ٿر جو پھريون سفر

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هونئن تہ ڪافي دفعا ٿَر وڃڻ ٿيو آهي جو ملڪاڻي کان نڪرڻ کان پوءِ 35 ڪلوميٽر تي ٿَر شروع ٿيو وڃي پر ٿَر جو پهريون سفر ڏاڍو يادگار آهي جيڪو مون منهنجي سؤٽ ۽ جگري يار يونس سان گڏ ڪيو. آءُ ۽ يونس جڏهن زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ٿَر لاءِ سنبرياسين تہ اسان وارن مائٽن کي اڄ به اسان تي اوترو ئي يقين آهي جيترو تڏهن هو ته ”ڇورا“ ڪٿي وڃائجي يا شاهينگ جي ور نه چڙهي وڃن. توڙي جو اسان به سفر ڪري ڪري جيڪي لنڊيون لتاڙيون آهن سي کانئُن گهٽ آهن به ته 19-20 جي فرق سان . . . . . خير اها ڳالهه آهي 1997 جي جڏهن آءُ ڏهين ڪلاس ۾ هُئس ۽ يونس صاحب پڙهائي ڪري ڪري ٿَڪجي بريڪ ورتو هو جيڪو ٻه سال رهيو. موڪل ته تڏهن به ايئن ئي ملي جيئن اڄ ملي ٿي، معنى خرچ ۽ ڏَس پَتا گهٽ دڙڪا ۽ داٻا وڌيڪ مليا.
    ٺهي سنبري اچي نئون ڪوٽ پُهتاسين. اسان جي منزل ٿَر جي شروعاتي آبادين مان هڪ ڳوٺ گُرڙا ٻهه هو. نئون ڪوٽ کان گُرڙا ٻهه تڏهن اڃان ڪچو رستو هو. هڪ موتمار اڻ گهڙيو ڇڪڙو هلندو هو. جيڪو ڳولڻ سان نئون ڪوٽ ۾ ملي ويو پر روانگي جو وقت شام جو پنج بجي هُئس. اها ڳالهه توڙي جو يونس جي ڏاڏا مرحوم جان محمد ڪئي به هُئي پر اسان کي مائٽن جي ايمان مهمان هُجڻ جي به پڪ هُئي سو ڊپ هو ڪٿي موڪل ڏيئي وري نه ڦِري وڃن تنهنڪري موڪل ملندي ئي ٽوال ڪلهي تي رکي ڀڳا هُئاسين. ڪاڙهه تتي ۾ ڇڪڙي جي ڇت چڙهيا انهي آسري ويٺا هجون ته سج نيٺ هيٺ ويندو، پنج ٿيندا ۽ هي ڇڪڙو هلندو. خدا خدا ڪري 4.30 ٿيا ته ڇڪڙي جا ڌڻي ظاهر ٿيا ۽ اسان کي ڇُوٽ ۾ ئي هيٺ لاهي سامان سَٿڻ شروع ڪيائون جيڪو پهريان پوئين پاسي واري ڇڪڙي جي کڏ ۾ پوءِ مٿي اڃان مٿي ۽ ڇڪڙي جي ڪنارن کان به ٻه ٽي فُٽ مٿي ڀريائون. تيسين ذات ٿريو اچي گَڏ ٿي. جڏهن اهو نعرو لڳو ته پيسينجر ويهن ته ٿرين جهڙن لُچن ۾ اسان ٻه سِنڌوڙ (ٿريا ماڻهو اسان بئراجي علائقي وارن کي ان خطاب سان نوازين) وات پٽي رُڳو کين چڙهندو ڏسندا رهياسين. الائي ڪيئن ڪنڊيڪٽر کي ترس آيو جنهن شايد اسان ٻنهي کي ٽي ڪلاڪ ڪاڙهي ۾ ڪڙهندي ڏٺو هو تنهن همت ڪرائي مٿي پُڄايو. ٿرين اسان کي ايئن اڳتي لوڌيو جيئن ورهاڱي کان پوءِ مهاجرن کي پنجابين سنڌ ڏانهن ڌڪيو هو ته پاڪستان آگي آهي. ٿريا به اسان کي اڳتي ڌِڪيندي چون ويهڻ جي جاءِ اڳتي آهي. جاءِ ته هُئي ڪانه، نه ڪو اسان کي ٿرين جيان پڳ رکڻ جي جاءِ وٺي ان ۾ ئي تشريف سموئڻ آئي ٿي. مڙئي زوري ڇڪڙي جي مٿي ٺهيل انجڻ کي ٿَڌي ڪرڻ واري ٽئنڪي تي ويهڻ ۾ ڪاميابي ٿي. ڇڪڙي جو وقت 5.00 هو پر ان سَٿ سَٿان ۾ 5.30 ٿي ويا. تڪڙ سواءِ اسان جي ٻيو ڪنهن کي به ڪانه هُئي. ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر کي ان ڪري ته گرڙا ٻهه جي اها هڪڙي ئي گاڏي هُئي. دير ٿيڻ تي به پيسينجر جو ڪاوڙجي منهن ڪري وڃڻ ايئن هو جيئن کوهه جي اندر گدڙ ڪرڻ چاهيو هو. ٿرين کي به ڪو ڪم ڌنڌو ڪونه هو. گرڙا ٻهه مان نئون ڪوٽ جي شهر آئوٽ بيڪ معنى سڄي ڏينهن جي قربانيءَ لاءِ تيار هجڻ.... ايئن اسان اهو ڪو 10 ڪلوميٽر جو سفر ڪلاڪ ڏيڍ جي لوڏن کان پوءِ پورو ڪيو.
    سفر دؤران هر ٿريو هڪ ڪهاڻي هُئي. ٿرين جا قِصا نه ٻُڌڻ جهڙا نه نظر انداز ڪرڻ جهڙا. ڇو ته نه ڪا ڪم جي ڳالهه هُجي جو ٻُڌجي نه وري ڪو آهستي ڳالهائين جو ماڻهو انهن کي اڻ ٻُڌو ڪري پنهنجي ڪا ڳالهه ڪري. ان سان گڏ اضافي مصيبت هُئي ڇڪڙي جو گوڙ ۽ لوڏا. ڇڪڙو جڏهن ڀِٽ تي چڙهي ته ايئن جيئن بانبڙا پائيندڙ ٻار ٿورو مٿاهين تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ايئن پيو لڳي ته اجهو ٿو واپس ڪلٽي ٿئي. پر ڀِٽ تي چڙهي وڏو ساهه کڻي وري جو هيٺ لهي ته لڳي ته هاڻي ته پڪ سان پويون پاسو مٿي اُٿندو ۽ ڪيئي ڪالابازيون کائيندو وڃي هيٺ ڪِرندو. پر مون ڏٺو ته هر هر اهي ڳيتون ڇڪڙي، مون ۽ يونس کان سواءِ ڪنهن به نه ٿي ڏِنيون، سڀ مزي سان ويٺا هُئا. ها جيڪڏهن بي سُکائي هُئي به ته ڇڪڙي ۾ اندر ڊرائيور سان گڏ ۽ پويان ٻن قطارن ۾ سوڙهين سيٽن تي ويٺل ڄاڃين کي جن سان هڪ گهوٽ به هو. ڇڪڙي جون اهي سيٽون ڪنهن چڙيا گهر جي پڃري کان گهڻيون مختلف ناهن هونديون جنهن ۾ بس فرق اهو ته اُتي هڪ جانور هوندو آهي هن ۾ چار پنج ماڻهو سَٿي ٻاهريان در بند ڪندا آهن پوءِ اندر وارن جو ڀاڳ انهن سان. ان ڏينهن اهي سڀ سيٽون ڄاڃين کي ڏنيون ويو هُيون. عجيب اتفاق هو ته ڄاڃين ۾ عورت ڪا به نه هُئي، سڀ مرد هُئا. هڪ گهوٽ هو جنهن کي موڙ ايئن ٻَڌا ويا هُئا جو ان ۾ ڪا سونهن يا ڪشش نه هُئي مُرڳو ساهه کڻڻ ۾ هلاڪ هو. ٻيو ته جيڪا شيءِ رات جو ڪم اچڻي هُئس ان مان هاڻي ئي ”آب رسائي جي فراواني“ ٿي پئي هُئس. پوءِ الائي ڇڪڙن جي لوڏن جو مسئلو هو يا ڪو ٽينشن هُئس پر ڇڪڙو اينگهجي اينگهجي اڃان مس هڪ ڀِٽ ٽپي ته ڄاڃي چون ڇڪڙو بيهاريو. ڇڪڙو بيهي ڪنڊيڪٽر در کولي ۽ سڀ ڄاڃي لهي وڃي لائين ۾ ويهي مُٽن. ٻين جو به هر هر مُٽڻ شايد گهوٽ سان يڪجهتي هُئي يا اها به ڪا رَسم هوندي پر اهو هر دفعي ٿيو ٿي. واپس اچي سڀ گهوٽائتا سيٽ وٺڻ جي عِلت ۾ ڇڪڙي ۾ چڙهي وڃن ۽ گهوٽ منهن لٽڪايو بيٺو هُجي. تاثرات جيڪي هوندا اُهي کڻي موڙ جي رُڪاوٽ سبب ڏسڻ ۾ نه ٿي آيا به يقينن ناگوار ئي هوندا. ڇڪڙي جا اڳي ئي اسٽاپ گهٽ نه هُئا وچ وچ ۾ اصل رستو ڇڏي لنڪ روڊن تي ڪافي پنڌ ڪري ڳوٺن ۾ وڃي به ماڻهو ۽ سامان لاٿائين ٿي پر گڏ هي ڄاڃين جو ڀنڊڻ به هليو ٿي. هر دفعي رسمِ مُٽ بعد ڪنڊيڪٽر کي هڪ ڄاڃي لاهي گهوٽ کي ويهاري پوءِ ان کي اندر وجهي در بند ڪرڻو ٿي پيو. يونس کان پُڇيم ”اهو ڇو پيو ٿئي؟“
    چئي ”ڄاڃي سمجهن ٿا گهوٽ کي اڳي پوءِ سيٽ ملي ويندي ڇو ته ان کان سواءِ شادي وارو ڪم ئي نه ٿيندو، پر جي اسان مان ڪو رهجي ويو ته شادي ته ٿي ويندي پر پاڻ رِڻ ۾ رُلي وينداسين تنهنڪري پاڻ پهريان چڙهي سيٽ والاريون پوءِ گهوٽ ڄاڻي گهوٽ جو ڪم ڄاڻي“.
    خدا خدا ڪري گُرڙا ٻهه آيو ۽ اسان لهي پياسين. ڇڪڙو ٿيو اڳتي روانو ۽ اسان جي اک ۾ ئي هو ته ڄاڃي مُٽڻ لاءِ هڪ دفعو وري لٿا هُئا. ٻيهر سڀني جو چڙهڻ ۽ گهوٽ جو هيٺ رهجي وڃڻ وارو منظر اڳ ئي ايترا دفعا ڏٺو هو جيڪو ٻيهر ڏسڻ لاءِ انتظار ۾ بيهڻ بدران ميزبان سان گڏ اوطاق طرف هلياسين.
    وڃڻ مهل پروگرام اچانڪ هُجڻ سبب ميزبانن کي ڪو اطلاع نه ڏنو هُجي. تڏهن موبائل فون جي آمد به اڃان نه ٿي هُئي نه ڪو ٻيو رابطي جو ذريعو هو. سفر جي ڏچي، ڇڪڙي جي لوڏن سان گڏوگڏ مون کي هڪ اهو به ڊپ هو ته اسان گُرڙاٻهه لهون ۽ ڪو ڌڻي نه ٿئي ته پوءِ!!!!؟؟؟؟. يونس کي ٻن پيڙهين کان هلندڙ واسطي ۽ قُربتن آڌار پڪ هُئي ته نه رُڳو ڌڻي ٿيندا پر جيءَ ۾ جايون پڻ ملنديون، پر منهنجو کُٽڪو يونس کي بيزار ڪرڻ جي حد تائين هو. جيئن ئي ڇڪڙو ٻه وکون سِڌي پٽ تي هلي ۽ اسان جا سيٽجي ويل بدن ڪجهه سڪون ۾ اچن ته يونس کان منهنجو سوال
    ”يار اُتي ڪو ميزباني ڪندو ته سهي نه؟“ يونس جو وس نه پُڄي جو منهنجي ان ريچڪ تي مون کي ڌڪ هڻي ڪڍي پر اسان ٻنهي جي 23 ساله دوستيءَ جي جٽاداري ۾ منهنجي بخيل ۽ بيڪار طبيعت کي يونس پاران صبرُ و تحمل سان سهڻ جو وڏ ڪردار آهي. مزي جي ڳالهه ته اسان جو ميزبان اسان جو همسفر ئي هو. نالو شايد ”راڄو“ هُئس جيڪو نئون ڪوٽ کان ساڳي ڇڪڙي ۾ هو. پر الائي اسان جو امتحان ٿي ورتس يا ڪا ٻي ڳالهه پر پهريان حال احوال ئي نه ڪيائين. جڏهن ڇڪڙي جي قيد مان آزادي ملي ته يونس جي ٻانهن ۾ هٿ وِڌائين چئي ”تون ته حاجي شريف جو پُٽ آهين هي ڇوڪرو ڪنهن جو آهي؟“ يونس منهنجو شُجرو ڏسيو ته ڏاڏا سائين جو نالو ٻُڌندي ئي سُڃاتس. هونئن به ڏاڏا ٿر وڃي وڃي اڌ ٿريو ته ٿي ويو آهي سو ٿَر جا گهڻا ماڻهو سُڃاڻي ٿا وڃنس.
    راڄو ته اسان کي وڃي پاڻ وٽ رهايو پر ٻي ڏينهن ڳوٺ جو وڏو ۽ مشهور حڪيم مولوي جان محمد به اچي پُهتو ته هڪ ٻيو همراهه مجنون به آيو ۽ اهڙا ڪجهه ٻيا به آيا. جيڪي ٻه ٽي ڏينهن هُئاسين ان دوران نه خدمت ۾ ڪا گهٽتائي ٿي نه وري قرب ڀرين ڪچهرين ۾ ڪمي هُئي. ان ڳوٺ ۾ تڏهن به ”جهنگ جو خيال“ واقعي جهنگ ۾ وڃي ڪرڻ بجاءِ پڪين سِرن جي ٺهيل ليٽرين ۾ ڪرڻ جي سهولت اچي چُڪي هُئي. گهرن ڏانهن پڻ اها سهولت هُئي، اها ٻي ڳالهه آهي ته شايد تازي مليل ان سهولت تي ٿريا اڃان نه هِريا هُئا. ڪافي همراهن اڃان به جهنگ وڃڻ ۾ وڌيڪ مزو اچڻ جي ڳالهه پئي ۽ ڪئي اهو مزو وٺڻ ويندي کين اکين سان ڏٺوسين به سهي. ٿرين قِصا ته ٻيا به گهڻا ڪيا هُئا جيڪي هاڻ 19 سال گذرڻ بعد چٽا ياد ناهن پر ٿرين کي حاجي شريف جي خدمتن تي ڏاڍو فخر ۽ احسانمندي هُئي. حاجي صاحب ڪنهن زماني ۾ وڃي اُتي انُ پيهڻ جي چڪي هنئي هُئي سا به اڇي پوٺي تي. ٿريا ته ٺَري پيا جو کين گهر جي گهٽي تي اَنُ پيهجي ٿي مليو پر مشين هلائڻ وارن سان وڏو ويل هيُو. حاجي صاحب هيلپر طور اسان جي ڳوٺ جي واحد پروفيشنل کدڙي شفيع کي وٺي ويو هو. تڏهن شفيع اڃان هاڻوڪو ڌنڌو (زنانا ڪپڙا پائي تَر جي ٽين جنس وارن جو گُرو ٿي ڪمائڻ) اختيار نه ڪيو هو، محنت مزدوري ڪندو هو. اڳتي هلي جڏهن شفيع کان اٽي جي چڪيءَ جو خبرون پُڇيم ته چئي
    ”هڪ ٿرين جو علائقو ۽ انهن جي واري گاڏڙ ماني کائڻي ٻيو ته گرمي ۽ بنا ڇت جي ڪاڙهي ۾ ڪم ڪرڻو ٿي پيو. ڏٻو رکون ته پيسجي ويل اٽو اُن ۾ جمع ٿئي پر جيسين اهو ٿئي ڏٻو ڪاڙهي ۾ تَپي باهه ٿي وڃي. لٻر سٻر ڪپڙي جا ٽُڪرا هٿ تي ويڙهي دٻو ڪَٽي ۾ اڇليون تيسين ٻيو تپي ٽانڊو ٿيل دٻو تيار هُجي. اهو ئي سبب هو ته سُجهندي ئي ٽپڙ گول ڪياسين“.
    آءُ ۽ يونس ٽي ڏينهن گُرڙا ٻهه رهياسين. خوب رلياسين. ڳوٺ پويان هڪ صاف سُٿري ڀِٽ هُئي جنهن تي ڪو وڻ ٽڻ يا پراڻو اڻ گهڙيو ٿُڙ نه هو. اُن تي چڙهڻ ۽ لهڻ سکيوسين ۽ پوءِ خوب مزو پڻ ورتوسين. سکڻ ايئن ته شروع ۾ اسان مس مس چڙهي مٿي پُهچون ته ٿريا ڇوڪرا ڌِڪو ڏين ته گول گول ڦرندا وڃي هيٺ ڪِرون. پوءِ هڪ ٿرئي انساني جذبي تحت ترس کائي ٻُڌايو ته ڀِٽ تي ڪڏهن به اُڀو ۽ سِڌو مٿي ناهي چڙهبو. پاسي پاسي تي مٿي وڃبو آهي ايئن جيئن ڪنهن وڏي اوچي ديوار سان پاسي سان ڊگهي سيڙهي هُجي ۽ ماڻهو چڙهي مٿي وڃي. ان سان فاصلو ته وڌندو پر ماڻهو ٿڪندو ڪونه. اسان کي اها اٽڪل ملي ته پوءِ پاڻ ئي سلائڊنگ ڪري هيٺ لهي وري ٿي مٿي چڙهياسين. ٽي ڏينهن ايئن ٿرين جون دعوتون کائيندي ۽ ٽپندي ڪُڏندي گذري ويا ۽ نيٺ ساڳي ڇڪڙي ۾ صبح سوير واپسي ٿي ۽ اچي نئون ڪوٽ پُهتاسين جتان لوڪل گاڏين ۾ ملڪاڻي.


    [​IMG]
    ڇڪڙي جي تصوير ياسين نھڙي جي ٿورن سان

    [​IMG]
    تڏھن اڃان ڪئميرا بہ نہ ھئي اسان وٽ سو اسان جي ٽي سال پراڻي تصوير ڏجي ٿي
     
  2. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
    بهترين
     
    عبدالحفيظ لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    واھ ڊاڪٽر ...ٿر ۾ گھمائي ڇڏيئي ، جيستائين پڙهي پورو نه ڪيم ساه به نه پئي کنيم متان ڇڪڙو نڪري وڃي ۽ آئون رڻ ۾ رلي وڃان ...سچي به پڙهندي ائين پئي لڳو ڄڻ آءُُ به ڇڪڙي جي ڪنهن پاسي واري پائيپ تي پير رکي لڙڪيل هجان ......خبر تڏهن پيئي جڏهن گهر وارن ڪنڌ کي لوڏي چيو ماني کاءُ ٺري ويندئي..
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    يار هي قصا لکڻ جي همت هڪ ته تڏهن ٿي ٿئي جڏهن اهي زباني ڪنهن کي بُڌائي ته چون ٿا ته “يار اهي لکي ڇو نه ٿو ڇڏين. دلچسپ آهن”. ٻيو وري لکڻ کان پوءِ اوهان پيارن جي همت افزائي حوصلو ڏي ٿي.
    مهربانيون پيارا
     
    شاه محمد سڌايو هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
  6. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ايڏو تہ ڀلو لکيو آهي جو منهنجي دل بہ ڇڪڙي جو سفر ڪرڻ چاهي ٿي.

     
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڇڪي رکو.
    پر هاڻي ڇڪڙا بہ بحري جهازن جيان رڳو مال برداري ڪن ٿا. مسافر ۽ سندن سر کڻڻ ڇڏي ڏنو اٿن.
     
  8. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    صحيح ٿا چئو، اڄوڪو ڇڪڙو بہ سرون کڻڻ لاءِ مختص آهي.

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو