ اسان کي ڄاڻڻ گهرجي ته،ايمان ۽ معرفت جو نور جيڪو پيدا ٿئي ٿو،سو توبھ جو بنياد آهي.انهيء نور جي وسيلي ماڻهو ڏسي ٿو ته ،گناه زهر قاتل آهي.جڏهن ڏسي ٿو ته انهيء زهر مان آء گهڻوئي کائي چڪو آهيان ۽ مرڻ تي آهيان ،تڏهن لاچار هن کي پيشماني ۽ خوف ٿئي ٿو.جھڙيء طرح اهو ماڻھو،جنهن زهر کاڌو هجي ۽ پيشمان ٿئي ۽ ڊڄي ۽ انهي ء پيشماني جي ڪري نڙيء ۾ آڱر وجهي الٽي ڪري ۽ انهي ڊپ جي ڪري دوا جي تجويز ڪري،انهيء لاء ته جيڪو اثر زهر ڪيو آهي،سو نڪري وڃي.تهڙيء طرح گنهگار جڏهن ڏسي ٿو ته ،مون جيڪو شهوت پرستي ، بد اعمالي، ڪڌا ڪرتوت ۽ الله سبحان التعالئ جي احڪامات جي خلاف ورزي ڪئي آهي سا زهر سان گڏيل ماکيء جي مثال هئي، جو انهي مهل مٺي ٿي لڳي، پر نيٺ نانگ وانگر ڏنگي ٿي.تڏهن اهو گنهگار گذريل وقت جي گناهن تي پيشمان ٿئي ٿو ۽ هن جي جان ۾ خوف جي باه بکي ٿي ۽ هو پاڻ کي ڏاڍو هلاڪ ٿو ڏسي ۽ منجهس شهوت ۽ گناه جو حرص آهي.سو انهيء خوف ۽ پيشماني جي باھ ۾ سڙي اًجهامي وڃي ٿو ۽ اها شهوت ؤ بداعمالي بدلجي پيشماني ٿيو پوي .تڏهن هو ارادو ڪري ٿو ته گذريل حالت جو تدارڪ ڪري ۽ آئيندا وري ڪڏهن به انهن گناهن کي ويجهو نه وڃي،جفا جو لباس لاهي وفا جو فرش وڇائي ۽ پنهنجي سڀ هلت چلت بدلائي ڇڏي.جهڙي طرح انهيء کان اڳي سڄوئي خوش ۽ بي پرواھ ۽ غفلت ۾ پيو هو ،تهڙيء طرح هاڻ پيشماني ۽ ڏک ۾ پئجي.اڳ غفلت وارن ماڻهن سان اٿئندو هوندو هو،هاڻ معرفت وارن سان صحبت رکي..انهي مان معلوم ٿيو ته ،توبھ پاڻ پيشماني آهي ۽ ان جو اصل يا بنياد معرفت ۽ ايمان جو نور آهي.انهيء جي شاخ آهي حالتن جو بدلائڻ ۽ ًگناه ۽ مخالفت کان بندگي ۽ موافقت ڏانهن سڀني عضون کي موڙڻ.
    محترم ميمبرس! ڄاڻڻ گهرجي ته، توبه ڪرڻ ۽ حق تعالي ڏانهن ڦرڻ ،اسان گنهگار انسانن جو پهريون قدم ۽ سالڪن جي رستي جي مهڙ آهي. ڪنهن به ماڻهو جيڪو هن دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي ماڻڻ چاهي ٿو کي هن کانسواء چارو ڪونهي، ڇو جو پيدائش جي شروعات کان وٺي عمر جي پڇاڙيء تائين گناه کان پاڪ رهڻ ملائڪن ۽ نبين سڳورن جي خاصيت ۽ ڪم آهي جڏهن ته سڄي عمر گناه ۽ مخالفت ۾ غرق رهڻ شيطان جو ڪم آهي.پيشمان ٿي توبھ ڪرڻ ۽ گناهن جي واٽ ڇڏي الله سبحان التعالئ جي عبادت جي شاهي رستي تي هلڻ اسان جهڙي گنهگارن ۽ نفس جي چنڀيء ۾ ڦاٿل انسانن جو ڪم آهي.يقين ڄاڻو ته جنهن ماڻهوء توبھ ڪري گذريل گناهن جي تلافي ڪئي،تنهن حضرت آدم عليه السلام ۽ محسن انسانيت رحمت العالمين ،نبين جي سردار جنهن جي لاء هن دنيا کي وجود ۾ آندوويو آهي سان پنهنجي نسبت درست ڪئي.جڏهن ته جنهن مرڻ گهڙي تائين گناهن  نفس جي بغاوت تي زور رکيو،تنهن پنهنجي نسبت شيطان سا مضبوط ڪئي.پر سڄي عمر عبادت ۾ رهڻ ماڻهوء جي لاء ممڪن ناهي،ڇو جو الله پاڪ جڏهن انسان کي پيدا ڪيو ،تڏهن هو ناقص ۽ بيعقل پيدا ڪيو ويو ۽ شهوت يا نفساني خواهش،جا شيطان جا هٿيار آهي،پهريائين اها ماڻُهوء تي غالب ڪئي وئي، ۽ عقل ،جيڪو شهوت يا نفساني خواهش جو دشمن آهي ۽ ملائڪن جي جوهر جو نور آهي،انهيء کي الله سائين پوء پيداڪيو ،تنهن ڪري جيسئين هي پيدا ٿئي تيسين ماڻهوء تي شهوت غالب پئجي ويئي ۽ انهي انسان جو سينو يعنئ قلعو چڱي طرح پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو ۽ نفس به انهيء سان ٺهي ۽ هري مري ويو.پوء جڏهن عقل پيدا ٿيو تڏهن لاچارهن کي توبھ ۽ نفس سان جهاد ڪرڻ جي ضرورت ٿئ،انهيء لاء ته انهي قلعي کي فتح ڪري ۽ شيطان ؤ شهوت جي قبضي مان کيس ڇڏائي.تنهن ڪري ماڻهن کي توبه جي گهرج ٿي ۽ اها انهن جي لاء ضروري آهي.جڏهن عقل جو نور ۽ شرح جي نور سان ماڻهوء جون اکيون کليون ۽ هوء سنئين ۽ ڏنگي واٽ ۾ تميز ڪرڻ لڳي،تڏهن توبھ کان سواء هن جي لاء ٻيو ڪو به چارو يا فرض نه آهي. انهڪري هن کي توبه ڪرڻ گهرجي ،توبھ جي اها ئي معنئ آهي ته.ماڻهون گمراهي جي کڏ مان نڪري هدايت جي دڙي تي اچي پهچي،

    سيدنا حضرت عمر رضِي الله تعالئ عنه فرمايو آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته،”ڪو به اهڙو ماڻهو ڪونهي جو گنهگار نه هوندو،پر جيڪو توبھ ڪري ٿو سوء سڀني گنهگارن کان بهتر آهي” ۽ فرمايو اٿن ته ”جيڪو گناه کان توبھ ڪري ٿو،هوء انهي شخص جهڙو آهي جنهن ڪڏهن گناه نه ڪيو آهي” ۽ فرمايو اٿن ته ” گناه کان توبھ ڪرڻ جي هي معنئ آهي ته وري انهيء گناه کي آڏو نه وڃي.”
    سيدنا آما بيبي عائشه رضي الله تعالئ عنه کان روايت آهي ته حضور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته ”حق تعالئ جنهن ٻانهي کي گناه تي پيشمان ڄاڻي ثو ،انهي کي بخشش گهرڻ کان اڳي ئي بخشي ڇڏي ٿو”.
    رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته ”سڀ ڪنهن بديء جي پٺيان نيڪي ڪر،انهيء لاء ته نيڪي انهيء بدي کي ڊاهي ڇڏي” پاڻ سڳورن جن فرمايو آهي ته ” جيڪڏهين اوهين ايترا گناه ڪريو جو آسمان تائين وڃي پهچن ۽ پوء وري توبه ڪريو ته به قبول ٿئي ٿي.”پاڻ سڳورن جن فرمايواٿن ته ” ڪو بندو اهڙو هوندو جو گناه جي ڪري بهشت ۾ ويندو،اصحابن رضي التعالي عنهم عرض ڪيو ته يا رسول الله ! ايئن ڪيئن ٿيندو؟ فرمائين ته ،هن طرح ته اهو گناه ڪري پيشمان ٿيندو ۽ بهشت تائين اها پيشماني سندس نگاه جي اڳيان رکيو ايندو.” بزرگن جو چوڻ آهي ته شيطان توبھ ڪرڻ واري جي حق ۾ چوي ٿوته ،مون ناحق هن کي هن گناه ۾ مبتلاء ڪيو.
    رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان آهي ته ”نيڪيون بدين کي اهڙيء طرح ڌوئي ٿيون ڇڏين ،جهڙي طرح پاڻي ميري ڪپڙي کي ٿو ڌوئي.” پاڻ سڳورن فرمائيو اٿن ته ،”جڏهن شيطان تي لعنت نازل ٿي،تڏهن هن عرض ڪرڻ لڳو ته ،يا الله ! قسم آهي تنهنجي عزت جو،ته جيسئين ماڻهون جو ساه بدن کان نه نڪري ويندو،تيسئين آء به هن جي دل مان نه نڪرندس.حق تعالئ فرمايو ته ،مون کي به قسم آهي پنهجي عزت جو،ته جيسئين ماڻهوء جي بدن ۾ ساه هوندو،تيسئين آء توبھ جو دروازو هن جي لاء بند نه ڪندس”.
    هڪڙو حبشي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪرڻ لڳو ته،ِايارسول الله صلي الله عليه وسلم! مون گهڻا گناه ڪيا آهن ،منهنجي توبھ قبول ٿيندي؟ پاڻ سڳورن جن فرمايو”هائو! قبول ٿيندي،” جڏهن هو هليو ويو تڏهن ٿورو پرڀرو وڃي وري موٽي آيو ۽ چوڻ لڳو ته ،يارسول الله صلي الله عليه وسلم ! جنهن وقت آئون گناه ڪندو هئس تنهن وقت الله پاڪ مون کي ڏسندو هو ڇا؟ فرمايائون ته،هائو ڏسندو هو، حبشِي هڪڙي دانهن ڪئي ۽ ڪري پيو ۽ مري ويو.
    حضرت طلق بن حبيب رحه چيو آهي ته،حق تعالئ جا حق انهي کان وڌيڪ آهن ته ماڻهو انهي تي قائم رهي سگهي،پر صبح جو توبه سان اٿڻ گهرجي ۽ رات جو توبه سان سمهڻ گهرجي. حضرت حبيب بن ثابت رحه جن فرمايوته، بندي جي اڳيان سندس گناه پيش ڪيا ويندا.هڪڙي گناه کي ڏسيء چوندو ته ، هاء هاء ! آء ته هميشھ تو کان ڊڄندو هئس! انهيء ڊپ جي ڪري هو بخشيوويندو.

    محترم ميمبرس ! اسان ۽ اوهان هن فاني دنيا جا عرضي مڪين ،هن دنيا کي سڀ ڪجه سمجهي وڏي مزي سان گناهن تي جسارت ڪري زندگي کي موم بتي وانگر پگهليون ٿا.اسان اهو ته سوچون نه ٿا ته هڪ ڏينهن اسان کي به موت جو مزو چکڻو آهي.اسان جي اصل زندگي ته موت کانپوء شروع ٿيندي.ان لاء اسان ڪنهن ثمر جو انتظا۾ نه ڪيو آهي.اسان کان وڌيڪ نادان ۽ عقل دشمن ڪري هوندو جيڪو روز ٻين جو موت ڏسندي پنهنجي موت کي اڃا تائين وساري ويٺو آهي.ڪاميابي الله سائين جي احڪامات ۽ پياري نبي سائين جي سنتن جي پوئيوري ۾ آهي.اسان کي خبر نه آهي ته اسان روزانه ڪيترا گناه ڪري رهيا آهيون .اچو ته اڄ کان اسان پنهنجو اهو معمول ٺاهيون ته رات جو سمهڻ واقت ۽ صبح جو اٿڻ کانپواء الله پاڪ کان توبه ڪري پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن جون معافيون گهريون.يقين ڄاڻو ان عمل سان الله پاڪ جن راضي ٿيندا ۽ اسان جي گناهن جي معافي جو سبب اها توبه ٿيندي.
     
    آخري ترميم: ‏15 آڪٽوبر 2016
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,584
    ورتل پسنديدگيون:
    5,531
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سبحان الله ... جزاڪ الله
    انسان جي زندگي ڪيترو نه تيزيءَ سان گذري پئي.. ان جو احساس شايد ئي ڪو ڪندو هجي.. ارشاد آهي ته ٻيهر جيئري ٿيڻ کان پوءِ انسان چوندو ته مان ته ڌرتي تي رڳو ٿوري عرصي لاءِ رهيو هيس ..
    هاڻي به جڏهن جمع نماز پڙهڻ لاءِ جامع مسجد وڃڻ ٿيندو آهي ته ڪافي اهڙا ماڻهون ملندا آهن جن سان وري هفتي دوران ملڻ ٿيندو ئي ناهي.. ۽ پوءِ احساس ٿيندو آهي ته ڪيترو نه جلد هفتو پورو گذري ويو...
    چوڻ جو مقصد ته زندگي تيزيءَ سان ختم ٿي رهي آهي.. ان دوران توهان آخرت جو فڪر فاقو ڪندي توهان نمازون ادا ڪريو نه ڪريو .. وقت توهان جو انتظار نه ڪندو ته پوءِ ٻيو نه ڪرڻ کان اهو ڪرڻ ته ضرور گهرجي جيڪو سائين غلام مصطفى جن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آ... ڪو ته اهڙو بهانو ٺاهجي جنهن سان مالڪ بخش فرمائي.. ڪو ته اهڙو موقعو ڏجي...

    ڪافي وقت کان پوءِ تفصيلي ۽ جهنجهوڙيندڙ موضوع.. توهان جي وڌيڪ موضوع موڪلڻ جو انتظار رهندو..
     
  3. اعجاز علي ڀٽي

    اعجاز علي ڀٽي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2013
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ جاب، پوليس ڊپارٽمنٽ
    ماڳ:
    گولاڙچي ضلع بدين
    ماشا الله تمام بھترين، الله پاڪ کان دعا آھي ته اسان سڀني کي گناھن کان بچڻ ۽ ھميشه لاءِ توبھه جي توفيق عطا فرمائي (آمين).
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو