گوگل ڪروم کي درست ڪندڙ بهترن گوگل ڪروم ڪلين اپ ٽول

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏19 آڪٽوبر 2016۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته وائرس پکيڙيندڙن لاءِ سڀ کان پسنديده پليٽ فارم گوگل ڪروم ئي آهي ڇو ته انٽرنيٽ جي تيز برائوزنگ لاءِ ڪروم کان بهتر برائوزر ڪو ٻيو شايد ئي هجي..
    ۽ هاڻي ته جيڪڏهن توهان برائوزنگ ۽ انسٽالنگ ۾ لاپرواهه آهيو ته گوگل ڪروم سان جيڪو حشر توهان بي خيالي ۾ ڪندا آهيو ان جو اندازو ته ڪو ڄاڻو ئي ڄاڻي.. اها توهان جي بي خيالي ئي هوندي آهي جنهن سان مختلف قسم جا مالويئر ۽ وائرس نه رڳو توهان جي ڪروم برائوزر تي حملا ڪندا آهن پر اتان ئي رستو ٺاهيندي توهان جي ڪمپيوٽر ۽ ان ۾ موجود ڊيٽا کي نقصان رسائيندا آهن..
    توهان اڪثر دوستن طرفان مسئلا ٻڌندا هوندو ته انٽرنيٽ سِلو پئي برائوزنگ ڪري.. گوگل بجاءِ ڪا ٻي سرچ انجڻ پئي مواد ڳولڻ جا نتيجا ڏئي ۽ قسمين قسمين جا ٽولبار انسٽال ٿيو وڃن جيڪي هوم پيج کي به تبديل ڪريو ڇڏين..
    ڀلي ڳالهه اها آهي ته گوگل توهان جي اهڙين پريشانين کي سمجهي پئي.. ۽ سندن حتي الامڪان ڪوشش رهندي آهي ته ڪروم جي اهڙين خامين ۽ ڪمزورين کي ختم ڪيو وڃي ... تازو ئي گوگل طرفان هڪ ٽول متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو توهان جي ڪروم برائوزر کي اسڪين ڪري ان ۾ پيدا ٿيندڙ تبديلين کي نوٽ ڪندي پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ مونجهارن کي نه رڳو فڪس ڪري ٿو پر ڪروم برائوزر جي مڙئي مسئلن کي ريسيٽ ڪندي پهرين وري بهتر پوزيشن ۾ آڻي ڏئي ٿو...
    ته پوءِ حاضر آهي Chrome Cleanup Tool جنهن کي هيٺين لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو..
    https://www.google.com/chrome/cleanup-tool/

    لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان کي هڪ ننڍو ٽول ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ چيو ويندو...
    [​IMG]

    ڊائونلوڊ ٿيندي ئي RUN بٽڻ دٻايو

    [​IMG]

    پروگرام هلندي ئي توهان کي ٻڌايو ويندو ته ڪهڙو مشڪوڪ پروگرام انسٽال ٿيل آهي.. جنهن کي ان انسٽال ڪرڻ لاءِ چيو ويندو يا وري ٻڌايو ويندو ته ڪو پريشان ڪن پروگرام انسٽال ٿيل ناهي..

    [​IMG]

    Continue بٽڻ پريس ڪرڻ سان ايندڙ آپشن تحت توهان کي برائوزر ري سيٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويندو..


    [​IMG]

    جيڪڏهن ڪو مشڪوڪ پروگرام انسٽال ٿيل نه هجي ته برزئوزر کي ري سيٽ نه ڪريو ٻي صورت ۾ ري سيٽ ڪريو جنهن سان توهان کي منجهائيندڙ سمورا مسئلا فڪس ٿيندا ۽ گوگل ڪروم واپس بهتر پوزيشن ۾ ظاهر ٿيندو...
     
    منصور سرور ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    منهنجي ليپٽاپ جي چارجر تباھ ٿيڻ کان پوءِ اِها ڪارائتي ٽِپ ونڊ ڪئي اٿؤ... :) جيئن ئي چارجر ورتم ته پهرين اِن کي انسٽال ڪندس، منهنجي ليپٽاپ ۾ کوڙ ڀيرا چورن گهِڙڻ جي ڪوشش ڪئي آ... هاڻ نه ايندا.
     
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بهترين ونڊ سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو