1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

ٻار تي نالي رکڻ واريون دنيا جون قديم رسمون (ڇٺيءِ)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏24 آڪٽوبر 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,744
    ورتل پسنديدگيون:
    5,800
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هن موضوع تي ڳوٺائي ذاڪر لغاري پاران ترتيب ڏنل هي تفصيلي مضمون ڪاوش مڊويڪ ۾ ڇپيو جيڪو هتي سندس خواهش تي ڏجي ٿو.

    ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته پتڪڙا پير اسان جي دلين ۾ وڏا قدم ٺاهي ويندا آهن. قدرت جي حسين تخليق ۾ واڌاري طور نئون ڄاول ٻار جيئن ئي دنيا ۾ ايندو آهي ته انيڪ خوشين سان گڏ ان جي خاندان توڙي مٽن مائٽن کي انمول پل محسوس ٿيڻ لڳندا آهن. جن گهڙين ۾ خوشين سان گڏ ريتون ۽ رسمون پڻ لاڳاپيل هونديون آهن. دنيا جي هر خطي ۾ ٻار جي جنم تي غريب توڙي امير کي هڪ جيتري امنگ محسوس ٿيندي آهي. جيڪر ڪوئي فرق آهي ته صرف حيثيت ۽ رتبي جو باقي ته روحاني ۽ دلي مسرت تقريبن ساڳئي ئي هوندي آهي. اولاد سان پيار جو تفرقو ڪنهن سڪايل وٽ ڌيءَ يا پٽ ٻنهي جي هڪ جيتري ۽ برابر اهميت هوندي آهي پر جيڪر ڪٿي پٽ جي خوشي ڌام ڌوم سان ملهائي ويندي آهي ته اتي نياڻي جي ڄمڻ تي پڻ هٿيارن جي نمائش سان ٻيڻا شادمانا ڪيا ويندا آهن خاص طور پشتون قبيلن ۾. رابرٽ منش ٻار جي جنم تي چئي ويٺو ”جيسين پساهه آهن، تيسين هميشه توسان پيار ڪندو رهندس، توکي چاهيندو رهندس، منهنجا سڪيلڌا ڇا تون به مون سان ائين ڪري سگهندين“..!! ٻار جو نالو ذات کي اجاگر ڪندو آهي ان لاءَ احتياط جو ويچار هڪ فطري عمل آهي. ٻار جي تخليق تي هڪ چيني چوڻي آهي ته ”جهڙي طرح آسمان جو نگينو سج هوندو آهي، اهڙي طرح گهر جو نگينو ٻار آهي“. ڌيءِ يا پٽ جي ڄمڻ تي اسان وٽ ڪئي ريتون صدين کان موجود آهن، جن مان ڪجهه وقت جي تيز رفتار ڪانٽن اڳيان گهڻي قدر ختم ٿي ويون آهن يا ماضي جي ڀيٽ ۾ هاڻ انهن رسمن جي اڳوڻي اهميت ناهي رهي. جنهن ۾ بدو، ٻڪي، ٻيسڻ ، اکا، اکڙي، اکيو،امام ضامن، ٺوڙهه ٽڪڻ، تارون ڪپڻ، ڇٺيءِ توڙي جهنڊ جون رسمون عام طور اسان جي سنڌي سماج ۾ اهم خوشين وارا موقعا رهيا آهن. جيڪي هاڻ فقط فرض ٽارڻ واري ”فارملٽيءِ“ طور دزجي ويا آهن. جتي اسان وٽ عقيقه يا ڇٺيءِ جي رسم آهي بلڪل اهڙين ئي ريتن توڙي رسمن جي هڪجهڙائي سان دنيا ۾ ڪيئي عجيب و غريب طريقا پڻ موجود آهن. جيڪي خاص طور تي نئين ڄاول ٻار بابت ئي آهن. ڪنهن راڻيءِ کي ڀلي کڻي سون يا هيرن جواهرن جو هار پاتل هجي پر ڪنهن ماءُ لاءِ ڳچيءِ جو هار پتڪڙي ٻار جون ٻانهون آهن. هن تحقيق دوران هڪ ڳالهه ۾ جيڪا هڪجهڙائي ڏٺي وئي آهي سا اها ته پوري جڳ ۾ ان رسم لاءِ مقرر ڏينهن بابت، يعني ٻار جي ڄمڻ واري ڇهين ڏينهن تي يا هڪ هفتي اندر ئي اها رسم ادا ڪئي ويندي آهي، ۽ ٻيءِ هڪجهڙائي ٻار کي وهنجاري سهنجاري نون ويسن وڳن سان سينگارڻ آهي، طبعي ۽ سائينسي طور رسمن جو ڪارج هڪ الڳ موضوع آهي. اهڙي موقعي تي دعوتون ڏيڻ ۽ مختلف روايتي کاڌا تيار ڪرڻ پڻ عام آهي. سنڌي ۾ ڇٺيءِ جي معني آهي ”ڇهون ڏينهن“ جنهن جو جمع آهي ڇٺيون يعني ڇهين ڏينهن تي نئين ڄاول ٻار جي خوشي ڪرڻ يا نالي رکڻ جو ڏينهن. ان رسم کي مختلف مذهبن توڙي قومن وٽ الڳ الڳ نالا آهن. ڪٿي اها رسم انتهائي خرچ واري ته ڪٿي وري اها علائقي توڙي خطي جي مناسبت سان اتي جي روايتن ۽ عقيدن سان جڙيل آهي جيڪا ٻار جي ڄمڻ بعد ڇهين ڏينهن تي نالي رکڻ واري رسم طور ملهائي ويندي آهي. نالي رکڻ واري رسم جو اهتمام گهڻي ڀاڱي عورتن جي حصي ۾ وڌيڪ آهي. ڇو ته ٻار پنهنجي ماءُ کان الڳ ناهي ۽ ماءُ پنهنجي ٻار کان جدا ناهي، فطرتي طرح رشتي جو تعلق ئي اهڙي نزاڪت سان جڙيل آهي. اسان جي قديم سنڌي سماج ۾ ٻار جي پيدائش کان پوءِ مختلف خاندان پنهنجي حيثيت آهر مٺائي ورهائي، ڳائي وڄائي، خوشي ملهائيندا آهن. جنم جي ٻئي ڏينهن کان ڇهن ڏينهن تائين، ٻار ڄڻيندڙ عورت جون مائٽياڻيون کير کڻي ساڻس ملڻ اينديون آهن. ٻار جي ڄمڻ تي عام طور لڏون ورهايا ويندا آهن ته ڪٿي وري کنڊ جو ٿيلهيون پڻ مبارڪون ڏيڻ وارن ۾ ورهايون وينديون آهن، اڪثر ڳوٺن ۾، خاص طور پٽ جي ڄمڻ تي رنگ جي راند به کيڏي ويندي آهي، جنهن ۾ هئڊو ۽ گلابي رنگ پسائي، مٽن مائٽن جي ڪپڙن تي هاريو ويندو آهي. اسلامي طريقي ۾ ساٺن سڳڻن کان پوءِ مسجد جو مولوي، عالم يا ڪو بزرگ گهرائي، ٻار جو نالو رکيو ويندو آهي. اهو مولوي مختلف ڪتابن مان نالو چونڊ ڪندو آهي، يا ابجد جي انگن مطابق نالو ڪڍندو آهي. ڇهين ڏينهن ”ڇٺيءِ“ ڪندا آهن، جنهن ۾ ٻار کي ڪرائيءَ تي ڪارو ڌاڳو ٻڌو ويندو آهي. عام سنڌي سماج وانگر سنڌي هندن ۾ به ڌيءِ ڄمڻ جي وڌيڪ خوشي ڪندا آهن ۽ ڇٺيءِ پڻ ٿيندي آهي. جڏهن ته مذهبي فريضي عقيقه ۽ ڇٺيءِ ۾ ڪو معمولي فرق آهي. پنجاب ۾ پهرين پٽ جي ڄمڻ تي ماءُ ۽ ٻار کي پنهنجي مائٽاڻي گهر آندو ويندو آهي، جتي پٽ جي اولاد لاءِ سونا چاندي جا زيور آندا ويندا آهن جنهن کي ”ڇوڇڪ“ سڏبو آهي جيڪا رسم هاڻ ذري گهٽ زماني سازي جي ڪري ختم ٿي وئي آهي. ٿوري دير لاءِ تصور ڪجي ته ڪنهن جو ڪوبه نالو نه هجي نه ئي ڪا شناخت هجي ته ڪيئن لڳندو؟. پاڙيسري ملڪ ۾ مختلف علائقن جا مختلف رواج موجود آهن. مهاراشٽر ۾ ٻار کي ڪيلي جي پنن تي چانورن سان گڏ ليٽايو ويندو آهي، ان بعد سندس ماءُ ڪن ۾ لوريءِ ڏيندي آهي بعد ۾ سڀئي وڏي آواز ۾ لوريءِ ڳائي ٻار جو نالو چونڊيندا آهن. ٻار جي ڄمڻ واري خوشي کي انڊيا جا هندو توڙي سک پنهنجي پنهنجي روايتن آڌار ڪندا آهن. جڏهن ته امرتسر جا برهمڻ ۽ کتري اها رسم ناهن ڪندا. اتي جي صرف اروڙا ذات ۾ اها رسم ڏٺي وئي آهي. هن رسم کي ” ڌمڻ“ به چوندا آهن. پروهت طبقو اڃان هن کي جاري رکيو اچي جنهن ۾ ڪيترائي طعام ۽ کاڌا تيار ڪيا ويندا آهن. سيالڪوٽ ۾ ”ڌمڻ“ واري رسم ”حلوه پوري“ سان ڪندا آهن. جڏهن ته لاهور ۾ پهرين خميس يا پهرين آچر تي ٻار وهنجارڻ سان ڪئي ويندي آهي جنهن کي ”ڇٺيءِ جو غسل“ چوندا آهن. جڏهن ته ان دوران تيار ٿيندڙ طعام کي ” سوتڪ جي ماني “ خاندان جي ٻين عورتن ڏانهن اماڻي ويندي آهي. هندو ڌرميءِ ٻار کي نائين ڏينهن نالو ڏيندا آهن ۽ ان ڏينهن ٻار جي ڪن ۾ نياڻي ”اشلوڪ“ پڙهندي آهي. اها ڀيڻ به ٿي سگهي ۽ پڦي به ٿي سگهي ٿي. اڪثر ڳوٺن ۾ نظر لڳڻ جي ڀؤ کان ٻار تي ڪنهن وڻ ٽڻ يا ميوي جو نالو پڻ رکيو ويندو آهي. ٻار کي جنهن ڪپڙي ۾ ٻڌو ويندو آهي، ان کي تنجڻ يا تنجڻو چئبو آهي. اتر پاسي انکي ’ٻنڌڻ‘ به چون. ٻار کي تنجڻ ۾ ٻڌڻ جو مقصد اهو هوندو آهي ته جيئن ٻار جون ڄنگهون ۽ ٻانهون سڌيون رهن ۽ ٻار ڇرڪ نه ڀري ۽ پاڻ کي محفوظ سمجهي. ڏاڏيءِ، نانيءِ يا گهر جي ٻي ڪا وڏڙيءِ ٻارڙي لاءِ، پراڻن ڪپڙن مان رلڪا، ننڍڙا وهاڻا ۽ منهن رکي ٺاهيندي آهي. منهن رکيءِ ڪاٺ جي به ٿئي ته مٽيءَ جي به. ڳوٺن ۾ ته گهڻو ڪري مٽيءَ جي منهن رکڻيءِ ٺاهي، ان ۾ ٻه ڪاٺيون يا ڪانا وجهي ٻار جي مٿي کان رکي ڇڏين، ۽ ان تي رئو يا ڪپڙو وجهي ٻار کي مکين، مڇرن وغيره کان بچايو ويندو آهي. ٻار جي مٿي ويهارڻ لاءِ ٺڪر جي ڍڪڻي يا ڍڪڻ ڪتب آندا ويندا آهن. نرڙ کي سنوت ۾ آڻڻ، چپن کي ننڍڙو ۽ سهڻو ڪرڻ ۽ نڪ جي چوٽيءَ وڌائڻ لاءِ ٻار کي وهنجارڻ کان اڳ سرنهن جي مٺي تيل سان آڍيو ويندو آهي.آڍ مک جي اهڙي طريقي تي ٻار جو ريهون پڻ ٻڌڻ وٽان هونديون آهن. ٻار کي نظر کان بچائڻ لاءِ منهن تي ڪجل يا سُرمي سان ڪارو ليڪو پڻ ڪڍيو ويندو آهي. ماءُ جي ٿڃ کان سواءِ ٻار کي چاٽو ۽ دُڪو پڻ کارايو ويندو آهي. چاٽي ۾ مصري گهوٽيل هوندي آهي، جنهن ۾ ننڍو ڦوٽو، ڦودني جي ٽڪي، سونف يا وري ڪا ٻي سُتي وڌي ويندي آهي. اڪثر ڳوٺن ۾ ٻار کي ڄمڻ وقت آڱر سان ڳڙ يا ماکي رکي چٽائي ويندي آهي. ان حوالي سان چوندا آهن، ته اها مٺي شيءِ جهڙي به ٻار کي کارائبي وڏي هوندي ٻار به ان جهڙو ٿيندو. انهيءَ عمل کي ”نک ڏيڻ“ به چون. نک اڪثر دائي ڏيندي آهي. دنيا جي اهم ملڪن جي روايتن ۾ اهڙي ئي قسم جا رواج ٻار جي جنم توڙي پرورش دوران موجود آهن. ٻار جو جنم هڪ اهڙي خوشي آهي جيڪا سڀني کي ٻڌائڻ کانسواءِ لڪائي نٿي سگهجي. يوناني قوم اڪثر نالا نئين ڄاول ٻار تي اباڻن ڌنڌن، ڪردارن، ماڳ مڪانن ۽ ڏينهن توڙي موسمي مناسبت جهڙا رکندا آهن. جيئن پاڻ وٽ جمعو، آچر ، سومار، اڱارو خميسو يا ساوڻ جهڙا نالا اڄ به عام جام رکيا ويندا آهن. آفريقا ۾ ٻار جي نالي رکڻ بابت هڪ عقيدو آهي ته نالو وقت ۽ موسم کي ڏسي رکيو ويندو آهي جنهن جو اثر ٻار ۽ ان جي خاندان تي چڱائي يا بدسڻائي پوڻ جهڙو تصور موجود آهي. آفريقا هڪ وڏو کنڊ آهي جتي ڪيتريون ئي ٻوليون ۽ سوين علائقائي لهجا موجود آهن، ڪيترائي سوين رنگ، نسل توڙي عجيب و غريب رواج ۽ عقيدا موجود آهن. اتي ڪجهه نالا ٻين ٻولين مان کنيا ويندا آهن، جهڙوڪ عربي نالا، انگريزي نالا، فرانسي نالا، ڊچ نالا، پرتگالي نالن سان گڏوگڏ اباڻي ٻولي ۾ جهڙوڪ هائوزا، زولو، يوروبا، سواحلي، شونا ۽ ڪونگو ٻولي ۾ رکيا ويندا آهن. نالي رکڻ واري رسم جو ٽاڻو سج اڀرڻ ، باک ڦٽي مهل، منجهند، شام جي وقت يا رات جو مقرر ڪيو ويندو آهي، ٻارڙا توڙي عورتون ان موقعي تي تمام گهڻي خوشي ملهائيندا آهن. ڇٺيءِ جي رسم پوري ڪرڻ يا نه ڪرڻ وارا خيال پڻ مختلف ڌرين وٽ هاڪاري توڙي ناڪاري صورت ۾ موجود آهن. جيڪا ڳالهه علائقي، خطي ، رنگ ، نسل ، ذات ، مذهب ، معاشري ، ٻولي توڙي رسمن رواجن تحت اهميت رکي ٿي. ان حوالي سان اهڙي قسم جي روايتن جو احوال ڪجهه ملڪن بابت مختصر طور هت ڏجي ٿو. نائجيريا: نائجيريا ۾ ٻار تي نالو ڏاڏاڻڪو يا ناناڻڪو رکيو ويندو آهي. ڊاڪٽر اوموگوئي هڪ آمريڪي ماهر قلب طور سرجن آهي، جنهن جو واسطو انهي ئي ملڪ سان آهي. پنهنجي تاثرات ۾ ٻڌائي ٿو ته ٻار جي ڄمڻ جي ستين ڏينهن اسان وٽ ان ٻار جي ڄمڻ جي خوشي ۾ نالي رکڻ واري رسم ادا ڪندا آهيون، جنهن ۾ خانداني وڏڙا، ويجها عزيز توڙي دوست مهمان جي صورت ۾ گڏ ٿيندا آهن جيڪي سڀئي مبارڪون پيش ڪندا آهن، ان موقعي تي شغل بازي جو سلسلو هلندو ئي رهندو آهي گڏوگڏ ٻار کي پڻ رسم و رواجن موجب کائڻ پيئڻ بغير ناهي ڇڏيو ويندو، هتي جي هڪ اهم ۽ کلائيندڙ رسم اها آهي ته ان ڏينهن تي تکا مرچ وات ۾ وجهي ٻار کي روئاڙيو ويندو آهي ته جيئن ٻار جي روئڻ جو آواز سڀني کي سڻائي سگهجي، جنهن جي رڙين ۽ ڪيڪرن تي ان قبيلي جا ماڻهون خوشي مان ڪڏندي مزاحيه انداز ۾ روايتي ناچ سان سڀني مهمانن کي لطف اندوز ڪندا آهن. ان بعد ماکيءِ جو مٺو رس چٽايو ويندو آهي جنهن سان گڏ سخت قسم جا ڪارا موڱيرا وات ۾ رکيا ويندا آهن ته جيئن زندگي جي ڏکن توڙي سکن وارن لمحن کان هي ٻار آشنا رهي سگهي. ان بعد لوڻ جي چپٽي جو اهو مطلب ورتو ويندو آهي ته هميشه زندگي ۾ خوش گذاري، لوڻ چکائڻ بعد زبان تي پاڻي ڏبو آهي جنهن جو مطلب آهي ڪنهن دشمن سان پالو نه پويس. ٻار کي ناريل جو تيل مکيو ويندو آهي ته جيئن زندگي ۾ ايندڙ سڀئي مسئلا ان تيل وانگي نازڪ نفيس ٿي وهي وڃن. ان موقعي تي ٻار جي لاءِ خرچيءِ ۽ رسمي تحفا هڪ پيالي ۾ رکيا ويندا آهن. قبيلي جا وڏڙا نئين ڄاول ٻار جو نالو پيءُ کي ڏيندا آهن. ان موقعي تي آيل عورتون ٻار جي ماءُ کان ڇهه ڀيرا ڳجهارتي انداز سان لوڪ راڳ ۾ ٻار جو حقيقي نالو پڇنديون رهن ٿيون. جيڪا پنهنجي ٻار جي نالي کان بي خبر هوندي آهي. ستين ڀيري جڏهن پڇڻ لڳنديون آهن تڏهن ٻار جو پيءُ سامهون نروار ٿي سڀني کي ٻار جو نالو ٻڌائيندو آهي جيڪو وڏي آواز ۾ ورتو ويندو آهي. جنهن دوران سڀئي هڪ ئي آواز سان ” اوگا گائي دائيا ايزي“ جنهن جو مطلب آهي “وڏي ڄمار ماڻين سدا“ چوڻ شروع ڪندا آهن. ان بعد روايتي کاڌي پيتي جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. ڪينيا: اولاليز پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو ته ڪينيا ۾ نالي رکڻ واري رسم ٻار جي ڄمڻ جي ڇهين ڏينهن تي ادا ڪئي ويندي آهي. ” ڪامبا “ قبيلي سان تعلق رکندڙ ڳوٺاڻان ڇٺيءِ واري رسم کي ” موئٿڪيا “ سڏين ، ٻار تي نالو موروثي رکيو ويندو آهي خاص طرح جيڪي جهان ڇڏي چڪا آهن، انهن نالن مان ئي نئين ڄاول ٻار تي ڪو هڪ رکيو ويندو آهي. فطرتي طور جيڪا موسم هوندي آهي ان مطابق نالا به رکيا ويندا آهن، جهڙوڪ وسندڙ مينهن ۾ ڄمندڙ پٽ جو نالو ”ويمبوئا “ رکيو ويندو آهي جنهن جي سنڌي ۾ معني آهي ” مينهن وسايو“ جڏهن ته ڌيءِ جو نالو ” سيمبوئا “ يعني مينهن وسائي جهڙا پڻ رکيا ويندا آهن. نالي رکڻ واري رسم بابت وڌيڪ ” جي ايس مبتي“ ٻڌائي ٿو ته ” لئو“ قبيلي جا ماڻهو ٻار تي ان وقت نالو رکندا آهن جڏهن ٻار تمام گهڻيون ريهون ڪرڻ شروع ڪندو آهي، ان وقت جيئرن توڙي فوت ٿي ويلن جا نالا ٻار اڳيان کنيان ويندا آهن، اچانڪ ڪنهن هڪ نالي تي ٻار جو روئڻ بند ٿي ويندو آهي ته اهو نالو پڪو ڪيو ويندو آهي، ان رسم جو مطلب آهي ته ان نالي تي ٻار کي سڪون ۽ فرحت محسوس ٿي ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ٻار رڙيون ڪرڻ بند ڪندو آهي. جڏهن ته ” ماسائي“ قبيلي جا ماڻهو ٻار ڄمڻ بعد ماءُ جي پٺي تي لڙڪائيندا آهن، جيڪا ٻار کي ان جڳهه تي کڻي ويندي آهي جتي ان جو جنم ٿيو. ان جڳهه تي پهرين کان موجود قبيلي جا ماڻهون انتظار ڪري رهيا هوندا آهن، جيڪي ان وقت ڳئون جي ڪنڌ واري نس منجهه سوراخ ڪري رت ڪڍندا آهن، ان رت کي کير سان ملائي سڀني کي پياريو ويندو آهي جيڪي پيئندي ڏاڍا سرها ٿي پوندا آهن، ان سرهائي وچان سرڪيون ڀريندي ٻار جي پيءُ کي نالي رکڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي ۽ نالي رکجڻ بعد ان تي ڪنهن کي ڪو به اعتراض باقي ناهي هوندو. نيوبيا: مصر ۽ سوڊان کي ڀاڪر پاتل وچ واري هن سرزمين تي ٻار جي نالي رکڻ واري رسم ۾ سڀئي آس پاس جا ڳوٺاڻان توڙي عزيز گڏجي ٻار جو نالو منتخب ڪندا آهن. جنهن دوران سڀني کي ثقافتي روايتي لباس پاتل هوندو آهي. نالي واري رسم دوران کجوريءِ شراب پيش ڪيو ويندو آهي. جنهن دوران پيءُ سڀني اڳيان ان ٻار جو نالو کڻندو آهي ۽ مخصوص انداز سان سڀئي ڄڻا هائوڪار ڪري نالو رکڻ جي اجازت ڏيندا آهن. مصر: اتي جي ٿيندڙ ڇٺيءِ کي ” صيبوح “ چيو ويندو آهي ۽ اها رسم فرعون باشاهن کان هلندي اچي، ٻار جي ڄمڻ جي ڇهين ڏينهن اها رسم شروع ڪئي ويندي آهي، مسوليني توڙي عيسائي هڪجهڙي طريقي سان ملهائيندا آهن. صيبوح واري رسم ۾ عزيز اقارب ۽ واسطيدار شريڪ ٿيندا آهن، ٻار کي اڇي بخمل واري ڪپڙي ۾ ويڙهي ان اڳيان اگربتيون ٻاريون وينديون آهن. انهن ٻرندڙ اگربتين تي چونڊ ٿيل نالا پڻ رکيا ويندا آهن جن کي هڪ ئي وقت ٻاريو ويندو آهي، دکندڙ اگربتين مان جيڪا گهڻي دير تائين ٻرندي آهي ان جو نالو ٻار تي رکيو ويندو آهي. اگربتين جي ٻرڻ دوران ٻار جي ماءُ هڪ وڏي ڇاڻيءِ ۾ ٻار رکي آرام سان لوڏيندي رهندي آهي جنهن جو مطلب آهي ٻار پنهنجين قديم روايتن سان جڙيل رهي ۽ زندگي ۾ ڪنهن به قسم جي وهم ۾ مبتلا نه رهي. جنهن بعد ٻار کي هڪ وڏي کٿيءَ ۾ ويڙهي زمين تي ليٽايو ويندو آهي، جنهن جي سيني مٿان هڪ چاقوءَ پڻ رکيو ويندو آهي ته جيئن شيطان جو سايو نه پئي، ليٽيل ٻار مٿان سندس ماءُ ان کي ست ڀيرا اورانگهيندي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ٻار هميشه ماءُ جو فرمانبردار رهي . جڏهن ته ٻار جي اڳيان اناج جا داڻا، سون جا تحفا پڻ پکيڙيا ويندا آهن ۽ خوشبوئن جو واسو ڪيو ويندو آهي. وڏي جلوس جي صورت ۾ اها رسم مڪمل ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ راڳ رنگ جو جشن شروع ٿي ويندو آهي. بنگلاديش : اڪثر بنگلاديشيءِ عورتون گهر ۾ ٻار کي جنم ڏينديون آهن. ٻار جي جنم وارن ڏينهن کان ڪجهه ڏيهاڙا اڳ پيڪن ڏانهن نياپو اماڻيو ويندو آهي ته جيئن نئين ٿيندڙ ماءُ کي پنهنجي مائٽاڻي گهر وٺي وڃن. بنگلاديش ۾ ٻار جي نالي رکڻ وقت ” موکيءِ ڀت“ طور رسم ادا ڪئي ويندي آهي. اڪثر اها رسم ناناڻن طرفان منعقد ڪئي ويندي آهي، ان ڏينهن تي نئين ڄاول ٻار جي وات ۾ ”چانور جو پهريون ڪڻو“ رکڻ جو اعزاز ناناڻن کي ئي ڏنو ويندو آهي. ان دوران چاندي جي پليٽن ۾ ست رڌل ڀاڄيون ۽ چاندي جي ڪوپ ۾ پاڻي آندو ويندو آهي. انهن ڀاڄين ۾ آلو، واڱڻ، ڪدو، اوڇي ڀاڄا، ساڳ، مڇي، لڇا ۽ مکڻ شامل آهن. اهو سلسلو اتي نٿو رڪجي بلڪه دال، مڪس ڀاڄيون ۽ منهن پڇ تائين مڪمل مڇيءِ مصالحيدار چٽپٽي رس سان پيش ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته آخر ۾ کنڊ ٻرڪيل ڏهيءَ مبارڪون ڏيندڙن کي کارائي ويندي آهي. تبت : تبت جي روايتن موجب نئين ڄاول ٻار جي نالي واري رسم کي ” پنگ سائي“ چوندا آهن، جنهن مان مراد آهي ٻار کي هن دنيا ۾ اچڻ تي ”چٻ کان آزاد ڪرائڻ“ ”پنگ“ جي معني آهي چٻ، سائي جي معني ڀڄائڻ، يعني ان عقيدي موجب هر نئين ڄاول ٻار سان چٻ گڏ ايندي آهي جنهن کي ڀڄائڻ لاءِ ان ٻار کي ان ڏينهن تي ڌوئاري وهنجاريو ويندو آهي ته جيئن ٻار صحتمند طريقي سان پرورش ۽ واڌ ويجهه ڪري سگهي. ان رسم دوران پري پري جا مائٽ شريڪ ٿيندا آهن جيڪي پاڻ سان گڏ مختلف روايتي کاڌي وارا تحفا ساڻ کڻي ايندا آهن. جهڙوڪ مکڻ جو چاڻو، جوَن جو شراب، گوشت ۽ پنير پيش ڪندا آهن. ان دوران ٻار کي ڀڪشو آڏو آندو ويندو آهي جيڪو نئين ڄاول ٻار کي ڏسي ان جو ڀاڳ ٻڌائيندي سڙيل ڪاراڻ مائل ديگڙيءِ جي تريءَ تان آڱر لوئي ٻار جي نڪ تي هڻندو آهي ته جيئن ٻار تي ڪنهن ديو يا شيطان جو سايو نه رهي. ان ڏينهن تي ٻار کي نوان ڪپڙا پهرايا ويندا آهن. جپان : جپان ۾ ٻار جي نالي واري رسم کي ” اوشيشا“ چيو ويندو آهي. ٻار جي ستين ڏينهن تي مٽ مائٽ ۽ دوست اوشيشا جو اهتمام ڪندا آهن. ان ڏينهن تي ٻار کي اڇا ڪپڙا پهرائي پهريون دفعو سڀني کي ڏيکاريو ويندو آهي. جاپاني قوم جي اڪثريت نئين ڄاول ٻار جي جوان ٿيڻ تائين حقيقي رسمي نالو گهر کان ٻاهر وارن لاءِ ظاهر ناهن ڪندا، جڏهن ته هڪ عارضي نالو ڄمڻ وقت رکيو ويندو آهي جيڪو فقط ڏهن سالن تائين هوندو آهي ان بعد حقيقي نالو ظاهر ڪري عام ڪيو ويندو آهي. جپان جون اڪثر عورتون ٻار جي جنم وقت دوائون ناهن واپرائينديون. ٻار جي جنم وارن سورن کي هڪ ماءُ بڻجڻ جو پهريون مقابل ٿيڻ وارو معرڪو سمجهيو ويندو آهي. جنهن سان پر عزم نموني ويڙهه ڪرڻ کي ترجيح ڏينديون آهن، ان تڪليف کي هو ”مهربان“ سمجهي برداشت ڪنديون آهن. اسپتال جي زچگي واري ڪمري ۾ پيءُ کي داخل ٿيڻ لاءِ ان وقت تائين اجازت ناهي ملندي جيستائين پنهنجي ونيءِ سان گڏ ٿيندڙ ” ماءُ ۽ ٻار جي صحت “ بابت تربيتي هدايتون حاصل ناهي ڪندو. جاپان جون عورتون حسب معمول ويم جو گهٽ ۾ گهٽ پنج ڏينهن تائين اميد رکنديون آهن جڏهن ته ڏهن ڏينهن کان پوءِ سيزر لاءِ قيام ڪنديون آهن. اسپتال مان گهر جي اجازت ملڻ بعد ٻار ۽ ماءُ کي ايڪيهه ڏينهن لاءِ پنهنجي اباڻي گهر آندو ويندو آهي جيڪا ايڪيهه ڏينهن تائين ٻار سان گڏ پنهنجي بستر ڀيڙي هوندي آهي. ان دوران مبارڪن جو طويل سلسلو پيو هلندو آهي جڏهن ته ڇهين ۽ ستين ڏينهن تي نالي واري رسم ۾ مبارڪون ڏيندڙن کي ڳاڙهن چوئنرن وارو ڀت کارايو ويندو آهي. جپان جي اڪثر ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۽ جزيرن تي زندگي بسر ڪندڙن جو عقيدو آهي ته ڳوٺن توڙي جزيرن جي حفاظت ابدال توڙي درويش ڪندا آهن. هتي ان ڳالهه جو پڻ ذڪر ٿيڻ گهرجي ته جيئن پاڻ وٽ بدين ۽ ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽيءِ واري پاسي عقيدو آهي ته ” شاهه ڪريو ڀانڍاري “ سمنڊ کي زمين پائڻ کان روڪي بيٺل آهي، بلڪل ائين جاپان جي ” ڪارفو“ جزيري جي حفاظت لاءِ مشهور درويش ” سيپائي رائڊون“ جي ياد ۾ ٻارن تي نالو ”سيپائروس“ رکيو ويندو آهي ٻهراڙي ۾ رهندڙ جاپانين جو اهو عقيدو آهي ته ڇٺيءِ جي موقعي تي اهي درويش ۽ ولي پڻ نئين ڄاول ٻار تي واسو ڪري تحفظ ڪندا آهن. چين: جيڪر اوهان چين ۾ آهيو ممڪن آهي ته اوهان ڪنهن اهڙي دعوت تي گهرايا ويا هجو جنهن کي ”ڳاڙهسرو آنو “ يعني ريڊ ايگ واري تقريب چيو ويندو آهي. جنهن ۾ ٻار جو نالو رکيو ويندو آهي. اها خوشي ٻار جي جنم واري پهرين مهيني ۾ ملهائي ويندي آهي. چيني قوم آني کي نفيس غذا سمجهندا آهن ان ڪري ٻار ۽ آني کي هڪ جهڙي اهميت ڏيندا آهن. قديم چينين جي عقيدي موجب آنو زرخيزي جي علامت آهي ، ڳاڙهسرو آنو ڀاڳ طور اهڃاڻ رکندو آهي. ان رسم دوران ٻار جي مٿي جا وار ڪوڙيا ويندا آهن جيئن هتي جهنڊ لاٿي ويندي آهي. جڏهن ته تقريب ۾ ”چمڪندڙ ڳاڙهسرا آنا “استعمال ٿيندا آهن. ٻار جي ڄمڻ جي سئو ڏينهن تائين فقط مائٽن کي ئي نالي جي خبر هوندي آهي. جڏهن ته رسمي نالي واري تقريب ٽن مهينن کان پوءِ ڪندا آهن، ته جيئن ٻار خود ان تقريب ۾ اسٽيج تي ويهاري سگهجي. ٻار جي مائٽن طرفان نالو ظاهر نه ڪرڻ بابت اهو عقيدو آهي ته جيڪر ٻار جي حقيقي ۽ صحيح نالي بابت هر ڪنهن کي خبر پئجي وئي ته اهو ٻار لاءِ ڪافي پرخطر ۽ نقصانده ثابت ٿي سگهي ٿو. نالي رکڻ واري رسم ۾ شريڪ ٿيندڙن کي ثقافتي مشروب ”چانهه“ پياري ويندي آهي. چيني قوم ۾ چاليهه پيڙهين کان ساڳيا نالا ڦرندا اچن. سوئيزرلينڊ ۾ ڌيءِ جي ڄمڻ تي موڱيرن جو وڻ جڏهن ته پٽ جي خوشي ۾ صوف جو وڻ لڳايو ويندو آهي.جڏهن ته پيرو ۾ ٻار ڄمڻ جي خوشي ۾ مڪئي مان تيار ٿيل بيئر پياريو ويندو آهي جنهن کي ” چيچا“ چوندا آهن.
    انهن روايتن سان جتي ثقافتي توڙي سماجي ناتو جڙيل آهي اتي مذهبي حوالي سان پڻ رهنما اصول مقرر ٿيل آهن جيڪي ٻار جي نالي رکڻ واري رسم سان مطابقت رکن ٿا تن ۾ عقيقو هڪ اسلامي طريقو آهي جنهن موجب ٻار جي ستين ڏينهن تي ادا ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته نالي رکڻ واري طريقي ۾ سادگي اختيار ڪئي ويندي آهي جيئن ئي ٻار دنيا ۾ اک کوليندو آهي ته ڀرسان موجود ٻار جو پيءُ يا ڏاڏو ڪَن ۾ ٻانگ ڏيندو آهي. ان بعد والدين مسجد جي پيش امام يا ٻار جي ناناڻن کان نالي جي تجويز وٺندا آهن. اهي نالا قران شريف مان ئي رکيا ويندا آهن. عقيدي جي اعتبار سان عقيقه مان مراد خدا جي هستي جو شڪر ادا ڪرڻ وارو مطلب ورتو ويندو آهي. ان رسم دوران پٽ جي ڄمڻ تي ٻه ٻڪريون ذبح ڪيون وينديون آهن جڏهن ته ڌيءِ جي ڄمڻ تي هڪ ٻڪريءِ يا رڍ ذبح ڪئي ويندي آهي. عيسائي طريقو: ڄمڻ جي ڪجهه هفتن بعد ٻار کي هڪ خوبصورت اڇو پهراڻ پهرايو ويندو آهي. جنهن بعد ٻار کي سندس والدين گرجا گهر کڻي ايندا آهن. پادري ان ٻار مٿان پويتر پاڻي واري ٻوچ مان ڇينٽا وسائي سيني تي صليب رکي دعا پڙهڻ بعد نالو رکندو آهي. نالي رکجڻ بعد گرجاگهر جي ڪتابچي ۾ درج ڪيو ويندو آهي. ان دوران باهمي تعاون سان خوشي وارو پروگرام شروع ڪيو ويندو آهي،جنهن ۾ نئين ڄاول ٻار کي رانديڪا، ڇڻڪڻا، چاندي جو چمچ ٻار جو ڀاڳ ٻيڻو ڪرڻ لاءِ ڏنا ويندا آهن. ٻڌمت: نئين ڄاول ٻار کي ڀڪشو مقدس لفظن سان ڀليڪار ڪندو آهي. هڪ نجومي ٻار جو نالو ڏينهن ۽ وقت جي زائچي مان چونڊي رکندو آهي. جنهن تي مائٽ گل ۽ ميڻ بتيون ٻاري ٻار جي ڪرائيءَ تي ” خوان“ جو ڌاڳو ٻڌائي نالي کي عام ڪندا آهن. هندو ڌرم: هن عقيدي موجب ماءُ جي کڪ سائي ٿيڻ کان وٺي ٻار جي ڄمڻ تائين مندر تي حاضري ڀري مختلف رسمون ادا ڪيون وينديون آهن. جيئن ٻار ڄمندو آهي ته ٻار جي زبان تي ماکيءِ جي رس سان ”اوم“ لکيو ويندو آهي. پنڊت ٽپڻي جي مدد سان ٻار جو نالو رکندو آهي. نالي رکڻ واري رسم دوران پنڊت ٻار جي زبان تي پاڻي رکندو آهي جنهن کي ” امرت“چيو ويندو آهي، ان دوران پراٿنا پڻ جاري هوندي آهي. آيل مهمانن کي کاڌو کارايو ويندو آهي جنهن کي پرساد چوندا آهن. ان سڄي رسم کي ” نامڪارڻ“ چئبو آهي. سک طريقو: جڏهن ٻار ڄمندو آهي ته خاندان جو وڏو ٻار جي وات تي پاڻي ۽ ماکي جو ذائقو چکائيندو آهي. ان دوران گرونانڪ جي ”چبجي “ ڳايو ويندو آهي. ٻار جي نالي واري رسم اڪثر گردوار تي پوڄا پاٺ سان ڪئي ويندي آهي. گرنٿ جا صفحا پڙهيا ويندا آهن انهن مان پهريون نالو سڀني لاءِ ساڳيو ئي هوندو آهي، ڌيءِ لاءِ ”ڪَور“ جنهن جي معني آهي شهزاديءِ، جڏهن ته پٽ لاءِ ” سنگهه“ معني شينهن رکيو ويندو آهي. شڪراني طور مذهبي اوراقن وارو رومال جنهن تي هٿ جو ڀرت ڀريل هوندو آهي ان جي اوڍاڻي ڌرمي ڪتاب تي رکي ويندي آهي. ان بعد ”ڪارا پرشاد“ ورهايو ويندو آهي. جيڪو خالص مکڻ، ڳڙ، ۽ اٽي مان ٺاهيو ويندو آهي. لنگر جي صورت ۾ سڀني کي کاڌو پيش ڪيو ويندو آهي. لوهي ڪنڱڻ جنهن کي ” ڪادا“ به چون، ساڄي ٻانهن جي ڪلائي تي چڙهايو ويندو آهي ڪادا جو مطلب آهي ”هميشه رهڻ وارو“. يهوديت : ٻار جي نالي رکڻ واري رسم کي ” مئزول ٽوو “ سڏيندا آهن جنهن دوران جيڪر ڌيءِ جو اولاد آهي ته صنوبر جو ٻوٽو، پٽ جي اولاد تي ديال جو ٻوٽو لڳايو ويندو آهي. اولاد جي بالغ ٿيڻ تائين ساڳيا ٻوٽا وڏا وڻ ٿي چڪا هوندا آهن جن کي شادي وقت وڍيو ويندو آهي. انهن ئي وڻن جي ڪاٺ مان نالي ڪيل شادي وارو تنبو/ڇنهه اڏيو ويندو آهي. جڏهن ٻار جي جنم وقت ماءُ کي ڏکيائون درپيش ٿينديون آهن ته مصيبت وقت درويشن ۽ ولين کي پڪارڻ شروع ڪندي آهي. اڪثر عورتون اهڙي وقت ” ستيءِ مئري“ کي ياد ڪنديون آهن جنهن جي نالو زبان تي آڻڻ سان ٻار جي جنم ۾ آساني ٿي پوندي آهي. ان دوران پيدا ٿيندڙ ٻار ڌيءِ آهي ته ان ستيءِ جي نالي پٺيان ” ماريه “ نالو رکيو ويندو آهي. جڏهن ته پٽ جي اولاد تي ” مئروس“ نالو رکيو ويندو آهي. ٻار جي جنم جي حوالي سان هتي هڪ دلچسپ واقعو پڻ ڏجي ٿو جيڪو راڻي وڪٽوريه بابت آهي. يعني ڪلوروفام ۽ راڻي وڪٽوريه جو وهم : وڪٽوريه راڻي معياري زندگي گذارڻ جي هيراڪ هئي اهو ئي سبب هو ٻين کان بنهه الڳ ٿلڳ نظر اچڻ کي ترجيح ڏيندي هئي. 1591ع ۾ جاڙا ٻار ڄڻيندڙ ڪنهن عورت کي شديد سور محسوس ٿيڻ لڳا جنهن کي بيهوش ڪرڻ لاءِ ايٿر ۽ ڪلورو فام جو استعمال ڪيو ويو جنهن جي استعمال تي ان عورت کي شديد باهه وڪوڙي وئي. 19هين صدي ۾ بيهوشي جا ماهر پيدا ٿي چڪا هئا پر ٻار ڄڻڻ وقت شديد تڪليف ۽ سور سهڻا پوندا هئا، جنهن ڳالهه راڻي وڪٽوريه کي به وهمن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. 1853ع ۾ شهزاديءَ ليوپولڊ جي ڄمڻ وقت راڻي مقرر ڊاڪٽر کي چيو ته ڪيئن به ڪري منهنجي لاءِ آسانيون پيدا ڪر، جنهن تي ”ڊاڪٽر جان سنو“ جيڪو ان وقت هڪ ماهر ڊاڪٽر جي حيثيت رکندو هو، هن ڪلوروفام کي راڻي جي ڪپڙن ۾ جذب ڪرائڻ جو اعتراف ڪيو جنهن تي راڻي کي ٻار جي جنم وقت سڪون محسوس ٿيو. معاشري ۾ رهندي اسان کي لاڳاپيل ريتن رسمن توڙي رواجن سان گڏ هلڻو پوندو آهي، اڪثريت جو خيال آهي ته پٽ جي ڄمڻ تي خاندان جي بقاءَ سمجهي ويندي آهي. تنهنڪري اسان مان هر ڪنهن جو نالو سڃاڻپ لاءِ ضروري آهي. ته جيئن اسان جي شناخت برقرار رهي. نالو به هڪ قسم جي آئي ڊي طور ڪم ايندو آهي. ٻار اهڙي ڪتاب وانگي آهن جنهن جا ليکڪ به پاڻ ته پڙهندڙ به پاڻ ئي هوندا آهيون. ( پيٽر روزيگر)
    تحرير و تحقيق : ذاڪر لغاري
     
    سليمان وساڻ، عبيد ٿهيم ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    سائين تمام سٺو ليک ڏاڍو وڻيو..معلوم ٿيو ته دنيا ۾ جتي ڪٿي ٻار ڄمڻ جي خوشي هڪجهڙي ٿي ٿئي ۽ اظهار ڀي تقريبن ساڳيو آ ڏينهن ڀي گهڻو ڪري ساڳيا ڇھ ، ست ، نوَ وغيره
    هڪ رسم ڏاڍي عجيب لڳي ...ٻار ڄمڻ سان روئڻ شروع ڪري ته مختلف نالا کڻن ..ويندي جنهن نالي تي چپ ڪري اهو نالو رکن ....
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,753
    ورتل پسنديدگيون:
    2,728
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا بهترين ليک
     
  4. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,624
    ورتل پسنديدگيون:
    6,888
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    283
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    منهنجي سئوٽ جاويد مونسان هفتو اڳ اها ڳالھ ڪئي هُئي ته ۽ پڻ ڪجهه ٻُڌايو هئس جيڪو هِن ليک ۾ آهي...
    جاويد “علم الجنس” جي شعبي ۾، جامعه سِنڌ ڄامشورو ۾ پڙهي ٿو.. :)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو